سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 10

سال 1947ع

        ]نوٽ: سال 1945ع ۾ سياسي ڳالهين عارضي طور خطن ۾ رڪاوٽ وڌي. جنهنڪري ان عرصي ۾ خط ڪو نه لکيائين، ليڪن ملاقاتون ٿينديون رهيون.[

 

(1)

مسوري

20 _ مئي، 1947ع

        هي خط گهڻي وقت کانپوءِ لکان ٿو. وطن جي اڪير، دوستن جي ياد، اڪثر قلم فرسائيءَ تي آماده ڪندڙ هئا. منهنجي دفتر پارينه تي نظر ڪبي ته اسان جي خط و ڪتابت ۾ هڪ ڊگهي خليج حائل ٿيل ڏسبي. سياست جي دگر گوني ۽ حالات جي تلون مزاجي انهيءَ خليج عميق جو باعث ٿي آهي، جنهن لاءِ سواءِ افسوس جي ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهجي. گذشته را صلوات!

        ڪراچيءَ ۾ گڏ هئاسون! اوهان جي طبيعت ناساز هئي، پوءِ الحمد الله ٺيڪ ٿي. اوهين خير سان ڳوٺ روانا ٿي ويا. ان کانپوءِ ڪو به احوال ڪو نه مليو. خبر نه آهي ته اوهين ڪهڙيءَ مشغوليءَ ۾ مستغرق آهيو ۽ مستقبل لاءِ ڇا سوچيو اٿو.

        توهان جي سنڌ اسيمبلي اليڪشن ۾ شڪست سنڌ جي آئيني سياست ۾ هڪ خال وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جو احساس توهان جي مخالفن کي به آهي _ اظهار ڪن يا نه ڪن، سا ٻي ڳالهه آهي. هندستان جي مسلم سياستدان طبقي جو اهو رايو آهي.

        تازو حيدرآباد مان پهرينءَ مئي تي روانو ٿي، 2 _ تاريخ لاهور پهتس. مون سان منهنجي وڏي نياڻي همراهه آهي. هن جي طبيعت به مون وانگر غير تسليٰ بخش آهي. اسين ميان ممتاز دولتانه وٽ مهمان هئاسون. پاڻ ۽ سندن بيگم صاحبه تمام گهڻي خدمت ۽ خاطر داري ڪئي. اوهان جي لاءِ گهڻي عزت ۽ پيار هون، پر اوهان جي سياسي ڪاررواين جي  خلاف هئا. هنن جو خيال هو ته اوهين اڃا به مسلم ليگ جماعت ۾ داخل ٿي مسلمانن جي خدمت ڪري سگهو ٿا، ڇو ته اڃا گهڻو عرصو مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جو سياست تي رسوخ رهندو. اوهين ليگ کان ٻاهر رهي ڪجهه به ڪم عملي طرح ڪري نه سگهندا، جيڪي اندران ڪري سگهو ٿا. بهرحال، اهي انهن جا خيال اوهان جي نسبت هئا، جي قلمبند ڪريان ٿو.

        هڪ ڏينهن لاهور گذاري، ٻئي ڏينهن لکنوءَ ۾ وارد ٿياسون. بيگم اعزاز الرسول جا مهمان هئاسون. اتي البت گرمي هئي. ٺاڪر ديپ نارائڻ، جو گلي مان جهلي مريض کي بيهوش ڪري پوءِ دوا ڏئي ٿو، تنهن جو علاج ڪرايوسون. ٽي ڏينهن لکنو ۾ چڱا گذريا. ٻئي ڪنهن سياسي ماڻهوءَ سان ملڻ ڪو نه ٿيو.

        مسٽر محمد اسحاق، ڊيپوٽي ليڊر مسلم ليگ، جي هتي يو. پي. اسيمبليءَ ۾ اها پوزيشن آهي، جا مسٽر سڌوا جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ آهي. گهڻو لکڻ ۽ ڳالهائڻ هن جي ذمي آهي. مسٽر محمد اسحاق، ۽ بيگم صاحبه ۽ مسٽر حيدر عليءَ جو خيال آهي ته هن صوبي ۾ مسلمانن کي بي دست وپا بنائڻ لاءِ ڪانگريس منصوبه بنائي رهي آهي. هر هڪ شعبي ۾ مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ جون رٿون رٿجي رهيون آهن. ماڻهو لڏي سنڌ ۾ يا بيابانن ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن، ۽ هندن جي تسلط کان بچڻ لاءِ ڪوشش ڪندا. اها آهي ڪانگريس حڪومت جي روش مسلمانن ڏانهن. اسان وٽ ته هندو سڀ ڪجهه ماڻي رهيا آهن. هنن جو اڄ تائين وار به ونگو نه ٿيو آهي، ته به پيا دانهون ڪن.

        ٽي ڏينهن لکنو رهي، ديرادون پهتاسون، جتي حاضر صاحب مليٽري ڪنٽريڪٽر جي گهر ۾ مهمان هئاسون.

        ٽي ڏينهن ديرادون ۾ رهي، 10 _ تاريخ مسوريءَ ۾ آيا آهيون. پهريان ڏينهن ٿوري بارش ۽ بادل هئا، جنهنڪري سردي محسوس ٿئي ٿي، پر هاڻي گرمي ٿي رهي آهي. هوا خوشگوار آهي. وقت چڱو پيو گذري. مسوريءَ جي زندگيءَ جي اوهان کي ڪافي معلومات آهي، پر منهنجي لاءِ نه پراڻو زمانو، نه اها دل ۽ نه ساڳيو شوق رهيو آهي؛ نه جسم ۾ طاقت، نه روح ۾ حرڪت آهي، جو عيش عشرت جو فائدو وٺي سگهجي. اڳيون زمانو گذر ڪري ويو. ٻيو ته ڇڏيو، پر هينئر منهنجي قلب ۾ نه ايتري قوت آهي، نه قلم ۾ جنبش، جو جنهن ماحول ۾ رهان ٿو، ان جو صحيح نقشو اوهان کي پيش ڪريان. تنهنڪري، وڌيڪ اوهان جي دائرهء تصور جي حوالي ڪريان ٿو، ۽ جيڪي لکي سگهيو آهيان سو لکيو اٿم. دوست احباب به نوان ڪيا اٿم، جن جي صحبت ۾ وقت پيو گذري: جهڙوڪ مسٽر وصال الدين، پريزيڊنٽ مسلم ليگ مسوري، ڊاڪٽر محمد سعيد ۽ هن جي انگلش بيبي، مسٽر عبدالمتين ۽ ان جي فرانسيسي ٻائي، جنهن جون وڏيون نياڻيون منهنجي نياڻيءَ جي خاطر تواضح ڪن ٿيون. مسٽر اصطفيٰ خان، لکنو جو عطر ساز، جنهن کي اوهان اسڪيٽنگ ڪندي ڏٺو هو، سو هن وقت پيرمرد حاجي سڳورو آهي. رنڪ ۾ پهريون نمبر آهي. ازان سواءِ، مخدوم صاحب غلام ميران محمد صاحب جو فرزند، حسن محمود به ٻن ميم صاحبن سان تشريف فرما ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح سان ڪجهه لانگ واڪ، ڪجهه اسڪيٽنگ، ڪجهه سئنيما وغيره جي مشغولين ۾ وقت پيو گذاريان. 3 _ جون 1947ع تي هندستان جو وائسراءِ، لنڊن مان موٽي، ملڪ جي آئين بابت آخرين تجويز ليڊرن جي ڪانفرنس اڳيان ظاهر ڪندو. اها تجويز ڪهڙي هوندي، تنهن بابت يقين سان هن وقت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. شايد ٽڪرا ٿيل ۽ تُٿي کاڌل پاڪستان به هجي. خبر نه آهي، ان تي ڪير راضي ٿيندو، ڪير ناراض. هندستان ۾ شايد اڃا گهڻا فساد ٿين؛ تنهنڪري 30 _ مئي هتان روانا ٿي، انشاءَالله پهرين تاريخ حيدرآباد پهچي وينداسون.

 

سال 1948ع

 

(1)

سرياب روڊ، خيرپور هائوس، ڪوئيٽا

15 _ مئي، 1948ع

        10 _ مئي، آبهوا تبديليءَ لاءِ، عيال اطفال سميت هتي پهتو آهيان. مون ٻڌو ته اوهين به عيال سان اچڻ وارا آهيو. مهرباني ڪري خبر ڏيندا ته ڪڏهين ايندا ۽ ڪٿي رهڻ جو بندوبست ڪيو اٿو. اسان کي في الحال پهرين جون تائين خيرپور رياست جو بنگلو مليو آهي. ڏهه ڏينهن زياده رهڻ جو ارادو آهي، پر اڃا اجازت نه ملي آهي. جي ٻيو بندوبست نه ٿيو ته شايد زيارت هليا وڃون. اتي سرڪاري بنگلو ملي سگهندو. موسم ابتدا ۾ سرد هئي. گلن جون گلزاريون، چمنن جون چٽساليون خوب هيون، پر هاڻ بهار جو دور ختم ٿيو آهي. گرميءَ جي موسم جي شروعات ٿي آهي. ٻن ڏينهن کان جهڙ ڦڙ جو مانڊاڻ پيو ڏسڻ ۾ اچي، جنهنڪري بلوچستان جي خشڪ پهاڙن ڪجهه رنگ بدلايو آهي. شهر جون سڙڪون صاف سٿريون آهن. سائيدار درختن جون قطارون سائبان جو ڪم ڏين ٿيون. آءٌ روز علي الصباح تازي هوا کائڻ لاءِ چهل قدمي ڪرڻ واسطي نڪري ويندو آهيان. چشمي جو پاڻي پيئندو آهيان، پر طبيعت تي ڪو به اثر خاص نٿو پوي. ٻارن جو به ساڳيو حال آهي. اسان جي قسمت ۾ شايد صحت لکيل ئي ڪا نه آهي. سڀ مريض آهيون. تبديل آبهوا لاءِ بيمارن جو جهڙو بنڊل آندو هوسين، اهڙو ئي شايد موٽائي سنڌ ۾ آڻيون. اوهان کي خبر آهي ته سئٽزر لئنڊ جي جان بخش آبهوا ۽ پر فضا ماحول به منهنجيءَ طبيعت تي ڪو به اثر نه وڌو. شايد زندگيءَ جي انتها ويجهي آهي، جنهنڪري حياتيءَ کان موت هينئر زياده پيارو ٿيڻ لڳو آهي. اها گهڙي ڪڏهين ايندي، ان جو پتو نه آهي. جواب ڏيندا ته مهرباني، نه ته به ياد ضرور ڪجو.

 

(2)

ڪوئيٽا

4 _ جون، 1948ع

ايءَ نه مارن ريت، جو سيڻ مَٽائن سون تي،

اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،

پکن جـــي پريت، ماڙين تـــي نــه مَٽيان.

توهان جو محبت ڀريو خط پهتو. ٻه ڏينهن ٻاهر ويل هوس. طبيعت ۾ به بيخوش هوس، ان ڪري جواب ۾ دير ٿي آهي. اوهان منهنجو خط گهڻي زماني بعد ملڻ ڪري تعجب ظاهر ڪيو هو، مگر انهيءَ رسمي دستورن جو قلبي ڳانڍاپن تي اثر ڪو نه پيل آهي. عارضي عناصرن جون تبديليون باغ کي وقتي نقصان رسائي سگهن ٿيون، پر نه هن جي جهونن درختن کي فنا ڪري سگهنديون آهن؛ موسم ذرا خوشگوار ٿيڻ تي وري ان ۾ تازگي اچڻ لڳندي آهي. سياسي دور توهان به ڏٺا آهن، ۽ مون به چوٿائيءَ صديءَ جو مشاهدو ڪيو آهي. سڀ ڌوڙ جي ڌوڙ آهي. ايماندار ماڻهوءَ لاءِ سواءِ غربت ۽ دشمنيءَ جي ٻيو ڪجهه به هڙ حاصل نه آهي. انهن تجربن بعد، آءٌ هاڻ هن خيال جو ٿيندو وڃان ته سياسي ميدان کان ڪناره ڪشي ڪري، عبادت الاهي ۽ خلقِ خدا جي بيلوث خدمت ۾ وقت صرف ڪريان. ذريعه معاش جي تنگي انهن ارادن کي عمل ۾ آڻڻ کان مانع ٿيندي رهي ٿي. پر جي وجهه مليو ته _ ”جڏهين پرين ياد پياس، ته ڇرڪَ ڇِنائين هيڪڙي!“ جو مصداق ٿيندو. اوهان پنهنجي آزاديءَ تي بندش پوڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو گهڻو افسوس اٿم. اهو سڀ اوهان جي طبيعت ۾ ضرورت کان زياده جوش جو ڪارڻ آهي. سياسي ميدان ۾ جيڪڏهين وقت جي تقاضائن موجب پنهنجي طريقه ڪار کي درست ڪريو ته هوند اهي تڪليفون درپيش نه اچنوَ:

”دروغ مصلحت آميز بهه ز راستيءَ فتنه انگيز.“

هيءُ سعديءَ جهڙي زمانه شناس ۽ متشرع هستيءَ جو صدين کان مشورو آهي. خير، اوهان جي غيرت ۽ جوشِ حميت مصلحتِ وقت مطابق طريقه ڪار ۾ تبديلي آڻڻ جي اجازت ڏين يا نه، سا ڳالهه علحده آهي، پر مٿيون مقولو به زمانه شناس ۽ دوربين هستيءَ جو آهي، جنهن مان گهڻن سبق پئي ورتو آهي. هاڻي خط بند ڪريان ٿو. 10 _ جون حيدرآباد پهچندس. 12 _ جون ڪراچيءَ ايندس. اتي هوندا ته تبادله خيالات ڪنداسون.

 

سال 1950ع

        ]نوٽ: 1949ع ۾ ڪو قابلِ ذڪر خط نه آيل هو، تنهنڪري اهو سال خالي ڇڏيل آهي.[

 

(1)

]وزير سنڌ گورنمينٽ[

ڪراچي

2_ مارچ، 1950ع

        تنهنجو 12_ فيبروريءَ جو لکيل خط پهتو. مون چيف انجنيئر سان ڳالهه ڪئي آهي، جنهن وعدو ڏنو آهي ته اڳوڻي محال مانجهندن جي بنجر زمين کي آباديءَ هيٺ آڻڻ لاءِ هو حتي الامڪان ڪوشش ڪندو. هن وٽ ڪي ٽرئڪٽر آهن، جي هو درست ڪرائي پيو، ٺهڻ بعد ڪِرائي تي ڏيئي سگهندو. سن ۾ شاهي رستي لاءِ موڪليل بلڊوزر بابت به جاچ ڪرائيندو، جي ڪم جهڙو هوندو ته اهو به ان طرف زمين جي سڌاري لاءِ ڪِرائي تي ڏيندو. انهن مشينن جي ڪِرائي جي شرطن بابت هو اوهان کي لکپڙهه ذريعي اطلاع ڪندو. آءٌ خود اها ايراضي ڏسي پوءِ فيصلو ڪرڻ وارو هئس، پر شهنشاه ايران جي دوري مون کي ڪراچيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. ازان سواءِ، سنڌ اسيمبليءَ جو ايندڙ اجلاس 8_ مارچ تي آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، ان طرف جي ڪم کي نه وساريندس.

Text Box: 130

 

        پاڪستانين شاه ايران کي نهايت شاندار مرحبا ڪئي. ايئرو ڊروم تي فوجين جي پريڊ کان سواءِ، عام ماڻهو ڪثرت تعداد ۾ آيل هئا. شهنشاه ايران سندن خوبصورتيءَ ۽ خوش خلقيءَ ڪري پاڪستانين کي سندس گرويده بنائي ڇڏيو آهي.   گذريل رات سرڪاري ضيافت ۾ منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو ويو. پاڪستان جي وزيراعظم کيس اڄ هڪ رسيپشن ڏني آهي. ازان سواءِ ” پاڪ _ ايران تعلقات عام“ طرفان به هڪ رسيپشن جو انتظام ڪرايل آهي. 14 _ تاريخ شاهه ايران سکر هلندو، جتي سنڌ سرڪار سندس مهماني ڪندي. هن کي اسان جي آبپاشي ۽ زراعتي منصوبن ۾ گهڻي دلچسپي آهي. اتي هو سکر بئراج ڏسندو، جنهن اسان جي صوبي کي خوشحال بنايو آهي. 15 _ مارچ تي کيس پاڪستان پارليامينٽ طرفان ائڊريس ڏني ويندي پوءِ هو موٽي پنهنجي ملڪ ايران ويندو. تون هتي هجين ها ته ڏسين ها ته اسين اسلامي برادريءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاهي مهمان جي ڪيتري خوشامد ڪري رهيا آهيون.

 

 

(2)

نٿياگلي

6 _ جون، 1950ع

        آءٌ ۽ قاضي فضل الله، 2 _ جون هوائي جهاز ذريعي راولپنڊيءَ پهچي، سرڪٽ هائوس ۾، راولپنڊيءَ جي ڪمشنر جا مهمان ٿي رهياسون. انهيءَ ڏينهن شاه جو قديم ٽيڪسلا جو شهر ڏٺوسون. جيئن ته اهو اوهان جو ڏٺل هوندو، ان ڪري ان جو احوال نٿو ڏيان.

        راولپنڊيءَ ۾ اسان جي چڱي خاطر تواضع ٿي. بيگم نسيم اڪبر خان، بيگم شاهنواز جي ڌيءَ، اسان کي کاني تي گهرايو. ٻئي ڏينهن جڏهين اسين مريءَ ڏانهن روانا ٿياسون ته مهرباني ڪري بيگم صاحب پاڻ ۽ سندس دوست اسان سان گڏجي مريءَ ۾ به کاني جو انتظام ڪيو. پوءِ اسان رئيس ڀرڳڙي، ننڍي ۽ وڏي، کي ملياسون. شام جو نٿياگليءَ لاءِ، جا 29 ميل اتان پري آهي، روانا ٿي، خان عبدالقيوم، وزير اعليٰ صوبي سرحد، جا مهمان اچي ٿياسون. خان موصوف فيڊرل ڪميٽيءَ جي ڪم ۾ مشغول آهي، جتي صوبن ۽ مرڪز جي وچ ۾ اختيار ورهائڻ تي بحث هلي رهيو آهي.

        منهنجي نظر ۾ صوبي سرحد ۾ هي نهايت خوبصورت مڪان آهي. انگريزن سندن حڪومت جي ڏينهن ۾ صحت جي بهتريءَ خاطر هيءَ جاءِ چونڊي هئي، پر پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڪي ٿورا يورپين هتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. بدقسمتي سان آبهوا بارش پوڻ ڪري اڄڪلهه ٺيڪ نه آهي. سردي بارش ڪري وڌي ويل آهي، تنهنڪري مون جهڙي ڪمزور ماڻهوءَ جي برداشت کان ٻاهر آهي. مالي نقطه نگاهه کان هن کان بهتر ٻي  ڪا به جڳهه نه آهي. سڀڪا شي سستي آهي. هتان ڪشمير جي جبلن جون چوٽيون، جي برف سان ڇانيون پييون آهن، ڏسڻ ۾ آيا ٿي. هتي رستي تي اسان برف جا وڏا ٽڪر ڏٺا، جي گذريل سال جي برفباريءَ مان رهيل هئا.

        جيڪڏهين طبيعت اجازت ڏني ته 4 _ تاريخ تائين هتي رهندس. ان کانپوءِ ايبٽ آباد ويندس، جنهن جي آبهوا معتدل آهي. 22_ تاريخ ڌاري موٽي ڪراچي اچڻ جو ارادو آهي.

 

(3)

مري

22_ جون، 1950ع

        اميد ته منهنجو نٿياگليءَ مان موڪليل خط پهتو هوندو، جو صوبي سرحد جي حڪومت جو اونهاري لاءِ گاديءَ جو هنڌ آهي. اتي هڪ هفتو رهڻ بعد آءٌ هتي مريءَ ۾ آيو آهيان. رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيءَ وٽ رهون ٿا. مريءَ جي زندگي مسوريءَ سان مقابلي ۾ آڻي سگهجي ٿي. جا هاڻ اسان سان نه آهي. الهندي پاڪستان جا مٿئين طبقي جا ماڻهو اونهاري ۾ هتي ڪَٺا ٿين ٿا، خاص ڪري ليڊيز ۽ ٻار گهڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

        هتي ڪيترن پراڻن واقفڪارن سان ملڻ جو موقعو مليو اٿم. انهن مان بيگم برگيڊيئر اختر خان خاص ذڪر جي لائق آهي. هن ۽ لطيف افغان جي همشيره منهنجي چڱيءَ طرح خاطر تواضع ڪئي. اسين مختلف جڳهين تي رئيس ڀرڳڙيءَ جي عمديءَ فريزر موٽر ۾ گهمڻ وياسون. آبهوا ٻنپهرن جو ذرا گرم پئي محسوس ٿي. آخري ٻن ڏينهن ۾ بارش پوڻ ڪري وري هوا ٿڌي ٿي ويئي. 2 _ جون تي اسان ڊگهو گول چڪر هنيو، هتان ايبٽ آباد وياسون. نٿياگليءَ کانپوءِ ڪجهه رستو خراب هو، پر قدرت جو حسن اڪيچار هو. اسان جي چوڌاري ڍنڍن، ٽڪرين، آبشارن، ندين ۽ خوبصورت منظرن جي حد ئي ڪا نه هئي. نظارو دل کي راحت ۽ مغز کي تراوت ڏيندڙ هو. اسين هڪ رات ايبٽ آباد ۾ رهياسون. ڪاڪل ملٽري اڪيڊمي ڏٺيسون. جبل جي ڀر وارو نظارو عمدو هو. صبح جو اسان مانسره کان ٿيندا، ڳڙهي حبيب الله پهتاسون. اتان ڪاغان واديءَ مان لنگهي، آزاد ڪشمير جي حد ۾ داخل ٿياسون. اسان کي سرحد کان مظفرآباد تائين پوليس جي حفاظت ۾ اچڻو پيو، جتي آزاد ڪشمير جي سرڪار جي ميمبرن سان ملڻ جو موقعو مليو. سرڊڪسن، ”يو . اين.“ جو صلاحڪار، گذريل ڏينهن هتي آيو هو. لنچ کانپوءِ وري سرينگر رستي کان چناري ۽ چڪوٽي ڏانهن وياسون، جا جنگبنديءَ جي لائين آهي. مشهور پانڊو چوٽي، جتي هندستاني فوج کي اسان جي فوج شڪست ڏني هئي، اتان ڏسڻ ۾ پئي آئي. جيڪي ڪشميري اسان کي مليا، انهن کي يقين ويٺل هو ته جي آزاد راءِ شماري ٿي ته ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان ڏانهن اچڻ لاءِ ووٽ ڪندا. ڏسون، هندستان ڇا ٿو ڪري! اسان کي موٽڻ وقت بارش گهڻو تنگ ڪيو. بهرحال، رئيس ڀرڳڙيءَ جي اڻٿڪ همت سان ڪو هالا پل لنگهي، رات جو چِيل جي درختن جي جهنگ مان لنگهي، خير سان، 11 بجي رات جو، ٿڪل ۽ بارش ۾ پسيل، اچي مريءَ پهتاسون. پر اهو گشت جهڙو ائڊوينچرس هو، اهڙو مزيدار هو.

        آءٌ سڀان هتان نڪري، هوائي جهاز رستي، شام جو ڪراچيءَ پهچندس. رئيس صاحب سلام ڏيئي، دعوت ڏئي ٿو ته مريءَ ۾ اچي ڪتاب لکڻ جو ڪم ڪر.

 

(4)

ڪراچي

12 _ جولاءِ، 1950ع

        خط پهتو. ڊاڪٽر قريشيءَ کي چيو اٿم ته تار ڪري، مشنري ان طرف موڪلي. موري جي جاگيري هارين جي پاڻيءَ لاءِ سپرنٽينڊنٽ انجنيئر کي لکيو اٿم. آءٌ ٺٽي ضلعي جي گشت تان موٽيو آهيان. 19 _ تاريخ تائين هتي رهي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ويندس. هفتي جو گشت هوندو. خبر موڪل ته ڪراچيءَ ڪڏهين ايندين.

 

(5)

حيدرآباد

20 _ نومبر، 1950ع

        جڏهين تون حيدرآباد آيو هئين، مون تو سان شاهه لطيف جي ورسيءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ گفتگو ڪئي هئي. وري به عرض ڪندس ته 25، 26 _ نومبر تي ڀٽشاهه تي ضرور اچج.  جيترا به شاهه لطيف جا راڳ ڄاڻندڙ ڳائڻا ملي سگهن. سي پاڻ سان وٺيو اچج. خاص ڪري حافظ اسحاق ۽ سندس پارٽيءَ کي ضرور آڻج. جيڪڏهين ڪو اهڙو ماڻهو سمجهيئي جو شاهه جي ڪلام ۽ فلاسافيءَ تي ڳالهائي سگهي ته ان کي وٺيو اچج. سڀني مهمانن لاءِ ڀٽشاهه تائين سواري، رهڻ ۽ کاڌي جو انتظام رکيو ويو آهي، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم ”خليل“ کي ان جي چارج ڏنل آهي. مهرباني ڪري احوال موڪلج ته ڪڏهين ايندين، ۽ ڪير پاڻ سان آڻي رهيو آهين. پنهنجي تقرير لکيو اچج.

 

 

----------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org