سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: لطائف الطوائف

 

صفحو :2  

باب ٻيو

 

امامن سونهارن جي خوش طبعيءَ جون ڳالهيون

 

فصل پهريون

امير المومنين موليٰ علي مرتضيٰ جي خوشطبعي

26- ذڪر آهي ته هڪڙي ڏينهن جناب امير علي السلام اصحابن جي روبرو فرمايو ته ”مون پنهنجي عمر ۾ نه ڪنهن سان ڀلائي ڪئي آهي ته ڪا برائي.“ اصحابن چيو ته ”يا موليٰ انهيءَ جي معنيٰ اسان کي سمجهه ۾ نٿي اچي، اسان کي سمجهايو؟“ پاڻ ورندي ڏنائون ته ”جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي سان ڀلائي ٿو ڪري، تڏهن هو اها ڀلائي انهي سان نٿو ڪري، جو انهيءَ جو اجر موٽي به کيس ٿو ملي، وري جو اهو ڪابدي ٿو ڪري ته اها به پاڻ ئي سان ٿو ڪري ۽ انهي جي سزا کيس ئي ٿي ملي. جيئن ڪه قرآن ۾ آهي ته من يعمل مثقال ذر خير ايره و من يبعمل مثقال ذر شر ايره.“

27- هڪڙي ڏينهن ٻه ڄڻا جناب مولا علي مرتضيٰ وٽ آيا، انهيءَ لاءِ ته سندن امتحان وٺن، هڪڙي ٻئي تي دانهن ڏني ته هي شخص مون کي ٿو چوي ته ”رات مون خواب ۾ تنهنجي مآءٌ سان زنا ڪيو آهي، ائين چوڻ سان هن منهنجي بي آبروئي ڪئي آهي، خدا جي حڪم موجب هن کي ڪهڙي سزا ملڻي آهي؟“ جناب امير چيس ته ”هن کي اس ۾ بيهاري انهي جي پاڇولي تي زنا ڪندڙ جي حد جاري ڪر، “ يعني چهبڪ هڻ.

28- هڪڙي ڏينهن يهوديءَ، خندي طرح جناب اميرکي چيو ته ”اڃا اوهان جي پيغمبر کي دفن ئي نه ڪيائون ته اوهان ۾ اچي جهيڙو جهڳڙو پيو؟“ پاڻ جواب ڏنائونس ته ”خلافنا عندالافيه“ يعني اسان ۾ جيڪو اختلاف پيدا ٿيو، سو اسان جي پيغمبر جي وڃڻ ڪري پيو، نه انهيءَ دين ۾ پيو، پر اوهان ته خود پنهنجي پيغمبر کي چيو ته ”اجلعل لنا الها ڪما الهم الله، يعني اسان جي لاءِ اهڙو خدا ٺهراءَ، جهڙو بت پرستن جو آهي.“ يهودي ڦڪو ٿي ماٺ ڪري هليو ويو.

29- ڪتاب”استيعاب“ ۾ ابن عبدالبرب روايت ٿو ڪري ته امير المومنين علي عليھ السلام جي خلافت ۾ ٻه ماڻهو گڏجي ماني کائڻ ويٺا، هڪڙي پنج مانيون ڪڍيون ۽ ٻئي ٽي اڃا کائڻ شروع نه ڪيائون ته هڪڙو سندن سڃاڻو اچي اتي نڪتو، انهيءَ کي به سڏي پاڻ سان گڏ ويهاريائون،جڏهن کائي بس ڪيائون، تڏهن اهو ماڻهو هنن کي اٺ درهم ڏئي هليو ويو، پنجن مانين واري پنج درهم پاڻ کنيا ۽ ٽي پنهنجي سنگتيءَ کي ڏنائين، هن چيو ته ”اهو ورهاڱو انصاف جو ناهي، اسان سڀني هڪ جيترو کاڌو، تنهن ڪري انصاف ائين اهي ته آهي پئسا اڌو اڌ ورهائي کڻون، چار درهم  تون رک چار آءٌ رکان، “ انهي تي اچي سندن وچ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ جناب امير جي خدمت ۾ فيصلي لاءِ آيا. ڳالهه ڪري ٻڌايائون. تن مانين واري کي چيو ته ”جيئن تنهنجون مومن ڀآءٌ ٿو چوي تنهن تي راضي ٿي کڻي هن سان صلح ڪر، جو انهيءَ مان تو کي فائدو آهي.“ هن چيو ته “يا علي، اسين اوهان وٽ انهيءَ لاءِ آياسين ته اسان کي پنهنجو حق ملندو.“ جناب امير هن کي چيو ته “جي تون حق ٿو گهرين ته ٽن مانين جي نظر3 تي تو کي هڪ درهم ملڻ گهرجي.“ هن پڇيو ته ”سو ڪيئن؟“ حضرت امير فرمايو ته ”پهرين مون تو کي چيو ته جيڪي تنهنجو سنگتي خوشيءَ سان تو کي ڏئي ٿو سو وٺ، اهو شريعت موجب روا هو، ڇا لاءِ جو هي پنهنجي مال مان ڪي به بخشش طور ڏئي سگهي ٿو ۽ تون وٺي سگهين ٿو، پر جڏهن تون حق ٿو گهرين، تڏهن هڪ درهم کان وڌيڪ وٺي نٿو سگهين، ڇا لاءِ جو، جي اوهانجن اٺن مانين جي ٽن سان ضرب ڪبي ته چوويهه حصا ٿيا، اوهان ٽنهي هڪ جيترو کاڌو، يعني هر هڪ اهڙا اٺ حصا کاڌا۽ تنهنجو هڪڙو حصو مهمان کاڌو ۽ هن پنجن مانين واري جا ڪل پندرهن حصا هئا، تن مان اٺ هن پاڻ کاڌا ۽ ست مهمان کاڌا هوندا، تنهن ڪري هن کي ست درهم وٺڻ گهرجن.“ نيٺ هن ڳالهه سمجهي،ا ن موجب درهم ورهائي ورتائون ۽ خوش ٿي موٽيا.

30- ٻن زالن جو هڪڙي ٻار تي اچي تڪرارٿيو، ۽ حضرت امير عليہ السلام وٽ فيصلي لاءِ ويون، هرهڪ ٿي چيو ته هي ٻار منهنجو آهي ۽ مون ڄڻيو آهي، حضرت امير فرمايو ته ”انهيءَ صورت ۾ اهو ٻار به ڀاڱا ڪري اوهان کي ڏيو،“ ۽ پنهنجي ترار گهرايائون ته ٻار اڌواڌ ڪري هنن کي ڏئي، جيڪا زال انهيءَ ٻار جي سچي پچي مآءٌ هئي، سان ڊني ته متان سندس پٽ مارجي وڃي، تنهن چيو ته ”يا امير المومنين من پنهنجي دعوا ڇڏي، ڀلي ته اهو ٻار اها کڻي انهيءَ کي ماريو نه،“ ٻي ماٺ ڪري بيٺي هئي، حضرت امير سمجهيو ته ٻار جي ماءُاها آهي ۽ اهو ٻار انهيءَ کي ڏنائين ۽ اهو کڻي خوش ٿي هلي ويئي.

31- روايت آهي ته هڪڙو کير پياڪ ڇت تي ناري جي مٿان ويٺو هو ۽ ان جي ماءُ اوستائين وڃي نٿي سگهي ته متا چري ۽ ڪري پوي ۽ نارو زمين کان ويهه هٿ مٿي هو، ماڻس رڙيون پي ڪيون ۽ پي سڏيائينس. پر هن ڏانهنس خيال ئي نٿي ڪيو.هيٺان ماڻهو ناري جي هيٺ اچي گڏ ٿيا ۽ ڊپ هو ته اجهوٿو ٻار ڪري! خيال پي ڪيائون ته ڪهڙو علاج ڪن،ائين ڪندي حضرت امير عليه السلام اتي اچي نڪتو، ماڻهن جو گوڙ ۽ زالن جون دانهون ٻڌي، پاڻ اتي آيا ۽ فرمايائون ته ”انهي عمر جو ڪو ٻيو ٻار آڻيو.“ هڪدم وڃي کڻي آيا. انهيءَ کي مٿي انهيءَ ناري ويجهو کڻي ويهاريائون، اهو ٻار انهيءَ پاڻ جيڏي ٻئي ٻار کي ڏسي، ناري وٽان سري پرڀرو ٿي، انهيءَ وٽ آيو، تڏهن ماڻس جهٽ ڏئي کڻي ڇت تان هيٺ لهي آئي.

 

فصل ٻيو

امام حسين عليہ السلام جي خوشطبعي بابت

32- ”ڪشفه الغمه“ ۾ آهي ته؛ امام حسن عليه السلام فرمايو آهي ته ”بيعقلن کي ادب ڪونهي، بيهمتن ۾ مروت ڪانهي، بيدينن ۾ حيا ڪونهي.“ ڪن احمقن گستاخي ڪري کين چيو ته ”تو ۾ تڪبر ٿا ڏسون!“ انهن کي ورندي ڏنائين ته. ”اسين آئينا آهيون، اوهين انهيءَ ۾ پنهنجي صورت پاڻ ٿا ڏسو، مگراها حشمت ۽ عزت آهي، جا خدا تعاليٰ پنهنجن مومن ٻانهن ۾ رکي آهي.“ پوءِ هيءَ آيت پڙهيائون ”وللھ العزته ولر سولھ وللمومنين.“

33- زمخشريءَ ڪتاب ”ربيع لابرار“ ۾ آندو آهي. ته عرب جي فاضلن مان هڪڙو حضرت امام حسن عليه السلام وٽ اچي مهمان ٿيو، جڏهن ماني کائي بس ڪيائون، تڏهن مهمان امام صاحب جن جي ماڻهن کي چيو ته ”نعمان جي لاءِ ڪو شربت آڻيو.“ امام صاحب جن پڇيو ته ”ڪهڙو شربت گهرجي؟“ هن چيو ته ”اهڙو ڪو شربت هجي، جو اڻلڀ هجي ۽ سڀني شربتن کان بهتر هجي پر جڏهن هٿ اچي، تڏهن سڀني شربتن کان گهٽ قدر وارو هجي.”امام صاحب جن چيو ته ”پاڻي آئي پياريوس“ مهمان توڙي ٻيا ماڻهو امام صاحب جن جي تعريف ڪرڻ لڳا.“

34- ”جامع الحڪايات “ ۾ آهي، ته هڪڙي ڏينهن امام حسن عليہ السلام وٽ ڪي شريف عرب اچي مهمان ٿيا، غلام سڀ طعام مجمعي يا خونچي تي رکي کڻي آيو، اوچتو خونچو هٿن مان ڪري پيس ۽ رڪابيون فرش تي هارجي پيون ۽ امام صاحب جي ڪپڙن تي به داغ ٿي پيو، امام صاحب جن کي ڏاڍي چڙ آئي، غلام ڏاڍو ڊجي ويو، پنهنجي بجاءِ ۾ هي آيت پڙهڻ لڳو، ”الڪاظمين الغيظ اولعافينه عنالناس“ اهو ٻڌي، امام عليه السلام هن کي چيو ته ”مون تو کي معاف ڪيو.“ غلام ساڳي آيت جو ٻيو ڀاڱو پڙهيو، ”والله يحب، المحسنين“ يعني خدا ڀلائي ڪندڙ کي دوست ٿو رکي، هي ٻڌي، امام صاحب چيس ته ”مون کي تو کي آزاد ڪيو.“ پوءِ پنج سئو دينار هن کي ڏئي موڪل ڏنائين! ماڻهو هي احسان ڏسي حيران ٿي ويا.

 

فصل ٽيون

امام حسين عليہ السلام جي خوشخلقي

35- انس روايت ٿو ڪري ته هڪڙي ڏينهن آءٌ امام حسين عليہ السلام جي خدمت ۾ حاضر هوس ته هڪڙي سندس ٻانهي ”شاخ ريحاني“ جا تمام خوبصورت هئي، تنهن اچي حضرت امام صاحب جن جي تعريف ۾ ڪي پڙهيو، امام عليہ السلام فرمايو ته ”مون تو کي خداجي واٽ ۾ آزاد ڪيو.“ ٻانهي زمين چمي خوش ٿي هلي ويئي، مون عڙض ڪيو ته ”يا امام ، هڪڙي ٻانهيءَ جي تعريف اهڙي قسم جي هئي، جنهن ڪري اوهان هن کي آزاد ڪري ڇڏيو؟“ پاڻ فرمايائون ته ”اي انس، اهو ڪم مون خدا تعاليٰ جي حڪم موجب ڪيو آهي، جو قرآن ۾ فرمايو اٿس ته ”اذا حييتم بتحيته فحيوا با حسن منها “ يعني جڏهن ڪو اوهان جي تعريف ڪري، تڏهن اوهين انهيءَ جي انهيءَ کان زياده تعريف ڪريو، جڏهن انهيءَ زال منهنجي تعريف ڪئي، تڏهن آزادي کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بهتر تعريف جهڙي شيءِ آهي!“

36- هڪڙي ڏينهن امام حسين عليہ السلام پنهنجي ڀآءٌ ڏي خط لکي موڪليو ته ”تون شاعرن کي انعام ڏيڻ ۾ اسراف ٿو ڪرين؟ “ امام حسين عليه السلام جواب ۾ لکيو ته ”انت اعلم مني بان خير المال مافي العرض“ يعني تو کي مون کان وڌيڪ انهيءَ جي خبر آهي ته سڀ کان چڱو مال اهو آهي، جو عرض جي نگاهه رکي.“ انهيءَ جواب ۾ امام حسين پنهنجي وڏي ڀاءٌ جو ادب ظاهر ڪيو، جو هن کي پاڻ کان زياده با خبر ڄاتائين .

37- هڪڙي ڏينهن ٻنهي ڀائرن حسنين جي وچ ۾ ٿورو تڪرار ٿي پيو ۽ هو پاڻ ۾ رٺا، سندن ماٽي جو ڀاءٌ محمد خنيفي ارادو ڪيو ته هن کي پرچائي، امام حسين کي اچي چيائين ته ”اوهين ننڍا آهيو، هلو ته امام حسين وٽ هلون ۽ انهيءَ کي پرچايون؟“ امام حسين فرمايو ته ”مون ناني کان ٻڌو آهي ته جڏهن ٻن ڄڻن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿئي ۽ هو پان صلح ڪرڻ گهرن، تڏهن جيڪو اڳي صلح لاءِ ويندو، سو بهشت ۾ پهرين ويندو، مون کي شرم ٿو اچي ته آءٌ پنهنجي وڏي ڀاءٌ کان اڳي بهشت ۾ وڃان.“ پوءِ محمد حنيفو امام حسن عليہ السلام وٽ ويو ۽ امام حسين جيڪي چيو هو سو ٻڌايائينس، امام حسن فرمايو ته ”سچ چيو اٿس.“ ائين چئي اٿي محمد حنيفي سان گڏجي، امام حسين وت آيو ۽ هڪ ٻئي کي ڀاڪر وجهي پاڻ ۾ پرتا.

 

فصل چوٿون

امام علي ابن الحسين زين العابدين جي خوشخلقي

38-امام زين العابدين عليہ السلام جو قول آهي ته دنيا سمهڻ جي حالت آهي ۽ آخرت جاڳڻ جي حالت ۽ اسين انهن ٻنهي جي وچ ۾ پريشان خواب آهيون ۽ چوندا هئا ته ”دوستن جو نه هئڻ اڪيلائي آهي، يعني جي وطن ۾ ڪنهن کي دوست ڪونهي ته ڄڻ اڪيلو آهي يا پرديس ۾ آهي جي ڪنهن کي پرديس ۾ دوست آهن، ته اڪيلائي يا مسافري هن کي معلوم نٿي ٿئي.

39- ڪتاب ”ڪشفه الغمه “ ۾ آهي ته : هڪڙي ڏينهن هڪڙو عرب، حضرت رسول الله جي مسجد ۾ لنگهي آيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون ٻه ڪعتون نماز جون پڙهي ويو، امام عليہ السلام ڏٺو ته هن نه قرات برابر پڙهي ۽ نه ٻي ضروري رعايت پوري طرح رکي اٿس، نماز پڙهي هو هٿ کڻي دعا گهرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ”يا خدا، مون کي بهشت ۾ وڏا درجا عطا ڪر ۽ هڪڙي سوني محلات ۾ چار جورون ڏج.“ امام چيس ته ”اي عرب، مهر هلڪو آندو اٿئي ۽ نڪاح وڏو ٿو طلبين!“

40- امام عليہ السلام وٽ هڪڙي ڏينهن عرض ڪيائون ته: نافع بن حر، معاويي جي تعريف ۾ چيو آهي ته ”اسڪتہ الحلم وانطقه العلم“ يعني حلم يا تحمل هن کي ماٺ وارو ڪيو ۽ علم هن کي ڳالهائڻ ۾ آندو، امام صاحب جن فرمايو ته ”ڪوڙ ڳالهايو اٿس.”بل يسڪتہ البطر“ يعني هن کي وڏائي ماٺ وارو ڪيو ۽ سرڪشيءَ ڳالهائڻ ۾ آندو.“

41- هڪڙي ڏينهن، يزيد بن معاويي خندي طرح امام عليه السلام کي چيو ته ” مون ٻڌو آهي ته عبدالمطلب ۽ سندس پٽ عباس ۽ عبدالله پڇاڙيءَ عمر ۾ انڌا ٿي پيا هئا، الائجي ڇو بني هاشم اڪثر پونئين عمر ۾ انڌا ٿي ٿا پون؟، امام صاحب ورندي ڏني ته ”هائو ، اوهان بني اميه وانگي، جن جون اکيون ڍڪجي وڃن ٿيون.“ يزيد ڏاڍ شرمندوٿيو،

42- جڏهن مسلمانن ايران جو ملڪ فتح ڪيو، تڏهن اتي جي بادشاهه يزد جرد جي ڌيءَ جهن جو نالو شهر بانو هو، سا مديني ۾ آڻي ڪڍيائون ۽ ارادو ڪيائون ته ٻانهين وانگي انهيءَ کي وڪڻي ڇڏين،حضرت عليہ السلام ائين ڪرڻ کان منع ڪئي، چيائون ته ”بادشاهن ۽ انهن جي اولاد جو وڪڻڻ وارو ناهي،“ پوءِ امام حسين عليہ السلام انهيءَ سان پنهنجو نڪاح ڪيو ۽ امام زين العابدين انهيءَ جي پيٽان ڄائو.

43- هڪڙي ڏينهن عبدالملڪ بن مروان، امام صاحب کي خندو ڪري چيو ته ”جيڪڏهن اوهان کي خلافت جو خيال مٿي ۾ هجي ته اهو لاهي ڇڏيو جو، اهڙي درجي جي اوهان ۾ لياقت ڪانهي.“ امام صاحب فرمايو ته ”منهنجي مٿي ۾ ته اهو خيال ڪونهي، مگر تون ڪيئن ٿو چئين ته آءٌ اهڙي درجي جو لائق ناهيان؟“ هن چيو ته ”هن سبب ته تون ٻانهيءَ جو پٽ آهين، يعني شهر بانوءَ جو، جا عجم مان ٻانهي ڪري آندي هئائون.“ تڏهن امام صاحب جن فرمايو ته ”اسماعيل بن ابراهيم جو پيغمبر زادو به هو، هاجره جو پٽ هو، جا ٻاني هئي ۽ اسان جو ڏاڏو حضرت خاتم الانياءَ حضرت اسماعيل جي نسل مان هو.“ عبدالملڪ اهو جواب ٻڌي حيرت ۾ به پيو ۽ شرمندو به ٿيو.

 

فصل پنجون

امام محمد باقر عليہ  السلام جي خوشطبعي

 

44- ابن جوزيءَ نقل ڪيو آهي ته امام محمد باقر عليه السلام فرمايوته ”اسان جو شيعو يا مريد اهو آهي، جو خدا جي حڪم جو تابعدار آهي.“ ۽ هينئن به فرمايائون ته ”عزت ۽ علاي دماغي ٻئي مومنن جي دلين ۾ گهمنديون وتن جنهن دل ۾ پنهنجو واسطو ڏسنديون آهن، انهيءَ ۾ رهي پوندوين آهن.“ امام صاحب کان ماڻهن پڇيو ته “روزو ڇو فرض آهي؟“ ورندي ڏنائون ته ”انهيءَ لاءِ ته دولتمند ۽ ڍاول بک جي تڪليف ڏسن ۽ بکين تي آرام آڻين.“ چوندا هئا ته ”منهنجي والد مون کي وصيت ڪئي هئي ته پنجن قسمن جي مانهن سان ڳالهائڻ جائزناهي: هڪڙو شڪم پرور دوستن سان، جي تو کي هڪڙي گراهه ماني جي تي وڪڻي ڇڏيندا. ٻيو بخلين سان، جن ۾ جڏهن تنهنجو ڪم پوندو، تڏهن تو کان پاسو ڪري هليا ويندا، ٽيون ڪوڙن سان، جن جي ڳالهه ي شرابين وانگي ڪو به ڀروسو ڪونهي، چوٿون احسق، جي تو کي نفعي رسائڻ جي ڪوشش ڪندي نقصان پهچائيندا، پنجون مائٽي ڇنڻ وارن سان، جن جي نسبت ۾ حضرت جن فرمايو آهي ته ”قاطل الرحم ملعون“ يعني مائٽي ڇڻ وارا لعنت وجهڻ جوڳا اهن،“ فرمائايائون ته ”هاڻوڪن دوستن کي،دوست سڏڻ برابر ناهي، ڇا لاءِ جو انهن مان سڀڪو بئي جي کيسي ۾ هٿ وجهي جيڪلي گهر جيس ٿو، سو ڪڍيو وٺي.“ چوندا هئا ته ”سلاح اللئام قبيح الڪلام“ يعني ڪمينن ۽بدبختن جا هٿيار بڇڙا گار گند جهڙا لفط آهنو، جي ماڻهن کي ڦٽيو ٿا رکن.

45- هڪڙي ڏينهن خليفو منصور دوانقي ۽ امام عليه السلام هڪ هنڏ گڏ ويٺا هئا، ربيع صاحب، امام عليھ السلام کان پچيو ته ”اوهان جي والد بزرگوار جي شهادت کي ڪيترا سال ٿيا آهن؟“ جواب ۾ چيائون ته ”فلاڻي سال ۾ رحمھ الله علي ۽ فلاڻي مهيني ۾ رحمته الله عليه ۽ فلاڻي ڏينهن رحمته الله عليه ۽ سند عمر هيتري هئي، رحمة الله عليه ۽ بقيع جي قبرستان ۾ مدفون آهن، رحمة الله علي.“ ربيع خليفي جي خوشامد خاطر چيو ته ”ڪيترا ڀيرا پنهنجي والد جي نسبت ۾ رحمة الله علي، چوندو!“ امام صاحب ورندي ڏني ته ”تو کي پيءُ جي نالي وڄڻ مان لذٽ نٿي اچي ۽ تو کي پنهنجي پيءُ جو قدر ڪونهي بلڪ ايتري به خبر ڪانهي ته اهو ڪير هو؟ تنهن ڪري انهيءَ بابت تو کي ڪو به عتاب ڏئي نٿو سگهان!“ ربيع ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ اتي بيهي نه سگهيو، هليو ويو، منصور کلي اونڌو ٿي پيو ۽ امام صاحب کي سندس جواب لاءِ آفرين ڏنائين ۽ هزار درهم انعام طرح نذرانو ڪري، امام صاحب جي خادمن جي حوالي ڪيائين.

46- جڏهن امام عليه السلام جي منصور جي قيد ۾ هئا، تڏهن تمام ٿورو کائيندا هئا، هڪڙي ڏينهن نيڪ زال، جنهن کي اهلبيت جي هگڻي محبت هوندي هئي، تنهن پنهنجي حلال جي پورهئي مان هڪڙي جون جي ماني امام صاحب لاءِ آندي جا قيد خاني جي دربانن آڻي امام صاحب کي ڏني، پاڻ پڇيائون ته”ڪنهن آندي آهي؟“ چيائون ته ”هڪڙي زال آندي آهي، جا اوهان جي محبن مان آهي ۽ قسم ٿي کڻي ته حلال جي پورهئي مان آهي.“ امام صاحب جن اها قبول نه ڪئي ۽ نه کاڌائون ۽ موٽائي ان ڏي موڪليائون ۽ چوايائون ته ”مون کي خبر آهي ته هي حلال جي ڪمائيءَ مان آهي، مگر حرام جي طبق تي مون ڏي آيل آهي ۽ قيد خاني جي دربانن هٿان آئي آهي، تنهنڪري نه کائيندس.“

 

 

فصل ڇهون

امام جعفر الصادق عليہ السلام جي خوشطبعي

 

47- ٽي ڄڻا جدا جدا مذهبن وارا امام صاحب جي خدمت ۾ آيا، هڪڙو معطلہ ٻيو بت پرست، ٽيون مومن آهن؟“ هن چيو ته ”انهيءَ خدا جي جنهن کي صفت ڪانهي.“ بت پرست کان پڇيائين ته ”تون ڪڪهڙي خدا جي عبادت ٿو ڪرين؟“ هن چيو ”ته انهيءَ خدا جي جو انسان وارا سڀ حواس رکي ٿو.“ مون کان پڇيائين ته ”تون ڪهڙي خدا جي بندگي ٿو ڪرين؟“ هن چيو ته ”انهي خدا جي جنهن ۾ سڀ صفتون ڪامل آهن، جن جي پروڙڻ کان عقل حيران آهي ۽ بيان ڪرڻ کان زبان.“ تڏهن امام صاحب پهرئين کي چيو ته ”تون فقط خيالي خدا جو پوڄارو آهين جو ڄڻ ته هستيءَ ۾ ئي ڪونهي،“ ٻئي کي چيائين ته ”تو پنهنجي عقل ۽ حراس سان پنهنجي لاءِ خدابنايو آهي، ۽ خدا جون صفتون عقل ۽ حراس انسانيءَ جي پروڙڻ جون ناهن،“ ٽئين کي چيائين ته ”تون سچو پچو خدا پرست آهين، ڇا لاءِ جو ڪامل صفتون خداجي ذات جون ثابتيون آهن.“

48- امام صاحب ماني ويٺي کاڌي ۽ سندس صاحب به ساڻس گڏ ويٺا هئا ته هڪڙو شخص اتان اچي لنگهيو، پر سلام ڪونه ڪيائين، امام صا حب هن کي سڏي ماني کائڻ لاءِ چيو، جيڪي حاضر هئا، تن چيو ته ”سائين، سنت اها آهي ته هو سلام ڪري، جڏهن هن اصل اسلام ئي نه ڪيو، تڏهن هن کي سڏڻ گهرجي،“ امام صاحب ورندي ڏني ته ”هي هڪڙو نادان عالم جو بخل آهي.“

49- امام عليہ السلام هڪڙي ڀيري فرمايو ته ”ماڪوڙين جي لاءِ کنڀڙاٽيون هڪڙي وڏي آفت آهي، ڇا لاءِ جو جڏهن انهن کي کنڀ ڄمندا آهن، تڏهن وطن کان آواريون ٿينديون آهن ۽ ضرور مرنديون آهن، تنهنڪري خدا تعاليٰ مهرباني ڪري هنن کي کنڀ نٿو ڏئي، ساڳيءَ طرح خدا تعاليٰ ماڻهن کي به سندن نفساني خواهشن موجب مرادون نٿو ڏئي، جو ڄاڻي ٿو ته انهيءَ مان انهن کي نقصان پهچندو.“

50- ڪتاب” ڪشفه الغمه “ ۾ آهي، ته هڪڙي ڏينهن خليفي منصور دوانقيءَ جي جبي تي هڪڙي مکي اچي ويٺي، انهيءَ کي هڪليئين ته اڏامي ويئي،پر وري اچي ويٺي، ٻه ٽي ڀيرا ائين ڪيائين ته به هوءَ نه ويئي، تنهن ڪري هوءَ ڪاوڙيو،امام جعفر الصادق عليہ السلام جن انوقت حاضر هئا، انهي کي چيائين ته ”يا ابا عبدالله مکين جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪهڙي حڪمت هئي، جو خدا تعاليٰ انهن کي خلقيو؟“ امام صاحب ورندي ڏني ته ”هوءَ انهيءَ لاءِ پيدا ٿي آهي ته جيڪي ظالم ۽ زبردست ۽ معذور ماڻهو آهن، سي بيوس ۽ خوار ۽ ذليل ٿين“ هو ڏاڍو پيشمان ۽ شرمندو ٿيو.

51- خليفي منصور هڪڙي ڀيري امام عليہ السلام ڏي لکي موڪليو ته اوهين ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ اچي مون سان صحبت ڪندا وڃو ۽ مون کي نصيحت ڪريو، امام صاحب جن جواب ۾ لکيس ته ”جيڪو دنيا جو طالب آهي، سوئي تنهنجي صحبت ڪرڻ ٿو گهري، انهيءَ لاءِ ته هن کي دنيا فائدو رسي ۽ جيڪو آخرت جو طالب آهي، سو تو سان صحبت نه ڪرڻ سان تو کي نصيحت ٿوڪري.“خليفي کي اهو جواب نهايت پسند آيو، جو انهيءَ مان دنياجي بڇڙائي ۽ آخرت جي چڱائي معلوم ٿي سگهي.

52- امام جعفر الصادق عليه السلام هڪڙي ڀيري فرمايو ته منهنجو ڏاڏو حضرت امير المومنين عليہ السلام ۽ امام حسين عليہ السلام ٻئي اٺونجاهه ورهين جي عمر ۾ شهيد ٿيا هئا، آءٌ به اٺونجاهه ورهين جي عمر ۾ شهيد ٿيندس،“ آخر ٿيو به ائين.

 

 

 

فصل ستون

امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي خوشطبعي

 

53- ”ڪشفه الغمه“ ۾ اهي ته ابو حنيفه ڪوفي، امام جعفر صادق وٽان ٿي ٻاهر نڪتو ته امام موسيٰ ڪاظم گڏيس جو اڃا ننڍيءَ عمر جو هو، انهيءَ کان پڇيائين ته”ماڻهو ڏوهه ڪرڻ مختيار آهي يا مجبور آهي؟“ امام صاحب ورندي ڏني ته”انهي جون ٽي حالتون ٿي سگهن ٿوين، بي گناهه ماڻهو جو خدا تعاليٰ جي طرفان آهي ته انهيءَ صورت ۾ اها ڳالهه خدا جي عادل کان بعيد آهي، ته جيڪو پنهنجي اختيار سان گنهگار نه ٿيو آهي، تنهن کي سزا ڏئي، يا جي گناهه ڪي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن ۽ ڪي پنهنجي نفس جي اختيار سان، ته انهيءَ صورت ۾ به جڏهن هڪڙو شريڪ زوردار آهي ۽ ٻيوڪمزور ته زوردار کي ضعيف تي ظلم ڪرڻ نه گهرجي، وري جي گناهه ماڻهو جي اختيار سان ۽ نفس جي خواهش پٺيان ٿئي ٿو ته انهيءَ صورت ۾ خدا تعاليٰ  جي وس آهي، وڻيس ته پنهنجي عادل سان هن کي سزا ڏئي ۽وڻيس ته پنهنجي فضل سان انهي کي معاف ڪري.“ هي جواب ٻڌي ابو حنيفه کي حيرت وٺي ويئي ۽ مٿي تي چمي ڏئي هليو ويو.

54- خليفي هارون الرشيد وٽ مڪه معظم ۾ هڪڙو عالم ويٺو هو ته ماما موسيٰ ڪاظم اندر لنگهي آيو، انهيءَ عالم امتحان جي رستي امام صاحب کان پچيو ته ”احرام ۾ روا آهي يا نه، ته ڪو ماڻهو پنهنجي مٿان ڇانو لاءِ ڇٽي جهلي؟“ امام صاحب فرمايو ته ”هن کي پاڻهي ائين ڪرڻ روا ناهي.“ وري پڇيائينس ته ”ٻئي جي ڇٽيءَ هيٺ پنهنجي مرضيءَ سان وڃڻ روا آهي يا نه؟“ امام صاحب فرمايو ته ”ائين روا آهي.“ عالم کلي ڏنو،امام صاحب فرمايو ته ”حضرت رسول ﷺ جي سنت تي ڇو عجب ڏيکاريه ۽ کلئين؟“ وري امام صاحب هن کان پڇيو ته ”هيءَ جا حديث آهي ته هڪڙي ڀيري احرام جي وقت حضرت جن ڇٽين جي هيٺان هلندا هئا، انهيءَ جي بنسبت تو کي ڇا چوڻ آهي؟“ هن چيو ته ”اها حديث صحيح آهي.“ وري امام صاحب فرمايو ته ”احرام جي وقت ڇٽي پاڻ کان پري ٿي ڪيائون ۽ پنهنجو بت ظاهر ٿي ڪيائون،“ هن ورندي ڏني ته ”ائين برابر آهي.“ تڏهن امام صاحب فرمايو ته ”اي عالم، خدا جي حڪمن جو هڪڙن تان ٻين جو قياد ڪري نٿو سگهجي، جيڪو پنهنجي لاءِ خدا جي حڪمن تي خيال ڪندو سو سنئين رستي کان پري ٿيندو.“ ۽ فرمايائون ته ”من اقام عليٰ زايدا لدليل – فقد ضل سواءِ السبيل“ اهو عالم هارون جي اڳيان کلڻ کان پشيمان ٿيو.

55- ڪتب ”رياض القدس“ ۾ آهي ته هڪڙي ڏينهن امام صاحب بيمار ٿي پيو، هڪڙو يهودي طبيب علاج لاءِ آندائون، امام صاحب انهيءَ کي چيو ته ڀلا ترس ته پهرين آءٌ پنهنجي پياري دوست سان صلاح ڪريان.“ پوءِ قبلي ڏي منهن ڪري ٻه بيت پڙهيائين، جن جو مطلبهيءَ هو ته ”اي خداوند مرض به تو ڏنو آهي، طبيب جو تون آهين، مون تي مهر جي نظر ڪر، مون کي پنهنجي محبت جي شراب جو پيالو پيار ته تنهنجي قرب جو مڍاڻ منهنجي دل کي زياده ٿئي.“ اڃا امام صاحب جن ايترو مس چيو ته سڄو بدن پگهرجي وين ۽ چڱا ڀلا ٿي پيا، يهودي طبيب حيران ٿي ويو! چوڻ لڳو ته ”پهرين مون سمجهيو ته اوهين بيمار آهيو ۽ آءٌ اوهان جو طبيب آهيان، منهنجو علاج ڪريو.“ امام صاحب هن کي اسلام جي تلقين ڪئي ۽ هن ايمان آندو.

56- هڪڙي ڏينهن هارو الرشيد امام عليہ السلام کي چيو ته ”مون کي يقين ٿيو آهي ته فدڪ حق اهلبيت جو هو ۽ انهيءَ کان ظلم سان کسيو ويو آهي، انهيءَ جون حدون نروار ڪر ته اهو اوهان کي موٽائي ڏيان.“ امام صاحب فرمايو ته ”جي سچيون حدون ٻڌائيندس تهتوناهو ڪڏهن ڏين نه گهرندين،.“ هارون قسم کنيو، تڏهن امام صاحب چيو ته ”پهرين حد آهي، عدن هارون جي منهن جو رنگ ڦرڻ لڳو، پڇيائين ته ”ٻي حد؟“ امام صاحب فرمايو ته ٻي حد آهي، مرقند.“ اتي هارون جو رنگ پيلو ٿي ويو، امام صاحب چيو ته ”ٽي حد آهي، آفريڪا .“ هارون جو منهن ڪاوڙ کان ڳاڙهو ٿيويو، امام صاحب چيو ته ”چوٿين حد آهي، ارمينه.“ هارونجي منهنجو رنگ ڪارو ٿي ويو، جو ڏٺائين ته اهي سندس ساريءَ بادشاهت جون حدون آهن، يعني ته اها سري بادشاهت، حق اهلبيت جو آهي، جا ظلم سان هن کان کسي ويئي آهي! امام صاحب چيو ته ”اي هارون، مون اڳيئي ٿي چيو ته تون انهن حدن تي خوش نه ٿيندين.؟“ انهيءَ ڪري هارون جي دل ۾ اچي شڪ ٿيو ته امام کي منهنجي بادشاهيءَ جي طمع آهي، تنهن ڪري هن جي مارائڻ جو ارادو ڪيائين، سنس وزير يحيٰ بن خالد برمڪيءَ امام صاحب جي هٿ جي تري تي، هڪڙي ڦرڙي، داڻي جهڙي نڪتي، فرمايائون، ته ”اهلبيت جي موت جي نشاني آهي، “ سگهو ئي پوءِ هارون، امام صاحب کي زهر ڏئي ماريو ۽ يحييٰ بر مڪيءَ کي به امام صاحب جي طرفداريءَ ڪرڻ سان قتل ڪرايائين.

 

فصل اٺون

امام علي بن موسيٰ الرضا عليه السلام جي خوشطبعي

 

57- ڪتاب ”ڪشف الغمه“ ۾ روايت آهي ته هڪڙي شخص امام موسيٰ علي رضه عليه السلام کان پڇيو ته ”خدا تعاليٰ پنهنجن ٻانهن کي انهن جي وس کان وڌيڪ تڪليف ٿو ڏئي ڇا؟“ امام صاحب ورندي ڏني ته ”هو اعدل منه“ يعني هو انهيءَ کان زياده عدل وارو آهي، پڇيائين ته ”ٻانهن کي اهڙو اختيار آهي،ڇا ته جيڪو ارادوڪن، سو پورو ڪري سگهن؟“ امام صاحب ورندي ڏني ته ”هم اعجز من ذالڪ“ يعني هو انهيءَ کان زياده عاجز ۽ لاچار آهن.

58- ساڳئي ڪتاب ۾ آهي ته هڪڙي شخص امام صاحب کان اچي پڇيو ته ”خدا تعاليٰ جي قديم هئڻ ۽ عالم جي حادث هئڻ جو ڪهـڙو دليل آهي؟“ امام صاحب فرمايو ته ”تو پاڻ کي پاڻيهي ته عدم مان وجود ۾ نه آندو آهي ۽ تو کي خبر آهي هت ٻيا به تو وانگي تو کي پيدا ڪرڻ کان عاجز آهن. جڏهن تون پاناڳي ڪو نه هئين ۽ پوءِ پيدا ٿيو آهين. ته حادث ٿئين، ۽ تنهنجو خلقيندڙ قديم ٿيو.“ وري امام صاحب کان پڇيائين ته ”حضرت رسول الله فرمايو آهي ته لاجبرولا تفويض بلامربين الامرين،“ يعني ارادو ۽ ڪم جيڪي خدا تعاليٰ جي طرفان خلق جي حق ۾ ظاهر ٿا ٿين، سي نه جبري آهن ۽ نه اختياري، پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن، جيڪو انهن ٻنهي ڳالهين تي ويساهه رکندڙ هوندو. سو غلط هوندو.

هاڻي مهرباني ڪري ٻڌايو ته”انهن ٻنهي امرن جي وچ وارو رستو ڪهڙو آهي؟، امام صاحب فرمايو ته ”جبر، ڪفر آهي، ڇا لاءِ جو بندي جو ڪنهن به ڪم تي اختيار ڪونهي ۽ تفويض شرڪ آهي، ڇا لاءِ جو جيڪو بندو چوندو ته آءٌ مختار آهيان، سو مشرڪ ٿيو، بين الامرين، يا ٻنهي جو وچ اهو آهي، ته جيڪي خدا تعاليٰ حڪم ڪري، تنهن تي ٻانها قائم رهن ۽ جيڪي خدا تعاليٰ منع ڪري، تنهن کان هو پاسو ڪن.“

59- خليفي مامون کي ڪو مرض ٿيو، عهد ڪيائين ته .جڏهن شفاياب ٿيندس، تڏهين مسڪينن ۽ فقيرن کي گهڻو صدقو ڏيندس، جڏهن چڱو ڀلو ٿيو، تڏن ڀانيائين ته پنهنجو عهد پورو ڪريان، عالمن کي سڏائي، انهن کي پنهنجي مڃتا ۽ عهد جي ڳالهه ٻڌايائين ۽ پڇيائين ته ”گهڻو صدقو ڪيترو ٿيو، جو فقيرن کي ڏيان؟“ هر ڪنهن علحدي راءِ ڏني، جنهن ڪري مامون کي امام رضا عليہ السلام کي تشريف آڻڻ لاءِ چوائي موڪليائين، امام صاحب جن انهن عالمن جي مجلس ۾ آيا، هر جڪ عالم پنهنجي راءِ کين ٻڌائي. پاڻ ڪا به راءِ قبول نه ڪيائون، جڏهن هنن کانئن پڇيو، تڏهن امام صاحب خليفي ڏي منهن ڪري فرمايو ته ”اي مامون، تون فقط ٽياسي دينار خيرات ڪري فقيرن کي ڏي ته پوءِ اهو انجام ۽ مڃتا جو بار تنهن جي مٿان ادا ٿيو.“ عالمن انهي جو دليل پڇيو، امام صاحب فرمايو ته ”حق تعاليٰ قرآن ۾ حضرت رسول ﷺ ۽ سندن اصحابن کي حڪم ڏنو آهي ته ”لقد نصر ڪم الله في مواطن ڪثيره“ يعني خدا تعاليٰ اوهان کي گهڻن موطنن ۾ مدد ڪئي آهي ۽ اهي موطن ٽياسي آهن، يعني عزاتون جي حضرت جن ڪيون ۽ تاريخن ۾ مشهور آهن،“ تڏهن مامون کي به خاطري ٿي ۽ عالمن کي به ڳالهه دل سان لڳي ۽ قبول ڪيائون ته امام  صاحب جن سچ چيو آهي.

 

فصل نائون

امام محمد تقي عليه السلام جي خوشطبعي

60- امام محمد عليه السلام جو چوڻ هو ته دنيا جو مال پنجن خصلتن کان سواءِ گڏ ٿيڻ جو ناهي، پهرين گهڻو بخل، ٻي ڊگهي اميد، ٽي گهڻو حرص،چوٿين قطع ڪرڻ رحم جو، يعني مائٽن جو حق وساري ڇڏڻ ۽ پنجين دنيا کي آخرت زياده ضروري سمجهڻ ۽ هيئن به فرمايائون ته ”جيڪڏهن ماڻهوءَ کان ڪو پڇي ته دنيا جي دولت خدا تعاليٰ ٿو ڏئي يا نه، ته جواب ڏيڻ نه گهرجي، ماٺ ڪري گذارجي، ڇا لاءِ جو چئبو ته نٿو ڏئي ته ماڻهو ڪافر ٿي پوندو ۽ جي چئبو ته ڏئي ٿو ته ماڻهو ڪوڙو ٿيندو، هن ڪري جو مومنن جو معاملو خوف رکندڙ جي معاملي کان بر خلاف آهي،

61- ”ڪشفه الغمه“ ۾ آهي ته امام صاحب جن فرمايو ته ”چئن شين مان چڱن ڪمن جي مدد ملي ٿي، تندرستي تونگري، علم ۽ توفيق،“ هيئن به فرمايائون ته ”من استغنيٰ باالله يحتاج اليہ الخلق “ يعني جيڪو حق تعاليٰ جي ڪري غني آهي، تنهن جي خلق محتاج ٿئي ٿي. جيڪو پرهيز گار ۽ نقوا وارو هوندو، تنهن جا سڀ ماڻهو ضرور دوست ٿيندا ۽ آدميءَ جو جمال سندس زبان ۾ آهي ۽ ان ۾ جو ڪمال سندس عقل ۾ عدل جو ڏينهن ظالم تي زياده سخت آهي، انهيءَ ظلم جي ڏينهن کان، جو مظلوم ٿي گذريو.“

62- ”ڪشفه الغمه “ ۾ آهي ته هڪڙي سائل، امام صاحب کي عرض ڪيو ته ” مون کي اهو ڪي ڏيار جو اوهان جي همت ۽ مروت آهر هجي.“پاڻ فرمايائون ته ”مون کي معاف ڪر، جو انهيءَ جي مون کي دسترس ڪاني.“ تڏهن وري عرض ڪيائين ته ”ڀلا، اهي ڪي مون کي ڏيار، جو منهنجي حال ۽ قدر آهر هجي.“ امام صاحب جن کي ٻه سئو مثقال سون جا ڏياريا. هيءُ به امام صاحب جن جو قول آهي ته ” القصداليٰ الله بالقلوب ابلغ من اتعبا الوجوارح بالاعمال“، يعني خدا تعاليٰ جي طرف قصد ڪرڻ لاءِ بدن کي تڪليف ڏئي عملن ڪرڻ کان دل سان يا خالص نيت سان زياده ڪامل ۽ مفيد آهي. ڇا لاءِ جو نيت کانسواءِ عمل ڄڻ ته بدن بيروح وانگر آهي، جيئن حديث ۾ به آهي، ته “تفڪر ساقه افضل من عباده سبعين سنڌ“ يجني هڪڙي گهڙي فڪر ڪرڻ، ستر ورهين جي زباني ذڪر ۽ عبادت کان بهتر آهي.

 

فصل ڏهون

امام علي تقي عليه السلام جي خوشطبعي

63- هڪڙي ڏينهن امام علي تقي عليه السلام خليفي متوڪل جي مجلس ۾ ويٺو هو، امام صاحب کي تمام نفيس قيمتي ڪپڙي جي دستار ٻڌل هئي، دستار ڏانهن نهاري خليفي پڇيو ته ”هيءَ دستار ڪيتري خريد ڪئي اٿو؟“ امامصاحب جن فرمايو ته ”جنهن خريد ڪري مون کي ڏني، تنهن پنج سئو درهم ڏئي خريد ڪئي.“ متوڪل چيو ته ”اوهان اصراف ٻڌي ٿو! “امام صاحب فرامايو ته ”مون ٻڌو آهي، ته اوهان هاڻي تازو هڪڙي خوبصورت ٻانهي هزار دينار سون جا ڏئي ورتي آهي؟“ متوڪل چيو ته ”برابر، ائين آهي.“ امما صاحب چيو ته ”مون ته چانديءَ جا پنج سئو درهم ڏيئي پنهنجي هڪڙي تمام شريف عضوي لاءِ دستار خريد ڪئي آهي ۽ تو هزار دينار سون جا ڏئي، هڪڙي تمام نيچ عضوي جي لاءِ ٻانهي خريد ڪئي آهي‏، هاڻي تون ئي انصاف ڪر ته ڪنهن وڌيڪ اصراف ڪيو آهي،؟“ متوڪل شرمندو ٿيو، ۽ قبول ڪيئاين ته اسان کي بني هاشم تي ڪنهن به قسم جو اعتراض آڻن مناسب ناهي، پوءِ حڪم ڪيائين ته ”ههڙي جواب جي انعام ۾ سئو هزار دينار، امام صاحب جي نوڪرن جي حوالي ڪيا وڃن.“

64- روايت آهي ته متوڪل کي هڪڙي خوفناڪ ڦرڙي نڪتي جا نٿي ڦاٽي، جنهن ڪري هن کي ڪو آرام اچي، انهيءَ سبب هن کي سخت تپ ٿي پيو ۽ طبيب ان جي علاج کان عاجز اچي ٿيا، متوڪل جي ماءُ جنهن امام صاحب ۾ گهڻو اعتقاد هو، تنهن امام صاحب کي دعا ۽ دوا لاءِ عرض ڪيو، امام صاحب جن فرمايو ته ”گهٽي جي چرٻي ۽ گلاب ملائي ڦرڙيءَ تي لايو،“ هن وڃي ائين ڪيو ته ڦرڙي ڦاٽي ۽ سور دفع ٿيو، اگرچ پهرين طبيبن انهيءَ علاجه ٻڌڻ تي اعتراض آندو ۽ ٺٺولي ڪئي، انهيءَ ڏينهن متوڪل ڏهه هزار مثقال سون جا ٿيلهيءَ ۾ وجهي، مهر ڪرائي، امام صاحب ڏي نذراني طور ڏياري موڪليا،م انهيءَ وقت ڪن حاسدن خليفي جي ڌيان تي آندو ته امام صاحب کلي خلافت جو خيلا مٿي ۾ آهي ۽ انهن پئسن مان هو وڙهڻ جي لاءِ هٿيار ۽ ٻيو سامان خريد ڪندو ۽ سندس شِعا گڏ ٿي فساد ڪندا، اها ڳالهه ٻڌي متوڪل کي دل ۾ شڪ پيدا ٿيو، هڪڙيءَ راست پنهنجي حاجب سعيد کي حڪم ڏنائين ته اڌ رات جو لڪي امام صاحب جي جاءِ جي ٻاهران ڏاڪڻ رکي بادگير يا دريءَ مان لڪي ڏس ته ڇا ٿو ڪري ۽ ڪهڙو ڪم پيو هلي، پوءِ سندس هٿيار خاني ۾ جيڪي هٿيار موجود هجن، سي کڻي آءٌ حاجب ٻيا ڪي ماڻهو پاڻ سان وٺي ويو ۽ ڏاڪڻ رکائي چڙهي ويو ۽ مٿان ماڙيءَ تان ڪي ماڻهو هيٺ گهر جي ايوان ۾ لاهي وڌائين، رات اونداهي هئي، هن کي خبر نٿي پئي، اوچتو امام صاحب پنهنجي ڪوٺيءَ مان سڏي چيس ته ”سعيد بيهه ته آءٌ ڏيئو کڻي اچان،“ پوءِ امام صاحب هڪڙي هٿ ۾ ڏيئو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪنجي کڻي سعيد وٽ آيو ۽ ڪنجين ڏيئي چيائينس ته ”هلي هٿيار جي ڪوٺي ڳول، جيڪو ان ۾ هٿيار ڏسين سو کڻي وڃ.“ ڪپوءِ نوڪر هن کي ڪوٺيءَ ۾ وڍي ويو ۽ ساري ڪوٺي ڏيکاريائينس، ته منجهس ڪو به هٿيار ڪو نه ڏٺائين، وري امام صاحب وٽ آيو، جتي هو مصلي تي ويٺو هو، مصلي جي ويجهو هڪڙي ترار ۽ هڪڙي ٿيلهي ڏهن هزارن دينارن جي مهر لڳل، متوڪل کان آيل پئي هئي، اها ڏيکاري، امام صاحب سعيد کي چيو ته ”بادشاهي سامان مان ٻه شيون آهن، سي کڻي وڃي خليفي کي ڏي ته حاسدن ۽ چغلخورن کي حقيقت معلوم ٿئي.“ سعيد اهي کڻي متوڪل وٽ ويو ۽ سارو احوال بيان ڪري ٻڌايائين، متوڪل ٿيلهي پنهنجي مهر سان ڏسي شرمندو ٿيو.امام صاحب جي حاسدن کي ڌمڪايائين ۽ ٻه هزار مثال سون جا ٻيا به ٻيءَ ٿيلهيءَ ۾ وجهي، امام صاحب ڏي موڪليائين ۽ عذر خواهي ۽ مافي گهريائين.

 

فصل يارهون

امام حسن عسڪري عليہ السلام جي خوشطبعي

65- هڪڙي شخص کي دل ۾ آيو ته امام صاحب کان پڇي ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي تڙ پوي ٿا يا ڪنهن کي نه به ٿو پوي، جڏهن امام صاحب وٽ آيو، تڏهن شرم ۽ حيا کان اهو سوال پڇي نه سگهيو، پر امام صاحب جن پاڻ ڏانهنس منهن ڪري فرمايو ته ”جيڪو سوال تو مون کان پڇڻ ٿي گهريو، تنهن جو جواب قرآن ۾ هن طرح فرمايل آهي، ان عابدي ليس لڪ علبيهم سلطان،“ يعني خدا تعاليٰ شيطان کي ٿو چوي تحقيق جيڪي منهنجا ٻانها آهن، تن تي تنهنجو ڪو به زور يا اختيار هلي نٿو سگهي، اهڙا شيطاني خواب ۽ نفسياتي ڪم شيطان ٿو ڪرائي، پر خدا جي خاص ٻانهن تي شيطان جو ڪو به وس هلي نٿو سگهي، تنهن ڪري اهي انهن کان بچيل آهن.

66- امام صاحب جو قول آهي ته جيئن حق تعاليٰ ٻيءَ مخلوقات کان ڀلو آهي، تيئن سندس ڪلام به خلق جي ڪلام کان ڀلو آهي ۽ اوهان جو ڪلام به ٻين ماڻهن جي ڪلام کان ائين ڀلو آهي، جيئن اسين ٻين کان ڀلا آهيون، اسان جي فقيري ٻين جي تونگري کان بهتر آهي ۽ اسان ج موت يا شهادت ٻين جي حياتيءَ کان بهتر آهي.

67-روايت آهي ته هڪڙي ڏينهن امام صاحب رستو ڏيو ٿي ويو ته هڪڙو سندس دشمن دشمن ، جو نهايت بد شڪل هو، سو اڳ وٺي سندس اڳيان آيو ۽ ٺٺولي ڪري پڇڻ لڳو ته ”جيڪڏهن اوهين سچا امام آهيو ته منهنجي صورت مسخ ڪري، ڦيرائي ڇڏيو.“ امام صاحب جن ورندي ڏني ته ”اذاتو همت بذاڪ لڪان نصف العمل،“ يعني جڏهن تنهنجي مسخ ڪرڻ لاءِ خيال ڪندس ته انهيءَ مهل انهيءَ ڪم جو اڌ پورو ٿي ويندو، يعني حقيقت ڪري تون مسخ ٿي ويو آهين. باقي فقط تنهنجي صورت بدلجڻي آهي، اهو شخص شرمندو ٿي هيلو ويو.

 

 

فصل ٻارهون

امام محمد مهدي عليہ السلام جي خوشطبعي

68- امام محمد مهدي عليه السلام جي قولن وغيره جي بنسبت روايتون نه آيون آهن، مگر ان جي ظهوري علامتن مان ڪي خاص هيٺ ڏجن ٿيون.

امام صاحب جي والده کي امام صاحب جي ولادت تائين، حمل جي ڪا به نشاني ظاهر نه هئي ۽ نه خبر هئي، امام صاحب جن ختنه ٿيل ۽ پاڪ ۽ صاف ٿيل پيدا ٿيا. حضرت پيغمبر ﷺ واري مهر سندن ڪلهي تي لهل هئي، حضرت ﷺ جن جي حديث آهي ته مهدي مون مان، يعني منهنجي اولاد مان هوندو، سندس پيشانيءَ جي ٻنهي پاسي وار ڪين هوندا ۽ پيشاني به چمڪندڙ هونديس ۽ سندس نڪ ڊگهو هوندو، رنگ ڳاڙهو عربي هوندس ۽ جسم اسرائيلي، ظاهري ستل هوندو. ته به دل بيدار هونديس، ڪا به ڪثافت منجهائنس نه نڪرندي اڇو جهنڊو هٿ ۾ هوندس، ساڻس هڪڙي ترار هوندي جا پاڻيهي مياڻ مان پئي نڪرندي، حضرت دائود جي زرهه سندس قد تي پوري هوندي، پنهنجي ڪياڙي کان ائين ڏسندو، جيئن اڳيان اکين سان ڏسجي ۽ ڪا به شيءَ نگاهه کان روڪ نه ڪنديس، هميشه حق تي هوندو ۽ باطل مٿس غالب نه ايندو، ٽي سئو تيرهن بزرگ ساڻس همراهه رهندا وغيره.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org