سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيڪا

باب: --

صفحو :13

16. لفظ جي پڇاڙي جي حقيقت

ٻني ٻاري جا جاءِ جڳهه جي سَنڌن/ ٽَڪن تي جڏهن ڦڏو ٿي پوندو آهي تڏهن جنهن ڏاهي وسيلي ڪَڇ ماپ ڪرائي نبيرو ڪيو ويندو آهي ان کي ”ماپارو“ چوندا آهن. ماپ ڪندڙ اوزارن جي حوالي سان ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ”ميٽر“ جي جاءِ تي ”پيما“ ڪم آڻڻ جي سفارش ڪندي ”تپش پيما“، ”بارپيما“، آب پيما، ”داٻ پيما“ ۽ ”هو اپيما“ لفظ ڪم آندا آهن

آءُ هڪ ميڊيڪل پرئڪٽشنر (ڊاڪٽر) آهيان ۽ گھڻي قدر ڳوٺاڻن يا ٺيٺ سنڌي ڳالهائيندڙن سان واسطو رهي ٿو. ڪيترائي مريض، خاص ڪري وڏيءَ ڄمار وارا چوندا، ”ابا اهو تپاڇو ڏئي تپ ته ماپ.“

تپاڇو= تپ+ آڇو= تَپَ ڪاڇو يعني ٿرماميٽر.

ڪٿي ائين ته ناهي، هڪ ٻي سان سڌا ۽ ويجھا واسطيدار ٻه لفظ تڪڙ ۾ اچارڻ جي ڪري، اهڙيءَ طرح ملي پيا آهن جو پوئين لفظ جو پهريون يا پهريون ٻيو.... ڳرو آواز کاڄيِ گم ٿي ويو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ نئون مرتب لفظ وجود ۾ آيو. منهنجي اها هڪ پڪي پختي ۽ سوچيل سمجھيل راءِ آهي ۽ ان جي پوئواري ۾ مون وٽ هزارين مثال آهن. گھڻا مثال ڪنهن ٻي واري پيش  ڪبا. هتي رڳو ايترو چئجي ٿو ته ”آئيندو“، ”آئندو“ ۽ ”ايندو“ کي ذهن ۾ رکي سنڌيءَ جي ڪنهن به فعل جي زمان مستقبل واري صورت/ بناوت تي ڌيان ڏئي ڏسو _ کائيندو، لکندو، پڙهندو، ٻڌندو، ڳالهائيندو ..... ___ ۽ ”ڪندڙ“ لفظ کي ذهن ۾ رکي ڪو به ڪم ڪرڻ واري فاعل کي جاچي ڏسو: ”لکڻ (جو ڪم) ڪندڙ“ __ لکندڙ، ”پڙهڻ (جو ڪم) ڪندڙ“ _ پڙهندڙ، ”وڙهڻ ( جوڪم ) ڪندڙ“ __ وڙهندڙ .......

تَپ + ڪاڇ (جيڪڏهن ”ڪ“ گم ٿي وڃي ”ته“ = تپاچ

تپ+ ماپ (جيڪڏهن ”م“ گم ٿي وڃي ته) = تپاپ

 داٻ + ڪاڇ/ ماپ= داٻاڇ/ داٻاپ

پاڻي+ ڪاڇ/ ماپ= پاڻياڇ/ پاڻياپ

هوا+ ڪاڇ/ ماپ= هواڇ/ هواپ

بار+ ڪاڇ/ ماپ= باراڇ/ باراپ ........

هڪ مرڪب لفظ به ڏاڍو سٺو، پر لفظُ جي مرتب هجي ته ان جي سهنجائيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جنهن ۾ مرتب (يا مرڪب يا بنيادي) لفظ جي آخر ۾ ”ا“، ”و“ ۽ ”ي“ ناهي اهو نسبتن وڌيڪ سولائيءَ سان وڌيڪ پڇاڙي قبول ڪري ۽ تبديل ٿي نئون لفظ ٺاهي ٿو.

جن به لفظن جي آخر ۾ ڪي به مقرر يا اڻ مقرر پڇاڙيون هڪ مقرر معنيٰ ڏين ٿيون انهن لاءِ ڪوشش ڪري هڪ پڇاڙي مقرر ڪري ڇڏجي.

سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني لفظن جي اصطلاح سازي هروڀرو ڪو ڏاڍو ڏکيو ڪم ناهي، شرط رڳو گھربل ڌيان ڏيڻ، ڏاهپ ۽ سگھڙائپ  جو آهي ___ آءٌ اهي، مٿي ڏنل لفظ عالمن، اڪابرن ۽ سگھڙن جي خدمت ۾ ان نيت سان پيش ڪيان ٿو.

ليلو رچنداڻي جو مضمون ”يوناني ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سُٻنڌ“ مهراڻ 1967- 4 ع نظر مان ڪڍيو وڃي ته بهتر.

رهجي ويل پاسن تي آئنده لکڻ جو ارادو رکندي ۽ توهان جي مهرباني مڃيندي.

                         اوهان جو ٿورائتو ۽ مخلص

محبت ٻرڙو

لطيف ڪلينڪ،

پوسٽ آفيس قمبر،

ضلعو لاڙڪاڻو.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ ڏانهن خط

سائين

سدا خوش، سکيا ۽ سلامت رهو.

توهان جو خط (15 _ جون 1994ع) مون کي ٿورن ئي ڏينهن ۾ ملي ويو هو. اڳ ئي اوهان جو اڻڌٺي عقيدتمند، ويتر جو اوهان پاران شابس به ملي ته منهنجي خوشيءَ ۾ هيڪاندو وڌارو ٿي ويو ۽ همتون وڌيون. ارادو هُيم ته پَنهنجي جواب سان گڏ توهان جو خط به ڪونج (ماهوار، لاڙڪاڻو) ۾ ڇپرائيندم پر ان جي ڇپائي ۾ بي ترتيبي ٿي وڃڻ سبب ائين نه ڪري سگھيُم. (ڪونج جي فيبروري 1995ع واري پرچي ۾ ممڪن آهي ته ڇپجي وڃي).

ساڃاهه (8_ 9 _ 1994ع) ۾ توهان جو مضمون ايڪيهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪيئن قابل ڪار بنائجي پڻ اصطلاحسازي جي حوالي سان منهنجي همت افزائي جو اڻسڌو ڪارڻ بڻيو. Cosmo جو الٿو آفاق ته خير ويجھڙ ماضيءَ ۾ ڇپيو آهي پر اوهان کي هڪ ڊگھي عرصي کان پڙهندڙ آهيان. توهان جو مضمون اسلوب (نئين زندگي، جولاءِ 1968ع) کان ڪاٺ تي ٽُڪ جو ڪم (نئين زندگي، 1، 2، 1986ع)، سنڌي لوڪ سنگيت جا ساز (نئين زندگي،1، 1989ع) ۽ محمد اسماعيل عرساڻي ( نئين زندگي، 1، 1991ع) ۽ ڪهاڻين حق موجود (نئين زندگي، 3، 1987ع) ۽ کُڏيون، خانا ۽ وٿاڻ (نئين زندگي،  9، 1991ع) کان اڄوڪي عبرت مئگزين تائين پابنديءَ سان پڙهي هنئين سان هنڊائي چڪو آهيان. توهان جي لکڻ جي قوت کان متاثر ۽ لکڻ جي ڏات جو قائل آهيان.

ڀائو احسان علي عرساڻي جو مضمون سنڌيءَ ۾ سائنسي اصطلاحسازي (سائنس، جولاءِ __ـ سيپٽيمبر 1994ع)، جيڪو توهان جي صلاحن جي روشنيءَ ۾ تيار ٿيو، پڙهي، انهيءَ سَڌ وڌيڪ  سگھ ورتي ته سائنسي اصطلاحسازي جو هيءُ ڪم جاري رهڻ گھرجي، ۽ جاري آهي.

رياضت ٻرڙي، منهنجي ننڍي ڀاءُ، وٽ ڀاؤ احسان جن ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ چٽي ڇڏي ويا هئا جنهن ۾ ساڻن رابطو ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريل هئي. تڏهن پشيماني ٿيَم ته ڇو مون توهان ڏانهن ترت جواب موڪلڻ ۾ غفلت ڪئي. انهيءَ اوڻائيءَ جو ازالو ائين ڪري سگھجي ٿو ته توهان وٽ حاضر ڏجي.

 ارادو اٿم ته 25 _ ڊسمبر 1992ع تي جشنِ ڪينجھر ۾ شريڪ ٿيان، ۽ جي آيم ته اڳ ۾ توهان سان ملڻ جو شرف ماڻبو نه ته به 13 _ جنوري 1995ع تي مجھند جو ’نسيم نگر‘ ۾ هڪ دوست وٽ اچڻو آهيان، پڪ توهان جي در تي به اچبو.

رياضت گذريل ٻن مهينن ۾ سائنسي ڄاڻ ۽ سڄاڻ نالي ٻه ڪتابڙا ڇپرايا، ٻه ٻه هزار جي ڳڻپ ۾، ۽ انهن ٻنهي ڪتابڙن کي هڪ هنڌ ڪَٺو ڪري ۽ ڪجھ سوال _ جواب وڌائي هڪ ڪتابڙو ڇپرايو جنهن جي ڪاپي موڪلجي ٿي. توهان جي راءِ پٽاندر ان ۾ ’ڳال‘ يا ’ٻول‘ بدران ’وايو‘ ڪم آندو ويو آهي ۽ ”وايو منڊل“ ۾ ”واءُ“ جي نشاندهي ڪندڙ ”وايو“ کي تبديل ڪري ”وائمنڊل“ ڪيو ويو آهي.

”ٻولي“جي موضوع تي ڪو به ڪم ڪندڙ آهيان. ”جامع سنڌي لغات“__ پهرين جلد جي حوالي سان پهرئين پڙهڻي تازو ئي ڪينجھر (”تنقيد نمبر“، ڊسمبر 1994ع) ۾، هر هڪ لفظ هيري _ کاڻ جي عنوان سان هڪ مضمون ڪينجھر (جون، 1994ع) ۾ ۽ ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي نالي هڪ مضمون  مهراڻ (3ــ 4، 1994ع) ۾ ڇپجي چڪا آهن. ٻوليءَ جي ئي موضوع تي هڪ ڪتاب مسودي جي صورت ۾ اکين آڏو رکيو آهي جنهن کي ٽيهر لکي رهيو آهيان. ان ۾ ”vowel“ لفظ جي متبادل طور ”سرُ“ بدران ”وائل“ لفظ ڪم آندو اٿم ۽ ”وينجن“ (Consonant) بدران ”وائجَڻ“، ۽ اهي متبادل ڪم آڻڻ جو سبب ڄاڻائيندي يوناني توڻي ڪجھ ٻين يورپي ٻولين ۽ سنڌي جي وچ ۾ ناتيداري جو ذڪر به مثالن  سان ڪيو اٿم.

منهنجي خيال موجب سنڌيءَ ۾ ”واءِ“ ۽ ”واءُ“ لفظن جو پاڙ _ ٻولَ (Root-word) ”واء“ آهي جيڪو هن وقت به سنڌي ٻوليءَ ۾ عام مروج 3 ــ سوَ کن لفظن ۽ اصطلاحن جي بنياد ۾ نظر اچي ٿو.

واء‘ ئي ’وايو‘ جو به ڌاتو آهي ۽ ان کي مختلف صورتون ڏئي ’phone‘ ڌاتو رکندڙ لفظن ۽ اصطلاحن جي بدران ڪم آڻيندي، توهان جي رٿيل لفظن/ اصطلاحن سان ذري جيترو فرق رکندي، پنهنجن مضمونن ٻول گھاڙيتو (سائنس، ڊسمبر 1993ع) ۽ ’سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاحسازي‘ جو مختصر جائزو (سائنس، اپريل 1994ع) ۾ ڄاڻايل اصولن جي روشني ۾ هيٺ ڏنل اصطلاح ترتيب ڏنا اٿم. نظر مان ڪڍي اميد ته پنهنجيءَ سلجھيل راءِ کان واقف ڪندا.

پنهنجيءَ ڄاڻ آهر ٿورو ٿَڪو لکندو رهان ٿو، ارادا وسيع ۽ وڏا آهن. توهان جھڙا سڄاڻ ماڻهو مون کي پننجي پارک ۽ املهه راين سان نوازين ۽ اڀري سڀري پورهيي وسيلي محبت من ۾ رکي ڪيل روڙ جو قدر ڪندي ڀرپور رهنمائي ڪن، مون لاءِ فخر جو ڪارڻ ٿيندو، ۽ آهي.

 

توهان جي مهرباني

ٿورائتو

محبت ٻرڙو

15 __ــ ڊسمبر 1994ع

     

متبادل                                  متبادل            متبادل        سائنسي

ڊاڪٽر محبت پاران            ڊاڪٽر شمس   مختلف عالمن       اصطلاح

تجويز ڪيل         الدين پاران تجويز    پاران ڪم آندل

ڪيل

 

واءِ (وا _ـ، واي _ـ، واء ــ )       وايوڪ ___  hon, phon, phono,

 ڄاڻنِگي (ڄاڻ+ انگ + ايِ = Logarthmetic )

(ڊيسِيبيل)[1] ماپڻي تي رڙاپ (loudness ) جي سطح جو

ايڪو (unit).

 

واَيل، وايائي            __ــ آواز بابت،      phonal

واڪي سان واسطيدار، واڪَل (vocal) صوتي

وائڪڻ                         وائيوڪڻ __   phonate

) وائڪيو، وائڪيندو، وائڪيل)

•واڪل آواز (vocal sound ) اپائڻ

وائڪائپ، واَيپ                ___    _______       phonation

واڪل آواز جي اپت، واڪر اورڻ (utter)

وائڪي، وايپي، وائڪائي ____        _____       phonatory

والانجھَ (= واءِ+ لانجھَ، جھِيڻ)    _       ____ phonasthenie

•واڪي جي لانجھائي/جھيڻائي/ هيڻائي، ڳالهائڻ  ۾ ڪمزوري

 

وايا پيلکار (واء+ آپ + لِکار )وايا پنگار    __     __ phonautograph

• آوازي لرزشن (vibrations) کي ريڪاڊ ڪندڙ اواز (مشين).

واء (وايو/ وائي) (اسم)         وايو     صوت،  phone

واء (اَمر)                                 ٽيليفون ڪرڻ، آواز ڏيڻ

وائڻ، آوازڻ  (فعل)

• (وائيو، وائيندو، وائيَل)

•پَروايَڪ (ٽيليفون) تي ڳالهائڻ

• هڪ سادو ابتدائي ڳالڪ آواز   (An elementary)

Phonematic

) sound ___ speech (ڏسو phonemic )  __  __    (phonemic)

 

وائُيو (اسم)            ______       صوتيو        phoneme


[1]    Decibel = (Deci = ڏهون حصو + بيل = گراهم بيل جي نالي جو پويون حصو)، هڪ اوزار  

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com