انگريزي لفظ ڏنل لفظ ليکڪ
پاران
_____________________________________
Botane
نبات وَڻوٽ
Botany
علمِ نبات وڻوٽڄاڻ،
وڻٽڀياس
Botanist
علم نبات جو ماهر وڻوٽڄاڻڪ، وڻوٽڀياسڪ
Botanical
نبات بابت وڻوٽڄاڻي، وڻوٽڀياسي
(وڻوٽاڻي)
Botanical garden
نبات بابت باغ وڻوٽڄاڻي/ وڻوٽڀياسي/
وڻوٽاڻي باغ
Botanical name
نبات بابت نالو
=
/=
/=
نالو
Botanize
نباتڻ وڻوٽڻ (اوڀڙائڻ)
Herb
نبات اوڀڙ،نبات (؟)
Herbal
نبات بابت اوڀاڙڪ، نباتي (؟)
Herbivorous
نبات خور
اوڀڙ کاؤ، نباتخور (؟)
Herbaceous
نبات دار
نباتائي
(؟)
Herbage
____ــ (گاهه پٺو)
Herbalist
اوڀڙ
ڄاڻڪ (گاهي (هاري)
________________________________________________ــ
Herb
جي لاءِ مون کي في الوقت ڪو سٺو لفظ نه ٿو لڀي،
”اوڀڙ“ توڻي جو
Botane
لاءِ سٺو متبادل آهي پر
Vegetaion
کي ذهن رکي
Botane
لاءِ ”وڻوٽ“ چونڊيو اٿم.
8. عجيب لفظ غريب جملا
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ”al
_“ پڇاڙي جي بدران متبادل طور هڪ
سڄو لفظ ”بابت“ ڪم آڻيندي ڪجھ لفظ مثال طور ٺاهي
پيش ڪيا آهن:
علاج بابت
Therapeutical
رياضي بابت
Mathematical
حيات بابت
Biological
دوائن بابت
Medicinal
اهي ئي سنڌي متبادل، جيڪڏهن، ڪنهن ”هيٺ ڏنل“ قسم
جي جملي ۾ ڪم آندل هجن ته ڇا انهن کي انگريزي ۾
مَٽائيندي، الٿو يا تَرجمو ڪندي، ڪم آڻي سگھبو؟
___ اسان ”علاج بابت“ ڳالهه ٻول پئي ڪئي.
___ ”رياضي بابت“ چيو ٿو وڃي ته ڏکيو علم آهي.
___ ”حيات بابت“ اسان جو بحث علمي نه هو.
___ ”دوائن بابت“ عام ماڻهو اڻڄاڻائي جو شڪار آهن.
هاڻ هيٺ ڏنل جملن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڏسو:
They were discussing about biological
matters._
It is classified as lethal
poison.
__
He is a medical
student.
__
___ The political party was banned.
ڇا مٿين جملن ۾ ليڪ ڏنل لفظن بدران واريسر ”حيات
بابت“، ”موت بابت“، ”طب بابت“ ۽ ”سياست بابت“ لفظ
ڪم آڻي سگھبا؟
ڄاڻايل سنڌي ۽ انگريزي ۽ اهڙا ٻيا سوين جملا چٽيءَ
طرح ٻڌائن ٿا ته ”al
_“ پڇاڙي بدران سنڌي ۾ ”بابت“
جهڙو لفظ ڪنهن به طرح نه ٿو ٺهڪي ۽ نه ئي سونهي
ٿو. ”بابت“ انگريزي لفظ
about
(ابائوٽ) جو متبادل آهي. ”مئٿميٽڪس“ جي بدران علم
رياضي يا حسابي علم يا ”علم رياض“ ۽ ”مئٿميٽيڪل“
جي ”بدران رياضي“ يا ”حسابي“ وڌيڪ دوست ٿيندا.
منهنجي نظر ۾ مئٿميٽڪس جي بدران ڳڻتڄاڻ، ڳڻتڀياس،
حسابڄاڻ، حسابڀياس، ”مئٿميٽيڪل“ جي بدران ڳڻتڄاڻي،
حسابي، حسابڄاڻي، حسابڀياسي ۽ ”مئٿميٽيشينَ“ جي
بدران ڳڻتڄاڻڪ، ڳڻتڀياسڪ، حسابڄاڻڪ، حسابڀياسڪ
وڌيڪ بهتر متبادل آهن.
هڪ پڇاڙيءَ جي بدران سڄو لفظ ۽ هڪ مرتب لفظ بدران
ٽي، چار يا پنج رُڪني لفظ، مٿي ڪيل بحث وسيلي پڌرو
ٿو ٿئي ته خود ڊاڪٽر قاضي صاحب جن پنهنجي ان راءِ
جي خلاف آهن ته ”دراصل اصطلاح اهڙا هئڻ گھرجن
جي زبان توڙي فن جي لحاظ کان موزون هجن ۽ پڻ ساخت
جي لحاظ مختصر هجن، هتي الامڪان ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته
ٻولي جون لساني خصوصيتون ۽ صرف و نحو جون بندشون
بلڪل نظر انداز نه ڪيون وڃن.“
9 . انگريزي ۽ سنڌي لفظن ۾ هم آهنگي
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جي اها مٿي ڏنل راءِ ”برحق“
آهي. متبادل لفظ موزون، مختصر ۽ وس پُڳي گرامر جي
قاعدن جي ڀڃڪڙي نه ڪندڙ هئڻ گھرجن. ”انگريزي“
سائنسي ۽ فني اصطلاحن جا سنڌي متبادل ڳولڻ، ووڙڻَ،
گھڙڻ، لکت ۾ آڻڻ ۽ ڳالهه ٻول ۾ عام مروج ڪرڻ لاءِ
لازمي آهي ته سنڌي لفظ ۽ اصطلاح نه رڳو
”انگريزين“ جو مَٽ هجن پر سوال ۽ ننڍا هجڻ سان گڏ
سڀني گھربل صورتن ۾ بدلجي به سگھن. ان لاءِ
ضروري آهي ته انگريزي اصطلاحن جي فطرت ۽ مزاج ۽
سنڌي اصطلاحن جي فطرت ۽ مزاج کي نه رڳو سمجھيو وڃي
پر اهم آهنگ به ڪيو وڃي.
اها ڳالهه پهرين نظر ۾ اوپري ۽ ڄٽڪي ڀانئبي، ڪٿي
يورپي ٻولين جو مزاج ۽ فطرت ته ڪٿي سنڌي ٻوليءَ جو
مزاج ۽ فطرت ۽ پوءِ وري انهن ۾ هم آهنگي! ڪو به،
هتي اها چوڻي آڻي سگھي ٿو ته ”ڪاڏي منهن مريم جو
ڪاڏي ٽنڊوالهيار“ پر ائين چوڻ پاڻ اڻڄاڻائي جو
سولو شڪار ٿيڻ هوندو.
سنڌي ٻولي کي ڪنهن زماني ۾ سنسڪرت جي ڄائي، اڃا
به ”بگڙيل ڄائي“ سمجھيو ٿي ويو. وقت گذرڻ ۽ تحقيق
وڌڻ سان ٻنهي کي هڪ ٻي جي ڀيڻ سمجھيو ويو. پوءِ
ثابت ٿيو ته اپکنڊ ۾ سنسڪرت جھڙوڪر ڪالهه آئي آهي،
سنڌي ان کان گھڻي آڳاٽي ۽ پنهنجو پاڻڀرو وجود
رکندڙ ٻولي آهي ۽ اڄ سنڌي ٻولي کي ٻولين جي
انڊو __ يورپين گھراڻي جو ڀاتي سمجھيو وڃي
ٿو. سڀاڻي خبر ناهي ته ڪهڙا راز کلن ۽ ڪهڙيون
حقيقتون سامهون اچن. سنڌي ٻولي لڳ ڀڳ ساندهه، سڄي
ڄاتل تاريخ دوران ڌارين ۽ پرمارن جي لتاڙ ۽ ڪاهه
جو شڪار ٿيندي رهي آهي ان ڪري هن ٻوليءَ جون سوين
خصوصيتون اکين کان اوجھل آهن. پر تحقيق وڌي پئي،
ڳجھ ٻاڦورجن پيا ۽ نت نوان معاملا روشنيءَ ۾ اچن
پيا.
اچو ته هڪ نظر ڪجھ انگريزي لفظن ۽ اصطلاحن تي
وجھون ته جيئن انهن جي بناوت ۽ مزاج سمجھڻ ۾ سهولت
ٿئي.
Logos
اطيني/ لئٽن ٻوليءَ جو هڪ لفظ
آهي. ان جي ”Log“
کي ”Arithm“
سان ملائي ”Logarithm“
(لاگرٿم، لاگردم) ٺاهيو ويو آهي. (ارٿميٽڪ يا
اردميٽڪ لفظ پاڻ به ٻن جزن جو ٺهيل آهي _ ”ارد“ ۽
”ايٽڪ“ ___ جنهن جو مطلب آهي ”انگن جي سڄاڻ“ يا
”انگن وسيلي ڪم ڪرڻ“، سنڌي ۾ ان لاءِ ”انگڄاڻ“ يا
”انگڀياس“ يا ٻئي مقرر ڪري سگھجن ٿا). ”اگرٿم“ جو
مطلب آهي انگن جو اهڙو سرشتو جيڪو جدول جي صورت
۾ٺاهيل هجي ته جيئن ضرب ۽ ونڊ وغيره جا حساب ڪي
مخصوص انگ جوڙُ يا ڪَٽ ڪري سلجھائي سگھجن. ”لاگر
ٿم“ جي بدران سنڌي ۾ متبادل ”ڄاڻنگ“ (ڄاڻ +
انگ) اصطلاح مقرر ڪرڻ گھرجي.
”Analogous“
(اينالاگس) ۾ اهو ساڳيو (لاگس) لفظ ”اينا“ (Ana)
کانپوءِ ”نسبت“ يا ”مائٽي/ ناتيداري“ يا ”ساڳيائپ“
جي معنيٰ ۾ ڪم آيو آهي. ”اينا“ جو مطلب آهي ”مٿين“
يا ”ظاهري“ يا ”ٻاهرين“. ”اينالاگس“ جو مطلب آهي
بناوت ۽ بڻ ۾ نه پر ڪرت جي لحاظ کان هڪ جھڙائي
رکندڙ (انگ/ عضوا وغيره)، جيئن ڪنهن به پکيءَ ۽
پوپٽ ڪا پَر. اينالاگس جي بدران سنڌي ۾ متبادل
ٻَهرنگ (ٻهر + انگ) مقرر ڪري سگھجي ٿو.
”Homologous“
(هومولاگس) جو مطلب آهي ساڳي ڪرت نه پر ساڳيو بڻ/
پيڙهه رکندڙ (انگ/عضوا وغيره). هومولاگس جي بدران
سنڌي ۾ ساڳنگ (ساڳيو + انگ) يا بڻنگ
(بڻ + انگ) مقرر ڪري سگھجي ٿو.
”Log
book“
(لاگ بوڪ) اهو ڪتاب/ بوڪ/ رجسٽر آهي جنهن ۾ حساب،
ليکو چوکو ٺاهي محفوظ رکجي.
پر اهو ساڳيو لفظ ”Logos“
تقرير يا ڳالهه ٻول جي معنيٰ پڻ ظاهر ڪري ٿو. لاگس
جو لاگ (Log)
کڻي ان جي پٺيان ”واءِ“ (y)
ملائي لاگي/ لاجي (Logy)
سڏي، مختلف لفظن جي پٺيان ڪم آڻجي ٿو ۽ ڄاڻ يا
اڀياس جي معنيٰ ظاهر ڪري ٿو ___ آرڪيالاجي،
بائلاجي، زوُلاجي، اينٿروپولاجي، مارفولاجي وغيره.
آرڪيو + لاگ + ايِ ______ ڀَنڄاڻ، ڀنڀياس، اڏ
ڄاڻ، اَڏڀياس
بايو+ لاگ + اي _____ جياڄاڻ، جياڀياس
زوُ + لاگ + اي _______پِسوُڄاڻ، پسو ڀياس،
جانوٽڄاڻ، جانوٽڀياس
اينٿروپو + لاگَ + ايِ _______ مانسڄاڻ، مانسڀياس
(مانس=
ماڻهو)
مارفو + لاگ + ايِ ______ روپڄاڻ، روپڀياس (”ٻولي
ڄاڻ“ يا ”لسانيات“ جي دنيا ۾ ڊاڪٽر غلام علي
الانا صاحب جن ”علم صرف“ متبادل آندو آهي، ان کي
صرف ڄاڻ، صرفڀياس ڪري سگھجي ٿو).
Anatomy
(ايناٽمي/ايناٽومي) هڪ ٻيو لفظ آهي _____ اينا +
ٽوم + ايِ. ”اينا“ معنيٰ مٿي/ ٻاهر/ مٿيون/ ظاهري،
”ايڪٽوم“ (”ٽوم“ جنهن تان ورتل آهي) معنيٰ وڍڻ ۽
ان سان ”واء“ (y)
ملائي کيس علم، سڄاڻ جو درجو ڏنو ويو آهي.
”ايناٽومي“ جو مطلب آهي عضون/ لڱن کي وڍي، ٽڪرا
ڪري جاچڻ، پرکڻ، اڀياس ڪرڻ، سنڌي ۾ لڱڄاڻ/ لڱڀياس،
لڱڄاڻڪ/ لڱڀياسڪ ۽ لڱڀياسي لفظ ايناٽومي،
ايناٽومسٽ ۽ ايناٽوميڪل جي بدران ڪم آڻي سگھجن ٿا.
Chemistry
(ڪيمسٽري) جو ڪيم (Chem)
عربي لفظ آهي جنهن تان ”الڪيمي“ ۽ ”ڪيميا“ لفظ
ٺهيا آهن. ”اسٽ“ (ist
__ ) پوئلڳ، سٺو سمجھندڙ، مڃيندڙ
وغيره کي چيو وڃي ٿو. ان سان ”_ اري“ (ry
__ ) پڇاڙي ملائي کيس علم جو درجو
ڏنو ويو آهي. ڪيمسٽري اهو علم يا اڀياس جيڪو شين
جي نسبتن دائمي گڻن، بناوتن، رشتن ۽ ڪارجن کي بحث/
جاچ هيٺ آڻي ٿو.
”S“
(ايس) پڻ ڪيترن ئي لفظن جي پٺيان آڻي انهن کي علم،
اڀياس، سڄاڻ، سائنس جو درجو ڏنو ويو آهي. جيئن
مئٿميٽڪس، ايٿڪس، اسٽيٽسٽڪس، اليٽرانڪس وغيره
(اليڪران + اِڪ + س ).
10 . ”پڇاڙين“ جو قيدي
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ”انگريزي“ اصطلاحن جي ڪجھ
پڇاڙين جي متبادل طور ڪي لفظ ڏنا آهن ۽ انهن کي
اصطلاح سازي ۾ مقرر رکڻ جي صلاح ڏني آهي جيڪي هت
ڏجن ٿيون:
وانگر
oid
__ــ جھڙو
ferous
__ــ دار
aceous
__ــ جيان
ose
__ جوڳو
able
___ بابت
al
__ـ وارو
ous
__ شڪل
form__ــ
حقيقت هيءَ آهي ته ”انگريزي“ لفظ جي هر هڪ پڇاڙيءَ
جو مطلب هر حالت ۾ مقرر ۽ ڌار نموني جو ناهي. هر
هڪ ٻولي پنهنجي مزاج موجب هر لفظ جي آخري ”آواز“
(وينجڻ هجي يا سُر) جي لحاظ کان هڪ مخصوص آواز
واري پڇاڙي قبول ڪندي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ به ائين
آهي ۽ دنيا جي ٻي ٻوليءَ جيان انگريزي ۾ به ائين
ئي آهي. پاڻ کي لفظن جي اڳياڙين يا پڇاڙين جو قيدي
نه بنائڻ گھرجي پر پڇاڙيءَ بدران ڪوشش ڪري پڇاڙي
ئي ڪم آڻڻ گھرجي.
لفظ نه، تان جو حد درجي لاچار هجي.
”وانگر“، ”جھڙو“ ۽ ”جيان“ ۾ ڪو خاص فرق نه آهي.
ساڳيءَ طرح اڳتي هلي اهو به ڏسنداسين ته ”انگريزي“
پڇاڙين ۾ به معنيٰ جي لحاظ کان ڪو خاص فرق ناهي.
”پڇاڙيءَ“ جي بدران ”لفظ“ ڪم آڻڻ جي ڪري گھربل
اصطلاح نه رڳو اڍنگو پر غلط به ٿي پيو آهي. ٿيڻ ته
ائين گھربو هو ته ”انگريزي“ لفظن ۽ اصطلاحن جي
پڇاڙين جيان سنڌي جون به ڪي ٺهڪندڙ پڇاڙيون ڪم
آڻجن ها. ڊاڪٽر قاضي صاحب جن (شايد) اهو ان ڪري نه
ڪيو آهي جو پاڻ ”انگريزي“ پڇاڙين جي مفهوم تي جوڳو
ڌيان ڏيڻ بدران پڇاڙي جي اکرن ۾ اڙجي پيا آهن ___
اکرن ۾ جيڪو اڙيو، عشق جي چاڙهي موُر نه چڙهيو.
Oval
(اوول=
آنول يعني آنو + اول) ۾ پڇاڙي
al
__ آهي (ان جي معنيٰ ڊاڪٽر قاضي
صاحب جن پاران مقرر ڪيل پڇاڙي موجب ”بيضي بابت“
ٿيندي. ”بيضو“ ان ڪري جو پاڻ ”Ovoid“
جو متبادل بيضي وانگر مقرر ڪيو اٿائون). اها ”al
_“ پڇاڙي ”old
__“
سان مَٽائي ”Ovoid“
(آنيل يعني آني + ايل) ٺاهيو ويو آهي. ياد رکڻ
گھرجي ته ”old
_“ پاڻ ”eidos“
تان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي شڪل، روپ، صورت
يا
form
(ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ”فارم“ لاءِ ”شڪل“ لفظ مقرر
ڪيو آهي).
Ovoid
جي انگريزي ڊڪشنري ۾ معنيٰ ”Egg-shaped“
(آني جي شڪل جھڙو) ڏنل آهي. |