سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 13

 

(6)

ڪراچي

2 _ آڪٽوبر، 1960ع

        خط اوهان جو پهتو، مهرباني. اميد ته اوهان جي طبيعت ذرا سڌري هوندي. مون کي دم ٿي پيو آهي، خصوصاً ماڪ پوڻ ڪري. وڃان ٿو وڌيڪ ٻڍو ٿيندو. عمر جي تقاضا ۽ صحت جي ناهمواري . . . آخر هلبو! اهو ڪي ڪجي، جو ٻيءَ دنيا ۾ ڪم اچي.

”وڃڻ تِت پيوم، جت هلڻ ناهه حسن ري!“

Text Box: 158

 

        ٽيو ڏينهن سنڌ مدرسي جي پلئيٽنم جوبلي هئي. آءٌ سنڌ مدرسي جو شاگرد آهيان. سو وڃي جشن ۾ شريڪ ٿيس. صدر پاڪستان افتتاح ڪيو. اٽڪل 5 هزار ماڻهن کي دعوت هئي. ڪافي هجوم هو. رات وري لطيف ڊي ملهايو ويو. مون کي صدارت جي ڪرسي ڏنائون. سوشيلا مهتاڻي، روبينا، ابراهيم، ناروڀڳت ۽ مهراج مولچند ڳايو. مهراج جو چڱو اثر  ٿيو. ليلان _ چنيسر جو اسٽيج تي فيچر پيش ڪيو ويو، جو منهنجو مرتب ڪيل هو. بروهي صاحب جي تقرير لکيل نه آهي، باقي رڪارڊ ڪئي ويئي هئي. گهڻن ماڻهن جي تقاضا آهي ته اسٽينو گرافر کان رڪارڊ تان لکارائي، ڇپارائي، وراهجي. ان ۾ مکيه ڳالهه هيءَ هئي ته ”جيئن ته لطيف جي لات منهنجي ڪَن ۾ ماءَ جي کير سان گڏ پيئي آهي، تنهنڪري منهنجي رڳ رڳ مان اها لات ڪار فرما رهي ٿي: جيڪڏهين آءٌ اهو اعتقاد رکان ها ته ٻيءَ جوڻ ۾ وري دنيا ۾ ايندس، ۽ يونانين وانگر فرشتا مون کي پڇن ته ٻيو دفعو دنيا ۾ ڇا ٿيڻ گهرين ٿو، ته آءٌ چوندس ته آءٌ وري به سنڌي ٿيڻ گهران ٿو!“

 

        مٽياري سيدن جو شجرو، پڇا ڪرائي، ڪاپي ڪرائڻ بعد اوهان کي موڪليندس.

 

(7)

حيدرآباد

12 _ ڊسمبر، 1960ع

        مٽياري سيدن جي شجري کي ڪٺو ڪري لکڻ جو نيڪ ڪم اوهان هٿ ۾ کنيو آهي. خدا اوهان کي اجورو ڏيندو. اسان جي خانداني تاريخ ۾ اوهان جو نالو حرف زرين ۾ لکيو ويندو.

شجرو ڪاپي ڪرائي، جلد موڪليندس.

        ٽکڙ کي زنده ڪرڻ گهرون ٿا، ڏسون مُردا ڪيئن ٿا زنده ٿين.

_________

 

سال 1961ع

(1)

جاويد ڪِلنڪ، ڪراچي

7 _ جنوري، 1961ع

        اوهان جو خط نئين سال جي پهرينءَ تاريخ پهتو. راڻي وٽان نئون نياپو آيل هو. اسان وٽ هينئر قاضي اسدالله شاهه صاحب جون سڪون سندس پوٽو اسدالله شاهه لاهي ٿو. علم ادب سان دلچسپي رکندڙ آهي. لنڊن جي اڍائي سالن جي قيام ۽ تربيت سندس معلومات، فهم ۽ ادراڪ، سوشل معيار ۽ زندگيءَ جي اصولن جي ڄاڻ ۾ گهڻو اضافو ڪيو آهي. مون کي سندس صحبت مان حظ حاصل ٿيندو آهي. پاڻ بمع ڀاءُ شبير علي شاهه ۽ سوٽ امداد علي شاهه جي، 4، 5 فيبروريءَ تي سن اچڻ گهرن ٿا، جي اوهين اتي هجو ته اطلاع ڏجو ته پهچي وڃن.

        آءٌ ڪالهه کان اسپتال ۾ داخل ٿيو آهيان. جي منهنجي طبيعت اجازت ڏني ته اچي حاضر ٿيندس.

        شجري جي ڪاپيءَ ڪرڻ لاءِ ماڻهو رکيو اٿئون.

 

(2)

حيدرآباد

21 _ جنوري، 1961ع

        هاڻ ڳوٺ آيل آهيان. اسان جي سَن اچڻ جي پروگرام ۾ ڪجهه تبديلي آئي آهي. منهنجي والد جي تاريخ وفات وسري ويل هئي، جا 5 _ فيبروري 1950ع آهي. ان تاريخ تي مقبري تي ويندا آهيون. ان ڪري، هاڻ 7 _ فيبروريءَ سن اينداسون. اسدالله شاهه، شبير علي شاهه، امدا علي شاهه، غلام رسول شاهه، شمس العارفين شاهه، انهيءَ ”ڊيليگيشن“ جا ميمبر هوندا. محمد قاسم شاهه به اچڻ لاءِ آماده آهي. اوهين جيپ موڪلي سگهو ته بهتر.

 

(3)

حيدرآباد

1 _ فيبروري، 1961ع

        اوهان جو خط 28 _ جنوريءَ جو لکيل، 31 _ جنوريءَ تي پهتو. مون به پڙهي اطمينان حاصل ڪيو. شام جو اسان جي روزاني ڪچهريءَ ۾ نوجوانن کي پڙهي ٻڌايو ويو. اوهان منهنجي اچڻ لاءِ اصرار ڪيو آهي، سو پڙهي جوان چوڻ لڳا ته پوڙها ضرور پوڙهن کي جوانن تي ترجيح ڏيندا. بهرحال، کين اوهان جي ملڻ جو شوق ڪافي آهي، تنهنڪري باوجود نوڪرين جي به، موڪلون وٺي، اوهان جي درِ دولت تي پهچندا. البت وڌيڪ خوشي ٿي جو اوهان خط ۾ سواريءَ جو لکيو آهي. خدا ڪري، سواري ميان يار محمد شاهه جو پراڻو فورڊ ]موٽر[ نه هجي، نه ته اسان جو مڙهه به رُلي وڃڻ جو احتمال آهي! جيڪڏهين ڪا نئين سواري ملي ته واه، نه ته ريل بهتر آهي. شايد اوهان وٽ هن کان بعد اچڻ مشڪل ٿي پوي. الله تي ننگ آهي. بدن ۾ سيءُ گهڻو اٿم. ٿوري ٿڌ به سهي نٿو سگهان. دم ان کانسواءِ آهي. پيريءَ جون سڀ نشانيون موجود آهن. ڪوشش ڪنداسون ته ٻنپهرن جو پهچي وڃون. اسان سان چون _ چون مربو آهي. ست ڄڻا آهيون. مولچند سڪرنڊ واري جي راڳ ٻڌڻ جو شوق آهي.

 

 

(4)

حيدرآباد

 7 _ فيبروري، 1961ع

        اسين ٽپڙ ٻڌي، مڪمل تياري ڪري، فقط سواريءَ جي انتظار ۾ ويٺاسون. اهو خيال هو ته جيڪڏهن موزون موٽر سواريءَ لاءِ سن مان نه آئي ته ڪِرائي تي ڪري به سن ضرور اينداسون. اوچتو اوهان جو پيامبر آيو. اوهان جو خط ڏنائين، جنهن جي پڙهڻ سان سنگت کي محسوس ٿيو ته پوڙهن جي صحبت ڪنهن وقت ڪارائتي ۽ بعضي دلچسپ ٿئي ٿي، پر هميشه هنن تي ڀاڙڻ به غير معقول ٿيندو. مون کانسواءِ، ٻين کي پروگرام جي منسوخ ٿيڻ جو گهڻو ڏک ٿيو.

        شجرو تيار ٿي چڪو آهي، باقي ولين جو ڪرامتون ۽ ٻيا احوال درج نه ڪرايا اٿئون. اهي اوهان کي ڏيکاري، پوءِ ضروري اقتباس ڪبو. في الحال اسان جو اچڻ نه ٿيو، جنهن لاءِ مکيه مانع رستن جي بارش ۽ اوهان جي طبع جي ناسازگي چئبو، ورنه اسان جا جوان ڪيئن به اچي نڪرن ها. هنن جي رڳن ۾ گرم خون روان ۽ دوان آهي، تنهنڪري سياري جي هنن کي پرواهه نه آهي. سندن موڪل 12 _ فيبروريءَ تي پوري ٿيندي. اپريل تائين امتحان هوندا. مئي ۾ واندا ٿيندا. تيستائين سرديءَ مان گرمي ٿي ويندي. ٻيو به الله کي معلوم:

”واڳ   ڌڻي تنهنجي وس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي!“

        منهنجا هيٺ صحيح ڪندڙ رفيق، مٿين خيالن جا آهن:

(1) اسدالله شاهه، (2) شبير علي شاهه، ”هاتف“ (3) غلام رسول شاهه ”سوز“ (4) امداد حسيني.

 

(5)

حيدرآباد

12 _ آڪٽوبر، 1961ع

        ماستر عنايت الله، ادبي بورڊ وارو، آيو. ان کي ”تذڪرته الشعراءِ ٽکڙ“ جو ڪتاب، اسد الله شاهه کان وٺي، مارڪ ڪري ڏنو اٿم. ان ۾ حاجي عبدالحڪيم شاهه جو ذڪر به آهي، ليڪن ڏاڏي ميران محمد شاهه ۽ قاضي اسد الله شاهه جو تفصيلوار ذڪر ڏنل آهي. حقيقت ۾ اهي ٻه شخص ٽکڙ جي خاندانن ۾ نمايان هستيون هئا. ان کانپوءِ اگر ٻاهرينءَ دنيا جي احاطي کي ملحوظ رکبو ته بندو به ٽکڙ جي باشندن ۾ مخصوص حيثيت رکي ٿو. هنن کان بعد ٽکڙ نه رهي آهي. شهر سڄو سم، ڪلر ۽ بيروزگاريءَ ڪري تباهه ٿي ويو آهي. گهڻا لڏي وڃي شهرن ۾ ويٺا آهن علي اصغر شاهه جو احوال سندس فرزند غلام حسين شاهه کي لکايل آهي، اهو ڪافي آهي. اميد ته ڪتاب جي مختلف مرحلن کان واقف ڪندا ايندا.

        آءٌ 18 _ آڪٽوبر تي ڪراچيءَ وڃڻ جو ارادو رکان ٿو.

 

__________

 

سال 1962ع

(1)

حيدرآباد

24 _ جنوري، 1962ع

        اڄوڪيءَ ”عبرت“ مان معلوم ٿيو ته اوهان جي والده اوهان کي داغ مفارقت ڏيئي ٻئي جهان ڏي راهي ٿي ويئي. خدا کيس جوارِ رحمت عطا فرمائي، ۽ اوهان کي صبر جميل بخشي!

        آءٌ ۽ منهنجي بيبي (Baby) اچون ها، پر بيمار هئڻ ڪري اچي نٿا سگهون. ان ڪري، عذر خواهيءَ لاءِ هي خط موڪليون ٿا.

 

(2)

حيدرآباد

16 _ مارچ 1962ع

        هٿ ڏڪي ٿو. اکر خراب آهن، معاف ڪندا. اوهان پنهنجي طبيعت جي ناسازيءَ کان مطلع ڪيو آهي. خدا ڪري، تندرست تنومند هجو! گهر ۾ لڳاتار ويهڻ ڪري ان تي اثر پوندو هوندو، ته به رب جو شڪر آهي جو پرائي نه، پر پنهنجي گهر ۾ محفوظ آهيو!

ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر سور سين،

تاڙين مٿي توڙ، اوري ڪن نه آسرو.

        آءٌ پنجن مهينن کان لاڳيتو بيمار آهيان. اوهان وٽ فاتح خوانيءَ لاءِ اچي نه سگهيو آهيان. جيڪڏهين آبهوا موافق رهي ته غالباً مارچ جي 22 _ تاريخ سن ايندس. جيپ اسٽيشن تي موڪليندا.

         مير ]غلام علي[ ۽ ڪرنل ]حيدر[ جي اليڪشن طرف اوهان اشارو ڪيو آهي. مون کي خبر آهي ته اوهين ڪنهن جو طرف ڪو نه ٿا وٺو. پر حق جو ڪلمو چوندا ته سنڌ جي پبلڪ لائيف کي جيترو مير غلام علي خان ڪَرَپٽ (Corrupt) ڪيو آهي، اوترو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو آهي! هن جو سارو خزانو حاڪمن جي ضيافتن ۽ شڪارن تي خرچ ٿيو آهي. هڪ پائي به اسڪول يا اسپتال ۾ خرچ نه ڪئي اٿس. وزارت ۽ اَمارت پاڻ سندس ڀاءَ لاءِ وٺڻ واسطي تمام طاقتون صرف ڪيائين. اها ڪَرپشن جي مانا پولي (monopoly) هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي!

 

(3)

حيدرآباد

12 _ نومبر 1962ع

         اميد ته اوهان پنهنجي وطن ۾ گهڻو رهي سڪونِ دل حاصل ڪيو هوندو، ۽ ڪجهه طبعزاد لٽريچر به پيدا ڪيو هوندو، شايد طباعت هيٺ اچي وڃي. جيڪڏهين انهيءَ لٽريچر کي منهنجي هوندي ڇپايو ته نهايت چڱو.

        آءٌ گذريل هفتي کان ڪراچيءَ ويل هوس. آءٌ ۽ منهنجي اهليه رات جو اچي اوهان جي بنگلي تي ترسندا هئاسون. اهڙيءَ طرح هڪ هفتو گذري ويو. انهيءَ عرصي ۾ اوهان جي نياڻين اسان پوڙهن ڪراڙن جي جا خدمت ڪئي، ان جي تعريف ڪري نه سگهبي. صالح مائٽ جو اولاد به صالح ٿيندو آهي. تنهنڪري، هي خط پنهنجي ۽ اهليه جي طرفان شڪريي جو موڪليان ٿو. نه رڳو خدمت ڪيائون، پر سوکڙيون پاکڙيون به ڏنائون.

        اوهان جي جاءِ جوانيءَ ۾ ڪم نه آئي، ته پيريءَ ۾ ته آئي!

 

_____________

 

سال 1963ع

(1)

حيدرآباد

17 _ اپريل، 1963ع

        اوهان جو خط گهڻي عرصي کان پهتل آهي، پر زماني جي ايڏين الجهنن ۾ مستغرق آهيان جو دل جون تاڪيون کولي احوال لکڻ ڏانهن رغبت نٿي ٿئي. آءٌ سياري ۾ ٻه دفعا بيمار ٿي وري صحتياب ٿيو آهيان. سڄو سارو ڪوٺين اندر گذاريو اٿم۔ دم جي بيماريءَ ڦڦڙن جي فعل کي زائل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهين حڪيم سعيد جي علاج مان صحتياب ٿي ته وري اک خراب ٿي پيس. خدا شفا بخشيندس! ٻه همراهه حياتيءَ جي شاهراهه جي پوين منزلن کي طي ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون: ڏسجي ته ڪير اڳي، ڪير پوءِ! باوجود بيمارين ۽ ٻين مال ۽ گهرو نا اتفاقين جي زندگيءَ جي ڪشتي، زماني جي حوادث جي ٿڦيڙن جو مقابلو ڪندي، گذرندي رهي ٿي.

پيري تمام ذڪرِ مين ڪَٽ گئي،

ڪيا رات ٿي ڪ ايڪ ڪهاني مين ڪٽ گئي!

        اوهين ڪڏهين نه وسريا آهيو، نه وسرندا. خطن جي دير مدار تي اسان جي قلب جي ڪاڍي جو وزن نه وٺندا، سدائين ياد آهيو. ڪراچيءَ هلڻ ٿئي ته اطلاع ڏيندا ته ڪوشش ڪري اچي ملانوَ.

Text Box: 164

 

        ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو ڪم، باوجود بيماريءَ جي، باقاعدي ڪندو رهان ٿو. مخدوم صاحب جي مدد آهي. حسام الدين شاهه معاون آهي. محمد ابراهيم جويي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪري سرڪار کي موڪليو اٿئون، ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

 

        وڏي نوازش جو پنهنجي تذڪري ۾ مون کي ڪافي جاءِ ڏني اٿو. اهو ڪتاب سنڌ جي سياسي تاريخ ٿي ليکبي.

        محمد عالم شاهه ڏاڏاهيءَ جو حال ڪو نه ٿو ملي. هو سدائين ناري ۽ ٿر جو گشت ڪندو هو. پير صاحب پاڳاري جو خليفو هو. چانهه جو سخت عادي هو. ڪِٽلي هميشه ساڻ هوندي هيس. اڪثر راڄوڻا فيصلاڪندو هو. ان ڪري راڄن ۾ مڃتا گهڻي هوندي هيس.

 

(2)

حيدرآباد

6 _ جولاءِ، 1963ع

        ڪيترا ڏهاڙا ٿي ويا آهن، مگر اوهان وٽان احوال نه آيو آهي:

”نڪو خبر نڪو خواب، نڪو اوٺي آئيو!“

ٽپال جي ٽيڙائپ ۽ رائڙن جي رونداڻِي، شايد چٺين چپاٽين کي چٻاڙيو ڇڏين. لاچار، قاصد هٿ خط موڪلجي ٿو. ملڻ الاجي ڪڏهين ٿيندو. اوهان جو ٻاهر نڪرڻ ٻين جي اختيار ۾ آهي. آءٌ هلڻ کان معذور آهيان، دوائون گهڻيون ڪيون اٿم، پر بيسود:

جان جان ڪري طبيب، دارون هن درد جا،

سي هڻيو هٿ حبيب، اکوڙيو اڌ ڪري!

        جڏو جيءُ پيو جياريان. حڪيم محمد سعيد جو علاج جاري آهي. سڀاڻي هالن وڃان ٿو. مخدوم صاحب جي پڦي وفات ڪري ويئي آهي. حسام الدين شاهه ايندو ته ادبي بورڊ جي ترقيءَ لاءِ تجويزون رٿبيون. آءٌ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو. جويو صاحب ڊبل چارج وٺندو. خدا ڪري ته بورڊ من هن جي هٿان بچي وڃي. اوهين هجو ها ته بورڊ جي ڳالهه ئي ٻي هجي ها، پر اهو وقت اڃا پري آهي. سنڌ جو الله ته ننگ آهي. دعا ڪجو، دين ايمان ۽ عزت سان لاڏاڻو ٿئي!

 

(3)

ڪراچي

24 _ آگسٽ، 1963ع

        دمڪشڪيءَ ايترو ستايم جو ڪراچيءَ اچڻو پيو. هاڻ اهو حال آهي جو سنئون قدم بنا سهڪڻ جي کڻي نٿو سگهان. جڏهين لنڊن ۾ مخدوم صاحب سان گڏجي ويو هوس، تڏهين کان سگريٽ ڇڏي ڏنو اٿم. پوءِ به خبر نه آهي ڇو ڦڦڙ خراب ٿي پيو آهي. ڪالهه ڊاڪٽر قاسم، ڪرنل شوڪت ۽ ڪرنل شاهه مون کي تپاسيو، ۽ ساڳي، ڦڦڙ جي مستقل خراب ٿيڻ جي راءِ ڏني. دوا تجويز ڪئي اٿن، پر اها سمجهو ته عارضي آهي،  موٽر جي خراب ٿيل مشين وري ائين ٿي نه سگهندي. پنج ڏينهن هتي علاج ڪري، وري حيدرآباد ويندس.

Text Box: 165

 

        حيدرآباد جو حال هي آهي جو منهنجو ننڍو ڀاءُ محمد قاسم شاهه سمجهي ٿو ته منهنجو ڀاءُ مُئو ويٺو آهي: متان سندس ملڪيت مان ٻيا وارث _ وڏي نياڻي ۽ زال _ به حصو وٺن، تنهنڪري هينئر ئي مون کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو اٿس. فصل تي زوريءَ قبضي ڪرڻ جو خيال اٿس. گهر ۾ منهنجو سوشل بائيڪاٽ ڪيو اٿن _ يعني نه پاڻ ڳالهائي، نه سندس تعلق جو ماڻهو ڳالهائي. هي آهي نتيجو! قاسم شاهه کي نپائي، سانڍي، سندس اولاد کي به نپائي سانڍي وڏو ڪيم. اوهين بند ٿيا ويٺا آهيو _ ڪهڙي ڪم جا! جي آزاد هجو ها ته ڪجهه نه ڪجهه اڄ ڪم  اچو ها، جيئن منهنجي ابتدائي سياسي زندگيءَ ۾ ڪار آمد ٿيا هئا. اوهان اڳي خط ۾ اڻسڌيءَ طرح ٽوڪ هنئي آهي، مگر اِهي ٽوڪون جيئن اڳي برداشت ڪيون اٿم، تيئن هينئر به برداشت ڪندو ايندس. منهنجي اوهان سان شخصي محبت رهي آهي، ۽ نه سياسي: اها محبت اميد ته قبر تائين قائم رهندي. آءٌ ۽ اوهين ڪهڙيءَ حالت ۾ به هجون، باوجود سياسي اختلاف راءِ جي، شخصي محبت هميشه قائم پئي رکي اٿئون. منهنجي هميشه دعا رهي آهي ته خدا ڪري اوهين آزاد ۽ خوش هجو!

 

 

(4)

آخري خط

حيدرآباد

26 _ آڪٽوبر، 1963ع

        خط اوهان جو ميان يار محمد شاهه هٿان مليو. وري شاهه صاحب ڪو نه ڏسڻ ۾ آيو. سندس ڪم لاءِ ڪوشش وٺبي. ڪاميابي الله جي هٿ ۾ آهي. نور چشم امداد ڪالهه آيو، منهنجي حالت روبرو ڏٺائين. مطلب ته دم زور وٺي ويو آهي ۽ ضعف وڌندو وڃي ٿو، جنهنڪري گذريل ٻارهن ڏينهن کان گهر ۾ ويٺو آهيان. ادبي بورڊ جي ميٽنگ ۾ به شامل ٿي ڪو نه سگهيس. دعا ڪندا، الله شفايابي بخشي، ڪنهن جو محتاج نه ڪري!

Text Box: 166

 

        جنهن صورت ۾ اوهين هن وقت سنڌ جا تاريخدان سڏجي سگهو ٿا_ خصوصن خاندان مٽياري جا _ منهنجي راءِ آهي ته اوهان پنهنجين تحريرن کي ڪتابي صورت ڏيڻ کان اڳ، مختلف مضمونن جي شڪل ۾، اسان جي خاندان جي چند شخصيتن بنسبت مضمون لکي اخبارن ۾ شايع ڪرايو ته عوام جي معلومات ۾ اضافو ٿئي ۽ اوهان جيڪو تاريخ نويسيءَ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي، ان جو به عوام کي اندازو لڳي. انهيءَ ڏس ۾ قاضي اسدالله شاهه ”فدا“ جو نالو پيش ڪندس، ڇو ته، منهنجي خيال ۾، جن ماڻهن جي هن سرپرستي ڪئي هئي، اهي به کيس وساري ويٺا آهن. مهرباني ڪري پنهنجيءَ راءِ ۽ احوال کان واقف ڪندا. حيدرآباد ڪڏهين ايندا؟ ڪراچي ڪڏهين ويندؤ؟ ملڻ جي گهڻي خواهش آهي. دعا سلام سڀني جا قبول ڪندا.

 

 

_ ميران محمد شاهه

        ]نوٽ: هيءُ سندس پويون خط هو. ان جو جواب کيس موڪليو هوم ته مون کي، بيماريءَ کان سواءِ، اجازت سان به ٻاهر نڪرڻ جي اجازت نه هئڻ ڪري، حال ملڻ جو امڪان ڪو نه آهي. ڪتاب لکڻ جو تفصيل موڪليو هومانس _ غلام مرتضيٰ[

 

_____________

 

سيد غلام مرتضيٰ شاهه سيد محمد شاهه سنائي

عرف

جي . ايم . سيد صاحب

        __ هن ڪتاب جو لائق مصنف: سندس جنم 17 _ جنوري 1904ع تي، ڇنڇر ڏينهن، سن جي ڳوٺ ۾ ٿيو.

        پاڻ مٽياري سيدن مان، سيد شاهه حيدر عليه الرحمته  جي اولاد مان چوڏهون نمبر سجاده نشين هو. تعليم مڪاني طرح ورتائين.

        14 ورهين جي عمر ۾ سن جي شهر ۾ ”انجمن مسلمين سن“ برپا ڪري، شاديءَ، غميءَ  ۽ ٻين رسمن جي اصلاح ڪرايائين.

        مارچ 1924ع ۾، سنڌ جي سيدن جي تعليم، معاشرتي اصلاح ۽ تنظيم لاءِ سن ۾ مٽياري سادات ڪانفرنس سڏائي، ”انجمن سادات مٽياري“ قائم ڪرايائين.

        ڊسمبر 1924ع ۾، حيدرآباد ۾ گڏ ٿيل ”سنڌ تعليمي ڪانفرنس“ ۾ خاص حصو ۽ دلچسپي ورتائين.

        آڪٽوبر 1925ع ۾، ڪراچي ضلع جي ”آبادگارن ۽ زميندان جي ايسوسيئيشن“ برپا ڪرڻ ۾ سيٺ محمد جعفر خواجه سان گڏ مکيه حصو ورتائين.

        1926ع ۾، ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ ۽ اسڪولبورڊ جي ميمبريءَ وقت سن جي ڳوٺ ۾ زنانه اسڪول، انگريزي ڪلاس ۽ شبينه اسڪول قائم ڪرايائين.

        1926ع کان، سيد حيدر عليه الرحمته جي درگاهه تي ساليانه ميلي جي موقعي تي، محال مانجهندن جي تعليمي ترقيءَ ۽ معاشرتي اصلاح لاءِ ڪانفرنس سڏائڻ جو دستور وڌائين، ۽ سنڌ جي ميلن کي اهڙيءَ طرح ڪتب آڻڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين.

        1928ع ۾، ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جي پريزيڊنٽ چونڊجڻ بعد، ڪراچي ضلعي ۾ ڳوٺ سڌار هلچل شروع ڪرائي، ساري ضلعي ۾ جلسا سڏائي، ان جو پرچار ڪرايائين.

        ڪراچي ضلعي لاءِ هيٺيون جماعتون ٺهرائي، انهن ذريعي سماجي خدمت ڪيائين:

1 _ ڪراچي، ضلع ڳوٺ سڌارا         صدر: جمشيد ميهتا

ايسوسيئيشن                          سيڪريٽري: پاڻ.

2_ زالن جي بهتري لاءِ جماعت       صدر: مسز مومي مهتا،

                                       سيڪريٽري: مس آڏواڻي.

3_ مالدارن جي بچاءَ لاءِ                 صدر: حاجي مير محمد بلوچ     

ايسوسيئيشن                      سيڪريٽري: پاڻ.

 4_ ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ           صدر: جمشيد مهتا.

                                        سيڪريٽري: پاڻ.

5_ مير بحرن جي حقن جي           صدر: جمشيد مهتا.

حفاظت لاءِ جماعت                    سيڪريٽري: پاڻ.

6_ زميندار ۽ آبادگار        صدر: سيد حاجي عبدالرحيم شاهه

 جماعت                               سيڪريٽري: پاڻ.

 

        1930ع ۾، سيد ميران محمد شاهه سان گڏجي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي، ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ جي شروعات ڪيائين.

        ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي رستو پڪو ڪرايائين، ۽ ڪراچي لوڪلبورڊ بلڊنگ، جنهن ۾ هن وقت ريڊيو پاڪستان ڪراچي آهي، ٺهرايائين.

        1930ع ۾، ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ سڏايائين، جنهن جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو پاڻ چيئرمين هو. ڪانفرنس جي صدارت جمشيد مهتا ڪئي. اتي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو ويو. ان جا پهريان عهديدار هي هئا: پرنسپال گوڪلي، صدر: ڄيٺمل پرسرام سان گڏ ”صوفي سماگم“ مجلسن سڏائڻ جو دستور وڌائين.

        1931ع کان سنڌ ۾ ديسي هنرن جي زور وٺائڻ ۽ کاڌي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ ديسي نمائشن کي قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتائين.

        1940ع ۾، سنڌ سرڪار جي وزير تعليم، انڊسٽريز ۽ ليبر ٿيڻ بعد هيٺيان ڪم ڪيائين:

Text Box: 168

 

(1) سنڌ ۾ جدا يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ ڪميٽي مقرر ڪيائين.

 

(2) سنڌي ادب کي زور وٺائڻ لاءِ ”سنڌي ادبي صلاحڪار بورڊ“، ميران محمد شاهه جي چيئرمنيءَ هيٺ قائم ڪيائين، جنهن جو سيڪريٽري عثمان علي انصاري هو، جو پوءِ غلام نبي پٺاڻ جي تعيليمي وزيريءَ جي ڏينهن ۾ وڌي، 1951ع ۾، ”سنڌي ادبي بورڊ“ نالي سان سڏجڻ لڳو.

        (3) اسڪولن ۾ راڳ، رقص، مصوريءَ جي تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪيائين.

        (4) سيڪنڊري تعليم جي زور وٺائڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪيائين، جا آخر بدلجي ”سيڪنڊري ايڊيوڪيشن بورڊ“ جي صورت اختيار ڪري ويئي.

        (5) ماڻهن طرفان اسڪولن ۾ زوري مذهبي تعليم رائج ڪرڻ جي سوال تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي صدارت هيٺ قائم ڪيائين، جنهن سفارش ڪئي ته (تڏهوڪي صورتحال ۾) مذهبي تعليم جو اسڪولن ۾ رواج فائدي بدران نقصان جو ڪارڻ بڻبو.

        (6) مزورن جي آرام ۽ ڪم جي وقت جي عرصي مقرر ڪرڻ لاءِ قانون پاس ڪرايائين.

        (7) ”انڊين نيشنل پلئننگ ڪميشن“ (پنڊت جواهر لعل  نهرو جي صدارت هيٺ قائم ٿيل) تي ڪم ڪيائين.

        ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي چيئرمين طور 1953ع کان 1958ع تائين ڪم ڪيائين.

        ”شاهه لطيف ڪلچرل بورڊ“ قائم ڪرائي، ان تي ميمبر طور ڪم ڪيائين. شاهه لطيف جي درگاهه تي ثقافتي مرڪز جي تجويز تيار ڪري، ان کي بحال ڪرائڻ ۾ سندس مکيه هٿ هو.

        هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيا اٿس، جن مان ڪي ڇپجي ويا آهن ۽ ڪي اڃا نه ڇپجي سگهيا آهن:

1_ محال مانجهندن جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام (ڇپيل).

2_ پاڪستان قائم ٿيڻ لاءِ دليل _ ترجمو (ڇپيل).

3_ جڊيشري کان انتظامي کاتي کي جدا ڪرڻ _ (علي محمد شاهه راشديءَ جي مدد سان لکيل) (ڇپيل).

4_ نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، 2 جلد، ٽي ڇاپا (ڇپيل)، جيڪو پوءِ ضبط ٿيو.

5 _ پيغام لطيف (ڇپيل).

6_ موجوده سياسي مسئلا: قوميت، زبان، مسلم ليگ ۽ سنڌ جي مسئلن تي مضمون (ڇپيل). جيڪو پوءِ ضبط ٿيو.

7 _ مٽياري ۽ سنائي سيدن جي تاريخ ۽ شجرا (اڻ ڇپيل).

8 _ پنهنجن مکيه سياسي مضمونن جو مجموعو (اڻ ڇپيل).

9 _ پنهنجن مکيه ثقافتي مضمونن جو مجموعو (اڻ ڇپيل).

10_ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون ڪافيون (اڻ ڇپيل).

11_ رهاڻ: سيد ميران محمد شاهه جي کيس لکيل خطن مان چونڊيل خطن جو مجموعو (ڇپيل).

12_ سيد علي محمد شاهه راشدي جو کيس لکيل خطن مان چونڊيل خطن جو مجموعو (اڻ ڇپيل).

13_ حالات حاضره تي مضمون: مذهب، ثقافت، جدائي جا ڪارڻ، مستقبل وغيره (اڻ ڇپيل).

14 _ مشاهير سنڌ، جنهن ۾ 167 مکيه ماڻهن جي حياتيءَ جا احوال آيل آهن (اڻ ڇپيل).

Text Box: 169

 

15 _ پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني: 5 جلدن ۾ (اڻ ڇپيل).

 

16 _ پيغام لطيف درست ٿيل صورت ۾ (اڻ ڇپيل).

        هن وقت ۾ سندس ڳوٺ سن کان ٻاهر نڪرڻ تي سرڪار طرفان مٿس بندش پيل آهي، ۽ پاڻ اُتي فرصت جو سمورو وقت لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول رهي ٿو.

----------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org