باب يارهون
بخيلن، پيٽيرن ۽ مفتخورن جون ڳالهيون
فصل پهريون
عرب جي مشهور بخيل، سعد بن هارون جي ڳالهه
283- ذغيل خزاعي، عرب جو شاعر، ڳالهه ٿو ڪري ته آءٌ ڪين ٻين
شاعرن سان گڏ، سعد بن هارون وٽ ويس ۽ صبح کان وٺي
ٻنپهرن تائين وٽس هوس، بک کان منهنجو ساهه نڪرڻ تي
هو، نيٺ هن نوڪر کي چيو ته ”ماني کڻي آءٌ!“ نوڪر
ويو سو شام تائين گم ٿي ويو، نيٺ آيو ۽ هڪڙو ميرو
دستر خانو کڻي آيو ۽ انهيءَ تي هڪڙي سڪل ماني آڻي
رکيائين ۽ هڪڙو پيالو گرم پاڻيءَ جو کڻي آيو، جنهن
۾ ڪڪڙ جون کنڀڙاٽيون اڌ رڌل پيون هيون، ڪڪڙ جي سسي
نه ڏسي، سعد ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو ۽ ڳچ تائين ڪنڌ هيٺ
ڪري ويهي رهيو، نيٺ ڪنڌ مٿي کڻي نوڪر کان پڇيائين
ته ”ڪڪڙ جي سسي ڪيڏي ڪيئي؟“ هن چيو ته .اها ته
اڇلائي ڇڏيم.“ تنهن تي هن چيو ته ته ”جيڪو ڪڪڙ جون
ٽنگون اڇلائيندو آهي، آءٌ انهيءَ کي بيوقوف
سمجهندو آهيان، تو سسي ڪيئن اڇلائي آهي، ساري بدن
مان سسي زياده شرف واري آهي، خاص ڪري ڪڪڙ جي، جو
انهيءَ جي وات مان ٻانگ ٿي نڪري، جا خدا جا صالح
بندا ٻڌي نماز تي اٿندا آهن ۽ تهجد جي نماز پڙهندا
آهن. ان کانسواءِ انهيءَ جي سسيءَ تي چٽ آهن، جو
بادشاهيءَ جو نشان آهي، جنهن ڪري ڪڪڙ کي پکين جو
بادشاهه چئجي ته به بجا آهي، انهيءَ جي سسيءَ ۾ ٻه
اکيون آهن، تن سان هو ملائڪ ٿو ڏسي ۽ انهن اکين جي
ڳاڙهاڻ، شاعر عبدي شڙاب سان مشابهه ڪندا آهن ۽ مٿي
۾ جو مغز اٿس، سو طبيبن وٽ آماس جي لاءِ عمدي دوا
آهي ۽ کائڻ ۾ به ڪڪڙ جي هڏيءَ سدان ٻي ڪا به هڏي
مٽ نٿي پوي، تو اهڙي قيمتي ۽ ڪمائتي شيءَ اڇلائي
ڇڏي آهي! تنهنڪري تو وڏو قصور ڪيو آهي، مون کي ڪڪڙ
جي سسي گهڻو وڻندي آهي، جي آءٌ نه کان ها ته
منهنجا ٻار ٻچا کائين ها، جي ٻار ٻچا نه کائين ها
ته من منهنجو مهمان کائي ها، جو سڄو ڏينهن بک مئو
آهي.“ پءِ ڪاوڙجي هن کي چوڻ لڳو ته ”هاڻ وڃ، وڃي
ڳولي اها هٿ ڪر! جي نه هٿ ڪري آندي اٿئي ته ڏس ته
ڪهڙي نه سا ٿو ڏئين!“ نوڪر چيو ته ”سائين، آءٌ قسم
ٿو کڻان ته مون کي خبر ناهي، ته ڪٿي اها اڇلايم
هيستائين اها ٻليون يا سرڻيون کڻي ويون هونديون،“
هن چيو ته ”تو اهڙي شيءَ ڪڏهن نه اڇلائي هوندي،
ضرور پاڻ کائي ڇڏي هوندءِ؟“نوڪر قسم کڻي چيو ته
”مون نه کاڌي آهي.“ سعد کي انهيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ
آئي، چيائينس ته ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين ۽ ڪوڙو قسم
ٿو کڻين؟“ پوءِ اٿي هن ويچاري ٻڍي نوڪر کي ڌڪ هڻي،
زمين تي ڪيرائي وڌائين. انهيءَ ويڙهه ۾ سعد جو پير
پيالي تي لڳو ۽ پاڻي هارجي دستر خاني تي پيو ۽ اڌ
رڌل ڪڪڙ به پري وڃي پيو، هڪڙي ٻلي بيٺي هئي، سا
جهٽ هڻي کڻي ويئي، آءٌ هنن کي پاڻ ۾ وڙهندو ڇڏي
نڪري هليو ويس.
فصل ٻيو
بخيلن جي مهمانداري
284- هڪڙي ڪوفيءَ ۽ هڪڙي بغداديءَ جي پاڻ ۾ ياراني هئي، هڪڙي
ڀيري، بغدادي، ڪوفي ۾ آيو، ڪوفيءَ هن جي مهماني
ڪئي ۽ هڪڙو آنو ڪڪڙ جو هن کي مانيءَ سان کائڻ لاءِ
ڏنائين ۽ چيائينس ته ”هي ڪڪڙن جو ٻج آهي، هن مان
هزارين آنا ۽ ڪڪڙ پيدا ٿي سگهن ٿا. جيڪو هن مان
ڪڪڙ پيدا ٿيندو، سو وڏو ٿي ٻيا ڪڪڙ پيدا ڪري
سگهندو، تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته آءٌ تو کي سوين
ڪڪڙ مهمانيءَ ۾ کائڻ لاءِ ٿو ڏيان؟“ بغدادي اهو
آنو کاڌو ۽ پوءِ موڪلائي ڳوٺ ويو، ڪنهن ٻئي وت وري
ڪوفي، بغداد ۾ ويو ۽ وڃي پنهنجي دوست وٽ رهيو،
بغداديءَ هڪڙو ڇيلو پچائي هن وٽ آندو، ڪوفي انهيءَ
ڏي نهارڻ لڳو، مگر هٿ نه پي لاتائينس، بغدادي چيس
ته ”يار کائين ڇو نٿو؟ مون تو کي ڌڻ ٻڪرين جو کائڻ
لاءِ ڏنو آهي، اهڙي مهماني ڪو بادشاهه به مس ڪري.“
ڪوفيءَ چيو ته ”بيشڪ تون مون کان زيادهه سخي آهين،
مون تو کي سو ڪڪڙن جي مهماني ڪئي ۽ تو مون کي سئو
ٻڪرين جي.“
285- ڪوفي جي هڪڙي بخيل ٻڌو، بصري ۾ هڪڙو بخيل آهي، جو بخل جي
ڪري تمام مشهور آهي، انهيءَ سان ملڻ جي لاءِ بصري
ڏي ويو ته ڏسي هو ڪيتري قدر بخيل آهي، جڏهن هن کي
گڏيو، تڏهن چيائينس ته ”يار، آءٌ تنهنجي ملاقات
لاءِ پري پنڌ کان آيو آهيان ۽ ارادو اٿم ته جنهن
ڳالهه جي ڪري تون ملڪن ۾ مشهور آهين، تنهن جو تو
کان ڪو سبق سکان ۽ فائدو حاصل ڪريان؟“هن چيو ته
”ادا، جڏهن تون هيتري تڪليف وٺي منهنجي ملاقات
لاءِ آيو آهين، تڏهن مون تي به لازم آهي ته تنهنجي
مهماني ڪريان، هاڻ مون تي به لازم آهي ته تنهنجي
مهماني ڪريان“ هاڻ ٻڌاءِ ته ڪهڙو کاڌو کائڻ ٿو
گهرين؟ اهو ٺهراءِ ڏيان.“ هن چيو ته ”گهڻ ڏينهن
کان پنير تازو نه کاڌو اٿم ۽ انهيءَ جي کائڻ جو
گهڻو شوق اٿم، بصري اٿيو ۽ هڪڙو ٿانءُ کڻي پنير
وڪڻندڙ جي دڪان تي ويو، هڪ درهم جو تازو پنير
گهريائين ۽ چيائينس ته ”مون وٽ ڪو مهمان آيو آهي،
ان لاءِ گهرجي.“ دڪاندار چيس ته پنير اهڙو ٿو
ڏيئين جهڙو مکڻ.“ بخيل چيو ته” تڏهن اڳو پوءِ مکڻ
وٺان، جو اهو پنير کان به بهتر آهي،“ تنهن ڪري اهو
درهم کڻي مکڻ واري جي دڪان تي ويو ۽ چيائينس ته”ڪو
عمدو مکڻ ڏينم!“هن چيو ته ”مکڻ اهڙو اٿم جهڙو
زيتون جو تيل پاڻهي کائي ڏسج!“ بخيل چيو ته ”تڏهن
اصل وڃي ٿو زيتون جو تيل وٺان.“ تيل واري جي دڪان
تي وڃي سٺو تيل گهريائين، هن چيو ته ”تيل اهڙو
اٿم، جهڙو صاف پاڻي.“ بخيل چيو ته ”جي صاف پاڻي
زيتون جي تيل کان بهتر آهي ته اهو منهنجي گهر
موجود آهي، ناحق بازار ۾ پيو رلان ۽ پئسا خرچان .“
موٽي گهر آيو ۽ پيالو صاف پاڻيءَ جو ڀري مهمان جي اڳيان مانيءَ سان گڏ رکيائين ۽ چيائينس ته
”ساري بازار گهميو آهيان صاف تازي پاڻيءَ کان بهتر
ٻي شيءِ ڪا نه لڌيم ۽ ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائينس.
ڪوفيءَ هن جا هٿ چميا ۽ چيائينس ته ”بيشڪ تون
منهنجو استاد آهن.“
فصل ٽيون
بخيلن جي خوشطبعي
286- هڪڙي بخيل کان پڇيائون ته ”ماڻهن ۾ سڀ کان وڏو بهادر ڪير
آهي؟“ هن چيو ته ”اهو جو گهڻن ماڻهن جي ماني کائڻ
جو آواز ٻڌي وات پاڻي نه ڪريس.“
287- هڪڙو فقير، ڪنهن شوم دولتمند وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”جهڙو
منهنجو تهڙو تنهنجو پيءُ ۽ ماءُ يعني آدم ۽ حوا
آهن، تنهنڪري پاڻ ٻئي ڀائر ٿياسين، خدا تو کي
هيتري دولت ڏني آهي ۽ آءٌ تنهنجو مسڪين ڀآءٌ
آهيان، مون کي پنهنجي مال مان ڀائپائي وارو حصو
ڏي!“ هن نوڪر کي چيو ته ”هڪڙو پئسو هن کي ڏي!“
فقير چيو ته ”ادا، هي ڇا؟ ٻئي ڀاءُ هڪجهڙا آهيون،
جهڙا گهوڙي جا ٻه ڪن، اڌ مال جو مون کي ملڻ
گهرجي.“ بخيل چيو ته ”ادا، ماٺ ڪر ته ٻيا ڀائر نه
ٻڌن نه ته پوءِ تنهنجي پتيءَ ۾ هڪڙو پئسو به ڪين
ايندو!“
288- هڪڙو بخيل، هميشه فقيرن کي پاڻ وٽان هڪالي ڪڍندو هو، ماڻهن
هن کي جٺ ڦٺ ڪئي ۽ چيائونس ته ”خدا قرآن ۾ فرمايو
آهي ته ”اماالسائل فلاتنهر“ يعني سوال ڪندڙ کي تکو
نه ڳالهايو ۽ نه ستايو، هن چيو ته ”فقير ڏاڍا خراب
ماڻهو آهن، نه ڪنهن بيمار کي پڇڻ وڃن، نه ڪنهن
جنازي سان وڃن، ماڻهو خدا کان پنهنجي گهرج پلڻ
لاءِ دعا گهرندا آهن ۽ هي فقير پنهنجي گهرجي جي
پورائيءِ لاءِ خلق ڏي مهاڙ ڪندا آهن ۽ انهن کي
سوال ڪندا آهن! انهيءَ ڪري هو شريعت جي برخلاف ڪم
ڪندا آهن، تنهن ڪري منهنجي هنن سان ڪين پوي!“
289-هڪڙي شخص، موڪلائڻ وقت پنهنجي ڪنهن بخيل دوست کي چيو ته
”پنهنجي منڊي مون کي ڏي ته آءٌ پائيان ۽ جڏهن
انهيءَ تي نـظر پوندي وڃيم، تڏهن تو کي ياد ڪندو
رهان؟“ بخيل دوست چيس ته ”جڏهن خالي هٿ تي نظر
پوئي، تڏهن ياد کڻي ڪج ته فلاڻي کان منڊي گهري هيم
پر نه ڏنائين، انهيءَ طرح به ضرور تو کي پيو ياد
پوندس؟“
290- هڪڙو بدوي عرب، معاويي وٽان اچي لنگهيو، ٻه ڪتا ساڻس هئا،
هڪڙو ڪارو ۽ ٻيو اڇو، معاويي چيس ته ”اي عرب، انهن
ٻنهي مان جيڪو تون ڏي!“ هن چيس ته ”چڱو انهن ٻنهي
مان جيڪو تون گهرين، سو تو کي ڏيان؟“ معاويي چيس
ته ”مون کي سو ڏيڻ نٿو گهران.“ تڏهن معاويي چيس
”ته ڀلا ڪارو ڏي!“ عرب چيس ته ”شڪار ڪندڙ ئي اهو
آهي.“
291- هڪڙو فقير، شمامه وٽ آيو، جو عرب ۾ مشهور بخيل هو، انهيءَ
کان ڪي ٿي گهريائين، شمامه چيس ته ”پهرين تون
منهنجو هڪڙو ڪم ڪر ته پوءِ آءٌ تنهنجو ڪم ڪريان؟“
هن چيو ته ” ٻڌاءِ ته اهو ڪم ڪريان؟“ هن چيو ته
”ڀلائي ڪري مون کان ڪي به نه گهر!“
فصل چوٿون
پيٽيرن جي خوشطبعي
292- هڪڙو ظريف، گهڻي کائڻ ڪري مشهور هو ۽ هميشه زور سان
اڻسڏيو، ٻين سان گڏيو، پراين دعوتن تي ويندو هو،
هڪڙي ڏينهن، گهڻن عالمن ۽ ظريفن سان گڏ مانيءَ تي
ويٺو هو، هن انهن کي سڃاتو ٿي، پر هنن کيس نٿي،
سڃاتو، اوچتو هڪڙي وڏي رڪابي حلوي جي ڀري کڻي آيا،
جنهن ۾ هڪڙي کڏ ٺاهي اها گيهه سان ڀري ڇڏي هئائون،
ظريفن مان هڪڙي حلوي مان ذرو ڪڍي انهيءَ گيهه ۾
ٻوڙي کائڻ لاءِ کنيو ۽ قرآن جي هيءَ آيت پڙهڻ لڳو
ته ”فڪبڪبوُا فيهاهُم الغاوُ ون “ يعني گمراهه
ماڻهو، انهيءَ ۾ اڇلايا ۽ ٻوڙيا ويندا، هن جي
گرانهه کڻن سان گيهه انهي پاسي وهي اٿي هليو،
مفتخور جو ويٺو هو، تنهن انهيءَ مهل قرآن جي هيءَ
آيت پڙهي ته ”بير معطلته قصر مشيده“يعني ڪم نه
ايندڙ کوهه ۽ عاليشان ماڙيون، ائين چئي اهو گيهه
جو دٻو پنهنجي پاسي ڀڳائين، اتي وري پهريون ظريف
چوڻ لڳو ته ”آخر قتها لتغرق اهلها لقد شيئا قربا“
يعني هي ڇا ٿو ڪرين؟سوراخ ٿو ڪرين ته ٻيڙيءَ کي
ماڻهن سميت ٻوڙي ڇڏين! اها ته عجيب شيءِ آندي
اٿئي! ائين چئي هن به گيهه پنهنجي پاسي وهائي وڌو،
مفتخوري قرآن مان ورندي ڏنيس ته ته ”انانسوق
الماءِ عليٰ الارض“ يعني آءٌ پاڻي زمين تي وهايان،
ائين چئي ٻيو گرانهه، گيهه ۾ ٻوڙي کنيائين، هن وري
چيو ته”والتقي الماءِ عليٰ لارض عليٰ قدر“ يعني
پاڻي زمين تي لٿو تقدير جي حڪم موجب.
فصل پنجون
پٽيرن ۽ مفتخورن جي خوشطبعي
293- هڪڙي گهڻي کائڻ واري جو چوڻ آهي ته کاڌي جو حرص انهيءَ کي
چئجي ته هڪڙو لقمو وات ۾ هجي، ٻئي ۾ هٿ هجي ۽ ٽئين
۾ اکيون هجن.
294- هڪڙي پيٽير، ڪٿي ٻين سان گڏ ماني ويٺي کاڌي، پر ٽن آڱرين
جي بدران هن پنجن ئي آڱرين سان پي کاڌي، ٻين چيس
ته ”پنجن ئي آڱرين سان ڇو ٿو گرانهه کڻين؟“ هن چيو
ته ”ڇهه آڱريون نه اٿم، نه ته ڇهن ئي سان کڻان!“
295-هڪڙو شخص حج ڪري موٽي آيو هو، هڪڙو دولتمند ماڻهو، جنهن جو
هن ۾ گهڻو اعتقاد هو، سو ماکيءَ جو هڪڙو وڏو ٿانءُ
ڀري سوکڙي وانگي هن وٽ کڻي آيو، انهيءَ وقت هڪڙو
مفتخور ماڻهو به اتي ويٺل هو، انهيءَ دولتمند
مريد، حاجيءَ کي چيو ته ”خدا شل اوهان جو حج قبول
ڪري!“انهيءِ مفتخوري چيو ته ”مون کي پڪ آهي ته هن
جو حج قبول آهي.“ پڇيائونس ته ”تو کي ڪيئن خبر پئي
ته هن جو حج ضرور قبول پوندو؟“ هن چيو ته ”جي خدا
هن جو حج قبول نه ڪري ها ته جيڪر ههڙي عمدي شيءِ
هن کي سوکڙيءَ وانگي نه موڪلي ها!“
296- هڪڙي ڏينهن، هارون الرشيد، قاضي ابو يوسف کان پڇيو ته
”بادامين جي مٺائي ۽ فالود جي حلوي بابت ڇا ٿو
چوين؟“ هن چيو ته ”آءٌ قاضي آهيان، مدعي ۽ مدعا
عليه ٻنهي جي حاضريءَ کان سواءِ ڪا به فتوا ڏيئي
نٿو سگهان.“ هارون الرشيد حڪم ڏنو ته اهي ٻئي شيون
آڻي حاضرڪيو!“ تڏهن قاضيءَ هن مان به ۽ هن مان به
گرانهه کڻڻ لڳو، پر ڪڇيائين ڪي به ڪين ٿي، هارون
پڇيس ته ”هاڻي ٻئي حاضر آهن، حڪم ڇو نٿو ڪرين؟“
قاضيءَ ”هاڻي ٻئي حاضر آهن، حڪم ڇو نٿو ڪرين؟“
قاضيءِ چيو ته ”ههڙيون معاملائي ڌريون مون اڳي
ڪڏهن ڪو نه ڏٺيون آهن، هڪڙي جي لاءِ اڃا حڪم ٿو
لکان ته ٻيو هڪڙي نه ٻي حجت آڻيو، پيش ڪري ۽ حڪم
ڏيڻ کان رهجيو وڃان!“
297- هڪڙو شخص، ڪمندي نالي، هرات جي مشهور ظريفن ۽ مفتخورن مان
هو، هڪڙي ڏينهن، شاعرن جو ذڪر اچي نڪتو، انهيءَ
کان پڇيائون ته ”ڪهڙي شاعر جو شعر تو کي زيادهه
پسند ٿو اچي؟۽ ياد اٿئي.“ هن چيو ته ”پنهنجي سٺ
ورهين جي عمر ۾ مون مولانا جلال الدين روميءَ جي
شعر جهڙو ٻيو ڪنهن جو شعر به ڏٺو، انهيءَ مان به
هڪڙو بيت سندس ديوان مان ۽ هڪڙو سندس مشوي مان مون
کي پسند آهي ۽ هميشه ياد آهي، ديوان وارو بيت هي
آهي.
منهنجو نوالو ٿيو جبل منهنجو پيالو ٿيو سمنڊ،
ٻيئي جهان وات ۾ منهنجي سمايا لقمي جان.
مثنوي وارو بيت هي آهي.
تو ۾ لقمو جڏهن پوي، موتي ٿيو،
ساهه کڻ تو ڪين، هردم کاءُ پيو.
باب ٻارهون
چورن، لالچين، فقيرن، انڌن ۽ ٻوڙن جي خوشطبعي
فصل پهريون
عرب جي مشهور لالچي، قارب الصخره جي خوشطبعي
298- انهيءَ کان پڇيائون ته ”عمر ۾ پاڻ کان وڌيڪ هٻڇي ڪو ڏٺئه؟“
هن چيو ته ”ماڻهن مان ڪو نه ڏٺم، باقي هڪڙي ڀري،
رستو ڏيو ٿي ويس ۽ ڪا شيءَ وات ۾ وجهي چٻاڙيندو پي
ويس، هڪڙي منڊي ڪتي منهنجن چپن جو آواز ٻڌو،
ڀانئيائين ته آءٌ ڪا شيءِ ٿو کان“. انهيءَ هٻڇ تي
منڊ ڪائيندو، چار پنج ڪوهه منهنجي پٺيان هليو هليو
۽ ذري ذري منهنجي وات ڏي پي نهاريائين، انهيءَ ڪتي
کي سو مون پاڻ کان زياده هٻڇ وارو ڏٺو، باقي پاڻ
کان وڌيڪ هٻڇ وارو ماڻهو سو مون ڪو نه ڏٺو.“
اهو قارب، الصخره عربن ۾ هٻڇ جي ڪري ضرب المثل هو، اصل نالو ٻيو
هوس، ليڪن مرڻ کانپوءِ انهيءَ لقب سان مشهور ٿيو،
انهيءَ جو ڪارڻ هيءَ هو ته هڪڙي ڏينهن، ڪنهن
بيابان مان ويندي، هڪڙو وڏو اڇو پهڻ ڏٺائين ويجهو
وڃي ڏسي ته انهيءَ تي هڪڙي سٽ اکرن جي اڪري پئي
آهي.لکيل هو ته:
جي تون مون کي اٿلائيندين ته تو کي فائدو پهچندو.
هن کي اها هٻڇ ٿي ته شايد هن پهڻ جي هيٺيان ڪو
خزانو لڪل آهي! ڏاڍي محنت ڪري مٿا هڻي پهڻ کي
ليٽايائين ته پٺئين پاسي ٻي سٽ اڪريل هئي ته هڪڙي
هٻڇ مان ٻي هٻڇ پيدا ٿي ٿئي. تڏهن قارب نا اميد
ٿيو ۽ ڏاڍي ڪاوڙ آيس، ويجهو اچي چڙ مان پهڻ تي
اهڙو زور مان مٿو هنيائين، جو مٿو ڦاٽي پيس ۽
ميڄالو نڪري پيس، تنهن کانپوءِ پهڻ جو لقب مليس ۽
عربيءَ ۾ (صخره) جي معنيٰ وڏي ڇپ يا پهڻ آهي.
فصل ٻيو
چورن جي خوشطبعي
299- هڪڙي ڏينهن، ڪنهن چور ڪنهن شخص جو ڪپڙو چورايو ۽ بازار ۾
وڃي دلال کي ڏنائين ته وڪڻي ڏئي، دلال وٽان اهو
ڪپڙو، ڪو ٻيو چور چورائي ويو، پهريون چور هٿين
خالي پنهنجن يارن وٽ آيو، پڇيائونس ته ”ڪپڙو
وڪيئه؟“ هن چيو ته ”جيتري خريد ڪيو هوم.“
300- هڪڙي ڏينهن ڪنهن چور، ڪنهن گهر مان ڪپڙا چورايا ۽ هڪڙي گهر
جي ڏيڍيءَ ۾ آندائين، اتفاق سان ڪي ماڻهو اتي اچي
نڪتا، چور اهي ڪپڙا لڪائي، هڪڙي ٻهاري تي پيل ڏسي،
آسپاس ٻهاري ڏيڻ لڳو، انهن ماڻهن پڇيس ته ”ڇا تو
ڪرين؟“ هن چيو ته ”هن گهر ۾ منهنجو ڪو مائٽ مريو
ويو آهي، تنهن ڪري در جو آڱڻ ٿو ٻهاريان،“ هنن چيو
ته ”روئڻ ٻٽڻ جو آواز ڪونه ٿو اچي؟“ هن چيو ته
”اهو پوءِ ايندو.“
301- هڪڙو چور، ڪنهن گهر ۾ چوري لاءِ ويو، ڪابه شيءِ ڪانه
لڌائين جا چورائي، هڪڙي ڪنڊ ۾ چونو رکيل ڏٺائين،
ڀانئيائين ته اٽو آهي، پٽڪو لاهي ان جو پلئو کڻي
زمين تي وڇايائين، انهيءَ لاءِ ته انهيءِ ۾ ٿورو
اٽو ٻڌي، اوچتو گهر جو مالڪ اچي نڪتو، چور ڪٿي گم
ٿي ويو، مالڪ پٽڪو پيل ڏسي کڻي هليو ويو، هن جي
وڃڻ کان پوءِ چور وري آيو ته پنهنجو پٽڪو کڻي ڏسي
ته ڪو چورائي ويو آهي.ٻاهر نڪرڻ جي ڪيائين ته گهر
جو مالڪ دانهون ڪري ”چور، چور“ چوڻ لڳو، چور منهن
ڦيرائي چيس نه ”منهنجو پٽڪو تو وٽ آهي، هاڻ ظاهر
آهي ته چور ڪير آهي؟“
302- حلب جي شهر ۾، هڪڙي قافلي سراءِ ۾ مال گهڻو رکيل هو ۽ هڪڙو
اونهو کوهه به اتي هو، جتان پاڻي ٿي ڪڍيائون ۽
سراءِ جي پاسي ۾ هڪڙو حمام هو، هڪڙي چور، کاٽ حمام
مان هڻي، قافلي سراءِ جي کوهه جي پاڻيءَ مان وڃي
مٿو ڪڍيو، رت جو سراءِ جو در بند ڪري ڪلف هڻي ڇڏيو
هئائون. چور ٻن سنگتين سان انهيءَ کاٽ، منجهان
لنگهي، انهي کوهه جي پاڻيءَ مان نڪري، جنهن ڪوٺيءَ
۾ قافلي جو مال رکيل هو، تنهن جي سامهون واري
ڪوٺيءَ ۾ اچي نڪتو، انهيءَ وچ ۾ شهر ۾ اچي اهو هل
اٿيو ته ”قافلي سرا مان چورن مال چورايو آهي،“ شهر
جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ پهريوارا ۽ حاڪم به اتي
وادات تي آيا، سراءِ جي ٻاهرئين دروازي کي مضبوط
ڪلف لڳل ڏٺائون ۽ اندر ڪوٺيءَ مان مال به چورايل
ڏٺائون! حيران ٿيا، نيٺ خيال ڪري ڪري، چيائون ته
”هي ڪم قافلي سراءِ جي نگهبان ۽ سندس پٽن جو آهي.“
اهو هڪڙو پير مرد امانت وارو شخص هو، امانت وارو شخص هو، جنهن
قافلي سراءِ جو اجارو يا مقاطعو کنيو هو، انهيءَ ۽
سندس پٽن کي سراءِ جي در تي سچي ڪرائڻ لاءِ مارڪٽ
ڪڻ لڳا، گهڻو ئي هنن کي عذاب ڏنائون پر هنن چيو
ته”اسان کي ڪا به خبر ڪانهي.“ جنهن چور پنهنجن
سنگتين سان گڏ اهو مال چورايو هو، سو به انهن
ماڻهن سان گڏ بيٺل هو، دل ۾ چيائين ته ”اها
جاونمردي ناهي، جو چوري مون ڪئي هجي ۽ منهنجي
بدران ٻيا تڪليف ڏسن ۽ ظالم سان مرن!“ ٻاهر نڪري
سرڪاري ماڻهن کي چيائين ته ”هن ٻڍي ۽ سندس پٽن کي
ڇڏيائون ۽ هن ۾ نهارڻ لڳا، ڏسن ٿا ته هڪڙو خوبصورت
جوان، عمدي پڳ، قيمتي قبا، ڪمر بند سان ۽ خنجر ڪمر
۾ لڳل بيٺو آهي، چيائونس ته “جي چوين ٿا ته مال
چورايو اٿئي ۽ ڏي، ڪٿي آهي؟“ هن چيو ته ”انهي
قافلي سراءِ جي اندر آهي ۽ کوهه جي تري ۾ پيو آهي،
ڪو رسو کڻي اچو ته چيلهه سان ٻڌي کوهه ۾ وڃان ۽
اوهان کي مال ڪڍي آڻي ڏيان، پوءِ جيڪا سزا مناسب
سمجهو، سا مون کي ڏجو!“ هي ٻڌي ماڻهن کي حيراني
لڳي ويئي ۽ هن کي آفرين ڪيائون!رسو آندائون ، اهو
رسو چور جي چيلهه ۾ ٻڌي هن کي کوهه ۾ وڌائون، پوءِ
هيٺ لهي چيلهه مان رسو ڇوڙي، کاٽ مان ٻاهر نڪري
ڀڄي هليو ويو، ماڻهو ڳچ تائين اتي بيهي بيهي ٿڪا ۽
ڪو به آواز نه ٻڌائون تڏهن ٻئي هڪڙي ماڻهو کي کوهه
۾ وڌائون، انهيءَ معلوم ڪيو ته کوهه ۾ هڪڙو کاٽ
لڳل آهي، جو وڃي حمام مان نڪتو آهي! سڀئي عجب ۾
پيا ۽ چور جو انصاف مڃيائون ته ”چوري به ڪيائين،
مال به کڻي ويو ۽ قافلي سراءَ جي نگهبان کي به مار
کان ڇڏايائين!“
فصل ٽيون
فقيرن جي خوشطبعي، عباس دوس جي گدائي
303- عباس دوس، عرب ۾ گدائيءَ جي ڪري مشهور هو، هڪڙي ڏينهن هڪڙو
فقير وٽس آيو ۽ چيائينس ته ”منهنجي مرضي آهي ته
آءٌ تنهنجو شاگرد ٿي رهان ۽ گدائي جو هنر تو کان
سکان؟“ هن چيس ته ”مون سان گڏ رهڻ جو ضرور ڪونهي،
گدائي جا مڙئي ٽي اصول آهن، جي تون عمل ڪندين ته
ڪامل گدا ٿيندين.“ فقير چيو ته ”چڱو مون کي اهي
اصول ٻڌاءِ!“ عباس چيو ته ”هڪڙو هي ته انهيءَ کي
سوال ڪج، ٻيو هيءَ ته ڪير به هجي ته انهيءَ سوال
ڪج ۽ ٽيون هيءُ ته؛ ڪهڙي به شيءَ هجي ته انهيءَ جي
لاءِ سوال ڪج.“ فقير هن جو هٿ چمي دعا ڪندو هليو
ويو، انهيءَ کان پوءِ هڙي ڏينهن، عباس، هڪڙي حجام
کان پاڪي وٺي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ بيٺي پنهنجا وار ڪوڙيا
ته اهو فقير لنگهي کانئس سوال ڪرڻ لڳو، عباس چيس
ته ”هي ڇا، حمام ۾ ههڙي وقت ٿو سوال ڪرين؟“ فقير
ورندي ڏنيس ته ”جتي هججي اتي سوال ڪجي،“ فقير
ورندي ڏنيس ته ”سوال به وري عباس کي ٿو ڪرين؟“ هن
ورندي ڏني ته ”ڪير به هجي ته انهيءَ سوال ڪجي.“
عباس چيو ته ”هن هنڌ ٻيو ته ڪين آهي، هي وارن جا
داڻا حاضر آهن؟“ فقير چيو ته ”ڪهڙي به شيءِ هجي ته
حرڪت ڪانهي.“ عباس چيو ته ”آفرين! تون چڱو شاگرد
آهين جو پنهنجي استاد کان به گوءِ کڻي وئين.“
304- هڪڙو فقير، عباس وٽ آيو ۽ چيائينس ته ”مون کي گدائيءَ جي
ڪا تعليم ڏي ته سکيو پيٽ پيو پاليان.“ عباس چيس ته
”هڪڙو ڪاغذ جو هٿ پنهنجي سيني تي چنبڙائي ڇڏ، پوءِ
چاليهه ڏينهن اگهاڙو اس ۾ گهم ته بت ڪارو ٿي پوئي،
پوءِ اهو ڪاغذ لاهيندين ته اڇو هٿ سيني تي ڏسڻ ۾
ايندو، ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ ۾ اٻوجهه ماڻهن وٽ وڃي
مسجد ۾ ٽي راتيون جاڳي چئو ته حضرت خضر کي مون
ڏٺُو، انهيءَ پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي سيني تي رکيو
۽ دعا ڪيائين، هو اڇو هٿ ڏسي تنهنجي ڳالهه تي
اعتبار ڪندا، تنهنجا مريد ٿيندا، گهڻُ ئي نذر نياز
ڏيندا، فقر فاقي کان ڇٽي پوندين.“
فصل چوٿون
مولانا ارشد واعظ جي گدائي بابت
305- مولانا ارشد واعظ مشهور گداگر هو، ملڪ حسين جي زماني ۾،
اهڙو وعظ ڪندو هو، جو ماڻهو روئي ڏيندا هئا، جڏهن
بس ڪندو هو، تڏهن گدائي ڪري گهرندو هو ۽ ماڻهو
ايترو ڏيندا هئس، جو هنن جا کيسا خالي ٿي پوندا
هئا، هڪڙي ڀيري، ملڪ حسين جي مرضي ٿي ته ڪو وڪيل،
شيراز ڏي شاهه شجاع ڏي موڪلي، مولانا تمام عمدي ۽
فصيح تقرير ڪرڻ وارو هو، ملڪ حسين چيس ته ” آءٌ
تنهنجي قابليت جي ڪري تو کي وڪيل ڪري شيراز ڏي
موڪليان ٿو، مگر ڌيان ڪج متان پنهنجي عادت موجب
اتي سوال ڪرين ۽ ڪا رقم وٺين، انهيءَ جي عيوض تو
کي اڳواٽ وڏي رقم ڏيئي ٿا ڇڏيون.“
مولانا، ملڪ حين کي پڪ ڏني ته ”آءٌ اتي وعظ ڪرڻ کانپوءِ ڪڏهن به
سوال نه ڪندس.“ بادشاهه هن کي ويهه هزار دينار نقد
اڳواٽ ڏياريو، پوءِ تياري ڪري شيراز ڏي ويو ۽ اتي
جنهن ڪم لاءِ وڪيل ٿي ويو هو، سو پورو ڪيائين، اتي
جي ماڻهن جي منت تي هن وعظ ڪيو، جنهن جو هنن تي
نهايت چڱو اثر ٿيو، جمعي جو ڏينهن هو، شيراز جا سڀ
معزز ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا، شاهه شجاع به پنهنجن
وزيرن اميرن سوڌو حاضر هو، هن جي وعظ جو اثر اهڙو
ٿيو، جو سڀ ماڻهو، زاروزار روئڻ لڳا، اهڙو حال ڏسي
هن جي دل ۾ طمع چرڻ لڳي، پاڻ کي روڪي نه سگهيو،
چوڻ لڳو ته ”اي صاحبو، اوهان کي خبر هجي ته آءٌ
اڳي وعظ ڪري جيڪي ملندو هو، تنهن کي گذاريندو هوس،
جڏهن هن ملڪ ڏي ٿي آيس، تڏهن مون کي قسم ڏيئي ڇڏيو
هئائون ته ڪنهن کان گهري نه وٺان سو آءٌ قسم سان
ٻڌل آهيان ته ڪي به نه گهران، پر اوهان به قسم
کنيو آهي، ڇا ته مون کي ڪي به ڪين ڏيندو؟“ چوڌاري
اچي کل پئي ۽ ايترا پئسا مليس جو ڏاڍا خوش ٿيو.
فصل پنجون
قاضي آوش گدا جي خوشطبعي
306- قاضي آوش، زبردست ۽ مشهور گدائن مان هو، ڏاڍو چڱو وعظ ڪندو
هو ۽ خوشطبع به هو، هڪڙي ڏينهن، سيستان شهر ۾ ڪنهن
مجلس ۾ اهڙي تقرير ڪيائين، جو ماڻهو حيران ٿي ويا،
عام و خاص ماڻهو مٿس راضي ٿيا، گهڻائي تحفا
ڏنائونس، پر نه ورتائين، انهيءَ ڪري پاڻ ماڻهن جو
مٿس اعتماد زياده ٿيو، هڪڙي ڀيري، وري وعظ جي مجلس
ٿي ۽ هن جي وعظ جي اثر ڪري، ماڻهو روئڻ لڳا، اوچتو
ماڻهن منجهان هڪڙو هيبت جهڙو ماڻهو اٿيو، ساڻس ٻيا
به ڪي نوڪر هئا، هيبت جهڙو ماڻهو اٿيو، ساڻس ٻيا
به نوڪر هئا، هڪدم مجلس ۾ اچي، قاضيءَ کي ڌڪ هڻي،
سندس ڪمر بند ڇوڙي کڻي ٻڌائونس ۽ منبر تان لاهي
گهلي اٿي هلڻ لڳا، هي حال ڏسي، ماڻهن کي ڏاڍي ڪاوڙ
لڳي ۽ ذري گهٽ دنگو فساد ٿي پوي ها، پرقاضي انهن
سڀني کي چيو ته ”صاحبو، اوهين پنهنجون پنهنجون
جايون وٺي ويهو.“ جڏههن هو ويهي ويا، تڏهن هنن ڏي
مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”اوهان کي خبر هجي ته آءٌ هن
شخص جو غلام آهيان، گهڻا ورهيه ٿيا، جو هن وٽان
ڀڄي ويو هوس، هن منهنجي پويان ملڪ پي ڳوليا آهن،
هاڻ اچي مون کي هت لڌو اٿس، هن کي حق آهي مون کي
ڪهڙو به ايذاءُ رسائي، آءٌ هن جي ڪري ڏاڍو شرمندو
آهيان. جو بيوفا ۽ نمڪحرام ٿيو آهيان، هاڻي اي
دولتمند صاحبو، اوهين همت ڪري مون کي هن جي غلامي
مان آزاد ڪرايو هت آءٌ پنهنجي عمر هن وعظ جي ڪم
مشغول رکان!“ سڀ ماڻهو خوشيءَ سان متفق ٿي هن کي
آزاد ڪرائڻ جي لاءِ تيار ٿيا، پهرين انهيءَ شخص کي
مفت ڪري ڪيائون ته قاضي کي معافي ڏي ۽ مارڪٽ نه
ڪري، پوءِ چيائونس ته ”جيڪي وٺين سو وٺ ۽ هن
پنهنجي لائق غلام کي آزاد ڪر!“ نيٺ هو راضيءَ ٿيو
۽ آزادگيءَ جي رقم بابت گفتگو هلي، آخر پنجاهه
هزار دينار قيمت فيصل ٿي، سڀني ماڻهن چندو ڪري ڪري
اها رقم گڏ ڪئي ۽ انهيءَ شخص کي ڏنائوم، جو پنهنجن
نوڪرن سوڌو نڪري ويو، قاضيءِ وعظ پورو ڪري پنهنجي
جاءِ تي ويو ۽ رات جو جهڙو قاضي تهڙو اهو شخض
نوڪرن سميت غائب ٿي ويا، آخر معلوم ٿيو هت اهو شخص
۽ ٻيا ماڻهو خود قاضيءَ جا نوڪر هئا ۽ قاضيءَ پئسن
گڏ ڪرڻ جو اهو هڪڙو اپاءُ پيدا ڪيو هو.
فصل ڇهون
انڌن، ڪاڻن ۽ ٽيڏن جي خوشطبعي
305- هڪڙي ٽيڏي جي ويجهو هڪڙو ڪڪڙ ٻڌل هو، انهيءَ کان پڇيائون
ته ”هي جو ماڻهو چوندا آهن ته ٽيڏو هڪڙي شيءِ کي
ٻه ڏسندو آهي، سو سچ آهي يا ڪوڙ؟“ هن ورندي ڏني ته
”اها ڳالهه بلڪل ڪوڙي آهي، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن اها
ڳالهه سچي هجي ها ته آءٌ ضرور هنن ٻن ڪڪڙن کي چار
ڏسان ها؟“
306- هڪڙو ٽيڏو ماڻهو، ڪنهن طبيب وٽ ٽيڏائيءَ جي علاج لاءِ ويو،
طبيب به ٽيڏو هو، هن کي چيائين ته ”آءٌ هڪڙي شيءَ
کي ٻه ٿو ڏسان، انهيءَ جو علاج ڪر، ڇاڪاڻ جو
انهيءَ ڪري آءٌ گهڻيون غلطيون ٿو ڪريان ۽ پشيمان
ٿو ٿيان،“ طبيب منهن مٿي ڪري هن کي ڏسي چوڻ لڳو ته
”اوهان چئني ڄڻن کي هڪڙو مرض آهي.“ هن چيو ته
”افسوس مون کي ڪنهن ٻئي طبيب وٽ وڃڻ گهرجي، آءٌ
وري به هڪڙي کي ٻه ٿو ڏسان ۽ هيءَ ته هڪڙي کي چار
ٿو ڏسي!“
307-هڪڙو ٽيڏو ۽ ڪاڻو گڏجي بازار ۾ ڪنهن شيءَ خريد ڪرڻ لاءِ
ويا، ٽيڏي ڪاڻي کي چيو ته ”مون کي ٻه اکيون آهن،
اهو شين خريد ڪرڻ جو ڪم مون کي ڏي ته ڪريان؟“
ڪاڻي، هن کي چيو ته ”اي ٽيڏا، ايتري خبر اٿئي ته
هڪڙو سچو سڪو ٻن ڪوڙن سڪن کان بهتر آهي؟“
308- سيار، عبر جي مشهور انڌن مان آهي، هڪڙي ڏينهن، هو واٽ وٺيو
ٿي ويو، هڪڙي ماڻهو ٺٺولي ڪري هن کي چيو ته ”اي
سيار، خدا کي سوال ڪر ته اکين جي بدران تو کي ڪا
ٻي شيءَ ڏي،“ هن چيو ته”مون اڳيئي اها گهري آهي ۽
خدا ڏني آهي.“ هن چيو ته اها ڪهڙي شيءِ آهي؟“ سيار
چيو ته ”انڌائي، انهيءَ لاءِ ته آءٌ تو جهڙي
ماڻهوءَ جو منهن نه ڏسان!“
ڪنهن ٻئي سيار کي چيو ته ”خدا تعاليٰ جنهن کان ڪا هڪڙي شيءِ
وٺندو آهي ته انهيءَ جي عيوض ۾ هن کي ٻي ڏيندو
آهي، تنهنجون اکيون ورتائين، انهيءَ جي عيوض ۾ تو
کي ڇا ڏنائين؟“ هن چيو ته ”اها نيڪبختي جو تنهنجي
نحس منهن ڏسڻ کان ڇٽو پيو آهيان.“
309- هارون الرشيد ڪوفي ۾ آيو، اتي جي عالمن ۽ صالحن بابت
پڇيائين، چيائونس ته ”ابن سداد، وقت جي عالمن ۽
صالحن مان سڀني کان واڌو آهي، پر اهو انڌو آهي،
سارو وقت مسجد ۾ ٿو رهي۽ مراقبو ڪڍيو ويٺو آهي،“
هارون چيو ته ”مون کي انهيءَ وٽ وٺي هلو.“ هارون
کي سداد وٽ وٺي آيا،
هارون اڪيلو مسجد ۾ ويو، ڏسي ته هو نماز پيو پڙهي،
سندس پاسي ۾ ويهي رهيو، جڏهن هن نماز پڙهي بس ڪئي،
تڏهن هن کي گڏيو، ابن سداد چيس ته ”آءٌ تو کي
سڃاڻان ٿو، تنهنجو هٿ جبارن ۽ ظالمن جهڙو ٿو ڏسجي،
اي نزڪ هٿ جا صاحب، هن هٿ تي رحم ڪر۽ ان کي دوز جي
باهه ۾ نه ساڙج!“ هارون هن کي نصيحت ڪرڻ لاءِ چيو،
ابن سداد هن کي تمام چڱي نصيحت ڪئي، هارون ڏاڍو
رنو، جڏهن هارون ويو، تڏهن ابن سداد کي ٻڌايائون
ته ”اهو خليفو هارون الرشيد هو، جو تو وٽ آيو هو ۽
تو کي نصيحت ڪرن لاءِ چيو هئائي،“ هن چيو ته ”قسم
خدا جو، جي مون کي اها خبر هجي ها ته آءٌ هن سان
نه گڏجان ها ۽ نه هن جي سوال جو جواب ڏيان ها!“
فصل ستون
ٻوڙن جي خوشطبعي
310- هڪڙي ٻوڙي ڪڻڪ جو هڪ خرار جانڊاهه ڏي پيهائڻ لاءِ ٿي نيو،
رستي ۾ پاڻي آيو، ڀانئيائين ته ان اتان لنگهائي،
اوچتو پري کان هڪڙو گهوڙي وارو ايندو ڏٺائين، دل ۾
چيائين ته ”جڏهن اهو سوار هتي ايندو، تڏهن ضرور
پهرين سلام ڪندو ۽ پوءِ پڇندو ته هتي پاڻي ڪيڏو
آهي ۽ هيءَ ڪڻڪ ڪيتري آهي.“ سگهو ئي اهو سوار اچي
پهتو، اچڻ سان ٻوڙي کان پڇيائين ته ”هي پاڻي ڪيڏو
آهي؟“ ٻوڙي چيو ته ”وعليڪم السلام و رحمة الله و
برڪاته.“ سوار کليو ۽ چوڻ لڳو ته ”شل سسي وڍ
جنئي!“ هن چيو ته ”آڙهه جيڏو.“ سوار چيو ته ”ڌوڙ
پوئي منهن ۾!“ ٻوڙي چيو ته هڪ خرار.“
311- هڪڙو ٻوڙو، ڪنهن بيمار کي پڇڻ ٿي ويو، رستي ۾ چيائين ته
”جڏهن ه جي سيراندي ويهندس، تڏهن پڇندو سانس ته
حال ڪهڙو اٿئي، هو چوندو ته شڪر خدا جو، وري پچندو
سانس ته کاڌو ڪهڙو کائيندو آهين. هو چوندو ته رٻ
يا کير يا شوروو. آءٌ چوندوسانس ته اهو چڱو آهي،
انهيءَ مان فائدو ٿيندءِ. وري پڇندوسانس ته تنهنجو
طبيب ڪير آهي، هو چوندو ته فلاڻو، آءٌ چوندس ته
انهيءَ جي هٿان ڇٽي پوندين.“
پوءِ بيمار وٽ آيو ۽ سيرانديءَ کان وڃي ويٺو، اتفاق سان بيمار
ڏاڍو خفي ويٺو هو، ٻوڙو پڇڻ لڳس ته ”ڪيئن آهين؟“
هن چيو ته ”ادا، مران ٿو، ٻيو ڪيئن آهيان!“ ٻوڙي
چيو ته ”شڪر خدا جو!“ وري پڇيائينس ته ”دوا ڪير ٿو
ڪرئي؟“ هن چيو ته ”ملڪ الموت!“ ٻوڙي چيو ته انهيءَ
جو قدم سڀاڳو ٿيندو!“
312- هڪڙي ٻوڙي جي زال ڌيءَ به ٻوڙي هئي ۽ نوڪرياڻي به ٻوڙي
هيس، هڪڙي ڏينهن، اهو ماڻهو گهر آيو ۽ زال کي
چيائين ته ”آءٌ ڏاڍو بکايل آهيان، ماني حاضر هجئي
ته کڻي آءٌ.“ زال چيو ته ”وري تون مهربان ٿيڻ لڳو
آهين. آءٌ تنهنجي سٽ جي ڪپڙي تي راضي رهڻ واري
هيس، سو اڄ ته پٽ جو ڪپڙو آندو اٿئ ۽ درزي کي سبڻ
لاءِ ڏنو اٿئي، سو ڇو نه خوش ٿيندين؟ شل خدا تو
مان راضي هجي ۽ تو کي خوش رکي،“ اٿي ڌيءَ وٽ ويئي
۽ چيائينس ته ”ڪا خبر اٿئي ته تنهنجو پيءُ مون تي
راضي ٿيو آهي ۽ پٽ جو ڪپڙو وٺي آيو آهي ۽ درزيءَ
کي به ڏنو اٿس!“ ڌيءَ چيو ته ”خدا تنهنجي عمر وڏي
ڪري! مون کي ڪنهن شيديءَ غلام سان ئي کڻي
پرڻائيندو، ته به مون کي قبول آهي، اوهان جي
اختيار آهي.“ پوءِ ڏاڍي خوشيءَ مان ٻانهيءَ وٽ
ويئي ۽ چيائينس ته ”خبر ڪا نه اٿئي ته منهنجو بخت
جوان ٿيو آهي، هڪڙو دولتمند منهنجي سڱ ڇڪائن لاءِ
آيو آهي، اڄ رات منهنجي شادي ٿيندي ۽ منهنجي ٻانهن
هن کي ملندي.“ ٻانهي چيو ته ”جيئن تو مون کي
آزاديءَ جي خوشخبري ٻڌائي آهي، تيئن خدا تو کي به
بهشت جي خوشخبري ڏيندو ۽ جيئن تنهنجي پيءُ ماءُ
مون کي آزاد ڪيو آهي. تيئن شل خدا تعاليٰ انهن کي
دوزخ جي باهه کان آزاد ڪندو!“
باب تيرهون
ڇوڪرن، غلامن ۽ ٻانهن جي خوشطبعي
فصل پهريون
ڇوڪرن جي خوشطبعي
313- هڪڙي ڏينهن، خليفي مامون، ننڍپڻ ۾ هارون جي اڳيان چرچا
گهٻا ويٺي، ڪا ته هارون اچي ڪاوڙيو ۽ هن کي زانيه
جو پٽ ڪري سڏيائين، مامون هڪدم جواب ۾ قرآن جي
هيءَ آيت پڙهي ته ”الزانيته لاينڪحها الازاني
اومشرڪ“ يعني زناڪار زال سان فقط زنا ڪندڙ شخص يا
مشرڪ نڪاح ڪري ٿو سگهي! هارون پٽ جو جواب ٻڌي ڏاڍو
شرمندو ٿيو ۽ هن کي آفرين ڏنائين.
314- حسين بن فضل، وڏو عالم ۽ فاضل شخص هو، انهيءَ کي ٻاراڻي،
وهيءَ ۾ خليفي متوڪل جي مجلس هو، انهيءَ کي ٻاراڻي
وهيءَ ۾ خليفي متوڪل جي مجلس ۾ وٺي آيا، وڏا وڏا
علما ۽ بزرگ اتي حاضر هئا، حسين ۾ وٺي آيا، وڏا
وڏا علما ۽ بزرگ اتي حاضر هئا، حسين ڳالهائڻ ٿي
گهريو، پر هن کي ڳالهائڻ کان روڪيائون، جو چيائونس
ته ”هتي وڏا وڏا عالم ويٺا آهن، ننڍي ڇوڪري کي
مناسب ناهي ته ڪي ڳالهائي!“ هن چيو ته ”آءٌ ڪيترو
به ننڍو ۽ ڪهڙو به حقير هوندس ته به هد هد پکي کان
گهٽ ڪين هوندس ۽ خليفو ڪهڙو به وڏو ماڻهو هجي ته
به حضرت سليمان نبيءَ کان وڏو ڪين هوندو؟ جيئن
قرآن ۾ آهي ته “هد هد، سليمان جي خدمت ۾ عرض ڪيو
ته”احطت بمالم يحط“ مون اها شيءَ وڃي ڏٺي آهي، جا
تو نه ڏٺي آهي، جي ڏاهپ وڏي عمر تي هجي ها ته حضرت
سليمان حاڪم نه ڪري ها جو خدا تعاليٰ سندس حق ۾
فرمايو ته ”انقضاها سليمان“ يعني سليمان کي حڪمت
جي تعليم ڏنيم، متوڪل کي هن جي ڳالهه جو عجيب لڳو،
هن کي انعام ڏنائين ۽ هن جي تعليم جو خاص بندوبست
ڪيائين.
315- فتح بن خاقان جو وڏن علمائن مان آهي، تنهن کي ننڍپڻ ۾
خليفي معتصم بسم الله جي مجلس ۾ وٺي آيا ۽ خليفي
امتحان جي رستي هن کان پڇيو ته ”اي فتح، هي ياقوت
جي منڊي، جا منهنجي هٿ ۾ پئي آهي، تنهن کان چڱي ٻي
ڪا ڏٺي اٿئي؟“ هن چيو ته ”هائو“. خليفي پڇيس ته
”اها ڪهڙي آهي؟“ ڇوڪر چيو ته ”جنهن شخص وٽ اها
منڊي آهي، سو انهيءَ منڊيءَ کان بهتر ناهي؟“ معتصم
باالله کي انهيءَ جواب کان عجب لڳو، انهيءَ کي
انعام ڏنائين ۽ هن جي تعليم جو خاص بندوبست
ڪيائين.
316- هارون جي پٽ، امين جي ماءُ هارون کي ڏوراپو ڏئي چيو ته
”تون مامون کي امين کان زيادهه پيارو ٿو ڄاڻين؟“
هارون چيو ته ”تون هنن ٻنهيءَ جو آزمودو وٺي ڏس ته
تو کي معلوم ٿئي ٿو ته منجهائن ڪهڙو زيادهه سياڻو
آهي، پوءِ جيڪو زياده سياڻو هوندو، تنهن کي ضرور
آءٌ زياده پيار ڪندس!“
هڪڙو نوڪر امين وٽ آيو ۽ خليفي جي پاران هن کان پڇيائين ته
”جڏهن تون خليفون ٿيندين، تڏهن مون سان ڪهڙي ڀلائي
ڪندين؟“ هن چيو ته ”آءٌ تو کي پنهنجو مقرب ڪندس ۽
فلاڻي شهر جو حاڪم ڪندس.“ نوڪر اهو جاوب آڻي خليفي
کي ٻڌايو. وري انهيءَ کي مامون ڏي، موڪليائين ۽
انهيءَ کان به اهو ساڳيو سوال پڇيو ويو، مامون هن
جي انهيءَ سوال تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ مس جي سوني ڪپڙي
جا اڳيان رکي هيس، سا هن کي اڇلائي هنيائين، جنهن
ڪري هن جو مٿو ڦاٽي پيو، چيائينس ته ”احمق، تون
مون کي منهنجي پيءَ جي مرڻ جي ڳالهه ٿو ٻڌائين ۽
آءٌ هميشه اها اميد ٿو رکان ته آءٌ ۽ ٻيو سندس
اولاد سڀ هن تان قربان ٿي وڃون!“ نوڪر مٿي ڦاٽل
اچي هارون کي احوال ڏنو، هارون ماين جي ماءُ کي
چيو ته ”ڏس، آءٌ هنن سان سندن سمجهه ۽ عقل آهر
سلوڪ ٿو ڪريان؟“
فصل ٻيو
ڇوڪرن جي گفتگو، وڏن جي اڳيان
317- ڪي پير مرد، هڪڙي هنڌ ويٺا هئا ۽ ڪن ڇوڪرن سندن اڳيان راند
پئي ڪئي. هڪڙي ٻڍي، هڪل ڪري انهن کي چيو ته ”اڙي
هيتري حرڪت ۽ بي ادبي ڇو ٿا ڪريو، ڪو شرم نٿا
ڌاريو؟“ هڪڙي ڇوڪر انهيءَ ٻڍي کي چيو ته ”جيڪڏهن
اوهين جوانيءَ ۾ خدا کان شرم ڌاريو ها ته اوهان جي
هيبت کان جيڪر اسين به اوهان جي اڳيان بي ادبي نه
ڪريون ها؟“
318- ايلياس ابن معاويه مرافي، ننڍي عمر جو هو، ته هڪڙي ٻڍي سان
گڏجي ڪنهن قاضيءِ جي عدالت ۾ ويو، جو انهيءَ ٻڍي
جو معاملو اتي فيصل ٿيڻو هو، پهرين ايلياس ڳالهائڻ
۾ تون اڳرائي نه ڪر!“ ڇوڪر چيو ته ”جنهن کي فرياد
يا دعوا پيش ڪرڻي آهي، انهي کي پهرين ڳالهائڻ جو
حق آهي،“ قاضيءَ چيو ته ”ماٺ ڪر!“ هن چيو ته ”جي
آءٌ ماٺ ڪندس ته پنهنجو مطلب ڪيئن تنهنجي اڳيان
پيش ڪري سگهندس؟“ قاضيءَ چيو ته ”آءٌ ڀانئيان ٿو
ته هن مجلس ۾ تون ئي هڪڙو شخص آهين، جو سچ ٿو
چوين!“ ڇوڪر چيو ته ”لاالہ الا الله“ قاضي شرمندو
ٿيو ۽ هن جي دناهن ڏي ڪن ڏنائين ۽ غور سان فيصلو
ڪيائين.
319- بني هاشم جي هڪڙي ڇوڪر، ڪنهن سکرماڻهوءَ جي بي آبروئي ڪئي،
هن انهيءَ جي شڪايت سندس چاچي وٽ ني، انهيءَ لاءِ
ته هن کي فهمائش ڪري، ڪهن چاچي کي چيو ته ”اي
چاچا، مون کان جيڪا ٿي، سا ٿي، جو مون کي عقل ڪو
نه هو، هاڻ تون اها ڪر. جا تون ڪري سگهين، ڇو ته
تو کي عقل آهي!“ چاچس کلي ڏنو ۽ معافي ڏنائينس.
320- هڪڙي ڇوڪر مڪتب ۾ قرآن پڙهندي پنهنجي استاد ڏي منهن ڪري
”عليڪ العنته، عليڪ العنته“ وري وري پي پڙهيو،
استاد ڪاوڙجي چوڻ لڳو ته ”و عليٰ والديڪ“ يعني
لعنت تنهنجي پيءُ ماءُ تي، ڇوڪر چيو ته ”قرآن ۾ و
عليڪ“ آهي، وعليٰ و الديڪ ته لکيل ناهي، فرمايو ته
اهو لکي ڇڏيان؟“
فصل ٽيون
ڇوڪرن جي گفتگو، ماءُ سان
321- هڪڙي ڏينهن، اعمش، گهر کان ٻاهر آيو ۽ کلڻ لڳو، شاگردن
پڇيس ته ”اي استاد ڪهڙي سبب اڄ کلندا اچو؟“ هن چيو
ته ”آءٌ گهر کان ٿي نڪتس ته منهنجي چئن ورهين جي
ڇوڪري رستي تي مون کان هڪڙو درهم گهريو، مون چيس
ته ”مون وٽ ڪونهي.“ هن پنهنجي ماءُ ڏي منهن ڪري
چيو ته ”تو کي جهان ۾ ٻيو ڪو ماڻهو هٿ نٿي آيو، جو
هن سڃي فقير سان وڃي شادي ڪيئي!“
322- ابوالعينا، اڃا ننڍو هو ته هڪڙي ڀيري، پڻس چيس ته خدا
تعاليٰ ٿو، فرمائي. ”انها اموالڪم والادڪم عدلولڪم
فاحذ روهم“ يعني تحقيق اوهان جا مال ۽ اولاد اوهان
جا دشمن آهن، انهن کان پاسو ڪريو!ابوالعينا چيو ته
”بابا، خدا تعاليٰ ته هيئن ٿو فرمائي ته ”لاتقتلوا
اولادڪم“ يعني پنهنجن ٻارن کي نه ڪهو!
فصل چوٿون
غلامن جي خوشطبعي، بادشاهن جي اڳيان
هڪڙي غلام، شوري جو ٿانءُ، خسرو پرويز بادشاهه جي اڳيان آندو،
بادشاهه جي هيبت کان هٿ ڏڪي ويس ۽ ٿورو شوروو دستر
خاني تي هارجي پيو ۽ بادشاهه جي دامن ڀرجي پئي،
بادشاهه حڪم ڪيو ته ”هن کي قتل ڪري ڇڏيو!“ هن اهو
حڪم ٻڌي، ساري رڪابي بادشاهه جي دامن تي هاري وڌي!
پڇيائونس ته ”هي ڪهڙي حرڪت ٿو ڪرين؟“ هن چيو ته
”بادشاهه جي دامن تي ڪو ذرو اتفاق سان ڪريو آهي،
ته انهيءَ لاءِ قتل ٿيڻ جو حقدار ٿي نٿي سگهيس، جي
مون کي مارين ها ته بادشاهه ظالم سڏجي ها، هاڻي
وڏي بي ادبي ڪئي اٿم ۽ منهنجو ڏوهه وڏو ٿيو آهي.
تنهن ڪري جي آءٌ قتل ٿيس ته حرڪت ڪانهي!“ بادشاهه
کي هن جي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هن کي معافي ڏنائين
323- هڪڙو بادشاهه ويٺو هو ۽ سندس غلام ۽ پٽ اڳيان بيٺا هئس،
بادشاهه، پٽ کان پڇيو ته ”دنيا ۾ تون ڪهڙي خواهش
ٿو رکين سچ چئو؟“ هن چيو ته ”اها ته منهنجي عزت
آبرو وڌي، آءٌ شراب پيئان، شڪر ڪريان ۽ خوبصورت
زالو رکان!“ بادشاهه غلان کان وتان ۽ انهن کي
انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪريان!“ بادشاهه، غلام کي
انعام ڏيئي آزاد ڪيو ۽ پٽ کي بي مانو ڪيائين.
فصل پنجون
غلامن جي خوشطبعي، ٻين ماڻهن سان
324-هڪڙي بخيل وٽ هڪڙو ڏاهو غلام هو، هڪڙي ڏينهن، غلام کي
چيائين ته ”ماني کڻي آءٌ ۽ گهر جو در بند ڪري ڇڏ!“
غلام يچس ته ائين برابر نه چيو اٿو، چوڻ ائين گهر
جيو ته گهر جو در بند ڪر ۽ ماني نه کڻي آءٌ،“ رئيس
چيو ته ”آءٌ قبول ٿو ڪريان ته تون مون کان ڏاهو
آهين!“
325- هڪڙي دولتمند ماڻهوءَ پنهنجو مال پنهنجن پٽن کي ورهائي
ڏنو،هڪڙو ننڍو غلام هو، تنهن چيس ته”پهرين مون کي
ڪي ڏي ۽ پوءِ مال پٽن کي ورهائي ڏيئي.“ هن پڇيو ته
”ڪهڙي سبب ؟“هن چيو ته ”خدا تعاليٰ قرآن ۾ ٿو
فرمائي ته ”المال والبنون زينت الحيواة الدنيا“
يعني پهرين مال ۽ پوءِ اولاد آءٌ تنهنجو مال
آهيان، تنهن ڪري اوالد کان اڳي تو کي منهنجي ڳڻتي
ڪرڻ گهرجي.“ هن شخي کلي ڏنو ۽ انهيءَ کي به حصو
ڏنائين.
326-اسحاق موصلي نانوائي وٽ، هڪڙو پخالي غلام هو، جو پاڻي ڀري
ڀري ٿڪجي پيو هو، هڪڙي ڏينهن، اسحاق هن کان پڇيو
ته ”اي غلام، پنهنجو حال ۽ منهنجو حال ڪيئن ٿو
ڄاڻين؟“ هن چيو ته ”آءٌ ائين ٿو ڄاڻان ته هن قبيلي
۾ مون ۽ تو جهڙو بدبخت ٻيو ڪو نبه هوندو!“ هن چيو
ته ”ڪهڙي سبب؟“ چيائين ته ”هن ڪري جو تون ساريءَ
رات هنن جي مانيءَ جي ڳڻتي ۾ ٿو رهين ۽ هو مون کان
تو کان فارغ آهن، ۽ هو تو کي ۽ مون کي پنهنجو
پورهيت يا ڪم ڪندڙ ٿا سمجهن، انهيءَ هوندي به هنن
مان ڪو به اسان ٻنهي منا راضي ڪو نه آهي!“ اسحاق
کلي چيو ته ”خدا جو قسم سچ ٿو چوين!“ پوءِ هن کي
آزاد ڪيائين.
327- هڪڙي شخص پنهنجي غلام کي بازار ڏي موڪليو ته انگور،
ڏاڙهون، کجور ۽ انجير وٺي اچي، غلام ويو ۽ ڏاڍو
وقت لڳايائين، جنهن ڪري، مالڪ کي ڏاڍو انتظار ٿيو،
جڏهن هو آيو، تڏهن فقط انگور وٺي آيو، غلام کي
ڪاوڙجي چيائين ته ”تو کي جڏهن آءٌ ڪنهن پاسي
موڪليان ته گهڻا ڪم ڪري جلد موٽين، تو کي هينئر
هيترن ڪمن لاءِ موڪليم ته فقط هڪڙو ڪم ڪري جوٽي
آئين؟“
ڪن ڏينهن کان پوءِ اهو شخص بيمار ٿي پيو، غلام کي چيائين ته ”وڃ
طبيب کي آڻ؟“ غلام ويو ۽ جلد ئي وري آيو ۽ ڪيترا
ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو، رئيس پڇيس ته ”هي ڪير آندا
اٿئي؟“ غلام چيو ته ”انهي ڏينهن تو مون تي ڪاوڙ
ڪئي هئي ۽ چيو هو ئي ته تو کي هڪڙو ڪم چوان ته
گهڻا ڪم ڪري وري موٽي اچج؟ هاڻي آءٌ طبيب لاءِ
ويس، سو طبيب به آندم ته تنهنجو علاج ڪري، هڪڙو
ڳائڻو وٺي آيس ته جي چڱو ڀلو ٿين ته تو کي ڳائي
خوش ڪري، غسل ڏيڻ وارو آندم ته جي مرين ته تو کي
وهنجاري اوسارڻ وارا آندا اٿم ته تنهنجي لاءِ
اوسارين، ملو وٺي آيس ته جنازي نماز پڙهائي، قبر
کوٽڻ وارو آندم ته تنهنجي قبر کوٽي ۽ حافظ آندم ته
تنهنجي قبر تي قرآن پڙهي.“
فصل ڇهون
ٻالهين جي خوشطعي، بادشاهن سان
328- هارون جي پٽ امين هڪڙو ماڻهو، ٻانهن جي بازار ڏي موڪليو ته
سندس لاءِ ڪا خوبصورت ٻانهي خريد ڪري اچي، هن
بازار ۾ وڃي هڪڙي ٻانهي خريد ڪري آندي، وري ٻي
هڪڙي ٻانهي، اڳئينءَ کان بهتر وٺي آيو، وري ٽين
انهيءَ کان به بهتر وٺي آيو، ٽيئي امين وٽ
آندائين، امين انهن ڏي منهن ڪري انهن کان پڇيو ته
”اوهان مان ڪهڙي چڱي آهي؟“ پهرين قرآن جي هيءَ آيت
پڙهي چيو ته ”السابقون السابقون اولائڪالمقريون“
يعني اڳين کان جيڪي اڳي آهن، اهي مقرب آهن.“ ٻيءَ
ٻانهيءَ چيو ته ”حافظو اعليٰ الصواته والصلواته
الوسطيٰ“ يعني نماز جي سنڀال ڪريو خصوصاً وچين جي
نماز جي، پوئينءَ ٻانهيءَ چيو ته ”ولاآخره خير لڪ
من الاوليٰ“ يعني پوئين پهرينءَ کان بهتر آهي.
فصل ستون
ٻالهين جي خوشخلقي، مڙسن سان
532- ٻه خوبصورت ٻانهيون، هڪڙي سکر ماڻهوءَ وٽ وڪامڻ لاءِ آيون،
هڪڙي ڪنواري هئي ۽ ٻي پرڻيل پرڻيل ڪنواريءَ کان
خوبصورت هئي، انهيءَ شخص، هن ڪنواريءَ جي خريد ڪرڻ
جي خواهش ڏيکاري، هن ٻيءَ زال چيو ته ”منهنجي ۽ هن
جي وچ ۾ فقط هڪ رات جو تقاوت آهي، پوءِ هوءِ به
مون جهڙي ٿي پوندي، مگر پنهنجي خوبصورتي هن کان
زيادهه قائم رهندي.“ هن شخص چيو ته سچ آهي، مگر
”ليلته القدر خير من الف شهر“ يعني قدر، جي رات
هزار مهينن کان بهتر آهي! ان شخص کي اهي ٻئي زالون
پسند آيون ۽ ٻنهي کي خريد ڪيائين.
باب چوڏهون
بيعقلن، ڪوڙن ۽ چرين جون ڳالهيون
فصل پهريون
بادشاهن ۽ شاهزادن جي بيعقلي، بادشاهن ۾
533- بڪار بن عبدالملڪ الحمقن مان هو، هڪڙي وزير چيو ته باڪر بن
عبدالملڪ سان گڏ، هڪڙي بيابان ۾ پي گهميس ته اوچتو
هڪڙو فقير اسان کي گڏيو، ان وٽ ڏاڙهون هئا، هن زور
زبردستي سان هن کان ڏهه ڏاڙهون ورتا، آءٌ وات سان
هن کي منع ڪري نه سگهيس، ليڪن هن جو اهو ڪم مون کي
پسند نه آيو، اڳڀرو هلياسين ته هن اهي ڏاڙهون هڪڙي
ٻئي فقيرکي خيرات ڪري ڏيئي ڇڏيا! آءٌ حيران ٿي
ويس، هن کان پڇيم ته ”اي شاهزاد، هوڏي هو ظلم،
هيڏي هيءَ خيرات، انهيءَ جي معنيٰ ڇا؟“ هن چيو ته
ظلم ڪري ڏاڙهون وٺڻ سان مون هڪڙو گناهه ڪيو ۽
خيرات ڏيڻ سان مون کي ڏهه چڱايون حاصل ٿيون. هڪڙي
چڱائي جو ثواب، هن هڪڙي گناهه جي رد ڪرڻ لاءِ ڪافي
ٿيو، باقي تو چڱايون منهنجي لاءِ بچون،“ مون چيس
ته ”اها خبر نه اٿئي ته حرام شيءِ جي خيرات قبول
ناهي؟“
فصل ٻيو
بيعقلن جي خوشطبعي
534- قزوين جي شهر ۾ هڪڙي عالم وفات ڪئي، هو هڪڙو بيعقل پٽ ڇڏي
ويو، پڻس جي نظر تي هن کي قاضي مقرر ڪيائون، هو
اڪثر اهڙا ڪم ڪندوهو يا اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو،
جنهن ڪري قاضيءَ جا مائٽ شرمندا ٿيندا هئا، آّخر
صلاح ڪري چيائون ته ڪو طالبعلم آڻجي جو نچو چڱي
ڄاڻندو هجي ته هيءَ ان جي اڳيان جو جا مثال سکي،
هڪڙي کي وٺي آيا، اهو هن کي هي
مثال سيکارڻ لڳو ته ”ضرب زيد، عمر“ يعني زيد، عمر
کي ماريو، ضرب فعل آهي، ۽ زيد، فاعل آهي، ۽ عمر،
مفعول آهي، قاضيءَ جي پٽ پڇيو ته ”زيد، ڇا لاءِ
عمر کي ماريو، هن ڪو ڏوهه ڪيو هو ڇا؟“ شاگرد چيو
ته ”نه اهو رڳو نحو جو هڪڙو مثال آهي،“ قاضيءَ جي
پٽ چيو ته ”ماڻهو موڪليو ته وڃي زيد کي وٺي اچن،
جو هڪڙي طالبعلم چڱي ماڻهوءَ شاهدي ڏني آهي ته
زيد، عمر کي ماريو.“ طالبعلم چيو ته ”انهي زيد کي
خدا پيدا ئي ڪو نه ڪيو، تو هن کان رشوت ورتي آهي،
جو ڀانئين ته هن کي سزا کان بچائين؟ آءٌ پنهنجي
عهدي جي وقت ۾ اهڙا ڪم روا نه رکندس.“ پوءِ پنهنجن
نوڪرن کي حڪم ڏنائين، ته ”هن کي وڃي قيد ۾ وجهو!“
قاضيءَ جي مائٽن ڏاڍا مٿا هڻي، مس مس انهيءَ کي
قيد مان ڪڍرائي مدرسي ۾ موڪليائون.
535- هڪڙي معلم، ڪنهن ٻئي سان ڀائيوارٿي ڪو غلام خريد ڪيو ۽ اڌ
ملهه ڏيئي ڇڏيائين، هڪڙي ڏينهن، غلام کان ڪو ڏوهه
ٿي پيو، معلم لڪڻ کڻي غلام کي سيکت ڏيڻ لاءِ آيو،
ڀائيوار پڇيس ته ”ڇا ٿو ڪرين؟، هن چيس ته ”پنهنجي
پتيءَ جي مار ٿو ڏيانس!“
536- هڪڙو يهودو، ڪنهن معلم وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”آءٌ مسلمان ٿو
ٿيا؟“ معلم چيس ته ”ڪنهن ٻئي وٽ وڃ! تون مون وٽ
انهيءَ لاءِ آيوآهين ته منهنجي ۽ حضرت موسيٰ جي وچ
۾ دشمني وجهين ته قيامت جي ڏينهن، هو مون کي وٺائي
۽ چوي ته دنيا ۾ تو منهنجي امت کي ڦيرائي ڇڏيو
هو.؟“
537-
هڪڙي ٻانگي، ڪنهن بيعقل کي ڏٺو ته هڪڙي بيابان ۾
نماز جي ٻانگ پي ڏنائين ۽ پي ڊوڙيو ۽ ڪن ڏنائين،
پڇيائينس ته ”ڇا ٿو ڪرين؟“ هن چيو ته ”ماڻهو مون
کي چوندا آهن ته تنهنجو آواز پري کان چڱو ٿو لڳي،
جو آءٌ ٻانگ ڏئي، پري وڃي ٻڌڻ ٿو گهران ته منهنجو
آواز پري کان ڪهڙو ٿو ٻڌجي ۽ ماڻهو سچ ٿا چون يا
ڪيئن.“
فصل ٽيون
ڪوڙن جي خوشطبعي
538- هڪڙي ڪوڙي کان پڇيائون ته ”ڪڏهن ڪو سچ به ڳالهايو اٿئي؟“
هن چيو ته ”جي هائو چوان ته ڪوڙ ڳالهائي ويهان!“
539- اصمعي ڳالهه ٿو ڪري ته اسان جي قوم جو هڪڙو عرب، مشهور
ڪوڙو هو، انهيءَ کان پڇيم ته ”اي عرب سردار، ڪڏهن
ڪو سچ ڳالهايو اٿئي؟“ هن چيو ته ”جي ائين نه هجي
ها ته توهين چوندا ته:
تون سچ ٿو چوين، پوءِ جيڪر آءٌ نه چوان؟“
540- ابن البشير، مشهور شاعرن مان آهي ۽ مشهور ڪوڙو هو، هڪڙي
ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ هن جي اڳيان ٻٽاڪ هنئي ۽
پنهنجن پين ڏاڏن کي پي ڇڏيائين، ابن البشير هن کي
چيو ته ”منهنجي اڳيان نون پنهنجي وڏن کي ٿو
ڇڏيائين؟ منهنجو ڏاڏو اهڙو هو، جو هڪڙي ڀيري، شڪار
تي ٿي ويو ته چار هزار خوبصورت ٻانها ۽ ٻانهيون
ساڻس گڏ روانيون ٿيون ۽ انهن جي گهوڙن تي سونا سنج
پيل هئا ۽ هر هڪ جي هٿ تي اڇو باز هو، جنهن جو پوش
مور جهڙو هو، ۽ هر هڪ باز جي ڳچيءَ ۾ هڪڙي قيمتي
لعل هئي، جا وزن ۾ ٽي مثقال هئي ۽ اهڙي ميدان ۾
شڪارٿي ڪيائون، جتي ٽيهن چاليهن ڪوهن تائين زعفران
پوکيل هئي، انهي ڏينهن هر هڪ باز ٻارهن - ٻارهن
هزار پاڻيءَ جا پکي شڪار ڪيا، پڇيائيونس ته ”اي
ابن البشير، ايڏي تجمل مان ڪي باقي به بچيو آهي يا
نه؟ هن چيو ته ”خدا تعاليٰ اهي سڀيئي مون کان
موٽائي ورتا، انهيءَ آزمائش وٺڻ لاءِ ته آءٌ شڪر
ڪريان ٿو يا نه!“
541- مولانا خسروي شاعر چوندو هو ته:
منهنجي پيءَ منهنجي ختني وقت هڪڙي مجلس ڪئي، جنهن
۾ سئو مڻ زعفران جا ڀڄائي ڪم ۾ آندا ويا ۽ طعام
رڌا ويا، انهيءَ مان چاليهه مڻ چاشنيدار پلاءَ ۾ ۽
ٽيهه مڻ ٻوڙ ۾ ۽ ويهه مڻ حلوي ۾ ۽ باقي ٻين طعامن
۾!
542- هڪڙي شخص، بغداد ۾ نبوت جي دعوا ڪئي، انهيءَ کي خليفي وٽ
وٺي ويا، هن کي انهيءَ مهل هڪڙي لٺ هٿ ۾ هئي،
خليفي پڇيس ته ”ڪير آهين ۽ ڇا ٿو ڪرين؟“ هن چيو ته
”آءٌ موسيٰ ابن عمران آهيان ۽ هيءَ منهنجي لٺ
آهي.“ خليفي چيو ته ”موسيٰ پنهنجي لٺ کي ڦيرائي
اڙدها ڪيو هو، جي تون سچو نبي آهين ته لٺ کي
ڦيرائي اڙدها ڪري ڏيکار!“ هن چيو ته ”برابر انهيءَ
وقت فرعون بادشاهه هو ۽ خدائيءَ جي دعويٰ ٿي
ڪيائين، جي تون هينئر اهڙي ساڳي دعويٰ ڪرين ته
پوءِ آءٌ بيشڪ پنهنجي لٺ کي ڦيرائي ازدها ڪندس!“ |