)
sound
___
speech
(ڏسو
phonemic
) __ __
(phonemic)
وائُيو (اسم) ______ صوتيو
phoneme
•
ڳالڪ آوازن جي آڪهه يا ڳالهه آوازن جو جٿو جن کي
ڪنهن به هڪ ٻوليءَ ۾ محض هڪ آواز جي وِڻاڪ/ نعم
البدل
(variant)
آواز طور محسوس ڪيو وڃي.
وائيوئي، وائياڄاڻيِ ___
_____
phonemic
•
وائيي سان واسطيدار
•وائيا ڄاڻ سان واسطيدار
وائيوئڻ (وايوئڻ) _____ ______
phonemicise
•وائيي طور ڇيد/ تجزبو ڪرڻ هڪ وائيو سمجھي ورتاءُ
ڪرڻ.
وائياڄاڻَ، وائياڀياس ____
________
phonemicis
• (وائُيو+ آ
=
چڱيءَ طرح+ ڄاڻ)
=
(وائيو+ آ
=
چڱيءَ طرح + اڀياس)
•وائيوئي/ وائياڄاڻِي آوازي جٿن جي سڄاڻَ/ سائنس ۽
انهن جي ڀيٽ
وايَندر ويکَ _____
_____ـphonedoscope
•
(واءِ+ اندر + ويک)
• هڪ اوزار (مشين) جيڪو (انساني جسم اندر آوازن کي
اوچو ڪري ٿو.
وايوئي، وايوئاڄاڻي (ڏسو
phonetics)
وايوڪي صوتي،
•ڳاليَل ٻولي (language
___ـ
Spoken)
جي آوازن کي آواز جو،
پيش ڪندڙ/ انهن موجب/ انهن سان واسطيدار آواز
تي ٻڌل،
وايوئاڄاڻڪ (ڏسو
phontics
وايو ڪساز ___
phoneeician
•
وايوئاڄاڻ جو واقف/ ماهر. ____ _____
phoneticise
وايوئڻ
• وايوئي بنائڻ، وايوئي طرح (phonetically)
پيش ڪرڻ.
وايوئَپ ____ _____
phoneticism
•
وايوئي صورت/ ڪردار/ شڪل يا نمائندگي.
وايوئَڪ ______ _____
phonetist
• جيڪو وايوئي هِجي جي وڪالت ڪري.
وايوئاڄاڻَ وايوڪيات صوتيات، علم
آواز
•(وايو+ آ
=
چڱيءَ طرح+ ڄاڻ) phonetics
•
ٻوليا ڄاڻيِ (Linguistic)
سڄاڻَ/ سائنس جي هڪ شاخ
جيڪا اچار، ڳالڪ اپت (
speech production
) بابت
بحث ڪري ٿي. وايوئا ڄاڻي پيشڪش.
وايپَ وايوڪيت ___
phonetism
•
وايوئي/ لکت/ لکڻي (writing)
وايوئاڄاڻڪ، وايوئاڀياسڪ ___ ___
phonetist
•وايوئاڄاڻي هجي جي وڪالت ڪندڙ يا اها ڪم آڻيندڙ.
Phonenetician)
)
وايَڪ ___ ____
phonic
•ڪنهن آواز پر خاص ڪري واڪل آواز سان واسطيدار
(ان جو يا ان جيِ)
وايَڪڄاڻ، وايڪڀياس ____ ______ phonics
• ڪنهن به آواز، خاص ڪري ڳالهايل آوازن جي سڄاڻ
(سائنس).
وائَورايو، پَڙاڏيائي _____
____ـ
phonocamptic
•آواز
کي موٽائيندڙ، پڙاڏو ڪندڙ، پڙاڏي سان واسطيدار.
پڙاڏا ڄاڻَ، پڙاڏاڀياس _____
_____ـ
phonocamptics
•پڙاڏن جي گھڻڄاڻ (Acoustics)
واساز، فونوفِڊل _____ــ
________
phonofiddle
•ساز جو هڪ قسم (ڌاتوئي يڪتارو)
واليک وايو ڪنامر ٽيليفون تارَ
phonogram
• (واءِ+ ليک) (اهو پنو جنهن تي نياپو لکيل هجي)
والکار وايوليک آواز نگار،
phonograph
• (واءِ + لک + آر
=
وارو/واري اوزار/ مشين) فونو، آواز
• ايڊريسن جي ايجاد ڪيل هڪ مشين ڪڍڻ جي ڪَل
جيڪا آوازن کي محفوظ/ رڪارڊ ڪندي آهي.
(نوٽ: ’Graph‘
جي لفظي معنيٰ ليڪ/لکت آهي پر اهو
لفظ عام طرح انهيءَ مشين لاءِ ڪم ايندو آهي جيڪا
ليڪو/لکڻي/ خاڪو/ عڪس محفوظ ڪري) وايو ____
phonographer
واليکار، والکڻهار ليکڪار
phonographist)
•(واءِ+ لکڻ+ وارو/ واري) (مرد/ عورت) (وايو
ليکار)
وايالِکا، وايالَکا
•(واءِ+ آ=
چڱيءَ طرح+ لِکا=
لکائِي)=
(واءِ+ آ +
=
وايو ___ phonography
ليکڪاري
ڄاڻ/ خبر/ سُڌ)
(وايو ڪاري)
•هڪ خصوصي فرق رکندڙ صورت/ ڪردار/ شڪل وسيلي هر
ڳالهايل آواز کي پيش ڪرڻ جو فن.
واپٿر _____ _______
phonolite
•(واءِ + پٿر) رڙندڙ پٿر
واپاٿر _____ _____
phonolitic
•
(واپٿر جو/ جي سان واسطيدار)
وايا ڄاڻ، وايا ڀياس
وايو ڀياس علم
phonology
•
)واءِ
+ آ=
چڱيءَ طرح+ ڄاڻ/ اڀياس) الاصوات،
•اڳي ’وايوئاڄاڻ‘ جي متبادل طور ڪم ايندڙ لفظ شبد
وديا،
هاڻي، عمومي طرح ٻوليءَ جي آوازن جي سرشتي (جي
اڀياس) علم آواز
لاءِ ڪم ايندڙ. لفظ پنهنجي تاريخ دوران جن تبديلين
هيٺ آيو آهي ڪڏهن ڪڏهن انهن تبديلين جي ڄاڻ لاءِ
پڻ اهو اصطلاح ڪم ايندو آهي.
وايا ڄاڻِي وايو ڀياسي
____ـ
phonological
•
وايا ڄاڻ سان واسطيدار
وايا ڄاڻڪ وايودان
____
phonologist
•
واياڄاڻ جو واقف/ ماهر
وايا ماپ، واياماپر وايوڪماپر آواز
پيما
phonometer
•
موضوعي ڀيٽ وسيلي آواز جي راڙي ___ سطح جو ڪاٿو
ڪندڙ اوزار.
وايار (=
واءِ+ آر)، وايان _____ ____
phonon
•آوازي لهرن/ ڇولين يا گرمي وسيلي تاءُ _ شڪتيءَ
جو هڪ قئانٽم (Quantum).
ڊاڪٽر هدايت پريم ڏانهن خط
ادا هدايت پريم
سدا خوش، سکيا ۽ سلامت رهو.
توهان جو پريم هو يا منهنجي محبت يا ٻئي ۽ ٻنهي جي
سچائي ۽ ڇوهه، جو ڪراچي کان موٽندي اوهان وٽ اچي
حاضري ڀرڻ لاءِ ٽُول پلازه وٽ لهي، سنڌ يونيورسٽي
۾ توهان جو در کڙڪايم، توڙي جو حيدرآباد ترت پهچڻو
هو ۽ اتي گھربل ڪم ڪري وري قمبر روانو ٿيڻو هو.
مون سان گڏ منهنجو 12 ___ ورهيو پٽ ساجد
گڏ هو جنهن کي مون واري اها ساڳي ”پِٽَ“ پيل آهي
___ ڪنهن به شي/ ڳالهه تي انڌو اعتبار ڪرڻ بدران
ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي سوالَ پڇڻ.
ٻه ڳوَرا سفري ٿيلها ڪلهن ۾، ....... ۽ اوهان جو
گھر لڀي ڪو نه ___ـ مارئي هاسٽل ۽ سنڌالاجي جي وچ
وارين گھٽين ۾ رلندا رهياسين، تان جو اهو شريف
ماڻهو مليو جنهن چيو، ”ڊاڪٽر هدايت الله آخوند“
جي گھر جي سڌ نه اٿم پر سائين هدايت پريم
کي سڃاڻان ٿو ۽ ... پنهنجيءَ بائيڪ تي کڻي توهان
جي در تي لاهي هليو ويو.
توهان جي پٽ، جَس هجيس، ڏاڍو تعاون ڪيو. منجھس
اوهان جھڙيون ڪي ئي اخلاقي ۽ علمي خوبيون موجود
ڏٺم. سٻاجھو ماڻهو آهي.
رولي دوران منهنجي پٽ مون کان پڇيو ته مون ڪنهن کي
پئي ڳوليو؟ ٻڌايومانس ته سنڌ جي هنِ علمي مرڪز جي
هن پاڙي ۾ اهو ماڻهو رهي ٿو جنهن جي پسند ڪيل نالي
جو عربي روپ منهنجو نالو آهي، يا ائين سمجھه ته
منهنجي اباڻي نالي جو سنسڪرت روپ هن پنهنجي لاءِ
چونڊيو آهي __ـ سنڌي ٻوليءَ جي ناتي هڪ ئي سڪي جا
ٻه هڪ جھڙا پاسا.“ ”پريم“ پيو ڳوليان جيڪو ”دنيا“
۾ لڀي مڙيوئي گھَٽ ٿو .....
سنڌي ٻوليءَ جو سينو بيحد وسيع آهي. ان پنهنجي
پنهنجائپ ڀرئي مضبوط ڀاڪر ۾ سامي سٿ جي ڪجھ ٻولين
سميت سنسڪرت سان گڏ ڪيترين ئي ٻين انڊو ___
يورپين توڙي دراوڙي ٻولين جي ٻول __ کاڻ مان
ٻولن جو جھجھو ذخيرو جھٽي، جذب ڪري ۽ سانڍي رکيو
آهي. مثال طور پريم/ محبت لاءِ سنڌيءَ وٽ ڪي ٻيا
ٻول نيِهه (نِينهه، نيِنهن)، لَنئه (لنئون)، آر
(آرو) ۽ پيار به آهن. پريت، چاهه/ چاهنا/ چاهت،
موهه، حب، الفت، سنيهه، قرب، سِڪ وغيره به عام ڪم
ايندڙ لفظ آهن. نيهلُ، نيهلِ، پيار، پيارو ۽
پيارل ۽ پريم ۽ محبت ته فردن جا نالا به آهن، ۽ اڄ
ڪلهه
Love
(لَو) به اوُپرو ٻول نه رهيو آهي. ان ڪري سمجھان ۽
ڀروسو رکان ٿو ته سنڌي ٻولي اڻَمئي سگھ رکي ٿي
جنهن ۾ لچڪ، جذب پذيري، ڪشادائي ۽ سانڍپ سڀ سرس
سمايل آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي جو، لکت ۾ نه هئڻ
باوجود، سنڌي ٻولي صدين کان تڳندي، جٽاءُ ڪندي،
بقا رکندي ۽ عوامي ٻولي رهندي آئي آهي.
توهان پنهنجي خط ۾ ٻن جو اظهار ڪيو آهي:
1 . ڪينجھر (ماهوار، حيدرآباد) ۾ لکڻ معنيٰ
ليکڪ جي مضمون جو عالمن/اديبن/ اسڪالرن تائين نه
پهچڻ، ڇو ته اهو سيکڙاٽن ۽ ٽِين ايجرس (Teen
Agers)
جو رسالو آهي.
2. منهنجن مضمونن ۾ اهڙا اصطلاح ڪم آندل آهن جيڪي
نوان آهن. ”اڳ ۾ رواج ۾ آيل
terms
(ٽرمس) ته استعمال ڪري سگھجن ٿا. جيڪڏهن ڪي
terms
اڳ ۾ موجود نه آهن ته پوءِ نوان
terms
ٺاهڻ (coin
ڪرڻ) لاءِ اهڙن لفظن جي چونڊ ڪرڻ کپي جيڪي عام فهم
هجن، سولا هجن ۽ مفهوم جي درست پوئواري ڪري سگھن.
اوپرا ۽ اڻپورا ٽرمس استعمال ڪرڻ سبب اصل مضمون
سان انصاف نه ٿي سگھندو“.
ٻئي صلاحون اکين تي.
وڏڙا به آهيو ته عالم به، ۽ توهان جو ڀاڳ ڀلارو جو
اهڙي علمي شعبي سان واسطو رکو ٿا جنهن جو بنيادي
موضوع سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهي. جڏهن ته
منهنجي حيثيت هڪ ننڍڙي شاگرد واري آهي ۽ منهنجو
مطالعو، مئجي ته، ڪجھ به ناهي. جيئن هر ماڻهوءَ وٽ
ڪي ئي خواهشون هونديون آهن تيئن مون وٽ به سوين
سڌون موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ مون وٽ هڪ
سڌ اها به موجود آهي ته سنڌي ماڻهوءَ کي سنڌي
ٻوليءَ ۾ ئي سموري تعليم ۽ سکيا ملي سگھڻ ممڪن هئڻ
گھرجي. شعبو ڪهڙو به هجي ۽ سطح ڪهڙي به هجي ۽ ان
سڌ جي ابتدائي ڇيڙي کي ڇهڻ لاءِ هڪ جامع
انسائيڪلوپيڊيا ۽ بهترين ڊڪشنري جي
گھرج اڻٽر ٿو سمجھان.
اصولي طرح، ٿيڻ ائين گھرجي ته هر هڪ شعبي سان
واسطيدار ڄاڻ رکندڙ هر سنڌي عالم سنڌي ٻوليءَ کي
سنوارڻ، سينگارڻ، وڌائڻ ۽ ويجھائڻ لاءِ پنهنجيءَ
ذهانت جو گھربل حصو ڏئي ۽ هر علمي/ ادبي ادارو
انهن جي اشاعت ڪري. اسان جا عالم ۽ علمي / ادبي
ادارا جيستائين سنڌ ۽ سنڌين کي اهو سڀ ڪجھ مهيا
ڪن، انهن بابت، ڳالهائيندو. ۽ لکندو رهندم ۽ جيڪو
ڪجھ ڪري سگھان ٿو، ڪندو رهندم. پاڻ انهن مان
ناهيان جي ٻَڌڻ جو ڪم ٻروچ لاءِ ڇڏي پاڻ رڳو رڙين
ڪرڻ جو ’فرض‘ نڀائيندا آهن. جيڪڏهن موڪل ڏيو ته
هتي لطيف سائين جو هڪ بيت چوان:
روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرينءَ کي.
جن جا ڳل ڳاڙها ناهن انهن پِٽڻ وارين کي پسند نه
ٿو ڪريان ۽ انهن مان آهيان جيڪي پاڻ به ڪجھ اڳڀرو
ٿيڻ تي ڀروسو رکن ٿا.
مخصوص حوالي سان سنڌيءَ ۾ معياري رسالو مهراڻ آهي
جيڪو جيڪڏهن پابنديءَ سان به شايع ٿئي ته ٽئين
مهيني هڪ رسالو! هر پرچي ۾ هڪ مضمون ڇپجي، جيڪو
ممڪن گھٽ آهي، ته به هڪ سال ۾ چار مضمون! ڇانيل
ڄٽاڻي فضا ۾ اهڙا ڪي ٿورا مضمون ڪو به مثبت ڪردار
ادا نه ڪري سگھندا، ان ڪري، گھرج آهي ته ممڪن گھڻن
سنڌي رسالن ۾ معياري مواد شايع ٿيندو رهي ته جيئن
اهي به معياري ٿي سگھن. سڌ اٿم ته ڪاش! سنڌي ۾
ڇپجندڙ هر هڪ رسالو ۽ اخبار ڪنهن نه ڪنهن خصوصي
حوالي يا ڪن نه ڪن خصوصي حوالن سان معياري ٿي پون
ته جيئن علمي راهن جا پانڌيئڙا انهن تي اهي سرچشما
پسي سگھن جن مان علم جو هر پيئاڪ پنهنجي اندر جي
اڃ اجھائي سگھي.
ٺوس سائنسي موضوعن تي لکيل مضمون ڀانيان ٿو ته
مهراڻ ۾ نه ٿا ڇپجي سگھن جڏهن ته پاڻ رڳو هڪ موضوع
تي لکندڙ ناهيان. هن وقت مون وٽ هيٺ ڄاڻايل مضمون
۽ ڪتاب تيار رکيا آهن:
1. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جن جي مضمون
’ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي‘ مقالي جو لسانياتي
اڀياس (’مهراڻ‘ 1995ع) جي جواب ۾ اڀياس جو
اڀياس (مسودو 102 صفحا).
2. گنگارام سمراٽ صاحب جن جي مضمون ’سنڌي ٻولي
(’سنڌ سجاڳ‘ 1995ع) جو تجزيو استدلال جو اهو
طريقو غلط آهي (مسودو 80 صفحا) ___ (2)
3. سنڌ ۾ نئون پٿر وارو دور (ترجمو، 35 صفحا)
___ (3)
4. ڪرانالا جيڪل ڊڪشنري آف سنڌ جو ترجمو
(450 صفحا __ (4)
5. جيالاجيڪل ڪئلينڊر بابت بنيادي ڄاڻ
(مضمون، 27 صحفا) ___ (5)
6. ڌرتي منهنجو گھر، ڌرتيءَ بابت
جاگرافيائي ڄاڻ ڏيندڙ هڪ ڪتاب (200 صفحا) ___ (6)
7. سنڌي ٻول جو بڻ (ڪتاب، 250 صفحا)
(2) ’سنڌ سجاڳ‘ ڏانهن موڪليو اٿم.
(3) ’ڪينجھر‘ ڏانهن موڪليو اٿم.
(4) هڪ هڪ باب ٿي ’ڪونج‘ ۾ ڇپيو رهندو آهي.
(5) ’سائنس‘ ڏانهن موڪليم پر اهو في الوقت بند ٿي
ويو آهي تنهنڪري اتان ڦري ’عبرت مئگزين‘ ۾ پهچي
ڪمپوز ٿي چڪو آهي.
(6) لاءِ ارادو هو ته هڪ باب ٿي ’عبرت مئگزين‘ ۾
ڇپجي پر ٻه باب ڇپجڻ کان پوءِ ’عبرت مئگزين‘ اهو
سلسلو بند ڪري ڇڏيو.
علم زراعت موضوع تي لکيل (جيڪي مون ترجمو ڪيا) ٻه
مضمون گذريل ڇهن مهينن کان ’زراعت‘ (؟، انفرميشن
ڊپارٽمينٽ پاران ڇپجندڙ رسالي) ڏي موڪليل آهن.
سياسي موضوعن تي ڪي ئي مضمون تيار رکيا آهن. ماڻهو
جي ارتقا (زوالاجي) بابت هڪ مضمون (55 صفحا) پڻ
فيئر ڪرڻو اٿم جنهن کان پوءِ اهو ڇپائي لاءِ تيار
هوندو .... هاڻي، انهن حقيقتن کي ذهن ۾ رکي صلاح
ڏيو ته ڪهڙا مضمون ڪهڙن معياري رسالن ۾ ڇپرايان؟
منهنجيءَ پسند جا موضوع رڳو اهي ناهن، ’جامع سنڌي
لغات‘ جو جائزو وٺي رهيو آهيان، ’ٻوليءَ جو بڻ
ڪَتاب لکڻ لاءِ مواد سهيڙيان پيو، جديد علمي، فني
۽ هنري گھرجون پوريون ڪري سگھندڙ ’انگريزي ___ـ
سنڌي ڊڪشنري‘ تيار ڪرڻ لاءِ ٽي هزار کن اصطلاح
ترتيب ڏئي چڪو آهيان، ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا‘ ۾
جن موضوعن کي شامل ڪرڻو آهي. اهي عنوان 20 __ـ
هزار کان وڌيڪ رٿابند ڪيا اٿم ۽ ٻيا گڏ ڪيان پيو
.... ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ.
اصولي طرح، اهي ڪم واسطيدار موضوعن جي عالمن جا
آهن ۽ ڪي وڏا علمي ادارا ئي لکائڻ ۽ ڇپائڻ جو بار
کڻي سگھندا پر جيستائين ائين ٿئي تيستائين ڇا ٿيڻ/
ڪرڻ گھرجي؟ ____ ڇا رڙيون؟ واڪا! دانهون!؟ .....
ڇا اهو به ڪو حَل آهي؟
ڪم ڪرڻو آهي.
ٻيا، اسان جا سڄاڻ ۽ اڪابر ماڻهو جڏهن پنهنجيءَ
پتيءَ جو فرض نڀائن، مون کي پنهنجو ڪم ڪندي
رهڻو آهي ۽ پنهنجي وت، وس، سگھ ۽ ڄاڻ آهر جيترو
ڪجھ ڪري سگھان ٿو اوس ڪندم.
تعليم ۽ سکيا جي هر شعبي ۾ هزارين اصطلاح مخصوص
معنيٰ ۽ مفهوم رکندي ڪم اچن ٿا. جيستائين انهن جو
متبادل سنڌيءَ ۾ موجود ناهي، ابتدائي ڪورس به پڙهي
۽ سمجھي سگھڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو پوي. سنڌيءَ ۾ ترجمو
ٿيل هڪ ڪتاب جو عنوان آهي سنڌ هڪ عام جائزو
( ليکڪ ايڇ . ٽي . لئمبرڪ) جيڪو ظاهر آهي ته سنڌي
پڙهندڙن لاءِ ترجمو ٿيو آهي. توهان جا شاگرد ايم .
اي . سنڌي (سنڌي ۾ پوسٽ گرئجوئيشن) جو ڪورس پڙهندڙ
آهن. ڪنهن به هوشيار شاگرد کي چئو ته ان ڪتاب جو
صفحو نمبر 17 ۽ 18 وڏي آواز سان روان پڙهي ۽
معنيٰ ٻڌائي ۽ توهان خصوصي ڌيان ميسوزوئڪ،
پئليوزوئڪ، ڪئنوزوئڪ، ڪئاٽرنري، ٽرشري،
پلائيسٽوسين، پلايوسين، اوليگوسين، پيليوسين،
ڪريٽيشس، جوراسڪ، ٽرائسڪ، پرميئن، ڪاربنيفيرس،
سائلورين، آرڊويشين وغيره جھڙن اصطلاحن جي اچار تي
سيڙايو، جيڪي انهن صفحن تي بيان ڪيل/ لکيل آهن.
توهان جو شاگرد جيڪڏهن درست اچار اچاري ۽ معنيٰ
ٻڌائي ويو ته اصطلاحسازي بابت منهنجي صلاح، جيڪا
مون پنهنجن ٻن مضمونن ٻولَ گھاڙيتو
(’سائنس‘، ڊسمبر 1993ع) ۽ ’سنڌي ٻوليءَ ۾
سائنسي ۽ فني اصطلاح سازي‘ جو مختصر جائزو
’سائنس‘، اپريل 1994ع) ۾ بيان ڪئي آهي، عبث ۽ خارج
از بحث قرار ڏئي سگھجي ٿي. ٻيءَ حالت ۾ توهان کي
منهنجيءَ ان راءِ سان سهمت ٿيڻو پوندو ته اسان
سنڌي ماڻهن کي اصطلاحن جي هڪ وسيع ذخيري جي
سنڌي ٻوليءَ ۾ گھرج آهي.
اصطلاحن جي سلسلي ۾ اسان وٽ اهو رويو موجود آهي ته
انهن جو متبادل سنڌيءَ ۾ نه هئڻ گھرجي، ۽ نه وري
سنڌيءَ ۾ ٺهي سگھي ٿو.
هڪ اعتراض اهو آهي ته خصوصي علمي اصطلاح بين
الاقوامي آهن تنهنڪري اهي جيئن جو تيئن رکڻ گھرجن.
اها ڳالهه جزوي طرح درست آهي. ان تي بحث نه ٿو ڪرڻ
گھران. پر ان راءِ جي حامين کي چوڻ گھرجي ته
لسانيات، حيوانيات، ارضيات، علم جغرافيه، نباتيات
وغيره جھڙا اصطلاح به ڪم نه آڻڻ گھرجن، نه ته سندن
اعتراض بي بنياد ۽ بي معنيٰ ٿي ويندو.
جيڪي چون ٿا ته اهڙا اصطلاح سنڌيءَ ۾ ٺهي نه ٿا
سگھن، انهن بابت منهنجي ڳڻيل ڳوتيل راءِ هيءَ آهي
ته اهي سنڌيءَ ٻوليءَ جي حقيقي گڻن کان اڻواقف
آهن.
اصطلاحن جو متبادل جيڪڏهن عربي فارسي، هندي/ اردو
۾ ٺهي سگھي ٿو ۽ اسان جا ڄاڻو ماڻهو اهي ڪم آڻيندا
رهن ٿا ته پوءِ ڇو سنڌيءَ ۾ نه ٿو ٺهي سگھي ۽ ڇو
اهو ڪم نه ٿو آڻي سگھجي؟
اسان جي ڄاڻو ماڻهن جو عام رويو هي آهي ته جيڪڏهن
عربي، فارسي، اردو/هندي اصطلاح موجود آهن ته انهن
کي ’مروج‘ سڏي ڪم آڻيندا، جيئن لسانيات، علم لسان،
ڀاشا وگيان وغيره پر جي انهن ٻولين ۾ متبادل موجود
ناهي ته پوءِ اهو ئي اصطلاح کڻندا ۽ لکندا جيڪو
’بين الاقوامي‘ سڏيو وڃي ٿو، جيئن سوشيو ___
لنگئسٽِڪس، جاگرافي وغيره. پنهنجي پاران تخليقي
ڪوشش نه ڪبي، ۽ جي موڪلَ ڏيوَ، دل ۾ نه ڪيو ۽ مون
کي ٿورو ”ڇڙواڳ“ ڇڏيو ته ائين چوان ته پنهنجي
پاران تخليقي ڪوشش ڪرڻ کان ٻرو پيو چڙهندو، يا
وري ائين چئجي ته تخليقي سگھ جي اڻهوند کي لڪائڻ
لاءِ مختلف تاويلون پيون پيش ڪبيون، ۽ هاڻي اسان
جي ڄٽپائي اتي وڃي پهتي آهي جو چڱا ڀلا عالم ۽
ادارا علم حيوانيات، علم ارضيات، علم نباتيات، علم
لسانيات، علم صوتيات وغيره جھڙا اصطلاح ويٺا ڪم
آڻين!
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان اسان جا تعليمي ادارا ڪي
عالم ۽ اڪابر نه پر جاهل ۽ رٽوُ طوطا پيدا پيا ڪن
جيڪي ايندڙ سنڌي سماج کي سنڌيءَ ۾ ته ڪجھ به نه
ڏئي سگھندا، ۽ نيٺ سموري اعليٰ سائنسي، علمي، هنري
۽ فني ڄاڻ، گھٽ ۾ گھٽ، سنڌيءَ ۾ ته موجود نه
هوندي.
۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن سائنسي، علمي، فني، هنري ۽
اهڙن سڀني موضوعن تي گھربل معياري ۽ عمدو مواد
موجود نه هوندو ته سنڌي ٻولي محض هڪ ڄٽڪي ٻولي ٿي
رهندي ۽ غير سائنسي هجڻ جي ڪري مٽجي يا مَٽجي
ويندي. منهنجو هڪ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي انهن
گڻَن کي اجاري نروار ڪرڻ آهي جيئن اها جديد سائنسي
ٻولين جي قطار ۾ شامل رهي. ۽ اهو مقصد من ۾
رکي انهن لکين اصطلاحن کي سنڌي روپ ۾ آڻڻ گھران
ٿو جن کان سواءِ اڄوڪيءَ علمي طرح سڌرندڙ، وڌندڙ ۽
ويجھندڙ دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ بقا کي هر
دم ڪو نه ڪو جوکم لاڳو رهندو ايندو.
’مروج‘ اصطلاح جيڪڏهن گھربل درست مفهوم ظاهر ڪري
ٿو ته يقيناً پهريائين ان جي چونڊ ڪندم، پر جي نه
ٿو ڪري ته، اهو ڇو ڪم آڻجي؟ ’ماحولياتي آلودگي‘
ڪيئن چئجي ته درست مفهوم ظاهر ڪري ٿو؟
پاڻ اصطلاحن کي انهن جي وسيع منظر ۽ سڀ طرفي مفهوم
۾ جاچڻ گھران ٿو. توهان ڏٺو ته منهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ
جو دائرو متفرقه آهي ( توڙي جو ڄاڻ اڀري سڀري اٿم)
ان ڪري جڏهن به اصطلاحن تي سوچ ويچار جو موقعو ملي
ٿو، ڪي مسئلا آڏو اچي بيهن ٿا. مثال لاءِ ’صوت‘ /
’phone‘
کي جاچيو.
Phonetics
(فونيٽڪس) لاءِ سنڌيءَ ۾ ’صوتيات‘ ڪم آندو وڃي ٿو.
Phonics،
phonomics
۽
phonology
لاءِ ڪهڙا اصطلاح ڪم آڻجن؟ اهو ئي ’
phone‘
(فون) ڌاتو رکندڙ ڪي ٻيا اصطلاح هيٺ ڏجن ٿا. انهن
جو متبادل ڳولڻ جي سلسلي ۾ ناڪام رهيو آهيان.
مهرباني ڪري، انهن جو مناسب متبادل، نئون يا پراڻو
۽ مروج يا غير لکي موڪليندا ته ٿورائتو رهندم.
Phone, phonal, phonate, phonation, phonatory,
phonasthenia, phonagraph, phonagraphic,
phonagraphically, phonogram, phonograph,
phonographer, phonographist, phonography,
honautograph, phonautographic,
phonautographically, phonomatic, phonomatically,
phoneme, phonemic, phonemically, phonemicication,
phonemicise, phonemicist, phonemics,
phonendoscope, phonetic, phonetically,
phonetician, phoneticisation, phoneticise,
phoneticism, phoneticist, phonetics, phonetism,
phonetist, phonic, , phonics, phonometer,
phonocamptic, phonocamptics, phonofiddle,
phonolite, phonolytic, phonology, phonologicall,
phonon, phonophobia, phonophore, phonotype,
phonotypist, phonotypy, phonetic, spelling,
phonic method .....
ميگافون/
Megaphone،
ٽيليفون/Telephone
۽ اهڙا ڪي ئي ٻيا اصطلاح جن ۾ ’فون‘ هڪ ڌاتو آهي،
اهي ڌار آهن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ پروفيسر علي نواز جتوئي
صاحب جن فون ڌاتو رکندڙ ڪجھ اصطلاحن جا متبادل هن
طرح ڏنا آهن:
phone
=
صوت،
phoneme
=
صوتيه،
phonetic
=
صوتياتي،
phonetics
=
صوتيات،
phonetic
Science
=
علم صوتيات،
phonelogy
=
علم اصوات وغيره. ’صوتيات‘، ’علم صوتيات، ۽ ’علم
اصوات‘ ۽ اهڙن ٻين اصطلاحن تي سوچ ويچار ضرور
ڪندا. اهڙي قسم جي اصطلاحسازي کي عالمانه ڪيئن ۽
ڇو سڏجي؟
پنهنجيءَ پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان عالمن ۽
انهن جي راين جي رهنمائي هيٺ اڳتي وڌڻ گھران ٿو،
جي دڳ لائيندا ته وڏا وڙ چئبا.
مهرباني
ٿورائتو ۽ مخلص
محبت ٻرڙو
1995_ـ 10_ـ 31
]
نوٽ: هي خط ڊاڪٽر هدايت پريم ڏانهن موڪلجڻ کان
رهجي ويو هو.[
|