اهو مضمون لکندي پروڙيم ته سنڌي ٻوليءَ ۾، خاص ڪري
ضميري پڇاڙين جي حوالي سان، گھڻو ڪجھ غلط
لکيو پيو وڃي. ٻوليءَ جي اهڙي بگاڙي کي روڪ ڏيڻ ۽
ختم ڪرڻ ۽ ٻوليءَ کي سڌارڻ جي سڌَ رکي ضميري
پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي جي عنوان سان هڪ مضمون
لکي مهراڻ جي حوالي ڪيم، اميد ته ايندڙ پرچي ۾
ڇپجي ويندو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جي سلسلي ۾ گذريل سال
(1991) هڪ تفصيلي مضمون به لکيم ۽ پوءِ وقت به وقت
الف سان شروع ٿيندڙ ”ديهن“، ”ذاتين“، ”جانورن“،
”وڻن ٻوٽن“، ”سازن ۽ زيورن“ ۽ ”ليکڪن“ جون وچورون
ڏنم جن ۾ اها وينتي ڪيل هئي ته ان سلسلي ۾ ڄاڻ گڏ
ڪرڻ لاءِ واهر ڪئي وڃي.
هڪ لک کن نوان لفظ ۽ اصطلاح جوڙڻ، گھڙڻ ۽ مروج ڪرڻ
لاءِ ظاهر آهي ته سنڌي جي عالمن ۽ سگھڙن ۽ اخبارن
۽ رسالن ڏانهن ئي واجھائي سگھجي ٿو، پر جيستائين
اهي پنهنجي ان فرض کي به محسوس ڪن ۽ نڀائڻ
تيستائين ڪجھ آءُ به اڳڀري ٿيان يا جيترو ڪري
سگھان ٿو اوترو ته ڪري وٺان، اهو
سوچي ٻول گھاڙيتو جي عنوان سان ڪجھ علمي
فلسفليانه اصطلاحن جا متبادل لکي نئين زندگي
وسيلي سنڌي عالمن، اڪابرن ۽ سگھڙن جي خدمت ۾ پيش
ڪرڻ گھريم پر پنجن مهينن کان پوءِ سڌ پئي ته ”نئين
زندگي“ جا سنڀاليندڙ پاڻ ۾ اهو مضمون ڇپي سگھڻ جي
جرئت نه پيا ساري سگھن. شڪر آهي جو مضمون گم نه
ٿيو.
ٻول گھاڙيتو نالي اهو مضمون، ٻڌو اٿم ته،
توهان ڇپڻ جي همت ڪئي آهي ۽ شايد ڊسمبر 1993 جي
سائنس ۾ شامل هوندو (مضمون سائنس __
ڊسمبر 1993 ۾ ڇپجي چڪو آهي).
اهڙي وقت ۾ ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جو مضمون سنڌي ۾
سائنسي ۽ فني اصطلاح سازي مون پاري تاساريل
شاگرد لاءِ ڪيڏو نه وڏو ڏڍ ثابت ٿيو هوندو، توهين
به سولائيءَ سان ڪاٿو ڪري سگھو ٿا.
مضمون پڙهندي خوشي ته بيحد ٿي، سمورين صلاحون
هنئين سان هنڊائڻ جهڙيون آهن پر ڪي ڳالهيون اهڙيون
به آهن جن تي نظرثاني جي سڌ ظاهر ڪري سگھجي ٿي. ان
سلسلي ۾ پنهنجا ويچار پيش ڪيان ٿو، اميد ته
ڌيان ڏنو ويندو.
1. سنڌي ۾ اصطلاح سازي!
انگريزي اصطلاح ڇو نه؟
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن پنهنجي مضمون جو عنوان سنڌي
۾ سائنسي ۽ فني اطلاح سازي مقرر ڪيو آهي. پر
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن متبادل طور جيڪي به لفظ ڪم
آندا آهن انهن مان هڪ ٻن کي ڇڏي باقي سڀ عربي ۽
فارسي اصطلاح آهن، جيئن: دوربين ، خوردبين، برق
بين، طيف بين، تپش پيما، آبپيما، برق نگار، طيف
نگار، طريق نگار، (سَنڌن) سوزش، شرياني سوزش، علم
حيات، علم جراثيم وغيره، هن کي فارسي/ عربي يا
رعايت ڪندي چئجي ته، اردو ۾ اصطلاح سازي ته سڏي
سگھجي ٿو، سنڌي قطعي نه.
”انگريزي“ جھڙي وسيع ۽ عام پڙهائي ويندڙ ٻولي ڇڏي
عربي يا فارسي اصطلاح ڇو سکجن؟ جيڪڏهن سنڌي جي
نالي ۾ عربي ۽ فارسي ئي سکڻي پوندي ته پوءِ
انگريزي ڇو نه سکجي؟
اسان جو ٻار عام طرح ڇهين جماعت کان وٺي انگريزي
پڙهڻ ويهي ٿو، انٽرميڊيٽ ۽ ان کان مٿي سڄو ڪورس
انگريزي ۾ پڙهي ٿو. هونئن به سمورو رياستي،
انتظامي ۽ عدالتي سرشتو، ڏيهي توڻي پرڏيهي واپار،
پاليسيون ۽ ڳالهه ٻول ۽ تعليم جو ڪم انگريزي ۾ هلي
ٿو. انگريزي اخبارون ۽ رسالا گھڻا ۽ وڏيءَ ڳڻپ ۾ ۽
وڌيڪ معياري نڪرن ٿا ۽ريڊيو ۽ ٽي وي تي به ان کي
چڱو چوکو وقت ملي ٿو، هزارين لفظ پڙهيل توڻي
اڻپڙهيل ماڻهوءَ جي حياتي سان واسطيدار ٿي ويا
آهن. ۽ ننڍو توڻي وڏو عام جام پيو ڳالهائي ___ـ
بلب، بٽڻ، راڊ، پين، پينسل، بوڪ، سائيڪل، لاري،
بس، ڪار، ٽرڪ، ريل، اسٽيشن، موٽر، جڳ، گلاس،
ريڊيو، ٽي وي، ڪريم، پائوڊر، اسٽور، بيگ، پرس،
واچ، ٽيبل، ڪلاڪ، منٽ، سيڪنڊ، بينچ، ڪلاس، اسڪول،
ڪاليج، يونيورسٽي، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنس،
لئبريري، ميوزم، ليبارٽري، ڪولر، هيٽر،
ريفريجريٽر، ايئرڪنڊيشنر، فريزر، جنوري، فيبروري،
...... ڊسمبر، اي. سي، ڊي. سي، ايس ايڇ او، ڪمشنر،
گورنر، چيئرمين، چيف آفيسر، پوليس، ڪمانڊر، ۽ اهڙا
ٻيا سوين نه، هزارين لفظ. شايد اها يا اهڙيون
ڳالهيون ڳڻي حليم بروهي صاحب جن ته سنڌي ۾ لفظن ۽
اصطلاحن ٺاهڻ جي گهرج کان ٺهه پهه انڪار ڪندي
سواليا انداز ۾ چيو هو ته ڪهڙو وري اهي دنيا ۾ ڪٿي
به ڪم آڻي سگھنداسون. ان ڪري پاڻ جيترا ڏينهن
عبرت مئگزين جا ايڊيٽر رهيا، انگريزي ۽ فرينچ
پاڙهڻ جو جتن ڪيائون، جنهن لاءِ ٿلهي ليکي چئي
سگھجي ٿو ته ”هڪ نيڪ نيت پر اڍنگو طريقو“.
”جيئن ته اسان کي دنيا ۾ ڪٿي به سنڌي جي فني ۽
سائنسي اصطلاحن کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ملندو ان
ڪري سنڌي ۾ سائنسي اصطلاح ٺاهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪرڻ
گھرجي“___ هڪ ڄٽڪي رويي جي موٽ ۾ جاهل جواب آهي،
پوءِ ڪو به، اهو سوال ڪري سگھي ٿو ته، جيئن ته
سنڌي ٻولي دنيا ۾ ڪٿي به ڳالهائڻ جي وسيلي طور ڪم
نه ايندي ان ڪري خود سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي گھرج
آهي، سنڌي قوم ڇو نه، اها ڇڏي انگريزي ڳالهائڻ
شروع ڪري؟ يا گھٽ ۾ گھٽ، جيڪو به ليکڪ آهي اهو
سنڌي ۾ نه لکي، ڇو ته ان کي باقي دنيا ته پڙهندي
ڪونه، ان ڪري انگريزي ۾ لکي ته جيئن کيس دنيا جو
وڏو حصو پڙهي. اک، نڪ، ڪَنُ، هٿ، پير وغيره ڇو
چئون: آءِ، نوز ايئر، هئنڊ، فوٽ وغيره ڇو نه
چئون!؟
جيئن ته اسين سنڌي آهيون ۽ سنڌي ۾ ڳالهايون، لکون،
پڙهون ۽ سوچيون ٿا. اسان جو روزانو وهنوار سنڌيءَ
۾ ئي هلي ٿو انڪري لازم آهي ته دنيا جو سمورو علم
سنڌي ۾ ميسر هجي __ــ اهو ئي هڪ سڌو، سادو، سلجھيل
۽ سلڇڻو رويو آهي.
2. اڙدو جو نقل
اڄڪلهه، ”سنڌي ۾“ ۾ جيترا به فني ۽ سائنسي اصطلاح
ٺهن پيا انهن تي عربي ۽ فارسي جو ايڏو ته اثر پئجي
ويو آهي جو ائين چوڻ ۾ مون کي ذري جيتري به هٻڪ نه
ٿي ٿئي ته لڳ ڀڳ سڀ عربي ۽ فارسي ۾ آهن. مٿي ڏنل
ڳالهه ٻول جي روشني ۾ چئي سگھجي ٿو ته اهو هڪ غلط،
سراسر غلط وريو آهي.
اصل ۾، اسان جي عزت لائق عالمن، اديبن، ايڊيٽرن ۽
ليکڪن زور رکيو آهي نقل/ ڪاپي ڪرڻ تي ۽ اهو به
اڙدو جھڙي ٻوليءَ جو! ”آءٌ سعيو ڪيان سنڌي جو، هو
پارسيون پُڇن“!
اڄوڪي اڙدو هنديءَ، عربيءَ، فارسيءَ، ترڪ ۽
انگريزي جي کچڻي آهي. کيس کچڻي بنائيندڙ سندس
پنهنجا لسانياتدان آهن جيڪي سرڪاري پيسو تين وال
ڪرڻ گھرن ٿا، ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي، کَڙڪي تي
ٺڪاءُ پيا ڪن. کچڻي ڪيل هڪ لشڪري ٻوليءَ جو نقل
ڪرڻ بدران سڌو سنئون انگريزي سکجي جيڪا ان ”چرٻي“
جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ سڌريل ۽ سولي آهي. هاڻي
ته ان جي لسانياتدانن ماهر امراضِ چشم ماهر امراضِ
قلب، ماهر علمِ حيات، ماهرِ علمِ ڪائنات. ماهرِ
ماحولياتي آلودگي، فشار خون وغيرهه ٺوڪي اڙدو جا
ترا ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر انهن جو نقالَ ۽ انهن
جي نقالي سنڌيءَ کي رڻ ۾ رولي ڇڏيندا. اهڙيءَ
”علمي سنڌي“ ٻولي کان اها ”ڄٽڪي“ سنڌي وڌيڪ سهڻي،
ستابي، سولي ۽ سدابهار آهي جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ
۽ سماج جي اونهاين ۾ کُتل آهن ۽ جنهن ۾ لطيف کي
جھونگاري سگھجي ٿو .....
سنڌي لفظ ڳولڻا پوندا، سائين!
چوندا آهن ته ”دور ڪي ڍول سُهاني“. اسان ڪڏهن،
تڪليف ڪري، انهن لفظن جي معنيٰ تي شايد ئي سوچيو
هجي، رڳو ڪنڌ ڌوڻي ”وهه واهه“ ڪرڻ ۾ پورا. گھڻا
مثال ڏيڻ بدران رڳو هڪ مثال خرار مان مُٺ طور پيش
ڪجي ٿو.
”سياسي سرگرميون اوج تي هيون“ لفظ ”سرگرمي“ تي
ڌيان ڏيو.
”سرگرم“ يعني سر (مٿو) + گرم (ڪوسو)! ___ مٿو
ڪوسو، ڪوسي مٿي وارو ___ چيڙاڪ، بي سبب ڪاوڙ ڪندڙ،
غير ضروري ڪاوڙ ڪرڻ وارو، اهو فرد جنهن کي پنهنجي
ذهن تي قابو نه هجي.”سرگرم“ جي اصطلاحي معنيٰ آهي
چستيءَ يا ڦڙتيءَ سان ڪم ڪندڙ. لفظي معنيٰ ۽
اصطلاحي معنيٰ ۾، عام طرح، ائين ئي فرق هوندو آهي.
زرخيز، تپيدار، ڪمدار، صوبيدار ۽ اهڙا ٻيا سوين
لفظ عام طرح اصطلاحن معنيٰ ۾ ڪم اچن ٿا. مون کي،
في الوقت انهن تي ڪو به اعتراض ناهي، اهڙا ٻيا لفظ
به سنڌي ۾ ايندا، پر ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي لفظ ۽
انهن جون معنائون، مفهوم ۽ اصطلاحي مطلب ڇڏي، گم
ڇو ڪيون؟
ڇا ائين آهي ته پنهنجا ڏکيا ۽ پراوا سولا آهن؟ ڇا
سنڌي لفظ ڏکيا ۽ عربي، فارسي يا انگريزي سولا آهن؟
ڇا سنڌي لفظن ۾ اصطلاحن کي سمجھڻ، ياد رکڻ ۽ واهپي
۾ آڻڻ جي راهه ۾ ڪي ڏکيائون آهن ۽ انهن جي ڀيٽ ۾
اسان کي ٻين ٻولين جا لفظ ۽ اصطلاح سمجھڻ، ياد رکڻ
۽ واهپي ۾ آڻڻ جون سهولتون وڌيڪ آهن؟
يا ائين آهي ته ٻين جي ٺهيل ٺڪيل شيءِ کڻڻ ۽
واپرائڻ ۾ سهولت ٿئي ٿي ۽ پنهنجي شيءِ ٺاهڻ، گھڙڻ
۽ واپرائڻ ڏکيو ڪم آهي؟
يا ائين آهي ته پنهنجا لفظ ۽ اصطلاح ڳالهائيندي،
واپرائيندي اسان کي پنهنجي ڪا بيعزتي يا گھٽتائي
ٿي محسوس ٿئي، ڇو ته اهي ”پنهنجا“ آهن ۽ انهن جي
معنيٰ چڱيءَ طرح سمجھون (يا نه سمجھون) ٿا جڏهن ته
ٻين جا لفظ ۽ اصطلاح واپرائيندي اسان کي اڻلکو فخر
ٿو محسوس ٿئي توڻي جو (حقيقت اها آهي ته) انهن جو
مطلب نه ٿا سمجھون (يا غلط سمجھون ٿا)، ۽ سمجھون
ائين ٿا ته انهن لفظن جي معنيٰ صحيح سمجھون ٿا.
نيٺ اهو سبب ڪهڙو آهي جو ٻين ٻولين جا لفظ ۽
اصطلاح پنهنجا ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه ٿا وجھون پر
پنهنجا لفظ ۽ اصطلاح ووڙڻ، گھرڻ ۽ واپرائڻ ۾ ڏکيا
ئي ٿا محسوس ڪيون؟
انگريزي ڇڏي ”عربي ___ فارسي نما سنڌي“ يا ” اڙدو
_ سنڌي“ ناهي سکڻي. ٺهي ته سنڌي، نه ته انگريزي
وڌيڪ سٺي آهي. سنڌيءَ جي لائق گھڻگھرن، مانَوارن
عالمن، سگھڙن ۽ ليکڪن کي وينتي ٿي ڪجي ته سوچي
لوچي ويچاري ۽ ڳولي ڦولي، ووڙيَ سنڌي اصطلاح ٺاهن،
باقي ڪجھ لفظ، اصطلاح يا محاورا عربي، فارسي ۽
هندي ته ڇا دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ کان وٺي سگھجن
ٿا.
3. ڌڙ ريڍيو ۽ سسي ٻاڪري
ڪي دوست جڏهن اهو ٻڌن ٿا ته ”انگريزي“ لفظن ۽
اصلاحن جا متبادل سنڌي لفظ آڻڻ، ڳولڻ، ووڙڻ، گھڙڻ
۽ ٺاهڻ گھرجن تڏهن هڪدم، ڪن حالتن ۾ ته وڏو وات
ڦاڙي، کلي ۽ ٽوڪ مجھان پڇڻ لڳن ٿا ته ”ڪرڪيٽ“ ۽
”هاڪي“ جو ترجمو ڇا ڪندؤَ؟ ڇا انهن بدران ”هوُدڙي
__ ڏنڊو“ ۽ ”لٺ __ کينهون“ ٺاهيو ويندو؟ لنڊن،
برٽين، جپان، ٽوڪيو، جرمني، نيويارڪ ..... جو
ترجمو ڇا ٿيندو؟ مسي سپي، ٽيمز، وولگا، اميزان،
ڪئسپين .... جي بدران ڪهڙو لفظ گھڙيندؤ؟ اهڙي قسم
جا ٻيا به ڪيترائي اسم خاص يڪساهيءَ اُچاري انهن
جي ترجمي بابت پڇيو وڃي. ٿو.
هٿ ٻڌي وينتي ٿي ڪجي ته ڀاؤ! هروڀرو جوش ۾ اچي
هوش وڃائڻ جي ڪهڙي گھرج آهي. ڇا انگريزن به سنڌ،
سنڌي، بلوچ .... پنجابي جو ترجمو ڪيو آهي؟ ٿوري
دير اڳ ڪيترائي انگريزي لفظ لکيا ويا آهن، توڻي جو
انهن جي هڪ معنيَ به آهي. پر سنڌي گھرن ۾ عام جام
ڳالهايا وڃن ٿا.
هڪڙا لفظ سڄي جو سڄا ڪنهن ٻي ٻولي مان کنيا ويندا،
ڪن لفظن جو اڌ اصلي ٻولي منجھان هوندو اڌ سنڌيءَ
يا ڪنهن ٻي ٻولي مان کڻيَ نئون لفظ ٺاهبو ۽ ڪيترن
ئي لفظن کي پوريءَ طرح بدلايو ويندو.
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن آڪسيجڻ، آڪسيجائڻ، آڪسيجيل
وغيره لفظ ڪم آندا آهن، زبردست! انهن لفظن ۾ هڪ
حصو هڪ ٻوليءَ جو آهي ۽ ٻيو حصو ٻيءَ جو. ڪيترائي
لفظ ۽ اصطلاح ان طريقي پٽاندڙ ٺهندا ۽ ٺاهي سگھبا.
ڪي دوست اعتراض ڪري سگھن ٿا ته ”ڌڙ ريڍيو ۽ سسي
ٻاڪري!“
ڇا انهن دوستن ڪڏهن سائنسدان، جاگرافيدان،
ڪيميادان، حجامڪو، نخريلو، فقيراڻو، وزنائتو،
يونيورسٽيون، ريڊيا، ٽي ويون، اسٽيشنون وغيره جهڙن
لفظن تي ڌيان ڏنو ۽ اعتراض ڪيو آهي؟ هندو ازم، ٻُڌ
ازم، جينزم، ڪنفيوشنزم، ڪيميسٽري وغيره لفظن بابت
انهن ڪڏهن اهو ساڳيو اعتراض اٿاريو آهي؟
4
. انگريزي هڪ ڄٽڪي ٻولي
ڇا انهن کي اها خبر ناهي ته انگريزي ۾ ڪم ايندڙ
اصطلاحن جو هڪ وڏو حصو انگريزي ٻولي سان ذري
جيترو به واسطو نه ٿو رکي؟ انگريزي ۾ لفظن جو هڪ
وڏو حصو ڌارين ٻولين تان کنيل آهي ۽ لڳ ڀڳ سمورن
سائنسي ۽ فني اصطلاحن جو بنياد لاطيني ۽ يوناني
آهي. انگريزي ته هڪ ڄٽڪي ٻولي آهي، ان ۾ علمي،
فني، هنري ۽ فلسفيانه لفظن ۽ اصطلاحن جي کوٽ، اڃا
به اڻهوند ڏسي، يورپ جا ٻيا رهواسي ڄٽ انگريزي تي
ٽوڪون ڪندا هئا. جرمن ۽ فرنيچ لفظن جو به چڱو
چوکو ڳاڻيٽو انگريزي ۾ موجود آهي. هزارين اهڙا لفظ
پڻ موجود آهن جن لاءِ بلڪل ائين چئي سگھجي ٿو ته
ڌڙ ريڍو ۽ سسي ٻاڪري.
اسان جيئن ته اهي سمورا اصطلاح انگريزي جي حوالي
سان پڙهون ٿا، ان ڪري ائين ٿا وسهون ته اهي
انگريزي آهن ۽ انگريزي ڪا ڏاڍي رچيل، سوُڌيل ۽
سنواريل ٻولي آهي! پاڻ انگريزن کي به اهي اصطلاح
ائين ئي رکڻا پون ٿا جيئن اسان کي، فرق رڳو اهو
آهي ته اهي يورپي ٻولين جا اصطلاح آهن، ڪيتري ئي
عرصي کان عام جام پيا ڪم اچن، اتي جو ماحول علمي
طرح اسان جي ماحول کان اڳتي وڌيل آهي، لفظن ۽
اصطلاحن جو گھاڙيتو سندن ٻوليءَ جي مزاج موجب آهي
۽ سمورو مواد سندن پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ آهي
جنهن ۾ ئي اتي جا رهاڪو پنهنجو نصاب، ادنيٰ توڻي
اعليٰ تعليم، پرائن ٿا جنهنڪري سولائيءَ سان سمجھي
۽ ڳالهائي سگھن ٿا.
جيئن انگريزي وارن ڪيترن ئي ٻولين ___ـ يوناني،
لاطيني، فرينچ، جرمن ۽ سڄيءَ دنيا جي سمورين ٻولين
__ــ مان لفظ ۽ اصطلاح اڌارا وٺي انهن جون
اڳياڙيون، وچاڙيون ۽ پڇاڙيون بدلائي ۽ انهن جي
جاءِ تي پنهنجيءَ ٻوليءَ جا گھربل صوتيه آڻي سهنجو
ٺاهيو آهي تيئن اسان سنڌين کي به پنهنجيءَ توڻي
دنيا جي مختلف ٻولين مان ڪيترائي لفظ چونڊي، گھڙي،
سنواري رائج ڪرڻا پوندا. اسان کي، جيڪڏهن، سمورو
علمي ۽ سائنسي مواد پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ ننڍپڻ
کان وٺي مٿين کان مٿينءَ سطح تائين پڙهڻ، لکڻ،
ڳالهائڻ، سکڻ، سمجھڻ ۽ سوچڻ جو مواد ملي پوي ته ڪو
سبب ناهي جو علمي طرح پٺتي رهجي وڃون.
5. مرتب ۽ مرڪب لفظ
ڪُنڀ
ڪنڀ + ار=
ڪنڀر (ڪنڀ وارو، ڪنڀ سان واسطيدار)
ڪنڀ+ آر=
ڪنڀار (ڪنڀ وارو، ڪنڀ سان واسطيدار)
ڪنڀ + آر + اي
=
ڪنڀاري (ڪنڀار جو مؤنث)
ڪنڀ + آر + اَڪ + او
=
ڪنڀارڪو (ڪنڀار جو، ڪنڀار سان واسطيدار)
ڪنڀ + آراڪ + ايِ
=
ڪنڀارڪي (ڪنڀارڪو جو مؤنث)
ڪنڀ + آر + اڪ + ان
=
ڪنڀارڪن (ڪنڀارڪو/ ڪنڀارڪي جو جمع)
ڪنڀ + آر + اڪ + ايون
=
ڪنڀارڪيون (ڪنڀارڪي جو جمع)
ڪنڀ + آر + اڪ + اين
=
ڪنڀارڪين (ڪنڀاڪي جو جمع)
عام مروج ڄاڻ موجب ”ڪنڀ“ هڪ بنيادي لفظ
پاڻوس صرفيه آهي ۽ مٿي ڏنل باقي سڀ ”پڇاڙيون“ يا
”وچاڙيون ۽ پڇاڙيون“ آهن. ان عام مروج سوچ کي بحث
جو آئينده وارو موضوع سمجھي پاسيرو رکندي، رواج
موجب چئبو ته ”ڪنڀ“ کانسواءِ باقي سڀ ٺهيل لفظ
”مرتب لفظ“ آهن.
بنيادي لفظ + پڇاڙي
=
مرتب لفظ
بنيادي لفظ + وچاڙي + پڇاڙي
=
مرتب لفظ
مرتب لفظ/ لفظن جو هڪ ٻيو مثال:
سَ + رهه + او
=
سرهو (س + رهه + آڻ
=
سرهاڻ)
اَ + رهه + او
=
ارهو (ا + رهه + آڻ
=
ارهاڻ)
اڳياڙي + بنيادي لفظ + پڇاڙي ( يا وچاڙي ۽ پڇاڙي)
=
مرتب لفظ
مرڪب لفظ بابت هن مهل تائين آيل بحث اسان کي ان جي
تشريح هن طرح ٻڌائي ٿو:
وڻ + راهه
=
وڻراهه
شاهه + راهه
=
شاهراهه
مُک + گھر
=
مُک گھر
بنيادي لفظ + بنيادي لفظ
=
مرڪب لفظ
جيڪڏهن ڪنهن مرڪب لفظ سان به اڳياڙي يا اڳياڙي ۽
پڇاڙي يا اڳياڙي، وچاڙي ۽ پڇاڙي ڳنڍيل هوندي ته ان
کي مرتب لفظ چئبو.
دنيا جي هر ٻولي عام طرح ٽن قسمن جي لفظن جي ٺهيل
آهي:
بنيادي يا سادو لفظ، مرڪب لفظ ۽ مرتب لفظ
جيتري ڄاڻ اٿم ان پٽاندر منهنجو خيال آهي ته ڊاڪٽر
قاضي صاحب جن اصطلاح سازي جي اهميت تي جيترو گھڻو
ڌيان ڏنو آهي اوترو گھڻو لفظن ۽ اصطلاحن جي بناوت
تي نه ڏنو آهي. لفظ ۽ اصطلاح جي گھاڙيتي مهل
بنيادي لفظن جي مزاج کي سمجھڻو پوي ٿو ۽ ان سان ڪو
ٻيو لفظ يا آواز يا اڳياڙي، وچاڙي ۽/ يا پڇاڙي
ملائڻ مهل انهيءَ مزاج کي پهرين اهميت ڏيڻي پوي
ٿي.
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن جيڪي ”انگريزي“ لفظ يا اصطلاح
چونڊيا آهن ۽ انهن جي بدران جيڪي سنڌي (يا عربي ۽
فارسي) لفظ يا اصطلاح آندا آهن انهن ۾ لفظن جو اهو
توازن قائم نه رکي سگھيا آهن، ان ڪري، سندن جوڙيل
لفظن کي جڏهن مختلف جملن ۾ ڪم آڻجي ٿو تڏهن مفهوم
غلط ۽ ٻولي بگڙيل ٿي پوي ٿي. مثال طور، ڊاڪٽر قاضي
صاحب جن ٽن هنڌن تي ساڳيو ڌاتو/ بنيادي لفظ/
اڳياڙي رکندڙ لفظ طرح ڪم آندو آهي:
Biolog
علمِ
حيات
Biological
حيات
بابت
Biologist علم
حيات جو ماهر
”انگريزي“ لفظ مرتب لفظ آهن. ڊاڪٽر قاضي صاحب جن
انهن جو مَٽ انهن جيان مرتب صورت ۾ نه ڏنو آهي پر
صحيح چئجي ته مرڪب صورت ۾ به نه ڏنو آهي.
Biologist
(بائلاجسٽ) جي بدران ته ٻار لفظ آندا ويا آهن
جيڪي حقيقت ۾ پنج آهن. ”علم حيات“ حقيقت ۾ ٽي لفظ
”حيات جو علم“ آهن جيڪي فارسي زير اضافت آڻڻ جي
ڪري ظاهري طرح ٻه لفظ محسوس ٿين ٿا.
هڪ مرتب لفظ جي بدران ٻه، ٽي چار يا پنج لفظ ڪم
آڻڻ جي ڪري ٻوليءَ جي سونهن، سهنجائي، ٿوري ۾ گھڻو
چوڻ واري ڏات، ڳوڙهائپ ۽ سگھڙائپ متاثر ٿئي ٿي،
جيڪا ٿوري دير پوءِ بحث هيٺ آڻبي.
انهن اصطلاحن جي سنڌي متبادل طور مون کي هي لفظ
نسبتن سٺا ڀانئجن ٿا:
Biologist
جيا ڄاڻڪ، جيا ڀياسڪ
Biology
جيا ڄاڻ، جيا ڀياس
Biological
جياڄاڻي، جيا ڀياسي جيائاڻي (”جيائاڻي“ لاءِ اڳتي،
”ايٿڪس“ ۾ بحث ڪيل آهي).
6. وڻ کي ڏسڻ پر ٻيلي کي نه ڏسڻ
سهولت ٿي پئي ها جيڪڏهن ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ساڳيو
ڌاتو رکندڙ لفظن جو سيٽ اکين اڳيان رکيو هجي ها،
جيئن ساڳين پڇاڙين وارن لفظن جا سيٽ رکيا اٿائون.
اچو ته اهڙو لفظن جو سيٽ جاچي ڏسون:
انگريزي لفظ ڊاڪٽر قاضي پاران ليکڪ پاران
________________________________________________ــ
Biological weapon
حيات بابت هٿيار جيائاڻي هٿيار
Biological warfare
حيات بابت جنگاڻ
جيائاڻي
جنگاڻ
Biological bomb
حيات بابت بم جيائاڻي بم
Biography
حيات نگاري جيا سُڌ
Biographical
حيات نگاري بابت
جيا سُڌي
Biographer
(Graph
=
نگار) جيا سُڌيَر ۽ جيا
ليکڪ
حيات نگار وارو
Bio-data
____ جيا ڄاڻوڪي (Data
=
ڄاڻوڪي)
Bio-gas
_____ـ
جيائڪ
Biotic
_______ـ
جيائَرِ
________________________________________________
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن ”بائلاجي“ بدران ”علم حيات“
آڻن ٿا پر ساڳي ”بائلاجي“ لفظ بدران ”بائلاجيڪل“
لفظ ۾ رڳو ”حيات“ ڪم آڻي ”بابت“ ڳنڍن ٿا. اسان
ڏٺو ته بايو گرافي ۾ اهو لفظ ”حيات“ وري بايو (Bio)
جي بدران ڪم آيو جيئن ”بائلاجي“ ۾ ”بايو“ بدران
ڪم آيو هو ( (بايو=
حيات ۽ ”لاجي“
=
علم، يعني ”حيات جو علم“ جيڪو فارسي زير اضافت آڻڻ
جي ڪري ”علم حيات“ ٿيو). ”علم حيات“ ٺاهڻ جي ڪري
لفظ جي سڄي بناوت ابتي ٿي وئي جنهن جو نتيجو اهو
ٿو نڪري ته انگريزي ۾ جيڪي پڇاڙيون ”لاجي“ سان
ڳنڍجن ٿيون ۽ نئون لفظ ٺهي ٿو انهن پڇاڙين جو مَٽ
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن هڪ پڇاڙي جي صورت ۾ نه ٿا آڻي
سگھن تنهنڪري کين نه رڳو پنهنجي جوڙيل لفظ جو هڪ
اهم حصو گم ڪرڻو پوي ٿو پر پڇاڙي جي بدران به سڄو
لفظ ”بابت“ يا ٻه سڄا لفظ ”جو ماهر“ ڪم آڻڻا پون
ٿا!
”انگريزي لفظ“ ۾ اڳياڙي بايو (___
Bio)
جيوت، جياپي، جيونَ، حياتي، زندگيءَ جي نمائندگي
ڪري ٿي.
سنڌي ۾ جيءُ، جيو، جيئرو، جيئڙو، جيوڙو، جئَڏُ،
جيئاڪ، جيت، جيتامڙو، جيوند، جيدار، جيوت، جياپو ۽
اهڙا ٻيا لفظ چِٽو ڪري ٻڌائن ٿا ته ”جِيُ“ يا
”جِئهُ“ بنيادي لفظ آهي. ان ڪري آءٌ ان خيال جو
آهيان ته جتي به __ــ
Bio
(بايو) اڳياڙي هجي اتي گھربل لفظ مَٽ ٺاهيندي
”بايو“ بدران ”جِيُ“ يا ”جِيا“ ڪم آڻجي.
بئڪٽيريالاجي (Bacteriology)
جي بدران متبادل طور ”علم جراثيم“ ڪم آندل آهي.
هاڻي، جيڪڏهن، بئڪٽيريا سان واسطيدار لفظن جو سيٽ
اکين آڏو آڻيو ته صورتحال هيءَ بيهندي:
انگريزي لفظ ڏنل متبادل ليکڪ
پاران
_______________________________________________
Bacteriology
علم جراثيم جيوڙڄاڻ، جيوڙ ڀياس
Bacteriological
جراثيم بابت جيوڙ ڄاڻي/جيوڙڀياسي
Bacteriologist
علم جراثم جو ماهر جيوڙ ڄاڻڪ، جيوڙ
ڀياسڪ
Bacterium
جرثومه جيوڙو
Bacteria
جراثيم جيوڙا
Bacterial
جراثيم بابت جيوڙائي
Bactericidal
جراثيم مار جيوڙ مار، جيوڙا مار
Bacteriocidin
_______ـ جيوڙ مار
Bacteriolysin
_______ـ
Bacteriophage
_______ـ جيوڙ
Bacteriostasis
_______ـ
Bacteriotherapy
_______ـ
Bacteriurea
_______ـ
Bacteraemia
________
7. نباتن جو ميِنهن
ڊاڪٽر قاضي صاحب جن
Herbivorous
(هَرِبيورَس) جو متبادل ”نبات خور“ مقرر ڪيو آهي
يعني هرب (herb)
جو مٽَ ”نبات“ ٿيو. پاڻ ”aceous
__“ پڇاڙي جي بدران ”دار“ مقرر
ڪيو اٿائون. ان جو مطلب ٿيو ته ”Herbaceous“
جي بدران ”نباتدار“ ڪم آڻڻو پوندو. ٻي پاسي ”Botany“
جي بدران ”نباتيات“ يا ”علم نباتيات“ لفظ ڪم آندو
۽ ڪورس ۾ پڙهايو ويندو آهي جنهن لاءِ ڪي
لسانياتدانَ ”علم نباتيات“ به متبادل طور ڪم
آڻيندا آهن. ”باٽني“ ان علم جو نالو آهي جيڪو سڀني
قسمن جي وڻوٽڻ (وڻن، ٻوٽن، ڀاڄين، گاهن، فصلن
وغيره) بابت هر طرفي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. ڊاڪٽر قاضي
صاحب جن جي راءِ موجب ان لاءِ ”علمِ نبات“ مقرر
ڪرڻو پوندو. |