عربيءَ ۾ لکيل انسائيڪلو پيڊيائن کي ٿلهي ليکي ٻن
حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. هڪڙا انهن ماڻهن لاءِ جن
پاڻ کي سٺي نموني سڌير رکڻُ ۽ ثقافتي ورثي جو پورو
پورو واهپو ڪرڻ پئي گھريو ۽ ٻيا سرڪاري انتظام
رکندڙ جي وڌندڙ انگ لاءِ. انسائيڪلوپيڊيا جو پويون
نمونو تڏهن وجود ۾ آيو جڏهن عربن ڀونوچ
(ميڊيٽيرانين) علائقي جي گھڻن حصن ۾ حڪمراني قائم
ڪري ورتي. پهريون حقيقي انسائيڪلوپيڊيا ابن
قُتيبـﮧ (828 _ 889ع) نالي هڪ استاد ۽ ٻولَسڌ ڄاڻو
(فلالاجسٽ، لغاتي علم جي ماهر) جي تخليق هو، جنهن
پنهنجي ڪتاب جي عنوانن جي ڄاڻ هيٺ روايتي پهاڪا
(چوڻيون)، تاريخي مثال ۽ پراڻا عربي گيت ڏنا، سندس
ڪتاب عُيون الاخبار (ڀلوڙ روايتون) واري ترتيب ۽
مواد پوءِ ظاهر ٿيندڙ انسائيڪلو پيڊيائن لاءِ
پنهنجا نقش ڇڏيا. هن ترتيب موجب ڏهه ڪتاب رٿيا
ويا: سگھ (قوت، اقتدار)، ويڙهه (جنگ). شرافت
(نوبلٽي)، ڪردار، علم پرائڻ ۽ خوشگفتاري (فصاحت)،
پوڄا (عبادت)، تپسيا (رياضت)، سنگت (دوستي)، کاڌو
(کاڄ) ۽ عورت، ابن عبدالربيـﮧ پنهنجي ڪتاب عقد
(مالها) ۾ پنهنجي وقت جا ڪيترائي اصطلاح گڏ ڪري
قتيبــﮧ جي ڪتاب سان ملائي ظاهر ڪيا. مفاتيح
العلوم (علمن يا سائنس جي ڪنجي) کي ڀُل وچان
پهريون انسائيڪلوپيڊيا ڳڻيو ويندو آهي پر اهو
پارسي عالم الحوارزمي، جيڪو ڪيترين ئي يوناني
لکڻين جو چڱيءَ پرِ ڄاڻو هو، 975 _ 995ع ۾ ترتيب
ڏنو هو. ڏهين صديءَ ۾ بصري ۾ ٺاهيل مذهبي يا سياسي
جماعت اخوان صفا (مخلص ڀائپي) رسائلِ اخوان صفا
نالي ڀلوڙ ڪتاب ترتيب ڏنو جنهن ۾ پنجن ليکڪن جا 52
ڪتابڙا گڏ ڪيا ويا جن ۾ هلندڙ هزار سالن جي ڄاڻ
ڏنل هئي. لکڻيءَ ۾ (1) انگڀاس، جاگرافي، موسيقي،
منطق ۽ لڇڻڀياس (لڇڻ+ اڀياس=
ايسٿيٽڪس)_، (2) قدرتي سائنسون ۽ فلسفو، (3) مَٿَ
فزڪس (ميٽا فزڪس) ۽ (4) مذهب، جوتش (نجوم) ۽ جادو
شامل هئا. مڪمل ڇاپو 1887 _ 1889ع ۾ ظاهر ٿيو.
مصر ۾، ملوڪ دور ۾ رٿيل انسائيڪلو پيڊيائن ۾ نهايت
العرب في فنون الادب (ادبي فنن ۾ ڏاهه جو مقصد)،
لڳ ڀڳ 9 ___ هزار صفحن تي جوڙيل انسائيڪلوپيڊيا
وڌيڪ اهم آهي جنهن ۾ (1) جاگرافي، آڪاس ڄاڻ، آبهوا
ڄاڻ تواريخي ڄاڻ (ڪرانالاجي)، ڀوُن اڀياس
(جيالاجي)، (2) ماڻهو لِڱڀياس، ايناٽمي)، لوڪ ادب
(ميل جول، سياست)، (3) پسون ڀياسِ (زولاجي،
حيوانات)، (4) اوڀڙ ڀياس (باٽني، نباتيات) ۽ (5)
تاريخ ڏنل آهي. 1923ع ۾ مڪمل ڇاپو ظاهر ٿيو.
هورٽس ڊيليساريم شايد پهرين عورت هئي جنهن
پنهنجيءَ چارج هيٺ پادرياڻين (ننس) جي تعليم لاءِ
636 ننڍڙيون تصويرون رکندڙ انسائيڪلوپيڊيا ڇپرايو.
بارٿولو مائَيِس انگليڪس پنهنجو انسائيڪلوپيڊيا
ڊِي پروپرائيٽاٽبِيس ريرَم سينٽ آئيسڊرور۽ پلائني
جي لکتن تي پيڙهه رکندي ترتيب ڏنو.
جپان ۾ ’ايڊو‘ يا ’توڪُو گاوا‘ دور (1603 _ 1867)
هلندي هڪ قسم جو انسائيڪلو پيڊيا، جنهن م اهم
جپاني ۽ چيني ادب مان چونڊ ٽڪرا گڏ ڪيل هئا، ڪو
جِيروُئين (51 ــ جلد 1879 _ 1941) ۽ نَهن __
هياڪا_ ڊائيجِيٽين يعني ”وڏو (مهانَ) جَپاني
انسائيڪلو پيڊيا“ (10 جلدَ، 1908 __ 1919 ) جديد
انسائيڪلوپيڊيا سان ملندڙ هئا پر انهن ۾ گھڻي ڀاڱي
رڳو سائنسي ڄاڻ ڏنل هئي. ”شووا“ دور (1926_) ۾
وڌيڪ مڪمل انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ٿيا جيئن ڊائِي __
هياڪا (28 _ جلد 1931 _ 1935 )، ڪوڪوُمِن ــ هياڪا
(15 _ جلد، 1934 __ 1936)، سيڪائي _ ڊائي _ هياڪا
(24 ــ جلد، 1955) ۽ جپانيڪا (19 _ جلد، 1967 _
1972ع) سٺي نموني تيار ٿيل لکڻين جا مثال آهن.
پارسي قانوندان ڌوواني (1427 _ 1501) هڪ قسم جو
انسائيڪلوپيڊيا انهداغ العلوم ڇپرايو جنهن ۾ هنري
ايجادن بابت سوال جواب ۾ دستاويزي ڄاڻ ڏنل هئي.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ جديد انسائيڪلوپيڊيا جنم
ورتو. فرانسِس بيڪن جو انسٽاريشيو مئگنا لکڻ مهل
مقصد اهو ئي هو ته سائنسن، فنن ۽ سموري انساني ڄاڻ
کي ٺيڪ ٺاڪ بنيادن تي بيهاري سگھجي ته جيئن شيُن ۽
ذهن جي وچ ۾ سٺي ۽ حقيقي گھرائي جوڙي سگھجي. ان
سڄي رٿيل مانڊاڻ جو رڳو ڪجھ حصو ئي ڇپجي سگھيو پر
ليکڪ 130 ننڍا حصا ٽن وڏن حصن ۾ ورهائي ترتيب ڏيڻ
جو سوچيو هو، ٻاهرين قدرت، ماڻهو ۽ قدرت مٿان
ماڻهو جو عمل.
ٻارهين صدي تائين ڪو به انسائيڪلوپيڊيا الف _ ب جي
ترتيب سان ڇپجي پڌرو نه ٿيو هو. سئداس پهريون ڀيرو
الف _ ب جي ترتيب سان ظاهر ٿيو. زارا ۽ السٽيڊ جا
انسائيڪلوپيڊيا هڪ سٺي رٿابندي پٽاندڙ رٿيل هئا.
پر گوءِ سڀني کان لوئي موريرِي کٽي ويو جنهن الف
ــ ب وار ترتيب ڏئي گرانڊ ڊڪشنري هسٽارڪ (مهان
تاريخي ٻولَسڌ) لکي بهترين اثر ڇڏيو. ان ۾ جاگرافي
۽ شخصيتن جي جيون _ ڪٿا بابت گھڻو مواد ڏنل هو.
اينٽوني فورٽيئر جي ڪتاب ڊڪشنري يونيورسل ڊيس آرٽس
ايٽ سائنس (فن ۽ سائنس جي سنساري ٻولسڌ) جي آڇ
ايڏي عوامي هئي جو ان ڪنهن به انسائيڪلوپيڊيا کي
عوام کان پري رکڻ بابت سمورا شڪ شبها ڊاهي ڇڏيا ۽
اهڙيءَ طرح سائنس ۽ فن کي ملائي جديد ثقافت، سائنس
۽ هنر (ٽيڪنالاجي) ۾ وڌندڙ عوامي چس جي حقيقي فطرت
ظاهر ڪئي.
پهريون ڏيهي فرنيچ انسائيڪلوپيڊيا چارلس ايسٽيني
(1504 _ 1564 ) جو ڊڪشنريم هسٽوريم جياگرافيڪم ايٽ
پوئيٽيڪم (تاريخي، جاگرافيائي ۽ شاعراڻو ٻولسڌ)
1553ع تائين ڇپجي سگھيو. پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾
انسائيڪلو پيڊيائن لاءِ فرينچن کي اڃا به ٻين قومن
جي انسائيڪلو پيڊيائن، جيئن پيڊوميڪسيڪا جو ليس
ڊائورسيس ليزنس (ڀانت ڀانت جا سبق، 1552 ) تي
ڀاڙڻو هو. جان هئرس جو ليگزيڪم ٽيڪنيڪم (هنري
ٻولسڌ، 1704ع) وڌيڪ اثرائتو ۽ جديد وسيلن جو مظهر
ٿي ميدان تي آيو، ان ۾ فرانس جي انسائيڪلو پيڊيائن
تان ڪيل ترجما پڻ شامل هئا. فرانس ۾ ڊائڊرتوٽ ۽
اليمبرٽ وڏي پيماني تي عمدو فلسفيانه نموني جو ايل
انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ڪيو. سوچ هيٺ آڻي سگھڻ جھڙي
هر موضوع تي لکڻ جي لحاظ کان هن انسائيڪلوپيڊيا ۾
ڪيتريون ئي کوٽون هيون. انهن سڀني کوٽن خامين کان
پاڪ رکڻ جو پهه ڪندي انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو
پهريون ڇاپو (1768 _ 1771ع) ڇپجي پڌرو ٿيو.
جرمني ۾ ان وقت تائين پرڏيهي انسائيڪلو پيڊيائن جي
ترجمن تي ڀاڙيو پئي ويو. هاڻي اتي به وڌندڙ وچين
طبقي جي گھرجن کي نظر ۾ رکندي هڪ سڌريل سماج لاءِ
ثقافتي منظر رکندڙ انسائيڪلوپيڊيا جي گھرج هئي.
اليگمينيس ليگزيڪان (1721) جو هَن ٿِيوڊور
جئبلوننسڪي سنواري سينگاري پيش ڪيو. ان کان پوءِ
جو هن هيمرخ زيڊلر جو زبرو ڪتاب گراسيس وولسٽينڊگز
يونيورسل ليگزيڪان (انتهائي ڳوُڙهو/ رچيل سنساري
ٻولسڌ، 1723 _ 1750) جيتوڻيڪ پراڻي ڍنگ تي لکيل هو
پر ان جي اهميت ڇنڊيل ڇاڻيل ٺيڪ ٺاڪ ڄاڻ ۽ جيون _
ڪٿا، ڪتابَسُڌ (ببليوگرافي) واري مواد سبب وڌيل
آهي. ڪنوَر سيشنس ليگزيڪان (1796 _ 1811) ٺيڪ ٺاڪ
تازي تواني ۽ ڳوُڙهي رچيل ڄاڻ مهيا ڪرڻ سبب وڌيڪ
سرسو رهيو ۽ ايندڙ صدين ۾ يورپ جي انسائيڪلو
پيڊيائن تي زبردست اثر ڇڏيائين. هن ڪتاب ۾ فريڊرڪ
ارنالڊ بروخاس جرمن ماڻهن جي حقيقي گھرج پوري ڪئي.
اڻويهين صدي ۾، چيمبر جو سائيڪلو پيڊيا جي
سڌاريندڙ ابراهام ريس نيٺ نج ۽ سٺي نموني سينگاريل
ڊِي نُيوِ سائيڪلو پيڊيا (1802 __ــ 1820) پيش ڪيو
جنهن کي برٽانيڪا جو رقيب سمجھيو وڃي ٿو.
نوح ويبسٽر جو گھڻي ڄاڻ مهيا ڪندڙ اميريڪن ڊڪشنري
آف ديِ انگلش لئنگُئيج (انگريزي ٻوليءَ جو اميريڪي
ٻولسڌ) فطري طرح انسائيڪلوپيڊيا هو جيڪو بروخاس ۽
لوراس جي انسائيڪلو پيڊيائن جيان دور ٺاهيندڙ
ثابت ٿيو. ويبسٽر جي ڪتاب اميريڪي عوام کي نئين چس
ڏئي ان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
اڻويهين صدي ۾ برطانيا اندر سڀ انسائيڪلوپيڊيا ۽
سندس جوڙيندڙ جھڙوڪر ٿڪجي پيا. انهيءَ وڪڙ ۾ نه
ڦاٿو ته اهو هو چيمبرس انسائيڪلوپيڊيا (1860 _
1828). پر هاڻي دنيا جي ڪيترن ئي ڏيهن ۾
انسائيڪلوپيڊيا زور وٺي رهيو هو. انسائيڪلوپيڊيا
پوزيچيا (1858 _ 1868) پولئنڊ ۾، ۽ بوهيميائي
سلونڪِ ناڪني (سائنسي) ٻولسڌ 1860 _ 1890 ) سان
ريس ڪندي هنگريَن ايجلئٽيميز ميگيار
انسائيڪلوپيڊيا (سنساري هنگربن انسائيڪلو پيڊيا،
1861 _ 1876). پيش ڪيا ويا. روسين وري وِي _ اين _
تاتيشيف جو ليڪسيڪن روسسڪوئاءِ (روسي ٻولسڌ) جو
اڌڙ انسائيڪلوپيڊيا 1873ع ۾ ظاهر ڪيو ويو ۽ پوءِ
بروخاس جي طرز تي اي _ اسٽار چيوسڪي جو اسپراووچني
اينتسائيڪلوپيڊيچيسڪي سِلووَر (انسائيڪلو پيڊيائي
ريفرنس ٻولسڌ 1873 _ 1855) پڌرو ڪيو. وڌيڪ
اهم اينتسائيڪلوپيڊيچيسڪي سِلووَر (1875) هو جنهن
کي ان جي ڇپائيندڙ ”گرئناٿ رشين ببليوگرافيڪل
انسٽيٽيوٽ“ جي نالي پٺيان ”گرئناٿ“ سڏيو وڃي ٿو.
58 _ جلدن ۾ گرئناٿ جو پوءِ آيل ڇاپو (1910 ــ
1948) برٽانيڪا جي طرز تي جوڙيل آهي پر ان ۾
انقلاب کان پوءِ بدليل حالتن جو ثقافتي اولڙو چٽو
نظر اچي ٿو.
لاروس بنا مقابلي نه رهيو. لا گرانڊ اينسائيڪلو
پيڊيا (1866 _ 1902 ) فرانس کي نهايت مانائتي،
ڀروسي جوڳيِ ۽ ڳوُڙهي رچيل سڀ طرفي ڄاڻ سان
ٽمٽار، دستاويزي لکيت موجود ڪري ڏني. ڊنمارڪ ۾
اڻويهين صديءَ جي پڄاڻي ٽن سٺن گھڻ جُلدي
انسائيڪلو پيڊيائن سان ٿي: اَلَرس (1892ــ 1899)،
هيگرَپس (1892 _ 1900) ۽ سَلموسينس (1893 _ 1911)
جن جو انسائيڪلو پيڊيائن جي تاريخ ۾ ڪو مثال
ڪونهي. اڻهويهين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين جديد
انسائيڪلوپيڊيا پنهنجي سموري سونهن ۽ ساڀيا کي رسي
چڪو هو.
بِروخاس جي روسي ڇاپي (1890 _ 1906) کي جوڳي سرسي
ملي. ايس _ اين _ يوُشاڪ بولشيا اينتسائيڪلوپيڊيا
(مهان انسائيڪلوپيڊيا 1900 _ 1909) ”ميير“ طرز تي
پيش ڪيو. پر گرئناٿ کان پوءِ اهم انسائيڪلوپيڊيا
65_ جلدن تي پکڙيل بيولشيا سوُيستڪايا
اينتسائيڪلوپيڊيا (مهان سويت انسائيڪلوپيڊيا 1926
_ 1947) شايع ٿيو، جنهن جو ٻيو ڇاپو مارڪسي ــ
لينني نڪتهءِ نظر موجب پيش ڪيو ويو هو. ان ۾ لڳ ڀڳ
سڄي سويت يونين جي ثقافتي وسيلن کي اجاگر ڪيو ويو
هو. 8 _ هزار عالمن جا ڪتابسُڌ (ببليوگرافي) سميت
ڏنل مضمون بيشڪ بين الاقوامي معيار جا هئا. ان کان
پوءِ شاندار، مُلهائتا ۽ معياري ”ساليانا ڪتاب“ هن
انسائيڪلوپيڊيا جو مانُ وڌائيندا رهيا آهن.
گڏيل _ اميريڪي _ رياستن (يو. ايس. اي) ۾ نُيوِ
انٽرنيشنل انسائيڪلوپيڊيا جو پهريون ڇاپو (1902
_1904) پڻ ساليانن ڪتابن وسيلي سڌريندو رهيو.
انسائيڪلوپيڊيا اميريڪانا 1902ع ۾ نئين سگھ ورتي.
هيءُ اميريڪا ۾ انگريزي ٻولي اختيار ڪرڻ مهل (1829
ـ 1833) پنهنجايل بروخاس جي ستين ڇاپي جو پويون
نسل هو. 1950 _ 1951 ۾ نئين اميريڪي لکڻي
ڪولِيئرس انسائيڪلوپيڊيا جي صورت ۾ ظاهر ٿي، جنهن
کي لاڳيتو ساليانن ڪتابن وسيلي سگھ ملندي رهي ٿي.
گھڻيون تصويرون ۽ گھڻا نقشا ان جو جو نمايان گڻ
آهن.
”ايسپا“ ،انسائيڪلوپيڊيا يونيورسل السٽريڊا
يورپيو اميريڪانا (1905 _ 1907) نه رڳو هڪ
مهان انسائيڪلوپيڊيا آهي پر انسائيڪلوپيڊيا
اِٽئليانا جيان کيس قداور ساٿي _ ڪتابن جي ٽيڪ
به ملندي رهي ٿي. قد بت ۾ اهو ئي دنيا ۾ سڀ کان
ٿلهو ٿنڀرو ڪتاب آهي. ان جو هڪ مڪمل جلد رڳو اسپين
بابت آهي. اسپيني انسائيڪلوپيڊيا ڊڪشناريو سَلوَت
(پهريائين 1907 _ 1913 ۾ ڇپيو) پڻ مختلف وقتن تي
هر هر ڇپجي ٿو. ٻيو وڏو اسپيني انسائيڪلوپيڊيا
انسائيڪلوپيڊيا ليبر (1955 _ 1960) آهي جنهن
جو هر جلد هڪ وڏي موضوع جي دنيا تي پکڙيل آهي.
سمورن انسائيڪلو پيڊيائن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم
انسائيڪلوپيڊيا اٽئليانا (1929 _ 1939) آهي
جيڪو گھڻ خرچاؤ (نفيس، شاندار) پيشڪش، عمدين
تصويرن ۽ ڊگھن (تفصيلي) عالمانه ۽ سٺن دستاويزي
مضمونن جي ڪري مشهور آهي.
لاروس جي لاڳيتي شهرت هوندي به فرانس ويهين صديءَ
۾ ٽي ٻيا انسائيڪلوپيڊيا اينسائيڪلو پيڊياءِ
فرانس (1935 _ 1966 )، اينسائيڪلو پيڊيا
ڊيِ لا يليياڊ (1955 _ـ) ۽ انسائيڪلوپيڊيا
يونيورسلَسِ (1928 ــ ) ظاهر ڪيا.
وڏن انسائيڪلو پيڊيائن سان گڏ خصوصي موضوعن، جيئن
فزڪس، ڪيمسٽري، فلسفي، ادب تاريخ، شخصيت وغيره تي
۽ هر هڪ کنڊ لاءِ ڌار ڌار مخلتف قد بت جا ڪيترائي
انسائيڪلوپيڊيا ظاهر ٿيندا پئي رهيا آهن جن کي
پنهنجي پنهنجي ڄاڻ، سونهن ۽ سينگار آهي.
ڪيترن ئي ڏيهن ۾ هونئن ته گھڻا پر گھٽ ۾ گھٽ هڪ
سٺو انسائيڪلوپيڊيا مڙيوئي موجود آهي. انهن مان
ڪجھ هي آهن:
بلگاريا: ڪراتُڪا بلگار سڪا اينسائيڪلو پيڊياءِ
(1963 ــ) ۽ ٻيا. ڊنمارڪ: گلائڊينڊلس ناءِ ليڪسيڪن
(پهريون ڇاپو 1931 _ 132) ۽ ٻيا. فنِلئنڊ: اوٽاون
آئسو ٽائٽو سَناڪِرجا/ انسائيڪلوپيڊيا فينِيڪا
(1960 _ 1965) ۽ ٻيا. يونان: ميگالي هيلينائِڪي
اينائيڪلو پيڊيا (1926 _ 1934) ۽ ٻيا.
يونان: ميگالي هيلنيائيڪي اينڪائيڪلو پيڊيا
(1926__1934 ) ۽ ٻيا.
هنگري: ريواءِ نيگي ليگزيڪونا (1911 _ 1935) ۽
ٻيا.
نيڌرلئنڊس: ايِرستي نيدرلئنڊسي سسٽميٽس انگرڪتي
انسائيڪلوپيڊيا (1946 _ 1951) ۽ ٻيا.
ناروي: اَشيهائو گس ڪنورَ سيشنس ليڪسيڪن (1970 _)
۽ ٻيا.
پولئنڊ: وِيلڪا انسائيڪلوپيڊيا پوُزيچنا پ ون
(1962).
رومانيا: ڊڪشنر انسائيڪلو پيڊڪ رومن (1962 __
1966).
سوُيڊن: بونئيرس ڪنورَ سيشنس ليگزيڪان (پهريون
ڇاپو 1922 _ 1932) ۽ ٻيا.
ترڪي: ترڪَ اَينسائيڪلو پيڊيسي (1946 _ ).
يوگوسلاويا: انسائيڪلوپيڊيا يوگو سلاويا (1955 _
)۽ ٻيا.
لٿُئانيا: لِٽوِيُ انسائيڪلوپيڊيا (1953 _ 1969).
اسٽونيا س . س . ر. : ايسٽيِ نوُڪر وجودُ
اينتسائيڪلو پيڊيا (1968 _ ).
لبان: دائرة المعارف (1887 _ 1900) بطرس البوستاني
۽ سندس پٽ جوڙي تيار ڪيو.
مياتما سُيزن ڪِيان/ انسائيڪلوپيڊيا برمانيڪا.
برما ٽرانسليشن سوسائٽيءَ برميز ٻوليءَ ۾ ڇپرايو
(1054 _ ).
عبراني ٻولي ۾ : ههَ _ اينتزائيڪلو پيڊيا ههَ _
عوِروتِ (انسائيڪلوپيڊيا هيبرائيڪا 1946 _ ) ۽ ٻه
ٽي ٻيا.
انڊونيشياِئي ٻولي ۾: انسائيڪلوپيڊيا انڊونيشيا
(1954 _ ).
سِنهالي ٻولي ۾: سنهاليز انسائيڪلوپيڊيا (1963 _
). ۽ سنڌي ٻولي ۾: ........ !؟
هيڏي شاهوڪار، سُکي ۽ ستابي ٻولي، ايڏو ثقافتي
ورثو ۽ شاندار ماضي، هزارين ڏاها، ڏاتار، عالم
اڪابر، سياڻا سيبتا، شاعر، اديب، ليکڪ، سائنسدان،
سياستدان، تاريخ ڄاڻُو، هنرمند، فنڪار ۽ ڪلاڪار؛
علم، ادب، فن ۽ هنر جو ڪهڙو شعبو آهي جنهن ۾ سنڌي
نه هجن؟ پوءِ به سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي خاني ۾
ٻڙي!؟
سنڌ جو ماضي
سنڌ جو تاريخ کان اڳ وارو ماضي بيشڪ بهترين ۽
مانائتو آهي. جڏهن کان تاريخ لکي وئي آهي تڏهن کان
سنڌ ۾ علم ۽ ادب، سُک ۽ ستايائي، سورهيائي ۽
سرويچائي جا آثار ته برابر ملن ٿا پر جڏهن به
ڌارين ڪاهيندڙن ڪاهيو تڏهن مڙسيءَ سان وڙهي به
پهرين نه ته ٻي، ٽين، چوٿين ڀيري هار کاڌي اٿئون ۽
انهن جي غلاميءَ هيٺ آيا آهيون. چون ٿا ته ان جو
هڪ ڪارڻ اسان جو ڍءُ به هو. پر مارن سنڌ کي پئي
لتاڙيو، ڦريو ۽ ماريو آهي. اسان جي حاڪم طبقن ته
هار کائيندي ئي سندن چاپلوسي پئي ڪئي آهي پر عوام
سدائين ظالم ۽ ظلم کان گھٽ ۾گھٽ به نفرت ضرور ڪئي
آهي ۽ ڪڏهن به ڏيک ويک، لئه ۽ ٽيڳر جي ريس ڪندي
دشمن جي پٽ پٽيهر تي پنهنجيءَ لوئيءَ کي نه لويو
آهي. ٻي پاسي سنڌ مٿان جن ”پنهنجن“ حڪمراني هلائي
انهن به گھٽ ۾ گھٽ ٻوليءَ جي لحاظ کان سنڌ جي ڪا
خاص خدمت ڪو نه ڪئي. ويجھڙ ماضيءَ وارن پنهنجن
حڪمرانن پاران سرڪاري سطح تي سنڌ ۾ ڌاري ٻولي ئي
مڙهي رکي وئي ۽ سرڪاري سرپرستي جي اڻهوند سبب
عوامي سطح تي به ڪي سٺا ادارا ٺهي نه سگھيا.
ابوالحسن جھڙن عالمن ۽ هر دور ۾ اڀرندڙ وچين طبقي
جي ڪيترن ئي ماڻهن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي لپي ڏيڻ
جو پرخلوص ۽ پيار ڀريو جتن به ڪيو، راءِ سهاسيءَ
کان وٺي انگريزن جي اقتدار تائين، اسحاق آهنگر ۽
حماد شيخ کان وٺي سچل ۽ ساميءَ تائين سنڌ جي
ڌرتيءَ تي گھڻو ڪجھ لکيو، پڙهيو، ڳالهايو ۽ ڳاتو
ويو آهي پر هيءُ، هن وقت جنهن لپيءَ ۾ لکي رهيا
رهيا آهيون اها جوڙائڻُ، رائج ڪرڻُ ۽ وڌرائڻ
انگريز جو جتن آهي. انگريز ڦورو ۽ بدمعاش هو، قاتل
۽ پرمار هو (اسان جو مٿس گھڻو ئي حق حساب رهيل
آهي) پر گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ سان
اڳوڻن پرمارن ۽ هاڻوڪن حڪمرانن جيان هٿ چراند ڪرڻ
۽ مَٺ گھرو ٿيڻ بدران گھڻ گھرو ثابت ٿيو. سنسڪرت،
عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾جو ڪجھ لکيو ويو ان جو گھڻو ڪجھ
ملي ٿو پر پراڻيءَ سڀيتا جي مليل مُهرن ۽ لکيتن،
هندي، گجراتي، گرمکي وغيره ۾ جيڪو ڪجھ لکيو ويو
آهي ان جي بهتر ڄاڻ اهي عالم ئي ڏئي سگھن ٿا جيڪي
لکت ۽ ذاتي ڪچهرين ۾ اهڙي ڄاڻ رکڻ جي ڳالهه ڪندا
رهيا آهن. بهرحال سنڌ جي انتهائي پراڻي ماضيءَ ۾
جيڏي وڌيڪ عظمت آهي ويجھي ماضيءَ ۾ ٿورن مثالن کان
سواءِ اوتري ئي اڻهوند نظر اچي ٿي.
سنڌ جو حال
عام چوڻ آهي ته اسين گھڻو عرصو ڌارين جا غلام رهيا
آهيون تنهنڪري سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جو
بچاءُ نه ڪري سگھيا آهيون جڏهن ته ڌارين حڪمرانن
به انهن کي پئي تباهه ڪيو آهي. پر گھري نظر سان
جاچ ڪبي ته پنهنجن جو راڄ پراون جي راڄ کان مدي ۾
ٻيڻي کان به وڌيڪ نظر ايندو. پوءِ به مختلف سببن
جي ڪري سنڌ جا حاڪم طبقا ذهني ۽ علمي طرح ڌارين جا
غلام ٿي رهيا آهن جنهن ڪري اسان، عوام کي ڌارين جي
غلاميءَ جو ڳٽ لاڳيتو محسوس ٿيندو رهيو آهي
.......... ۽ موڪي بن وسائي کان وٺي 1991ع جي
اڄوڪي ڏينهن تائين موجود غدارن سنڌ سان وڏيون
ويساهه گھاتيون ئي ڪيون آهن. سندس هڪ ڏٽو مس ٿو
اگھاڙو ٿي پورو ٿئي ته ٻيو ڏٽو تيار هوندو. اسين
ڪنهن غداري ۽ سازش کي مس مس منهن ڏئي مٿي ٿا.
چڙهون ته پرمارن جي اشاري تي اهي غدار ڪنهن ٻي
ٻوهي ۾ ڦاسائي ڇڏين ٿا. اچو ته رڳو هڪ مثال وٺون ۽
اهو به ٻوليءَ جي حوالي سان. 1947ع تائين سنڌي
ٻولي جي اوسر تي هڪ نظر وجھي ڏسو. ادب ۽ سائنس جو
ڪهڙو موضوع هو جنهن تي سنڌي ۾ نه لکيو پئي ويو ۽
سنڌ جو ڪورٽ کان وٺي يونيورسٽي تائين ڪهڙو شعبو هو
جنهن ۾ سنڌي ٻولي رائج نه هجي؟ سنڌي ٻوليءَ
حياتيءَ جي هر حصي ۾ ڪيڏي نه تيز رفتاريءَ سان
ترقي پئي ڪئي!؟ رڳو علي احمد قاضي ۽ مرزا قليچ بيگ
جي لکڻين کي ئي جاچڻ سان خبر پوندي ته سائنس ۽ ادب
۾ ڪيئن پئي وڌياسين. جيڪڏهن پنهنجن جون ڏٽيبازيون
۽ غداريون ۽ گھُرائي مڙهيل ڌارين جي مڪروه حاڪماڻي
ذهنيت نه هجي ها ته نه ٺهي ها ون ــ يونٽ ۽ نه ئي
وري انهيءَ قيد دوران سنڌي ٻوليءَ کي ڦاهيءَ
چاڙهيو وڃي ها، ۽ اڄ اسان جي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي
عظمتن تي وڃي پهچي ها، انهن کان هزارين ڪوهه پوئتي
نه هجي ها. ممڪن هو ته اسين اڄ ڊاڪٽري، انجنيري،
وڪالت وغيره مطلب ته هر اها تعليم جا ڌاري ٻولي ۾
پرائڻ تي لاچار آهيون اها جيڪر پنهنجيءَ سنڌي ۾ ئي
پڙهون ها ۽ اسان جون لائبريريون ٿلهن متارن سنڌي
ڪتابن سان سٿل نظر اچن ها، جڏهن ته سنڌي ثقافت (۽
سنڌي ماڻهن) کي خاص ڪري سنڌ جي وڏن شهرن ۾ تِڇَ ـ
ويک (مائڪرو اسڪوپ، خوردبين ) وسيلي ڳولڻ بدران
ريڊين، ٽِيوِين، اخبارن، رسالن وغيره ۾ سَو سيڪڙو
ٻڌي، ڏسي، پڙهي، ڄاڻي سگھون ها ..........
هن وقت اسين غلام آهيون گورن جي گادي نشين ۽
بدترين ذهنيت رکندڙ ڪارن جا، سنڌي ماڻهن جي هر
انساني ۽ قومي حق خلاق هر پاسي کان هُلان جاري
آهي. سنڌ سرڪار ۾ گھڻائي ته سنڌي وڏيرن جي آهي پر
اهي آهن ساڳين ئي ابن الوقت ۽ موقعي پرست ماڻهن جا
نشين، جن جي ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن پئي لوڙيو آهي.
سنڌ سرڪار جون ڏوريون ڪنهن ٻي هنڌان لوڏيون پيون
وڃن ۽ هر سنڌ دشمن ڪم گھڻي ڀاڱي غدار سنڌي
جاگيردارن جي مدد سان پيو ٿئي. ون يونٽ کان وٺي
پاڻي _ ورڇ جي ٺاهه تائين، لياقت کان وٺي نواز
تائين حڪمرانن جا نالا بدليا آهن، حڪومتن جا ويس
بدليا آهن، جاگرافي بدلي آهي، ڪيترائي غدار مئا
آهن ۽ ڪجھ جون ڳالهيون بدليون آهن پر سنڌ، سنڌين ۽
ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان ساڳيا هاڃا جاري آهن. اڄ
سنڌ ۽ سنڌي ٻٽي ويل ۾ نه پر اٺوڻي عذاب ۾ آهن.
سنڌوءَ جو پاڻي چوري ٿيندو ۽ پر ٻاهرو ڦٻجندو رهيو
آهي، سنڌ کان ٻاهر ڊيم ٺاهيا ويا آهن ۽ اڃا به
ٺاهڻ جون تياريون آهن، ناڻو ڦٻائڻ لاءِ ٺڳيءَ ڀريا
ٺاهه پيا ٿين، سنڌ جون ڀليون ٻنيون ڪوڙن ڪِليَمن
۽ ٺڳين وسيلي اڌ کان وڌيڪ ڌارين جي حوالي ڪري چڪا
۽ اڃا به ”انعامن“ ۾ ڏنيون پيون وڃن، دهشت گردن ۽
ڌاڙيلن کي زور وٺائي سنڌ مٿان ڪڙڪايو ويو آهي ۽
وري انهن کي ختم ڪرڻ جي بهاني زمينون کسي ڇاوڻيون
وجھي سنڌ کي فوجي قيد خانو بنائڻ جي ڪوشش تي عمل
ٿي رهيو آهي، سنڌ جي صنعت ۽ حرفت تي ڌارين جو قبضو
پڪو ڪيل آهي ۽ اسرندڙ سنڌي وچين طبقي کي چيڀاٽيو
پيو وڃي، سامونڊي ڪمائي ”ڊراءِ پورٽ“ جي نالي ۾
پڪي ڦرجي چڪي آهي، سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي
ڪانهي، سنڌي ثقافت کي نيچ ڪرڻ لاءِ هر وسيلو ڪم
آندو پيو وڃي، سنڌي عوام تي هر پاسي کان ڏنڊي جو
وسڪارو آهي ۽ هاڻي ته قانون به اهڙا پيا جوڙيا وڃن
جيڪي اگهاڙي نموني سنڌي عوام جي خلاف آهن. سياست
جي نالي ۾ ڏٽي بازيءَ، غداريءَ ۽ مڪاري ۽ مٿان وري
هڪ طرفي پروپيگنڊا اهو حال ڪيو آهي جو بنهه سچي،
وطن دوست، عوامي ۽ جمھوري سياست به شڪ شبهن جو
شڪار ٿي پئي آهي. مجموعي طرح سڀ سياسي پارٽيون هڪ
قطار ۾ بيهاريون ويون آهن، جڏهن ته غداري ۽ وطن
دوستي ۾ فرق ڪرڻ گھربو هو. نوبت اتي وڃي پهتي آهي
جي عوام جي حياتيءَ ۾ سُک چين موڪلائي ويو آهي.
|