سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو : 12

سال 1953ع

(1)

حيدر آباد

1 _ فيبروري، 1953ع

        18 _ ڊسمبر تي، ٻن مهينن جي موڪل وٺي، هتي آيل آهيان. انهيءَ عرصي ۾ نياڻيءَ جي شاديءَ جو اهتمام ڪيم؛ ان فرض کان فارغ ٿيس. اوهان ته خير سان هڪڙي ئي سال ۾ وري ٻيو دفعو يورپ جو سير ڪيو؛ چين جو به چڪر هڻي آيا؛ يعني پراڻيءَ دنيا جي پڙتال ذري گهٽ پوري ڪيوَ. خدا مبارڪ ڪري اوهان جو سفر! شل لوڪن سان لهه وچڙ ۽ حقيقتن جو هجوم توهان جي دماغ جي ساهميءَ کي سڌو رکي، اُٿَلُ - ۽ اُٽَلَ کان آجو رکي! سنڀالي وات مان ڪجهه ورجائجو. پند ۽ نصيحت جي نيت سان نه، پر حالتن کي هنڊائي، خير خواهيءَ طور عرض ڪريان ٿو.

        هيستائين وزيراعظم پاڪستان ۽ گورنر جنرل سان ملاقات ڪري چڪو آهيان. يوسف هارون ۽ مير غلام علي خان سان به تبادله خيال ڪيو اٿم. کهڙي صاحب ۽ مير غلام علي خان سان به تبادله خيال ڪيو اٿم. کهڙي صاحب ۽ قاضي صاحب جي ڪاٽا ٿيڻ ڪري، سنڌ جي سياست ۾ ڪي قدر خال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آئيندي اها جاءِ راشدي صاحب ڀري، يوسف هارون والاري، يا مير غلام علي خان گاديءَ ڌڻيءَ ٿئي، تنهن جي پروڙ ڪا نه ٿي پوي. مٿين  خانن کي خيال ئي ٻيا آهن. اليڪشن ڪرڻ جو ڪو تڪڙو ارادو ڪو نه ٿو ڏسجين.

        منهنجي موڪل 15 _ فيبروريءَ تي پوري ٿيندي، پر گهرو حالتون واپس وڃڻ کان مانع آهن. صحت اسپين ۾ به نه سڌري. ذهني ڪشمڪش ۾ آهيان ته هن عهدي مان ڪو سود ڪو نه ٿو نظر اچي. ڪم جي سُڃاڻ به هِت خير ڪا ٿي ڏسجي، بلڪ دل ڀڃڻ جي روش آهي. هاڻ پيو سوچيان ته ڇا ڪريان.

        اوهين ته خبر نه آهي ته ڪڏهن ملندا. جي ٿي سگهي ته هڪ دفعو ڪراچيءَ ڏانهن ويندي منهڙو ڏيکاري ويندا. آءٌ ٻه دفعا ڪراچيءَ ”حيدر منزل“ تي ويس، پر اوهين غير حاضر هئا. وري شايد 8، 9 _ تاريخ ڪراچيءَ وڃان، ۽ وزيراعظم سان دل جا حال ڪريان. جي موٽي ويس ته 16 _ فيبروريءَ روانو ٿي ويندس. پنهنجي نقل حرڪت جو پروگرام لکندا.

 

(2)

ڀونچ سمنڊ مٿان، هوائي جهاز مان

20 _ مارچ، 1953ع

        مون سمجهيو ته اوهان سان ملي پوءِ موٽي مئڊرڊ ڏانهن ويندس. 18 _ تاريخ جڏهين اوهان جي بنگلي تي آيس ته امداد ٻڌايو ته اوهين گشت ۾ ويا آهيو. آءٌ توکي هتان جهاز مان ياد ڪري رهيو آهيان. اڄ 2 بجي روم پهچندس. سڀاڻي مئڊرڊ پهچڻ جو پروگرام آهي. مون کي ڪراچيءَ ۾ معلوم ٿيو ته راشدي صاحب، ڄاموٽ ۽ بقادار شاهه کي منهنجي سامهون بيهڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي. مون کي خبر نٿي پوي ته راشدي صاحب مون کي ڇو سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ ٿو گهري. ان ڏس ۾ جي ڪجهه تون ڪري سگهين ته راشدي صاحب، ڄاموٽ ۽ بقادار شاهه سان ڳالهائج. آءٌ پهرين اپريل تي بستر سميت واپس ايندس. ڪراچيءَ 2، 3 _ اپريل تي پهچندس. ان وچ ۾ مهرباني ڪري منهنجي لاءِ ڪجهه ڪندا.

 

(3)

ڪراچي

12 _ مئي، 1953ع

        مون حڪيم عبدالحميد خان، مالڪ همدرد دواخانه دهلي کي، هوٽل ميٽروپول ۾، 16 _ مئي 1953ع تي ساڍي ستين بجي شام جو دعوت تي گهرايو آهي. مهرباني ڪري اوهين ان ۾ اچي شريڪ ٿيندا.

 

(4)

حيدرآباد

11_ آڪٽوبر، 1953ع

        مير غلام علي خان ائگريڪلچرل ڪميشن جي ميٽنگ 22 _ آڪٽوبر تي رکي آهي. پر 23، 24 _ آڪٽوبر تي شاهه لطيف جي سالگرهه ملهائڻ جو انتظام ڪيل آهي. اسين رات ڏينهن ان ڪم ۾ مشغول آهيون. 25، 27 _ آڪٽوبر ڌاري مس واندا ٿينداسون. مهرباني ڪري مير کي خط لکي، ميٽنگون پهرين نومبر کانپوءِ رکائيندا. موقعي لاءِ مضمون لکيو ايندا. ڪتاب مان مضمون پڙهڻ ٺيڪ نه ٿيندو. ڳائيندڙ وٺيو ايندا.

 

(5)

ڪراچي

11_ آڪٽوبر، 1953ع

        خط پهتو. ڪراچيءَ اچڻ تي معلوم ٿيو ته اوهين ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا هئا. ٽهلراماڻيءَ ۽ راڪ هائوس وارن لاءِ تنبوءَ جو بندوبست ڪيل آهي. کين اهڙو اطلاع ڏنو اٿم. اوهين حافظ اسحاق ۽ ٻين ڳائڻن کي شاهه ڀٽ تي وٺيو ايندا. انتظام 1951ع جي پيماني تي ڪيو ويو آهي.

 

سال 1954ع

(1)

هوٽل ائمبيسيڊر نئين دهلي

15 _ فيبروري، 1954ع

        هتي، دهليءَ ۾، لئنڊ اِمپروومينٽ ۽ گهٽ درجي جي گهرن ٺاهڻ واسطي ڏکڻ _ اڀرندي ايشيا جي ملڪن جي سمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيل آهيان. اها ڪانفرنس اقوام متحده جي ماتحت ڪوٺائي ويئي آهي. هن ڪانفرنس ۾ زمين درست ڪرڻ ۽ گهر اڏڻ لاءِ دنيا جا بهترين ماهر اچي حصو وٺڻ وارا آهن. گهرن ٺاهڻ جي ماڊلن جي نمائش جو به انتظام ڪيو ويو آهي. اهي گهر 700 رپين کان پنج هزار رپين تائين خرچ سان تيار ڪري سگهبا، نمائش ۽ بحث مان توکي گهڻو لطف اچي ها، جو ”ڳوٺ سڌارا“ لاءِ تو سنڌ ايگريڪلچرل ڪميشن اڳيان اهي سوال آندا هئا. آءٌ توسان ڳوٺ سڌار تعمير بابت روبرو گفتگو ڪندس ته ڪيئن اسين پنهنجي ٻهراڙيءَ کي درست ڪري سگهون ٿا. 17 _ تاريخ سيمينار پورو ٿيندو، ساڳيءَ شام جو ڪراچيءَ پهچندس. وڌيڪ احوال روبرو ڪبا.

 

(2)

پاڪستان انٽرنيشنل جهاز

18 _ جولاءِ، 1954ع

        مفت را چه بايد گفت! ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس لاءِ ٽڪيٽ ملي ويئي. ڇپر جي سرهه وانگر ( جي هو سنڌ ۾ لهندو آهي، ته به جبل جي سار رکندو آهي)، اسان کي به گرميءَ جي موسم ۾ ولايت جي سير جو خيال جاڳندو آهي. هيءَ اُڙان P.I.A  جي، افتتاحي، جنيوا تائين. 10 بجي رات ڪراچيءَ، ته صبح ويل نيل، ته ٻنپهرن جو جنت نشان سئٽزر لينڊ ۾ پهچنداسين. زماني ڪهڙو نه ڦيرو کاڌو آهي! اڳيون مثال آهي ته

نارا هليا ننگرين، ڪري بديڻڪو وَرُ،

ڀَتُ بديڻڪو ويجهڙو، هي به اسان جو گهر.

ويچاري حضرت موسيٰ کي گڏهن تي سواري ڪري بيت المقدس پهچڻ ۾ 4 مهينا لڳا. اسان ساڳيو سفر هڪ ڪلاڪ ۾ طئي ڪيو _ تعجب! بهرحال اسان جي جهاز ۾ چند مقدس هستيون به سوار آهن. جهڙوڪ کهڙو صاحب، سندس نياڻي، بيگم عرفان الله، جهانگير خان، وغيره. هي حضرات لينن جي ارض مقدس جا پانڌيڙا آهن. اسين محروم رهجي وياسون. خير، جنيوا ۽ ان جو ماحول به دلچسپيءَ کان خالي نه هوندو. آءٌ 1947ع ۾ پهريون دفعو جنيوا ويو هوس، جتي پاڪستان ڊيليگشن جو، فرسٽ ورلڊ هيلٿ ڪانفرنس لاءِ ليڊر ٿي ويو هوس.

 

سال 1955ع

 

(1)

حيدرآباد

19 _ مارچ، 1955ع

        ڪراچيءَ ۾ معلوم ٿيو ته اوهين اڄ خير سان آزاد ٿيندا. ڪالهونڪر آرڊرن جو پيرو کنيوسون، پر خبر پئجي نه سگهي. اڄ جيل جي دروازي تي امداد سان گڏ آياسون، پر معلوم ٿيو ته اوهان کي هڪ بجي موٽر جي رستي سوار ڪري، سن وٺي ويا. ملڻ جي گهڻي خواهش هئي. حال اوهان کي ٻين خفن کان ڪناره ڪشي ڪرڻ گهرجي _ جيتوڻيڪ اوهانکي نصيحت ڏيڻ لقمان کي حڪمت سيکارڻ آهي. آءٌ سڀاڻي ڪراچيءَ موٽي ويندس. اوهان سان اميد ته جلد ملاقات ٿيندي.

 

(2)

زورق

22_ جون، 1955ع

هڪ خط هوٽل ”والڊرون“ مان لکيو هوم، جو مليو هوندو؛ ان ۾ ابتدائي احوال لکيو هوم. تپاس کانپوءِ ڊاڪٽر روزيءَ ضروري سمجهيو ته منهنجي وڌيڪ تپاس ڪرائي باضابطي علاج ڪرائي، ان ڪري اڄ مون کي باٿ روم وارو ڪمرو هٿ ڪري، ان ۾ داخل ڪيو اٿس. شايد کاڌي سميت 40 فرئنڪ وٺندا. هوٽل ۾ به ايترو خرچ ٿئي ٿو. باقي ڊاڪٽرن جون فيون ڳاٽي ڀڳيون آهن. اڃا ٻڌايو ڪو نه اٿن، پر هڪ ايڪسري جا اڍائي سئو فرئنڪ ورتا اٿن. مون کان ڊپازٽ ٻه هزار گهريائون، پر في الحال 5 سئو فرئنڪ ڏنا اٿم. اڳتي ڏسجي ته ڪهڙيون ٿا طلبون ڪن. روم ۾ بلڪل آرام آهي. سڄي زورق جو نظارو، ڍنڍ سميت ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سڀ ڳالهه عمدي آهي، پر مهانگائي آهي. خدا ڪري، جنهن ڳالهه لاءِ خرچ ڪيو اٿم، سو خرچ ۽ سفر صاحب پوي.

        هاڻ اليڪشنون ختم ٿيون هونديون. اوهان جو ڇا ارادو آهي: جيڪڏهن پڪو ارادو هجي ته واضح طور لکو ته ان موجب ڊاڪٽر سان ڳالهايان. خرچ هڪ سئو رپيا روزانو، ڀاڙو ٽي هزار، جملي ست هزار رپين جو بندوبست ڪري، پوءِ سفر لاءِ تياري ڪجو.

 

(3)

زورق

13_ جولاءِ، 1955ع

        هڪ خط ۽ ڪارڊ روانو ڪيو اٿم، پر جواب ڪونه موڪليوَ. شايد سياسي چڪر ۾ اهڙا جڪڙجي ويا آهيون جو دوست احباب جي يادگيريءَ لاءِ فرصت به ڪا نه اٿوَ. بهرحال، مون وري به مناسب سمجهيو ته ٽيون دفعو به خط لکان. شايد سينسر اوهان جا خط گم ڪري ڇڏي، اهڙو ناحق نه ٿيڻ گهرجي. مون کي زورق ۾ آئي اڄ مهينو ٿيو آهي. ڏهه ڏينهن تپاسڻ ۾ ويا؛ 20 ڏينهن کن علاج ٿيو آهي؛ فائدو نه دوا مان، نه آبهوا مان پهتو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته خرچ ئي برباد ٿيو. منهنجي بيماري پراڻي، ويهن سالن جي، سا هڪ يا سوا مهيني علاج سان سڌرڻ عبث آهي. مون کي شايد زندگيءَ جا ڏينهڙا ائين گذارڻا پوندا. اوهان جو ڪيس به ٻڌو اٿم ته آخري طرح فيصل نه ٿيو آهي، ان ڪري اوهان جو ڪراچيءَ مان نڪرڻ محال پيو ڏسڻ ۾ اچي. آءٌ به اوهان جي هتي اچڻ جو آسرو لاهي ويٺو آهيان. اڪيلائيءَ جا ڀوت ڏسي، پوڙهين نرسن جا ٻوٿ پَسي، 20 _ جولاءِ لنڊن وڃان ٿو؛ اتي ڪو نه ڪو يار دوست ملي ويندو. وڌيڪ سفر جو ارادو ڊينمارڪ، سويڊن، جرمني، فرانس، اٽلي وغيره طرف وڃڻ لاءِ هوم، پر ان جي خاطري نه آهي. لنڊن وڃي پروگرام کي آخرين طور ٺاهيندس ۽ اطلاع ڪندس.

        اوهين جواب ڏيو ته يڪدم ڏجو، جي دير سان جواب ڏنوَ ته پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن جي معرفت ڏيندا. جي جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهو ته شال خوش هجو _ اوهين، ۽ اوهان جي سياست!

        هيسين تائين، اسپتال مان جند ڇڏائي، هڪ ڏينهن نوزرن برجن اسٽاڪ ۽ برن ڏسي آيو آهيان. پرينءَ انٽرلاڪن ڏسڻ جو ارادو اٿم، جتي آلپس جي جگفرن چوٽي ڏسي ايندس. ڊاڪٽر مڃي نه مڃي، وڃي ٻن پوي _ ملڪ مولا جو ته ڏسي وٺان! ڪمي فقط ساٿيءَ جي آهي: اڪيلو نه روئندو  سونهي، نه پٽيندو ٺهي. ڪالهه ڪي حيدرآباد جا سنڌي خواجا ملي ويا. برن گڏجي وياسون. ڏاڍا لطيف جا بيت سبز پهاڙن، آبشارن ۽ پائين ۽ چنار درختن مان لنگهي ڳائيندا وياسون. ڏاڍو مزو آيو پنهنجي ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪرڻ مان. سڄا سارا پنج ڄڻا هئاسون. گاڏيءَ ۾ به پنهنجي محفل لڳايو ويٺا هئاسون. منع هوندي به، سگريٽن جي ڌم لڳايو ويٺا هئاسون _ ڄڻ ته سئٽزرلينڊ جو سبز خطو خدا اسان لاءِ ٺاهيو هو. پر اهي يار به سڀان ويندا. پوءِ نانيءَ جا ڪَن وڃي رهندا: ”سسئي ۽ سُور، ويا پٽيندا پاڻ ۾“ جو مصداق بنجي ويندس. خير، الله تي ننگ آهي!

 

_____

 

سال 1956ع

 

(1)

]ڪارڊ[

ايويان، فرانس

15_ جولاءِ، 1956ع

        18_ جولاءِ جنيوا پهتس. ڪجهه علاج ڪرايم. اڄ ايويان آيو آهيان. آبهوا سٺي، پاڻي آبحيات، انسان حور پري، پر ”يارِ من ترڪي و من ترڪي نميدانم“ وارو معاملو آهي باغ ۾ بينچ تي ويٺو آهيان. هڪ پَري وشِ پاسي ۾ ويٺي آهي. مشڪي پيئي. سگريٽ ڏنومانس، جو ورتائين. فوٽو ورتومانس، اعتراض نه ڪيائين. ايڊريس به ڏني اٿس. پر زبان نه آءٌ هن جي سمجهان ٿو، نه هوءَ منهنجي سمجهي ٿي _ فقط اشارا آهن! ڪاش، اوهين اهو تماشو ڏسو ها! دوست کانسواءِ، اڪيلي سفر تي لعنت آهي! گونگو عشق به خواري آهي!

        سڀان برلــن مــان ٿي ويانا ويندس. اتان غالبن مئڊرڊ ويندس.

 

(2)

مئڊرڊ

5 _ آگسٽ، 1956ع

        اوهان کي جنيوا ۽ ويانا مان ڪارڊ لکيا اٿم، اميد ته پهتا هوندا. باوجود سئٽزر لينڊ جي خوشگوار آبهوا ۽  دلپسند ماحول جي، اسپين جي پراڻن تعلقاتن ڪشش ڪيم، جنهن ڪري آگسٽ ۾ اچي هتي پر گهٽ ٿيو آهيان. ائمبسيءَ وارن چڱي آجيان ڪئي آهي، جنهنڪري اطمينان جو وقت پيو گذري، پراڻن ڀاڻن کي ڏسيو، حسرت جي نگاهن سان پيو نهارجي. پر نه اهي ماڻهو، نه اهو ماحول! اسان جي پراڻن هڏن ۾ به دم ڪونهي جو شوق شڪار ڪجي.

        مئڊرڊ جي ميدان ۾ ڪافي وسعت آهي. اکين جو کاڌو ڪافي آهي، پر جسم ۾ جنبش ڪٿان آڻجي! تنهنڪري ”غالب“ جي مقولي تي اڪتفا ڪجي ٿي.

گو هاٿ مين جنبش نهين آنکهون مين تو دم هي،

رهني دو اڀي ساغر و مينا ميري آگي!

        پراڻا يار ڪافي ملن ٿا. تعجب آهي ته هو اڃا تائين هن بندي جي دورِ سفارت جي تعريف ڪري رهيا آهن، ڇو ته هن وقت سفارتخاني طرفان ڪا به نقل حرڪت نه آهي، عالمِ سڪوت ۾، معمولي ڪاغذن جي ڦير گهير ٿي رهي آهي، هيءَ هر هڪ ائمبسيءَ جي ملازم جي وات جي ڳالهه آهي، منهنجي راءِ نه آهي، عزيز بلوچ جي وڃڻ بعد، پاڪستان جو ذڪرِ خير بند ٿي ويو آهي. منهنجو هن لکڻ مان نڪته چيني مقصد نه آهي، پر حقيقتن جو اظهار آهي.

        آءٌ هتان 14 _ تاريخ روانو ٿي، نيس پهچندس. جتان 15 _ شام جو وري جنيوا پهچندس؛ 17 _ تاريخ ڌاري انشاءَالله ڪراچيءَ پهچندس.

        اميد ته اوهين ۽ اوهان جو ملڪ سرسبز ۽ آباد هوندو: شال سنڌڙي سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي!

 

(3)

نيس (فرانس)

15 _ آگسٽ، 1956ع

        منهنجا اڳيان خط پهتا هوندا، مئڊرڊ ۾ 14 ڏينهن هوس. باوجود آگسٽ جي، آبهوا خوشگوار هئي. ائمبسي مددگار ۽ ماحول سازگار هو. جيڪا مئڊرڊ ۾ اميد هيم، انهيءَ مطابق سڀ سهولتون مهيا ۽ ميسر ٿي ويون. پراڻا دوست به ڳولي لڌاسون. گمان هو ته چئن سالن بعد بي اعتنائيءَ جا پردا چڙهي ويا هوندا، پر شايد اسپينين جي خمير ۾ وفاداريءَ جو ڪافي جزو شامل آهي، جنهن ڪري هڪ دفعي دوستي ڳنڍي ويهن ٿا ته پوءِ ان کي حتي الامڪان نڀائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هي اصول ڪن خاص شخصن سان تعلق نٿو رکي، پر مون هر هڪ اسپيني دوست مان اها ئي قرب ۽ محبت جي چاش چکي آهي، جا ٻه سوال اڳي سفارت جي زماني ۾ ڏٺي هيم. زبان به ڪنهن طرح چالو ٿي ويئي. هر ڪو حيران ته زبان تي هيترو عبور ڪيئن باقي رهيو هو.

        ڄام انور علي ۽ ٻيا دوست به اچي اتي نڪتا. گهمڻ گهٽڻ ۾ آءٌ سندن ترجمان هوس. هيءَ سڀ قرب جي ڳالهه آهي، جنهن جو قلب سان واسطو آهي. جا شيءِ پياري هوندي آهي، اها غائبانه به ايتري پسند ايندي آهي، جهڙي حاضرانه. مئڊرڊ ڇڏي ٻئي پاسي وڃڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي. فقط اسڪوريال وياسون، ۽ فلپ اسڪندو جي هوٽل ۾ ماني کائي موٽي آياسون. اسان سڀني دک مان مئڊرڊ کي الوداع چئي.

        ڪالهه هتي پهتو آهيان. بيشڪ، بِيچ جون بهاريون. هوٽلون ۽ برک بازاريون هتي آهن، پر ڪٿي آهي اُهو اسپين جو گلوسوز؟ ڪٿي آهي اها نزاڪت ۽ لطافت؟  ڪٿي آهي اها سادگي ۽ سعادت؟ سڙڪ ڏي نهار ته سهڻي، صورت ڏي نهار ته اروکي! ڇا ڪبو انهيءَ سمنڊ کي، جتي محبت پنهنجو ديرو نٿي دمائي؟ ڇا ڪبو ان بازار کي، جنهن ۾ نفاست ۽ نزاڪت جو سامان موجود هجي، پر وفا جي وٿ عدم موجود هجي؟  هڪ ڏينهن هتي ورهيه ٿي پيو آهي. جنهنڪري، اڄ ئي شام جو جنيوا ويندس، جتان سڀاڻي 16 _ تاريخ سوار ٿي ڪراچيءَ ويندس.

        توهان کي نئين پارٽي ٺاهڻ جي مبارڪ هجي. مينهنِ پاڻينِ هيل ٻڌو اٿم ته راڱا ڪري وڌا آهن. خدا پيو خير ڪري!

”سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار!“

 

سال 1957ع

 

(1)

ڪراچي

9 _ مارچ، 1957ع

        ]هڪ خط پيرزادي عبدالستار، وزير مغربي پاڪستان، ڏانهن ” شاهه لطيف ڪلچرل ڪميٽيءَ“ جي مسئلي بابت لکي، ان جي ڪاپي موڪلي ٿو، ۽ لکي ٿو ته کيس تاڪيد ڪريان ته ڪميٽيءَ جي ميٽنگ جلد سڏائي وڃي.[

 

(2)

]تار[

ڪراچي

17 _ سيپٽمبر، 1957ع

        خدا توتي ۽ تنهنجي ساٿين تي رحمت جو هٿ ڌري، جو اوهين مارئيءَ کي عمر سومري جي بند مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش وٺي رهيا آهيو.

        ]نوٽ: هيءَ تار مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ واري ٺهراءَ جي ڪثرت راءِ سان پاس ڪرائڻ بعد موڪلي هئائين.[

 

سال 1958ع

 

(1)

حيدرآباد

6 _ جنوري، 1958ع

        اڄ ڪم ٿي پيو اٿم، ان ڪري سنڀري وري ويهي رهيس، ٻيو سڀ ڪٽنب اچي ٿو . سن ۾، امداد جي شاديءَ تي، پير عالي شاهه اچڻ جو واعدو ڪيو آهي. مخدوم صاحب چاڪ نه آهي. پير صاحب پاڳاري جي اچڻ جي پڪ نه آهي. ڄاموٽ محمد علي شاهه لاءِ اهڙي جاءِ رکندا، جنهن ۾ باٿ روم ۽ ڪموڊ هجي. مون لاءِ به ڪموڊ هجي.

 

(2)

حيدرآباد

29 _ جنوري، 1958ع

        گهر احوال ٻڌايم ته امداد جي شادي ساڳين تاريخن تي ٿيندي؛ سڀ ماڻهو تيار ٿيا آهن. ننڍا  وڏا، پنج ايندا، 9، 10 _ تاريخ ڀَت کائي، 11_ تاريخ واپس موٽندا. ازان سواءِ منهنجي گهر واري ۽ نياڻي، امدام جي شاديءَ تي ڀاڻوٺ به اچڻ جو ارادو رکن ٿيون. خبر ڏيندا ته ڄڃ حيدرآباد مان ڪنهن مهل لنگهندي. اسان وٽان ٿي ويندا. منهنجو عيال پنهنجيءَ جيپ ۾ ڀاڻوٺ هلندو. اسين سڀ هوند ڀاڻوٺ هلون، پر ننڍڙا ٻار هاڻ تپن ۽ اُرڙيءَ مان اٿيا آهن. انشاءَالله، سَن سڀ اينداسون.

 

(3)

حيدرآباد

10 _ اپريل، 1958ع

        رات جو دارالخلافه ۾ انقلاب آيو: ٻه سنڌي وزير مرڪزي ڪابينه ۾ منسلڪ ٿيا. کهڙو صاحب وزير دفاع ٿيو، ۽ مير غلام علي خان کان وزارت داخله کسي، جلال بابا کي ڏنائون، جو چپراسين کي ڀاڪر پائي آفيس ۾ گهڙيو. اِها ڪسرنفسي، يا خود نمائي؟

        بهرحال، اهو ٿيو پراڻو قصو: ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي ته ڪنهن نه چاڙهي. اسان کي ڇا هڙ  حاصل ٿيو! ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته کهڙو صاحب قاضي اڪبر کي به صوبائي وزارت وٺائي ڏئي ٿو، جيتوڻيڪ هو ميمبر به نه آهي. کهڙو صاحب مسلم ليگ ڇڏي ويو. پنهنجن ليفٽيننٽن کي به لالچ ڏيئي، ”ليگ“ ڇڏرائڻ چاهي ٿو. سبحان الله، ڇا زمانو آهي!

        اوچتو ٻن وزارتن جو ٻڌم ته منهنجي به ٻُڌ ڦري ويئي. مغز چڪر کائڻ لڳو. پبلڪ سروس جي جاءِ خالي ٿي آهي. مير صاحب غلام علي خان کي تنهنجي پاران تار ڪئي اٿم ته ميران محمد شاهه کي ان لاءِ مدد ڪر. جذبات جي رو ۾ اچي، اها تار اوهان جي اجازت کانسواءِ هتان ڪئي اٿم. اڳي ائين نه ڪيو اٿم. تار ڪري پوءِ پڇتايم. معافي طلب آهيان!

        عبدالستار صاحب پيرزادي ”لطيف ڪلچرل سينٽر“ جي ميٽنگ 14 _ اپريل تي، ساڍي پنجين بجي، ڪراچيءَ ۾ رکي آهي. اوهين ميٽنگ ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. اها ميٽنگ ملتوي ٿي ته ڪم رهجي ويندو.

 

(4)

ڪراچي

12 _ اپريل، 1958ع

        ڪالهه اوهان کان موڪلائي هتي پهتو آهيان. اڄ شام جو مير صاحب ۽ کهڙي صاحب سان ملندس. پر منهنجو اثر  ڪو نه پوندن _ اهڙا ڪيئي آزمودا اٿم _ جيستائين ڪو اهڙو ماڻهو نه چونڊن، جنهن ۾ ڪڏهين ڪڏهين هنن جو به ڪم پوندو هجي. جيڪڏهين اوهين هڪ ڏينهن لاءِ هتي اچي سگهو ته تمام سٺو ٿيندو. اچي لطيف ڪلچرل ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ به شرڪت ڪريو.

        پير صاحب پاڳارو سڀاڻي ايندو. ڄاموٽ محمد علي شاهه به ايندو.

 

(5)

حيدرآباد

        ]پيرزادي عبدالستار، وزير مغربي پاڪستان، کي تار ڪيائين ته ڏهه هزار رپيا شاهه لطيف جي ميلي لاءِ ڪافي رقم نه آهي، ٻيا 15 هزار رپيا منظور ڪيا وڃن: ان تار جي ڪاپي موڪلي، تاڪيد ڪري ٿو ته پيرزادي کي چئي، وڌيڪ رقم منظور ڪرايان.[

 

(6)

سعدو شريف، سوات هوٽل

15 _ سيپٽمبر، 1958ع

        اخبار ۾ پڙهيم ته مولانا ڀاشاني ۽ خان بادشاهه سان ملي، اوهين موٽي سن ويا آهيو. آرام جي اوهان کي گهڻي ضرورت آهي. هاڻي اوهان جي هڏ ۽ جسم ۾ اها طاقت نه هوندي، جا 5 _ 10 سال اڳي هئي. تازي گهوڙي کي به ڏپڻ ۾ ساهي ڏبي آهي، تڏهين جوهر ڏيکاريندو رهندو، نه ته اوچتو گوڏا کوڙي ويهندو. ساڳيو مثال مون سان به لاڳو ٿئي ٿو.

        20 _ ڏينهن شاهه لطيف جي ميلي جو ٿڪ ڀڃي، تازو توانو ٿي، پوءِ موٽندس. هتي آبهوا ۽ موسم ڪا خاص خوشگوار نه آهي، بلڪه گرمي آهي، پر ماحول پُرسڪون آهي. ٻنيون ٻارا، نديون نالا، واديون ۽ هريالا ڏسيو، نيڻ پيا ٺرن. ڪراچيءَ جي بري شهر ۾، سواءِ گهر جي لانِ جي، ٻي سبزي نظر نه ايندي؛ ان کان هيءُ هزار دفعا بهتر منظر آهي. اڃا به موٽر يا جيپ هجي ته پوءِ گهڻائي مڪان ڏسي سگهجن ٿا، جتي روح جي راحت ۽ قلب جي قوت جو اسباب مهيا ٿي سگهي ٿو، پر مون کي اها سهولت ميسر نه آهي. بهرحال، ڪجهه وقت هتي گذريو آهي، ڪجهه گذري ويندو. اميد ته اهل عيال ۽ اوهان محبن کي اچي اکين سان ڏسي خوش ٿيندس. 25 _ تاريخ سوات ڇڏڻ جو ارادو آهي. خان بادشاهه کي ڪوئيٽا ۾ گرفتار ڪري وري ڇڏي ڏنائون: اين چه بوالعجب است!

 

----------

 

 

سال 1959ع

 

(1)

]جيل ۾ موڪليل[

حيدرآباد سنڌ

18 _ جون، 1959ع

ڪنهن جنهن نينهن نڌاه، مون وانجهائيندي نه ورو،

جيڪي پوءِ ڪنداه، سو جانب ڪريو جيئري.

        حيرت جي حد نه رهي، جڏهين ٽپاليءَ اوهان جو پرزو ڏنم _ مختصر پرمائيدار، ڄڻ مارئيءَ جو پيغام، ڪوٽ ڪٽي، ڀتيون ڀڃي، آڪاس تان اڏامي، اباڻن وٽ آيو آهي. اباڻن جو جواب هن کان سواءِ ڇا ٿي سگهي ٿو، شاهه لطيف جي لفظن ۾:

مَ ڪي روع مَ ڪي رڙ، نه ڪي ڪر دانهون،

سُتي لوڪَ لطيف چئي، ٻئي کڻج ٻانهون،

لڌءِ جِت لائون، سو ملڪ پَسندئين مارئي!

فقط اوهان جي صحت جو انتظار رهي ٿو. خدا شال اوهان  کي جسماني صحت ۽ روحاني عافيت بخشي، آمين!

        آءٌ 27 _ فيبروريءَ کان بيمار گذاريان ٿو. دم وڌي ويو  آهي. پيٽ بلڪل خراب آهي. علاج ڪري ٿڪجي پيو آهيان. جي اجازت ملي ته ولايت ويندس.

        شاهه لطيف ۽ ان سان متعلق ڳالهين بابت خيال اوهان کي نه هوندو ته ٻئي ڪنهن کي هوندو. مگر : ”هڪڙي بندي من ۾، ٻي جا ڪري الله.“ ”ڪلچرل بورڊ“ جي تشڪيل ڦيرائي ويئي آهي. نئون بورڊ جو مهيني کن کان وجود ۾ آيو آهي. ان مان پيرزادو، آءٌ ۽ اوهين خارج ڪيا ويا آهيون. پيرزادي جي جاءِ تي ڪمشنر حيدرآباد کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. مير علي نواز خان ۽ مسٽر حنيف صديقي ان تي ميمبر آهن. هن ميلي جو انتظام به اهو بورڊ ڪندو. ”لطيف يادگار ڪميٽي“، جنهن جو آءٌ چيئرمين آهيان، جا هميشه ميلي جو انتظام رکندي هئي، ان جو هاڻ واسطو ڪڍيو ويو آهي. سڄو انتظام آفيشل هوندو. اسان جون اکيون ٿڌيون، خدا ڪري لطيف جي پيغام کي دنيا جي هر گوشي ۾ مشتهري ٿئي. ٽي لک رپيا ڪلچرل سنيٽر جي بلڊنگ لاءِ ٻيا به مليا آهن. اسان ته في الحال گوشي نشيني اختيار ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. جي وڃبو ته فقير ٿي وڃبو، نه امير ٿي. خدا اوهان کي خوش آباد رکي!

 

(2)

]ڪارڊ _ جيل ۾[

ايسٽ بورن

13 _ آگسٽ، 1959ع

        ]ايسٽ بورن مان، خوش خير عافيت پڇڻ لاءِ ميران محمد شاهه، بيبي شمس النهار، اسدالله شاهه ٽکڙائي، مخدوم محمد زمان طالب المولا، محمد حسين شاهه نقوي جو فرزند، ڪارڊ موڪلين ٿا.[

 

(3)

حيدرآباد

12 _ سيپٽمبر، 1959ع

        توهان کي معلوم هوندو ته آءٌ لنڊن منهنجيءَ ڀائٽيءَ بيبي شمس النهار کي، جا بيمار هئي، ڏسڻ لاءِ ويو هوس. مخدوم صاحب به هليو هو. اتي نقوي صاحب ۽ عزيز بلوچ صاحب به مليا هئا، جن سلام ڏنا اٿوَ. اوهان کي ايسٽ بورن مان گڏجي ڪارڊ موڪليو هوسين، پهتو هوندو. هتي برساتون اڃا پيون پون. دم ٿي پيو اٿم. بنگلي تي ڪراچيءَ ويو هوس. ننڍن شاهن مان پهر ڪا نه هئي. خليفي آچر کان خبرون پڇي آيس. طبيعت جو احوال ڏيندا ته ڪيئن آهي.

 

(4)

حيدرآباد

1 _ ڊسمبر، 1959ع

        اڄ اخبار ۾ پڙهيم ته والده جي بيماريءَ ڪري سرڪار اوهان کي پئرول تي ڳوٺ ڇڏيو آهي. آءٌ هوند اوهان وٽ اچان ها، پر بيمار آهيان.

 

(5)

حيدرآباد

28 _ ڊسمبر، 1959ع

        اسين سڀ بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهيون. اسان جي ڪٽنب جا چند نوجوان اليڪشن ۾ لڙي رهيا آهن. الحمدلله، ٻه _ ٽي ڪامياب به ٿيا آهن. قمرالزمان ڪالهه ڪئنٽومينٽ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. پهرين جنوريءَ تي حاجي غلام احمد شاهه اليڪشن لڙي رهيو آهي. کوسا ووٽر چون  ٿا ته جي.ايم.سيد جا فرزند جيئن چوندا، ان طرف ووٽ ڏينداسون. سندن ماڻهو وٺڻ لاءِ هي خط موڪلجي ٿو.

 

_______

 

سال 1960ع

(1)

حيدرآباد

12 _ جنوري، 1960ع

        سن ۾ درگاهه شاهه حيدر علي جي ميلي تي اچڻ جو شوق اٿم؛ ان موقعي تي اچي روح رهاڻ ڪبي. خدا ڪري، منهنجي طبيعت استوار رهي. پيريءَ جا آثار مختلف روپن ۾ ظاهر ٿيو پون. ڪڏهن ڪمر جو درد، ڪڏهن بدهاضمو، ڪڏهن پيشاب ۾ حرڪت _ اِهي سڀ حالتون بستري گول ڪرڻ جا اهڃاڻ آهن: ”جرد فرياد مي دارد ڪ بر بنديد محملها! “ خدا ڪري، اوهين باعيال خوش هجو!

        اوهان کي پنهنجي گام مان ٻاهر نڪرڻ تي بندش پيل آهي، پر الحمدلله، پنهنجن ٻچن سان، پنهنجي وطن ۾ مقيم آهيو: هن وقت فرصت به اٿو ۽ آرام جو موقعو به اٿو: جا رنگين جذبات ۽ خيال قلمبند ڪري سگهو ٿا. واقعات ته ٻيا به ظاهر پيا ڪندا، پر روحاني تاثرات ڪو ڪو شخص تحرير ڪري سگهندو. بهرحال، قلم ۾ جو آيو، لکي ويٺو آهيان. وڌيڪ احوال روبرو ڪبا.

 

(2)

حيدرآباد

20 _ فيبروري، 1960ع

        31_ جنوريءَ اوهان وٽ موسيقي مجلس ۾ شامل ٿي، پهرينءَ تاريخ حيدرآباد پهتو آهيان. ان بعد اک جي آپريشن ڪرائي اٿم. ان کي 15 _ ڏينهن ٿيا آهن. تازو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي صدارت جي چونڊ جو جشن ملهايو ويو. سارو شهر چراغان هو. پر اکين جي تڪليف ڪري ڪنهن به تقريب ۾ شامل ٿي نه سگهيو آهيان.

 

(3)

حيدرآباد

27 _ مارچ، 1960ع

        آءٌ ڪراچيءَ ويو هوس. امداد سان مليس، جنهن ٻڌايو ته اوهان جي طبيعت وري خراب ٿي پيئي هئي، پر هاڻ ٺيڪ ٿيا آهيو. آءٌ به اڌ چاڪ، اڌ بيمار آهيان. پيري ويڙهي ويل آهي:

”ولين جيئن وريام، گوندر غم پرين جا!“

        19 _ مارچ 1960ع تي، 61 سال گذاري، 62  سال ۾ پير پاتو اٿم. ٿوري بَرٿ ڊي سيريمني منهنجي عزيزن ڪئي. 60 سالن گذرڻ تي وڏو جشن ڪيو هئائون. ڪتابچو ڇپايو هئائون، جو توکي موڪليندس.

 

(4)

حيدرآباد

18 _ جولاءِ، 1960ع

        هڪ ميٽنگ ”شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل“ جي، 13 _ آگسٽ 1960ع تي، منهنجي جاءِ تي ڪٺي ٿي، جتي فيصلو ٿيو ته 17 _ ڊسمبر 1960ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف جي ورسي ملهائي وڃي. مهرباني ڪري ان لاءِ مضمون موڪلي مدد ڪندا.

 

(5)

حيدرآباد

21 _ سيپٽمبر، 1960ع

        دعوتنامو شاهه لطيف جي ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ موڪليو هوسين. اوهين بندش ڪري اچي نه سگهيا. بروهي صاحب جي تقرير بصيرت افروز هئي. ڀڳت مولچند بيشڪ پاڻ ملهايو. ليلا _ چنيسر  جو ڊرامو سڀني کي پسند آيو. شاهه لطيف جي لفظن جو ڊرامو سڀني کي پسند آيو. شاهه لطيف جي لفظن ۾ تيار ڪيل هي پهريون اسٽيج ڊارمو هو، جنهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پارٽ ورتو.

        30 _ تاريخ فيلڊ مارشل محمد ايوب خان سان منهنجي ملاقات ٿي. شاهه لطيف جو ذڪر  هليو. جيءُ لطيف!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org