سال 1929ع
(1)
حيدرآباد
2 – جنوري 1929ع
”انجمن نصرت الاسلام“ نالي سان حيدرآباد ۾ هڪ جماعت
قائم ڪئي ويئي آهي. 12 – جنوري 1929ع تي،
هومسٽيڊهال ۾، آرين سان مناظري ڪرڻ لاءِ، هندستان
کان وڏا عالم – مولوي ثناءُالله امرتسري، محمد
ابراهيم سيالڪوٽي، باب خليل داس، وغيره ___ ايندا،
اوهان کي ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت ڏجي ٿي.
(2)
حيدرآباد
7 – فيبروري 1929ع
خط پهتو. آءٌ انهيءَ وقت نصرپور، خانپور، تاجپور، هالا،
کنڊو ۽ سيکاٽ طرف گشت تي ويل هوس. اتي تعليم ڏانهن
ماڻهن جو توجهه ڇڪايم. خاطر نه آهي جو احوال
اخبارن کي موڪلي. آءٌ پنهنجي پڄنديءَ آهر، حتي
المقدور، قوم جي خدمت ڪري رهيو آهيان.
ڪالهه آرين جي مقابلي ۾ هندستان جي عالمن جو جلسو ٿيو،
ان جي به صدارت مون کي ڪرڻي پيئي.
اوهان جي ڪارگذاريءَ جا احوال اخبارن ذريعي پيا معلوم
ٿين. خدا اوهان کي نيڪ ارادن ۾ ڪامياب ڪري.
(3)
حيدرآباد
25 – مارچ، 1929ع
خط پهتو. اوهان جي ”ڳوٺ سڌار“ هلچل جي سلسلي ۾ ڪيل
ڪوششن جو احوال اخبارن ۾ پيو پڙهان. سڀان رات
دهليءَ وڃان ٿو. اتي مسلم ليگ ۽ سائمن ڪميشن جون
ڪانفرنسون آهن. 8 – تاريخ مهابليشور پهچندس. 15 –
اپريل حيدرآباد ايندس. ڪائونسل جون چوندون نزديڪ
ٿينديون وڃن. چونڊ ٿيندي، مخالف ڪهڙا بيهندا، ان
جو پتو نه آهي. شيخ عبدالمجيد جو گهڻو خيال اٿم ته
شل هو هتان نه بيهي، کيس ايڏهين ڪٿي بيهاريندا.
قاضي عبدالقيوم وعدو ڪيو آهي ته شيخ صاحب کي
حيدرآباد بيهارڻ جي خيال کان هٽائيندو. منهنجي
ٿوري عرصي واري ڪم جي خبر، باب مير محمد بلوچ کان
پوندي.
(4)
دهلي، راءِ سينا
8 – اپريل، 1929ع
بيا بنگر نسيم، و نهر، گل، بلبل بهارستان،
نواي نائي و ني بشنو، ببين ناز نگارستان.
مدت کان هن شهر جي جديد حصي ۾ مقيم آهيان، جنهن کي
”راءِ سينا“ يا نئين دهلي سڏجي ٿو. شايد اوهان به
هن بهشت نشان حصي جو معائنو ڪيو هجي. مگر موسمِ
بهار ۾ هن جي لطافت فردوسِ برين جي مشابهه آهي.
جنهنڪري جڏهن صبحگاهه ان جي چمنن جي چهچٽي ۽ سڙڪن
جي سينگار، گلن جي بهار تي نظر وجهجي ٿي ته دل کي
نهايت شگفتگي حاصل ٿئي ٿي.
هفتي کن کان مسلم ليگ آل پارٽيز ڪانفرنس، اسيمبلي،
پراونشل ڪميشن جي ڪانفرنس ۽ سائمن ڪميشن سان صبح
جو سڄو وقت بحث مباحثي ۾ ويندو هو. الحمدلله، شام
جو هر روز هڪ نه ٻيءَ بزمِ الفت جو سامان ميسر
هوندو هو. پارٽين، ائٽ هوم، دنرن جي ڌماڌم هئي. هن
وقت به ڊنر لاءِ سوٽ پايو، تيار ٿيو ويٺو آهيان،
نه رڳو ايترو، مگر رات جو اڃا به محمد شاهه جو پاڻ
کي مهمان تصور ڪري، عشرت ڪدي ۾ لطفِ صحبت ۾ حظ ِ
الفت وٺڻ کان دريغ نٿو ڪريان، جنهن جو احوال روبرو
پيش ڪندس. انهيءَ صحبت ۾ يارانِ طريقت به شريڪ
آهن. انهن جي ترغيبَ ڪري، هيڪاري دلِ بيتاب کان
صبر ۽ استقلال پائمال ٿيو وڃي ۽ حافظ ياد اچي ٿو:
دوش از مسجد سوئ ميخانه امد پير ما،
چيست يارانِ طريقت بعد ازين تدبيرما.
صبح جو سويرو بمبئيءَ روانا ٿينداسون. 13 – اپريل تائين
اتي هوندس. 15 يا 16 – اپريل ڪراچيءَ پهچندس، جي
اتي هوندا ته ملڻ ٿيندو.
(5)
حيدرآباد
29 – اپريل، 1929ع
اوهين گشت ۾ هئا. ڪراچيءَ ۾ ويو هوس، جتي ڊسلوا ۽ ٻيا
مليا، جن کي اوهان ڏانهن رنجش گهڻي هئي. اوهان جي
گشت جي پروگرام کي هنن حسد جي نظر سان ڏٺو ٿي،
بلڪه ان کي بيقاعدي ٺهرائڻ جي ڪوشش هين. مون ڊسلوا
سان بحث ڪيو ته لوڪلبورڊ ائڪٽ جي مفهوم اندر
پروگرام اچي وڃي ٿو. قاضي عبدالرحمان شاديءَ بعد
هتي آيو، جنهن ڪليڪٽر جي حڪم جي ڪاڇي ڏيکاري.
مهرباني ڪري، ڪنهن قاعديدان سان مشورو ڪري، جواب
ڏجو. اوهان جي خلاف سازش هلندڙ آهي، قاضي
عبدالرحمان ان ۾ شمال آهي. ٻيو مقصد ته سندن ڪو نه
ٿو ڏسان، شايد اوهين چيف آفيسر جي منشا مطابق نه
هلندا هوندا. اوهان جي رسوخ کي شاهنواز شاهه جي
طاقت جي منافي سمجهن ٿا. اهڙيءَ مخالفت هوندي،
اوهان کي نهايت خيال سان قدم کڻڻ گهرجي. ڪي
لوڪلبورڊ اندر گهرا دوست به هئڻ گهرجن. منهنجا پڻ
پنهنجا مخالف ٿيا آهن: شاهه محمد شاهه ۽ ٻڍل شاهه
(محمد صالح شاهه). بقادار شاهه به بعضي ساڻن سُر
ملائي ٿو. آءٌ ته هر ڪنهن سان هٿ ٻڌندو اچان. الله
اوهان کي حاسدن جي حسد کان پناهه ۾ رکندو.
ايندڙ ڪائونسل جي چونڊن ۾ شاهنواز شاهه ۽ يار محمد ميمڻ
مختيار ڪار، شيخ صاحب کي حيدرآباد مان بيهارڻ جي
ڪوشش ڪندا. آءٌ 4 – مئي بمبئيءَ ويندس، ان کان اڳ
ملڻ ضروري ٿو ڄاڻان. اوهين 3 – تاريخ تائين ڪراچي
رهجو، متان آءٌ اچي نڪران.
(6)
حيدرآباد
8 – جون، 1929ع
6 – جون تي موڪليل خط پهتو. هن دنيا ۾ ڪو سچو دوست ملڻ
محال پيو نظر اچي. خاص ڪري اسان جهڙن نادارن جو
دوست ٿيڻ محال آهي. اهڙيءَ تاريڪيءَ ۾، اوهين روشن
ستاري وانگر ڏيکاري ڏيو ٿا. خوشامد سمجهو يا دل جو
سچو اظهار سمجهو، منهنجو اوهان لاءِ اهو رايو آهي:
”گر قبول افتد زهي عز و شرف.“
آءٌ سڀاڻي مٽياريءَ وڃان ٿو. ميان الهيار شاهه ۽ ٻين
ساداتن جو رخ ڏسندس. پير بلڙيءَ وارو ڪراچيءَ ۾
آهي، اوهان کي ملندو، ان کي پارت ڪندا.
(7)
ڪائونسل – هال، پونا
23 – جولاءِ، 1929ع
ٻوڏن جا هيبتناڪ احوال پيا ٻڌجن. اميد ته اوهان کي بارش
فائدو پهچايو هوندو. البت جاين کي نقصان پهتو
هوندو. مون هتي ڪائونسل ۾ مهمليءَ جو ٺهراءُ آندو،
جنهن تي بحث ٿيو. بمبئي سرڪار کُٽل آهي، پر اميد
ته ڪجهه ڪندي. آءٌ 11، 12 – آگسٽ ڌاري سنڌ پهچندس.
(8)
حيدرآباد سنڌ
23 – جولاءِ، 1929ع
هيترا مينهن- پاڻي ٿيا، ٻوڏ پيئي ٻُڌجي، اوهان جو ڇا
حال آهي اسان وٽ برساتن گهڻا نقصان ڪيا آهن. مون
بمبئي ڪائونسل ۾ مهمليءَ جو ٺهراءُ آڻي، ٻه لک
رپيا امداد لاءِ منظور ڪرايا آهن، جي مفت ورهايا
پيا وڃن. اسان جو ڳوٺ ته گنجي ٽڪر تي اچي ويٺو
آهي. آءٌ ٻه دفعا ڪراچيءَ آيو آهيان، اوهان جو پتو
نه آهي.
(9)
پونا
1 – آڪٽوبر، 1929ع
هتي 26 – سيپٽمبر پهتو آهيان. سر غلام حسين وٽ رهيل
آهيان. سڀان ڪائونسل پوري ٿيندي. هن دفعي مزو نه
آهي. ”سائمن ڪميشن“ 12 – آڪٽوبر پوني ايندي.
سال 1930ع
(1)
حيدرآباد
27 – جنوري، 1930ع
خط پهتو. مِس پگٽ کان ويهن ڏينهن لاءِ نرس وٺي موڪليان ٿو. ڏهه
رپيا کيس روزانو ڏبا.
(2)
حيدرآباد
11 – فيبروري، 1930ع
خط پهتو، پڙهي نهايت ارمان ٿيو. اوهان ڪهڙي ٻلي ماري
آهي جو مسٽر گبسن، ڪليڪٽر ڪراچي، اوهان کي دڙڪا ٿو
ڏئي! اوهان کي خبر هوندي ته هو ڇهن مهينن لاءِ
موڪل تي وڃي رهيو آهي. خدا نهڙ نيندس. ڊسلوا کي
واقعي سندس ماڻهو مقرر نه ٿيڻ ڪري باهه هوندي. آءٌ
نٿو سمجهي سگهان ته گبسن اوهان کي ڪهڙو نقصان
پهچائي سگهندو. اوهان ڪا چوري نه ڪئي آهي، نه
اوهين بدچال آهيو، رڳو مسٽر گزدر کي انجنيئر ڪري
رکائڻ ڪري، بورڊ کي سسپيند ڪرائي نٿو سگهي. نهايت،
ته گزدر جي مقرريءَ جي سرڪار منظوري نه ڏيندي، بس.
ان حالت ۾ ٻيو انجنيئر رکي سگهندا. گبسن آءِ. سي .
ايس ۽ سينيئر ڪليڪٽر آهي، نه ته سڌا سوال ڪائونسل
۾ موڪليان ها. ڪامورا ڪامورن تي ڪو نه پوندا، خاص
ڪري آ. سي. ايس. تي.
(3)
پُور بندر
19 – فيبروري، 1930ع
هي خط بمبئيءَ ويندي، جهاز مان، پور بندر جي نزديڪ لکيو
اٿم. ”شاهه“ جا سامونڊي بيت ياد اچن ٿا. افسوس جو
شاهه جو رسالو ساڻ ڪو نه اٿم، نه ته ويٺو سامونڊي
سُر پڙهان ها. شاهه صاحب پور بندر جو نظارو شايد
ڏٺو هو، چوي ٿو ته ”پور بندر پهچائين.“ خير، هيٺين
مصرع اُچاريندو رهان ٿو:
سڙهه سنوان، لاڄونوان، اولا جنهين عاج،
ساٿي سفــر هليا، ڀري جنگ جهــاج،
حاصل ڪرين هــاج، واحــد وڻجارن جي.
دعا ڪجو ته خير سان بمبئيءَ پهچان!
مسٽر گزدر واري معاملي ۾، سر شاهنواز ڀُٽو ۽ خان بهادر
کهڙو مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اميد ته وڙهي حق
وٺنداسون. شاهه جو رسالو موڪلي سگهو ته چڱو، ڇو ته
شاهه جي رسالي ۽ ديوان حافظ کانسواءِ دل کي آرام
نه آهي.
(4)
ڪائونسل – هال، بمبئي
22 – فيبروري، 1930ع
هڪ خط جهاز مان موڪليو اٿم. هتي ڪائونسل جي هاسٽل ۾
رهان ٿو. سينري نهايت عمدي اٿس.
14 – مارچ تائين رهڻ جو ارادو اٿم. اوهان جي لوڪلبورڊ
بابت هتي گهڻي پروپيگينڊا ڪئي اٿم. منهنجيءَ تقرير
بعد گرانٽ لاءِ وعدو ڏنو اٿن. ”سنڌ هيرالڊ“ به
ڏيکاري اٿمان. گزدر لاءِ مٿان مونا پيا هڻون.
اخبارن کي منهنجي تقرير ڇاپڻ لاءِ موڪلي اٿم.
(5)
بمبئي
8 – مارچ 1930ع
اوهان جي لوڪلبورڊ جي معاملي جو مون کي نهايت انتظار
آهي. الله دشمنن کي خوار خراب ڪري! اڄ ڪمشنر جو
ٻيو جواب آيو آهي، اهو به گول نموني جو هو. اوهين
ڪمشنر سان ملو. سَر ڀُٽي، خان بهادر کهڙي، خان
بهادر، الهه بخش ۽ سر غلام حسين سان ان باري ۾
مليو آهيان. چون ٿا ته بورڊ کان ٻئي دفعي منظوري
وٺي موڪليو ته گزدر جي منظوري وٺائجي. مسٽر هري
لعل ڊيسائي، وزير لوڪل سيلف گورنمينٽ جو به اهو
چوڻ آهي.
(6)
بمبئي
12 – مارچ 1930ع
مون ڪراچي لوڪلبورڊ جي گرانٽ ڪليڪٽر جي بند ڪرڻ بابت
سَر ڀُٽي، خانبهادر کهڙي، خانبهادر الهه بخش، هري
لعل ڊيسائيءَ کي ڏٺو آهي. ڊيسائي صاحب ڪائونسل ۾
چيو آهي ته ڪمشنر يا ڪليڪٽر کي گرانٽ رد ڪرڻ جو ڪو
به حق ڪونه آهي. گزدر لاءِ مسٽر غلام حسين چوي ٿو
ته هن مون سان گهڻيون برايون ڪيون آهن، پر هو سندس
خلاف نه آهي، قسم پيو کڻي. سرڪار جي جاري ڪيل
سرڪيولر (جنهن ۾ گزدر کي سرڪاري نوڪريءَ ۾ نه رکڻ
جو حڪم ڪيل آهي) بابت چوي ٿو ته ڪئبينيٽ جو پاس
ڪيل آهي، سو رد نه ٿيندو، وغيره.
(7)
حيدرآباد
17 – مارچ، 1930ع
اڄ حيدرآباد پهتو آهيان، 23 – تاريخ ڪراچيءَ ۾ ايندس.
(8)
حيدرآباد
20 – جون، 1930ع
سَن مان لکيل خط پهتو. پوني ويو هوس، آفيسون بند هيون.
وزير سان مليس، ان چيو ته گزدر جا ڪاغذ اڃا وٽس ڪو
نه پهتا آهن، اچڻ بعد غور ڪندو. چيو اٿس ته گزدر
ڪائونسل جي اجلاس وقت پوني ۾ اچي. آءٌ 23 – تاريخ
ڪراچيءَ ايندس. گزدر کي چوندا ته پوني لاءِ تيار
ٿئي.
(9)
حيدرآباد
20 – سيپٽمبر، 1930ع
تار
مبارڪون هجنوَ! مون کي 5426 ووٽ مليا. مير بنده علي خان
کي 4285 ووٽ مليا ۽ مسٽر نور محمد کي 4214 ووٽ
مليا.
سال 1931ع
(1)
حيدرآباد
1 – جنوري، 1931ع
جيڪب آباد ڪانفرنس تي ضرور هلجو. اوهان کانسواءِ ان ۾
ڪو به مزو نه هوندو. 7 ، 8 – تاريخ اتي رهي، 9 –
تاريخ واپس اچڻ تي قلندر جو ميلو ڏسندا اينداسون.
]نوٽ:
خانبهادر الهه بخش، جيڪب آباد ۾ گهوڙن جي نمائش جي
موقعي تي، لوڪلبورڊن جي پريزيڊنٽن ۽ سياستدانن جي
ڪانفرنس گهرائي هئي.[
(2)
بمبئي
2 – فيبروري، 1931ع
اوهان کان موڪلائي، جهاز ۾ چڙهي، بمبئيءَ پهتس. ڊاڪٽر
دائود پوٽي وٽ، باندرا ۾ رهان ٿو. شاهه جو رسالو
پڙهي، لطف وٺي رهيو آهيان.
يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جي ميٽنگ اڃا هلي رهي آهي، جنهن
لاءِ آيل آهيان.
(3)
بمبئي
10 – مارچ، 1931ع
اوهان جو خط پهتو، مهرباني اوهين سدائين ياد آهيو. اڃا
تائين ڪو به اهڙو دوست پيدا ڪو نه ٿيو آهي، جو
اوهان جو مقابلو ڪري سگهي:
در ضميرِ من نمي گنجد بغير از دوست ڪس،
هر دو عالم را به دشمن ده ڪه مارا دوست بس.
خاطرم وقتي هوَس ڪردي ڪه بينم چيزها،
تا ترا ديم نڪردم جز بديدارت هوَس.
اسين اڄڪلهه نهايت مشغول رهون ٿا. بمبئي ڪائونسل جي
تاريخ ۾ سرڪار کي ههڙي مقابلي جو سامهون ڪڏهين به
ڪو نه پيو آهي، جهڙو اڄڪلهه اٿس. نهايت ڪمزور به
همت جهلي ويو آهي، ۽ عام ماڻهن طرفان آواز پيو
ڪڍي.
دادو ضلعي لاءِ سرڪاري تجويز پاس ڪرائي ويئي. باوجود
اسان جي مخالفت جي ڪوٽڙي ڊويزن جي قسمت جو فيصلو
ٿي ويو. اوهين ڀلي ٺهراءُ پاس ڪريو، ميٽنگون
سڏايو، ته اوهين ڪراچيءَ کان جدا ٿيڻ نٿا گهرو.
مون سوال پڇيو هو، سرڪار جواب ڏنو، معاملو زيرِ
ويچار آهي. گزدر جي سوال لاءِ، جنهن صورت ۾ هن وقت
سرڪار جي خلاف آهيون، کين وڃي عرض ڪرڻ مناسب نٿو
نظر اچي. آفيسر هن وقت سخت ناراض آهن.
آءٌ ڪراچي ڪانگريس واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ گهران ٿو، اتي
جڳهه لاءِ انتظام ڪرائجو.
(4)
بمبئي
19- مارچ، 1931ع
عجب آهي، منهنجي اڳي موڪليل خط جو جواب ڪو نه موڪليو
اٿوَ! آءٌ ۽ خانبهادر کهڙو، ٻئي ڪراچيءَ ۾ آل
انڊيا ڪانگريس جي اجلاس کي ڏسڻ گهرون ٿا. اسان جي
سيٽ رزرو ڪرائجو.
(5)
حيدرآباد
26 – مارچ، 1931ع
آءٌ هتي پهتو آهيان. 28 – تاريخ مارچ، صبح جو، ڪراچيءَ
پهچي ويندس. ڪانگريس اجلاس لاءِ ٽڪيٽ وٺي ڇڏيندا.
آءٌ سبجيڪٽس ڪميٽيءَ جي ميٽنگ به ڏسڻ گهران ٿو، ان
جي ٽڪيٽ به وٺي ڇڏيندا.
(6)
ڪراچي
1 – سيپٽمبر، 1931ع
اوهان جا نياپا ۽ سنيها سر زمينِ هند جي گوشي گوشي مان،
بلڪه ڪشمير جهڙي فردوسِ برين مان، منهنجي خسته دل
۽ خشڪ دماغ کي خوش ڪري رهيا هئا. انهن جو جواب
ڏيندو رهان ها، پر ائڊريسن کان اڻواقف هئڻ ڪري
انهيءَ فرض جي بجا آوريءَ کان قاصر رهيس. شڪر جو
مشرق مغرب گهمي، موٽي وطن ۾ وارد ٿيا. شيخ
عبدالمجيد جي خط مان اوهان جي پهچڻ جو پتو پيو.
يڪدم ڪراچيءَ آيس، پر اچي ٺلهي ميدان تي بيٺس _
يعني نه اُٺ، نه جت. سسئيءَ وارا سور رهيا، سي
وٺيو، گوشئه تنهائي اختيار ڪريو، اوهان جي اچڻ
لاءِ چِله ڪَشي ڪريو ويٺو آهيان. حافظ جي ڪلام تي
عمل درآمد آهي:
ڪنجِ آزادگي و ڪنجِ قناعت گنجي است،
ڪه به شمشير ميسر نه شود سلطان را.
مانيءَ جي چٽي شيخ صاحب تي، جنهن اوهان جي همسائگيءَ جو
دم هنيو آهي. آخر اسان کي به ڪُوي ليليٰ کان ٻاهر
نه وڃڻو آهي، چاهي فاقه ڪشي ڪرڻي پوي!
سنڌ فنانس ڪميٽيءَ اڳيان 3 – تاريخ شاهدي ڏيڻي آهي جنهن
جو بار الهه بخش، کهڙي ۽ ميران محمد شاهه کنيو
آهي! سبحان الله، اسڪولن ۾ هڪ حساب به ڪڏهين صحيح
ڪو نه ڪڍيوسون، عمر حسابن جي سورن ۾ گذري، اڄ وڏا
ايڪانامسٽ ٿيو، قوم ۽ ملڪ جي قسمت جو بوجو کڻي
رهيا آهيون! الله آهي جو قوم جو ٻيڙو پار ڪري!
شيخ صاحب انگلينڊ جي هواخوريءَ جون تياريون پيو ڪري.
واپس اچڻ بعد اسان حلقئه قلندران، ريش تراشيد گان
۾ زيادتيءَ جو باعث ٿيندو. اڌ درجن سوٽيڊ _ بوٽيڊ
ايم.ايل.سي. قلندرن جو ڪائونسل ۾ هئڻ ضروري آهي:
هڪ کٽل آهي، سو به هاڻ پورو ٿيندو! ”نئين رفارم“
بعد شايد پنجاهه سيڪڙو اضافو ٿئي. پوني ۾ ته سڀ
مون کي زور ڪري رهيا هئا ته تون وڃ، پر هتي سنڌ ۾
اچڻ بعد سڀني کي خودپسندي ۽ خودغرضيءَ جو مرض
ويڙهي ويو آهي. کهڙي ۽ الهه بخش تي شيخ صاحب زور
رکي رهيو آهي ته هو سندن خرچ تي وڃن. هو انڪري ڪري
رهيا آهن. آءٌ فند جي عدم موجودگيءَ ڪري وڃي نٿو
سگهان. سر آغا خان جي تار آئي آهي ته ڪي مسلمان
انگلينڊ اچي، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪم ڪن. اوهان جي
اچي نڪرو، ته چڱو:
چه خوش است پيش زلفت سر شڪوه باز ڪردن،
گل هاي روز هجران به شب دراز ڪردن.
(7)
ڪراچي
2 – سيپٽمبر، 1931ع
ڪالهه خط موڪليو اٿم. ريلوي لائين ڀڄڻ ڪري، فنانس
ڪميٽيءَ جا ميمبر دهليءَ کان ڦري ايندا. اوهين ان
ڪري ڇنڇر ڏينهن ايندا.
(8)
ڪراچي
3 – سيٽمبر، 1931ع
اوهين ڪو نه آيا، شيخ صاحب کي زياده تڪليف ڏيڻ جي عيوض،
سامان کڻي الهه بخش انصاريءَ وٽ وڃي رهان ٿو.
ولايت لاءِ فيصلو ٿيو ته چار ڄڻا وڃن: الهه بخش،
کهڙو، شيخ صاحب ۽ آءٌ. خرچ سڀڪو پاڻ ڀريندو. هاڻ
آءٌ ڪٿان آڻيندس؟ چاچا غلام نبي شاهه رٿ ڏني ته
ميران محمد شاهه کي پبلڪ خرچ تي موڪلجي، پر رٿ
بحال نه ٿي.
(9)
ڪائونسل – هال، پونا
29 – سيپٽمبر، 1931ع
آءٌ هتي ڪالهه پهتو آهيان، ۽ نيشنل هوٽل ۾ رهان ٿو. خوش
نصيبيءَ سان هن دفعي مون کي تو وارو روم الاٽ ٿيو
آهي، جنهن ۾ تون جولاءِ ۾ رهيو هئين. هتي همخيال
ساٿي ڪو نه اٿم پر تنهن هوندي به وقت کي مختلف
مشغولين ۾ صرف ڪري رهيو آهيان. وڌيڪ احوال
موڪليندو رهندس.
مون پنهنجي ڪلارڪ کي چيو آهي ته منهنجي ”رسَائيءَ ۽
لاپي“ تي ڪائونسل ۾ ڪيل تقرير جو ترجمو ڪرائي،
توڏانهن موڪلي ته ”الوحيد“ ۾ شايع ڪرايو. اوهين
ترجمي جي زبان کي درست ڪري سگهو ٿا. جيستائين تون
انهن تي زور نه رکندين، هو نه ڇپيندا. هاڻي شايد
آفيسرن جي رسائيءَ لاءِ مقاطعدار رکن!
هن ڪائونسل جو اجلاس 12 _ آڪٽوبر ڌاري پورو ٿيندو.
(10)
نيشنل هوٽل، پونا
4_ آڪٽوبر، 1931ع
هيڪلائي هيل، پورينديس، پنهون ڏي،
آڏا ڏونگر لڪيون، سورين سُڄن سيل،
ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پِريان جا ساڻ مون.
اڳي هڪ خط موڪليو اٿم، هي ٻيو خط موڪليان ٿو. چوطرف
حالتن جي ڪري دل ڀرجي اچي ٿي. آءٌ ڏسان ٿو ته سڀڪو
جوڙو، پنهنجي هم طبيعت ساٿيءَ سان گڏ، هتي پوني ۾
زندگيءَ جو لطف حاصل ڪري رهيو آهي. رڳو آءٌ هڪ بي
نصيب انسان آهيان، جنهن کي ڪو سٺو ساٿي ملي نه
سگهيو آهي. ان مان منهنجي اها مراد نه آهي ته مون
کي ڪنهن انسان جي صحبت نٿي حاصل ٿئي. اهي گهڻا
آهن، پر اهڙو ڪو به ڪو نه ٿو ملي، جنهن مان روح کي
راحت ملي ۽ هم طبيعت ساٿي هجي. آءٌ تصنع ڌڪاريان
ٿو. ظاهر داريءَ جي دوستيءَ کان نفرت اٿم. آءٌ
اهڙيءَ صحبت مان يڪدم ڪڪ ٿيو پوان، پوءِ اها صحبت
کڻي ظاهري ڪشش ڪندڙ ۽ دلچسپ ڇو نه هجي.
نخست موعظت پير مي فروش اين ست،
ڪه از معاشر ناجنس احتراز ڪنيد.
عارضي طور، ڪنهن صنف نازڪ جي صحبت ۾ سڪونِ دل حاصل ٿئي
ٿو ۽ خوشي به حاصل ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح، وڏيءَ
سوسائٽيءَ ۾ داخلا ملڻ تي ڪامياب ٿيو آهيان. ڪالهه
رات هڪ دوست جي سنگت ۾ دل جي ڀڙاس لاٿيم. هن محبت
اميد گفتگو ڪئي، عزت سان ڏٺو _ اهو سڀ ڪجهه هڪ
هفتي جي ساندهه ملاقات بعد نصيب ٿيو. پر هيءَ سڀ
هيٺانهينءَ سطح ۽ عارضي قسم جي خوشي هئي. حقيقي
خوشي، جهڙي همخيال دوست جي صحبت مان حاصل ٿئي ٿي،
اهڙي ٻي ڪا ورلي هوندي.
مان گهڻو ملڪ گهميو آهيان، ڪيترن ماڻهن سان ملاقاتون
ڪيون اٿم، پر ڪو به سچو، همخيال، هم صفت موصوف
دوست تو جهڙو ڪو نه ڏٺو اٿم. هيءَ خوشامد نه آهي،
ڇاڪاڻ ته نه مون کي ۽ نه تو کي ان جي ضرورت آهي،
نه ان جو پاڻ وٽ قدر قيمت آهي. پر هي آءٌ گهڻي
تجربي بعد لکان ٿو. هتي ٻيو سڀڪو مطلب جو يار آهي.
حافظ چوي ٿو:
مرا بوصلِ تو گر زانڪ دسترس باشد،
دگر ز طالع خويشم چه ملتمس باشد.
اگر بهر دوجهان يڪ نفس زنم با دوست،
مرا ز هر دوجهان حاصل آن نفس باشد.
خوش ست بادهء رنگين و صحبتِ جانان،
مرام ”حافظِ“ بيدل درين هوَس باشد.
هاڻ ٻڌو، شاهه ڇا ٿو چوي:
ڪوڙين تنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙنِ سندو ڪانڌ،
مون کي ميت مَ داسڙا، وڃان مَ وڙِ واند،
مون ڳچيءَ ۾ پاند، تو چنيسر هٿ ۾.
ان وانگر جيستائين هن سياسي زندگيءَ ۾ تون اچي شريڪ نٿو
ٿئين، منهنجي ساري زندگي بيسود ۽ بيڪار ٿيو پوي.
ملڪ ۽ قوم جي فائدي جي ڪا اميد نه آهي. اوهان جهڙي
مددگار کانسواءِ، ڪائونسل ۾ رهڻ بيڪار آهي. مون
هتي گهڻن دوستن کي آزمايو آهي، مون ساڻن سنگت رکڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي، پر هر ڪو ملطب جو نڪتو، خود
مطلبيءَ کانسواءِ ڪا به منجهن ٻي وصف ڪا نه هئي.
تنهنڪري، آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته جيستائين
تون سياسي زندگيءَ ۾ مون سان شريڪِ ڪار نه هوندين،
ڪائونسل ۾ رهڻ اجايو اٿم. آءٌ ههڙي خود مطلبيءَ جي
ماحول ۾ ڪڪ ٿيو پوان، ۽ ممڪن آهي ته زندگيءَ جي
جدوجهد ۾ ڪامياب به نه ٿيان. دل تي جيڪي تري آيم،
اوهان ڏانهن موڪليان ٿو. ممڪن آهي، اوهان جي قيمتي
وقت تي هيءَ خرافات بار گران گذري، تنهنڪري وڌيڪ
لکڻ بند ڪريان ٿو. آخر ۾ خدا کان هيءَ دعا گهران
ٿو ته ”اي مولا، اسان ٻنهي کي زندگيءَ جي جدوجهد ۾
ڪڏهين جدا نه رک، ۽ گڏ هلاءِ، ته خلق خدا جي خدمت
ڪري سگهون!“
ڪائونسل 9 _ تاريخ پوري ٿيندي، پوءِ موٽي ملڪ ايندس.
(11)
بمبئي
1 _ ڊسمبر، 1931ع
خدا جي مهربانيءَ سان، اسان ”سَڪسيشن ڊيوٽي بل“ کي 34 _
69 جي ڪثرت سان ٿڏي ڇڏيو. گذريل ٻن سالن ۾ سرڪار
کي هيءَ پهرين شڪست آهي. اتفاق جو اهو فائدو آهي!
هن دفعي سنڌي ميمبرن همت جلهي پاڻ ملهايو. ڄام جان
محمد جوڻيجو اڪيلو انسان هو، جنهن بل تي سرڪار سان
ووٽ ڪيو!
مون ۽ کهڙو گڏجي، مسٽر گزدر لاءِ سَر رستم وڪيل، وزير
لوڪل سيلف گورنمينٽ، کي ڏٺو آهي. هن وعدو ڪيو آهي
ته هو هن مسئلي تي همدرديءَ سان غور ڪندو.
اميد ته ڪراچيءَ ۾ 10 ، 11 _ تاريخ بئنڪ جي ميٽنگ تي
ملنداسون.
(12)
حيدرآباد
15 _ ڊسمبر، 1931ع
شاهه عبدالطيف جي ورسيءَ تي اوهان کي ڳالهائڻو آهي،
تقرير لکي تيار ڪريو اچجو. |