سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رهاڻ

باب: --

صفحو :1

رهاڻ

جي. ايم. سيد

 

ڇپائيندڙ پاران

 

چيو ويندو آهي ته خط اڌ ملاقات آهي. خط کي اڌ ملاقات اُن ڪري چون ٿا، جو خط لکڻ دوران ماڻهو هڪ طرفو ٿي، رڳو پنهنجي اندر جواحوال رقم ڪري ٻئي کي آگاهي ڏيندو آهي. دُنيا ۾ اهڙا بيشمار خط آهن، جيڪي لکيا ته شخصي سطح تي ويا هئا، پر بعد ۾ اُنهن جي اهميت اجتماعي حوالي سان به ٿي وئي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ”خط“ به دراصل هڪ دور جي تاريخ آهي، جنهن ۾ لکندڙ نيڪ نيتيءَ سان سچن پچن حالن احوالن ۽ واقعن جي آگاهي ڏئي ٿو.

عام طور تي خط ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا اُهي، جن ۾ روزمره جي عام روايتي واقعن کان آگاهي مليل هجي، ٻيا اهي خط جن ۾ خاص ۽ غير روايتي واقعن جي ڄاڻ ڏنل هجي. ”رهاڻ“ اهڙن ئي غير روايتي حالن احوالن تي لکيل خطن جو هڪ مجموعو آهي. اِهي خط جناب سيد ميران محمد شاهه 1924ع کان 1963ع واري عرصي دوران پنهنجي همعصر ۽ ويجهي دوست جناب جي. ايم. سيد ڏانهن لکيا هئا. هي خط پنهنجي اندر 39 سالن جي هڪ پوري تاريخ رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ 1924ع کان 1947ع تائين اُن جي ورهاڱي جو دور آهي، جڏهن ته 1947ع کان 1963ع تائين سورهن سالن جو عرصو پاڪستان جو شروعاتي دور آهي. انهن ٻنهي دورن جي حالات ۽ واقعات کي سمجهڻ ۾ هي خط بيحد ڪارائتا ۽ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

ترتيب جي لحاظ کان ڪتاب ۾ ڪل ڇهه فصل ڏنا ويا آهن. پهريون فصل سيد ميران محمد شاهه جي زندگيءَ بابت ڏنل مختصر احوال تي مشتمل آهي، جڏهن ته باقي پنج فصل خطن جي موضوع ۽ دور جي اعتبار کان ترتيب ڏنا ويا آهن، هر فصل ۾ 50 کان 70 جي وچ ۾ خطن جو انگ شامل ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب پهريون ڀيرو جناب جي. ايم. سيد 1963ع ۾ ترتيب ڏنو جنهن کي سنڌي ادبي برڊ 1965ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ لحاظ کان هن وقت هيءُ نئون ٻيو ڇاپو چاليهه سالن جي وٿي کان پوءِ جون 2005ع ۾ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي.

هن نئين ڇاپي جي تياريءَ ۾ اسان کي نئين سر محنت ڪرڻي پئي آهي، ڇو ته پراڻي ڇاپي ۾ خطن جي تاريخ ۽ سالن/ سن ۾ گهٽ وڌائي اچي وئي هئي، جيڪا اصل متن کي ڳولي هٿ ڪرڻ کان پوءِ درست ڪري ڇپائي وئي آهي. اميد ته هيءُ ڇاپو پڙهندڙ حضرات کي پسند ايندو.

ڄام شورو، سنڌ                        انعام الله شيخ

جمعة المبارڪ 9- جمادي الاول 1426 هجري بمطابق

        سيڪريٽري

17- جون 2005ع سنڌي ادبي بورڊ

 

پيش لفظ

 

        سيد ميران شاهه محمد شاهه سان منهنجي واقفيت مارچ 1924ع ۾، مٽياري سادات ڪانفرنس جي موقع تي، سن ۾ ٿي، جا سگهوئي وڌي وڃي راز محرم دوستيءَ جي درجي تائين پهتي. سندس حياتيءَ جو مختصر احوال هن ڪتاب جي پهرئين فصل ۾ ڏنو ويو آهي، هتي سندس مون ڏانهن لکيل اٽڪل هزار کن خطن مان، جي مون وٽ سڀ محفوظ آهن، 243 خطن جو مجموعو پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ مرحوم جا مختلف موقعن تي لکيل خط ڏنل آهن، انهن مان تاريخي مواد هڪ طرف ملي سگهندو ۽ ٻئي طرف سندس واقعه نگاري، ادبي مذاق، زنده دليءَ ۽ فلسفئه حيات تي به روشني پئجي سگهندي.

        هن خطن مان ڪن جو اختصار ڪيل آهي، ڪي، سواءِ عبارتن ۽ غير ضروري مواد جي، سمورا ڏنل آهن، ڪن جو انگريزيءَ مان آزاد ترجمو ڪيل آهي، هڪ خط منهنجو لکيل به ڏنل آهي؛ ڪن خطن جي هيٺان نوٽ لڳل آهن. اسان جي دوستي شخصي رفاقت جي بنياد تي ٻڌل هئي، هو به جذباتي هو، ۽ آءٌ به جذباتي پئي رهيو آهيان، هن تي ايراني تهذيب جي رند مشرب جي اثر ويٺل هو. آءٌ به، مشرق جي اڪثر مسلمانن وانگر، انهيءَ فضا جي پيدائش هوس، جنهن مطابق زندگيءَ جو مقصد انتهائي خوشيءَ جو حصول ٿئي ٿو، يونان جي ايپيڪيورين ۽ مسٽوئسزم واري فلسفي جو مقصد به گهڻو ڪري ساڳيو وڃيو بيهي.

        جهڙيءَ طرح زمين جي زرخيزيءَ ۽ آبهوا جي تبديليءَ ڪري ساڳيا درخت مختلف شڪل ۽ شباهت وٺن ٿا، تهڙيءَ طرح ساڳئي فسلفئه حيات جو به طبيعتن جي اختلاف سبب مختلف اثر پوي ٿو. سو،  برادرم ميران محمد شاهه جي طبيعت لاڙ جي متعدل هوا جي اثر هيٺ اعتدال ڏانهن مائل هئي، ۽ منهنجي طبيعت جبل جي گرم ۽ تيز هوائن ڪري انتها پسنديءَ ڏانهن راغب هئي، هن تي حافظ شيرازيءَ جي رندانه تعليم جو گهڻو اثر ويٺل هو، ۽ آءٌ به انهيءَ لهس ۾ لوساٽجي ويو هوس. شاهه لطيف جي سلوڪ جي سمجهڻ لاءِ هو به ساري زندگي جُوياي حق ٿي رهيو، ۽ آءٌ به انهيءَ بحر عميق ۾ جهوتون پائي ڪي ماڻڪ هٿ ڪرڻ جو سودائي پئي رهيو آهيان.

        ميران محمد شاهه جي خطن پڙهڻ بعد معلوم ٿي سگهندو ته هر حسين شڪل، خوبصورت نظاري، مٺي آواز ۽ عمدي ماحول مٿس اثر ڪيو ٿي، ۽ انهيءَ مان هن لطف ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جي اثر ڪيو ٿي، ۽ انهيءَ مان هن لطف ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي، اهڙن موقعن تي هو اڪثر چئي ويهندو هو ته:

دمِ فرصت غنيمت دان وداد خوشدلي بستان،

بسي گردش ڪند گرد ون، بسي ليل ونهار آرد.

        هُو بنيادي طور عاشق مزاج، صاحبدل ۽ محبت جو متوالو هو. هوُ ”الله جميل“، ”ويحب الجمال“ جي رنگ ۾ رڱيل هو. سندس ڪيترن خطن ۾ هيءَ مصرع لکيل هوندي هئي:

مــا قصهء سڪنـدر و دارا نخوانده ايم،

از مان بجز حڪايتِ مهرو وفا مپرس.

حافظ رسيد موسم گل معرف مخوان،

درياب لقد عمر وز چون وچرا مپرس.

        سندس زندگيءَ جو فلسفئه حيات مهرو وفا تي بيٺل هو:

1 – هو ساري زندگي هڪ سچي، وفادار، بيغرض ۽ مثالي دوست جو ڳولائو رهيو.

2 – هن ڪائنات جي هر شيءِ ۾ حسن پرکڻ جي ڪوشش ڪئي.

3 – هن حسن جي تعريف کي ذڪر الاهي ٿي سمجهيو، ان ڪري ان کي وردِ زبان بنائي ڇڏيو هئائين.

4 – باوجود متعدل مزاج هئڻ جي، هر حسين شي جي تعريف ڪرڻ کان نه ڊڄندو هو، ۽ چوندو هو:

مرد مان را از عڪس شب گر خيالي در سرست،

سن چنانم ڪز خيالم باز نشناسد عسس.

هن جي اعتدال پذير طبيعت سندس سياسي زندگيءَ تي به، مٿي ذڪر ڪيل فلسفئه حيات موجب، اثر ڪري ويئي هئي، جنهن مطابق حال کي مستقبل تي ترجيح ڏني وڃي ٿي. سياست ۾ صلح (Compromise) ضروري سمجهيو وڃي ٿو. اڄڪلهه ان کي ”پريڪٽيڪل پالٽيڪس“ جي نالي سان سڏجي ٿو، ان خيال جا ماڻهو زندگيءَ جي هر موقعي مان فائدو وٺڻ جا حامي آهن، انهن وٽ خيالي دنيا، عملي دنيا جي موجودگيءَ ۾ ڪا هستي نٿي رکي. خدمت خلق لاءِ هو طاقت جو حصول لازمي ٿا سمجهن، ۽ ڪمپرومائيز (صلح) کانسواءِ طاقت حاصل ٿيڻ مشڪل آهي.“ جمهوري سياست ۾ جتي تعداد جي شمار سان فيصلا  ٿين ٿا، دماغ ۽ اصول جي ايتري پڇا ڪانهي، جيتري عملي سياست جي. ان ۾ ڪارڪنن کي مٿان لهي، هيٺ، سان جڳ جهڙو ٿي هلڻو آهي.

دوش از مسجد روي ميخانه آمد پير ما،

چيست يارانِ طريقت بعد ازين تدبير ما.

ما مريدان روبسوي ڪعبه چون آرمي چون،

رو بسوي خانــهء خمــار دارد پيــر ما.

        هن ۽ مون، ٻنهي، خوشيءَ جو حصول زندگيءَ جو انتهائي نصب العين ڪري ٿي سمجهيو، ليڪن اسان جون طبيعتون باوجود هم خياليءَ جي مختلف هيون. هن جي دل سالم هئي. بهشتي سادگيءَ مان، مون وانگر، عقل يا شڪ جي داڻي چکڻ ڪري، تڙجي ٻاهر نڪتل ڪو نه هو. بقول شاهه لطيف:

الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

        هن مستقبل جي موهوم خيال خاطر جال کي ڇڏي ڏيڻ، رهبانيت ٿي تصور ڪيو. ”لارهبانيت في الاسلام“ تي عمل ڪندي، چون چرا کانسواءِ نقد عمر حاصل ڪرڻ کي گناهه ٿي سمجهائين. سياسي زندگيءَ ۾ گهڙي ڪم ڪرڻ جو ابتدائي خيال، 16 ڊسمبر 1924ع تي، مون سنڌ تعليمي ڪانفرنس جي موقعي تي سندس دماغ ۾ ويهاريو. اتي ئي مهيني جي آخر ۾ کيس سَن دعوت اچڻ لاءِ چيم، جتان کيس رئيس فقير بخش خان ڪاڇي، ڀاڻوٺي سيدن، هالن جي مخدومن ۽ ڀٽ شاهه جي پيرن سان ملاقات ۽ واقفيت ڪرائڻ لاءِ وٺي ويس. سندس اسيمبليءَ ۾ بيهارڻ جي ڳالهه حاجي عبدالحڪيم شاهه صاحب سان پهرين مون چوري. آخر اهي ڳالهيون وڌي وڻ ٿي ويئون. 1926ع جي اليڪشن وقت اميدوار بيٺو، پر منٿ ڪري ويهاري ڇڏيائونس. وري 1928ع ۾ سر غلام حسين جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل تي وڃڻ وقت خالي ٿيل ضمني چونڊ ۾ چونڊجي ويو.

        اتي ڪم ڪرڻ بعد، چوطرف خود مطلبي ڏسي، تنگ ٿيڻ لڳو ۽ حقيقي خوشي حاصل نه هيس. پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري، آڪٽوبر 1931ع تي پوني مان هڪڙو ڊگهو خط لکيائين، جنهن ۾ چيائين: ”جيستائين توهين اچي مون سان سياسي طرح ٻانهن ٻيلي نه ٿيا آهيو، منهنجي ساري زندگي بيسود ۽ بيڪار ٿيو پوي، اوهان کانسواءِ ڪائونسل ۾ رهڻ بيڪار آهي.“

        هن گهڻن کي آزمايو هو، پر سڀ خود مطلب نڪتا. بمبئي ڪائونسل وقت ته آءٌ ساڻس شريڪ ٿي ڪو نه سگهيس، ليڪن جڏهين سنڌ جدا ٿي ۽ چونڊون ٿيون ته ٻيئي ڄڻا سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي آياسون. پر ڪهڙي خبر هئي ته باوجود همخياليءَ ۽ شخصي دوستيءَ جي طبيعتن جو اختلاف اسان کي سياسي دنيا ۾ علحدو ڪري ڇڏيندو. ايئن ٿيو، ۽ ان لاءِ اعتدال ۽ انتها پسنديءَ جون طبيعتون ڪارڻ بنيون. مون هُن کي 8 اپريل 1926ع تي هڪ ڊگهو خط لکيو هو، جو هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي: ان مان پتو پوندو ته آءٌ ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ ۽ کيس ليڊر تسليم ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار هوس، بلڪه سندس ان لاءِ ڪن مقرر معيارن تي هلڻ لازمي ٿي ڄاتم، پر هن انهن سمورين ڳالهين کي عملي دنيا جي دائري کان ٻاهر ٿي سمجهيو. چي، خدمت خلق، سواءِ طاقت جي ڪري نه سگهبي ۽ طاقت صرف ڪمپرومائيز سان حاصل ٿي سگهي ٿي.

        طبيعتن جي انهيءَ  بنيادي اختلاف اسان کي سياسي طرح علحدو ڪري ڇڏيو. ليڪن باوجود انهيءَ جي اسان جي شخصي دوستي ۽ ثقافتي لاڳاپي ۾ ڪڏهن به ويڇو نه پيو. آءٌ گهڻو ئي سخت گير، سخت ڪوش رهندو آيس، پر هن جي اعتدال پسند طبيعت سڀ ڳالهيون برداشت ڪندي، سنگت ٽوريندي آئي. هو سدائين ”منهنجي مَداين جي ڪَل پريان پيئي، ڪڏهن ڪوسان نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي.“ جو رويو اختيار ڪندو آيو، جنهنڪري آخر تائين دوستي نباهي نيائين:

جيسين هئي جيئري، وساري نه ويٺي،

وڃين ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

        تازو چونڊن وقت سندس رويي بابت مون هڪ سخت خط لکيو هومانس، ان جا جواب جيڪي موڪليائين، سي خطن ۾ موجود آهن. انهن جو لبِ لباب اهو هو ته ”منهنجي توهان سان شخصي دوستي رهي آهي، نه سياسي، اوهان جون ٽوڪون اڳي به برداشت ڪيون اٿم، آئيندي به ڪندو رهندس، انشاءَالله اها محبت قبر تائين قائم رهندي.“ هن دور ۾ جڏهين سياست ماڻهن جي روزمرهه جي زندگيءَ تي ايترو حاوي ٿي ويئي آهي جو سياسي اختلافن ڪري شخصي دوستيون به ٽٽيو وڃن، تنهن عام دستور کي برادرم ميران محمد شاهه باطل ٺهرائي، ثابت ڪري ڏيکاريو ته هروڀرو سياست سڀ ڪجهه نه آهي؛ ان کان ٻاهر ٻيون به ڪي مودت جون رسيون آهن، جي دوستي هلائي سگهن ٿيون. انسان وڳر ڪري رهڻ وارن جانورن مان آهي. هن جي خوشي سڳر ۽ ساٿ سان گڏ رهڻ ۾ آهي. مارئيءَ جي مارن لاءِ واجهائڻ، ڪونجن جي وڳر ڪري هلڻ جا ڪيترائي مثال شاهه صاحب انهيءَ جي ثبوت ۾ ڏنا آهن. انهيءَ نقطه نگاهه کان، همخيال ۽ باوفا دوست جو ڳولي لهڻ ۽ ان سان نباهڻ، زندگيءَ ۾ خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ مکيه مقصد ٿيو پوي. سڀني صاحبدل ماڻهن وانگر، ميران محمد شاهه انهيءَ وٿ جو ڳولائو هو.

        سندس خطن مان معلوم ٿيندو ته جڏهن عمدا نظارا، سهڻيون شڪليون، مطلب ته هر طرح جي خوشيءَ جا اسباب موجود ڏٺا اٿس، ته به هن کي اڪيلو انهيءَ جو خط حاصل نه ٿي سگهيو. ان ڪري اهڙن موقعن تي اڪثر چئي ويهندو هو:

باده و مطرب و گل، مهياست ولي،

عيش بي دوست ميسر نه شود، يارڪجا است.

        مون کي به هن انهيءَ ئي احساس سان محرم راز دوست بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن ان ۾ پوريءَ طور ڪامياب نه ٿيو. ٻيو جنهن ماڻهوءَ سندس زندگيءَ تي گهرو اثر ڪيو ۽ هن جي اعليٰ معيار چونڊ پٽاندر موزون ٿي نظر آيو، سا هئي ”مدمو ذيل طريقي“.

        سندس 21 جون 1939ع جي خط ۾ لکي ٿو ته ”کاڌي کان فارغ ٿي ڊرائنگ روم جي فرش تي گاديون وڇائي، ٽيئي دوش بدوش ٿي حياتيءَ جي دقيق نقطن ۽ خلقتِ انسان جي عميق مسئلن تي گفتگو ڪرڻ لڳاسين.“ سندس خيال ۾، دل جي خوشي ۽ اطمينان حاصل ڪرڻ حياتيءَ جو لب لباب هئڻ گهرجي. انهيءَ نصب العين کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪثر باقي نه ڇڏجي. پوءِ کڻي هن خاڪي جسم کي قربان ڪرڻو پوي، ته به دريغ نه ڪجي. ان کانسواءِ زندگيءَ کي قربان ڪرڻو پوي، ته به دريغ نه ڪجي. ان کانسواءِ زندگيءَ جو جوهر ۽ حياتيءَ جو مقصد هڪ کيل تماشو ٿي پوندو.“ اهڙي بلند حوصلگيءَ ۽ فلسفئه حيات جي باريڪ نقطن جي اپٽار بعد، بي اختيار اوهان جو نالو پيش ڪيم ته منهنجو هڪ عزيز انهيءَ سٽاڻي سمنڊ ۾ سفر جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو، باقي اسان انسانن جي اتي پڄت نه آهي. ان تي پاڻ اوهان سان تبادله خيالات جو اشتياق ڏيکاريائين. خير، نياپو اسان پهچايون ٿا، آئيندي مرضيءَ جا مالڪ آهيو.“

        اها عورت کيس غير معمولي ڏسڻ ۾ آئي هئي. هوءَ به رند مشرب جي هئي. انتهائي خوشي حاصل ڪرڻ، زندگيءَ جو مقصد ڪري ٿي سمجهائين ۽ جذباتي به هئي، ليڪن ان سان گڏ آئڊيلزم جي لغار لڳل هيس. آخر ۾ منهنجي به ان عورت سان واقفيت ٿي. جهڙيءَ طرح ميران محمد شاهه ان کي عورت  جو بهترين نمونو شمار ڪيو ٿي، ساڳيا خيال ”مد موذيل طريقيءَ“ کي منهنجي لاءِ ويهجي ويا. اها هڪ تثليث ٺهي پيئي. ان دوستيءَ مان اڳتي هلي ڇا نتيجو نڪري ها،  اها خبر خدا کي؛ ليڪن هن جي اوچتي انتقال انهن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. ميران محمد شاهه کي ان کانپوءِ ويراڳ واسو ڏنو ٿو ڏسجي. جڏهين ڪو عمدو نظارو، ڪا حسين شڪل سندس سامهون ايندي هئي ۽ حافظو ياد ڏياريندو هوس: در، ياب نقد عمر، وزچون چرا مپرس“، ته ساهه جو آواز اچي ڪنن تي پوندو هوس: ”پسي ڳاڙها گل، متان ڪو گل چانگي کي چاري.“ مون تي به ”طريقيءَ“  جو انتقال نئون ورق ورايو. ”لااحب الاَفلين“ اکين اڳيان ڦرڻ لڳو.

        گهڻي وقت کان هو به بيمار گذارڻ لڳو هو، آءٌ به ڪجهه وقت بيمار ٿي رهيس. گهڻو وقت سرڪاري پابندين ڪري کليءَ طرح، مرضيءَ مطابق دوستن جي ملڻ کان محروم ٿيل هوس. گهڻي وقت کان کيس ۽ مون کي روح رچندين رهاڻين ڪرڻ جو شوق دامنگير هو. پر قدرت کي اهو منظر قبول نه هو، ۽ هو بنا ملاقات جي ان طرف ويو، جتان ڪنهن پتو ڪو نه آندو آهي ته حميرن سان ڪهڙو حساب ٿيو!

        انسان ويچارو دائمي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪري ٿو. بهشتي زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ عبادتون ڪري ٿو. دوستيون ڳنڍي ٿو. هر سٺيءَ شي مان لطف حاصل ڪري ٿو. ليڪن ڪهڙي خبر ته اهي سڀ زندگيءَ وانگر عارضي آهن؛ جنهن کي ساڻيهه ٿو ڄاڻجي، سي ڳالهيون مانجهاندي جو ماڳ آهن. ماڻهوءَ دل جي آٿت لاءِ حيات بعد الممات جا نظريا ايجاد ڪيا، بهشت بنايا، ٻئي جنم ۾ گڏجڻ جو دلاسو ڏنو، سڀڪجهه ڪيو، ليڪن يقين سان ڪجهه چوڻ جي اهل نه بنيو آهي.

        هن ڌرتيءَ تي لکا ورهين کان زندگيءَ جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. شايد اڳتي به زندگي هلندي اچي. اهي سڀ ثبوت حيات ڪُلِ جا آهن. ليڪن شخصي زندگيءَ جو تسلسل اڃا به تشنئه ثبوت رهيو پيو آهي. جهڙيءَ طرح شخصي حيات جو تسلسل مشڪوڪ آهي، اهڙي طرح سان شخصي خوشي به عارضي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ويچارن فيلسوفن گهڻي مٿا ماري ڪئي آهي. ڪي رهبانيت جا قائل ٿي، هن زندگيءَ کي عارضي سمجهي، دائمي زندگي ۽ دائمي خوشيءَ جي ڳولا ۾ سر گردان رهيا، ته ڪي رند بنجي، ايپيڪيورين فلسفي جا پوئلڳ ٿي، نقد حيات حاصل ڪرڻ ۾ مستغرق رهيا، پر ڏسڻ ۾ شايد ايئن اچي ٿو ته ٻنهي ڌرين شخصي زندگيءَ جي تسلسل تي بنياد رکي پنهنجا نظريا بنايا آهن. بهرحال، جيستائين زندگيءَ جو تعلق آهي، دائمي حيات ۽ دائمي خوشيءَ جي کوجنا جاري رهندي:

        ”جيڪر قيامَ مِڙن، ته ڪَرَ اوڏا سپرين.“

                                        (شاهه)

سن

14 – 12 – 1963ع                 --- غلام مرتضيٰ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org