پردو ٻيو
مڪان شمشاد
انٽر جميل: آه، موت، قتل، خون ڇا؟ ڪنهن جو خون، دل
جو خون! لخِت جگر جو خون! ڇا جي واسطي، هن دنيا
مڪار جي واسطي؛ ڇا جي واسطي- هن زر بدڪردار جي
واسطي! خير، فڪر ناهي، دنيا ڪمائجي مڪر سان، روٽي
کائجي شڪر سان، مفلسيءَ ۾ جيئڻ شرمساري آهي، بلڪه
لاچاري آهي- ذلت ۽ خواري آهي، جنهن ڪري دنيا هر
انسان کي پياري آهي.
شاهه و گدا آ خيال ۾ پيسي جي واسطي،
هر ڪوئي آ جنجال ۾، پيسي جي واسطي.
سڀ ڪوئي آ بيمار، ڪوئي تندرست ناهه،
دنيا جي اسپتال ۾، پئسي جي واسطي.
هنيئر جلد وڃي دوست شمشاد کي واقف حال ڪيان، پاڻ
کي زر و جواهر سان مالا مال ڪيان. هنيئر منهنجي
مدعا پوري ٿي، نحوست جي زماني کان دوري ٿي؛ بس،
هينئر عيش، شادي، جشن.
(انٽر ٽمبڪٽو)
جميل: مرحبا، مرحبا، اي يار خوش اطوار!
ٽمبڪٽو: لعنت، لعنت، او خوني بدڪار!
جميل:
ڇو ٽمبڪٽو، خفگي جو ڪهڙو سود؟
ٽمبڪٽو: هل هل، شيطان جا ساٿي نمرود.
جميل: ڇا تنهنجو مون ۾ ڪو شڪ آهي؟
ٽمبڪٽو: خدا جو انصاف حق آهي. هر عمل جي هڪ سزا ۽
هڪ جزا موجود آ-بندو سرڪش آهي، ته سر تي خدا
موجود آ.
جميل: سڀ کي آهي رنج مون کي غم نه آ ته ڪجهه نه آ؛
ٻيا روئن پنهنجي گهر، ماتم نه آ ته ڪجهه نه آ.
آدمي دنيا ۾ خوش هردم نه آ ته ڪجهه نه ا،
ٽمبڪٽو: ٿو ڪرين نخرا تون، هي تقدير ۽ اقبال سان،
پر خدا جي وار کي، روڪيندين ڪهڙيءَ ڍال سان.
جميل: بي سبب خفا ٿيڻ؟
ٽمبڪٽو: دنيا جي بدلي دين ڏيڻ!
جميل: ناحق بدگماني.
ٽمبڪٽو: پنهنجي ڀيڻ سان هيءَ بي ايماني!
ڇميل: ڪنهن مون کي مجرم ٺهرايو؟
ٽمبڪٽو: وفا!
جميل: ڪنهن مون کي جرم ڪندي ڏٺو؟
ٽمبڪٽو: خدا!
جميل: ڪنهن گواهي ڏني؟
ٽمبڪٽو: زمين و آسمان!
جميل: ناحق ٿو لڳائي هي مون تي الزام ڏسجو.
ٽمبڪٽو: ٿي چڪو جو ڪجهه هيو، هينئر انجام ڏسجو
جميل: احمق!
ٽمبڪٽو: ظالم!
جميل: جنوني!
ٽمبڪٽو: خوني!
جميل: تون مون تي اُهو الزام لڳائين ٿو، جو ڪڏهن
نه معاف ٿيندو.
ٽمبڪٽو: تو انهيءَ خون سان هٿ رڱيا آهن، جو فرشتن
جي ڳوڙهن سان نه صاف ٿيندو.
جميل: ديوانا دولت اهڙيءَ ريت هٿ اچي ٿي.
ٽمبڪٽو: مگر ڇا، دولت قبر ڏانهن ساڻ هلي ٿي؟
جميل: ليڪن هتي ته عيش ڪرائي ٿي.
ٽمبڪٽو: اهو خيال فضول آهي دنيا ايماندارن لاءِ
جهنم آهي.
جهنم لاءِ جنت ڇڏن. هيءَ تنهنجي ڀُل آهي.
ڀل خدا کان ڪين، گر ايمان دولت ساٿ آ،
چار دن جي چاندني ۽ پوءِ انڌيري رات آ.
گانو
ٽمبڪٽو: لعنت ٿئي لعنت لعنت، لعنت ٿي بدڪردار،
صورت تي تنهنجي پرفتنه دائم آ لعنت،
بدڪردار بدڪردار.
هي حشمت هي دولت ڪمايو، ڪمايو،
مظلومن يا سرڙا ڪپايو، ڪپايو.
هي ڪارو منهن جڳ کان لڪايو، لڪايو،
طوق لعنت جو گلي پايو، پايو.
(انٽر شمشاد)
شمشاد: اسلام عليڪم اي سچا دوست، جگر جا گوشت، دل
جا پوست.
جميل: عالي جناب هي، ته آهيءَ جاءِ حجاب، اوهان
بندي کي ايتريقدر عزت جي نظر سان ٿا ڏسو، جنهن جو
هو حقيقت ۾ لائق ڪين آهي.
شمشاد: اها اوهان جي عالي صنعائي آهي، جو پنهنجي
تعريف پسند نه ٿي اچي، اها وصف ذاتي آهي.
ڪري ٿو ناپسند تعريف سو ئي جو ڪ عالي آ،
بچي ٿو سوئي ٺوڪر کان، جو برتن يار خالي آ.
شمشاد: جميل!
جميل: جناب!
شمشاد: ڪائي خبر؟
جميل: قبر.
شمشاد: ڪنهن جي؟
جميل: پنهنجي باغ جي، بلبل جي ، پنهنجي چمن جي، گل
جي.
شمشاد: يعني؟
جميل: مهلقا بدنصيب جي.
شمشاد: آه! اهڙي قريب جي، مگر ڪنهن جي واسطي؟
جميل: هڪ تو جهڙي سچي يار غمگسار، مددگار جي
واسطي، گرچ پنهنجو چمن برباد ڪيم مگر تنهنجي دل ته
شاد ڪيم.
ٽمبڪٽو: تو خشڪ ڪيو سمندر، هڪ گوهر جي واسطي.
آتش چمن ۾ تو ڏني، ثمر جي واسطي.
شمشاد: ٿي وئين پاڳل ڪجهه عقل تميز آهي، بي ادب
غلام هي ڇا چيز آهي؟
ٽمبڪٽو: تون .
شمشاد: ڇا مان.
ٽمبڪٽو: شمشاد.
شمشاد: ڇا شمشاد.
ٽمبڪٽو: هان شمشاد، شمشاد جو طور، شمشاد جو نمونو،
شمشاد جو رنگ، شمشاد جو ڍنگ، (اشارو جميل طرف).
هن ۾ به رحم جو قطرو ناهي، تو ۾ به رحم جو ذور
ناهي، هن ۾ به دوست دشمن جي تميز ناهي، تو ۾ به
اها چيز ناهي. هن جو منهن به روشن مگر ناري، دانگي
کي شرمائڻ واري- تنهنجو منهن به سفيد، دل ظلمات جي
طرح ڪاري آهي.
خرمن جان جي واسطي هي آگ ۽ تون برق،
الغرض ٻئي آهيو يڪسان، رڳو آهي قد جو فرق.
هي ڀي پاگل، تون ڀي پاگل هي ڀي جاهل، تون ڀي آن؛
هي ڀي انڌو تون ڀي انڌو، هي ڀي قاتل، تون ڀي آن.
شمشاد: بي ادب غلام، تون خنجر جي ميان وانگر،
اسان تي وار ڪرين ٿو، ناحق اسان کي شرمسار ڪرين
ٿو.
ٽمبڪٽو: بيشڪ آءٌ خنجر بي مياڻ آهيان، ليڪن اُهو
ڪين آهيان؛ جنهن سان ڪاسائي بيگناهن جا ڪنڌ ڪلهون
ڪوري ڪڍن ٿا. آءٌ اهو اوزار آهيان، جنهن سان حڪيم
سڙيل ۽ گندي گوشت کي ڪپي ڪوري، بيمار جي جان بچائن
ٿا.
شمشاد: پيارا جميل، هي احمق عقل کان دور، بي شعور
آهي. هن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪر، ناحق تڪرار نه
ڪر.
جميل: جلد ارشاد ڪر!
شمشاد: آءٌ تو کي چوڻ ٿو گهران، ليڪن ذرا ترس ترس،
هينئر ڏينهن کي شام جي آغوش ۾ آرامي ٿيڻ واسطي هڪ
گهنٽي جو وقفو باقي آهي؛ سورج جا ڪرڻا هر گهر، هر
ڪوچي ۾ جاسوسن وانگر پکڙجي رهيا آهن.
اگر زمانو تمام ناپاڪين کي تنهنجي روح ۾ ڀري ڇڏي
ها، ته خوف دهشت جو ڀوت تنهنجي هن سفيد خون کي
جلائي، خاڪ ڪري ڇڏي ها.
جميل: يا خدا، اهو ڪهڙو خوفنڪا ڪم هوندو، جنهن جي
ايتريقدر سخت تمهيد آهي؟ ڇا ڪنهن سان دغا بازي!
شمشاد: نه!
جميل: فتنه پردازي؟
جميل: ڦرلٽ؟
شمشاد: نه!
جميل: جبر ظلم؟
شمشاد: نه!
جميل: تڏهن ڪهڙو مضمون آهي، ڪنهن ٻئي جو خون آهي؟
شمشاد: هان، البت.
جميل: او خدا، او خدا (شمشاد جي اکين مان آگ جا
شعله نڪرندا نظر ٿا اچن).
شمشاد: باوفا دوست، اُهو زهري نانگ جو هميشه
منهنجي راهه ۾ آهي. اُن جي تو کي خبر ڪانهي؛
منهنجي نگاهه ۾ آهي، مان هن کي ڄاڻان ٿو.
جميل: مان به خوب سڃاڻان ٿو.
شمشاد: ڀلا ڪير؟
جميل: هو.
شمشاد: يعني؟
جميل:ممتاز.
شمشاد: اهو ئي فتنه ساز؟ ٺيڪ ٺيڪ!
جميل: ڇا موت؟
شمشاد: بيشڪ.
جميل: مون هن بد ذات جي گرفتاريءَ واسطي عذاب جا
ڪتا ڇوڙيا آهن، في الحال اهو خيال اٿم ته هن خون
جي الزام ۾ هن بدڪار کي گرفتار ڪرايان، تنهنجي جان
ڇڏيان.
ٽمبڪٽو(علحده): پاڻ کي جهنم ۾ اڙايان.
جميل: هو هڪ زخم آهي، جو وڌندو ٿو وڃي.
شمشاد: هان هن جو وڍي ڇڏڻ ضرور آهي، ورنه خوف
ناسور آهي.
جميل: تون فڪر نه ڪر، آءٌ هر طرح هن سان بدسلوڪي
ڪندس.
شمشاد: آءٌ هن جون هڏيون چٻيندس، خون پيندس.
جميل: آءٌ هن جون هڏيون جلائي خاڪ ڪندس.
شمشاد:آءٌ هن جي خاڪ کي پنهنجن ٺوڪرن سان
اُڏائيندس، ۽ گوشت ڳجهن جي حوالي ڪندس.
ٽمبڪٽو (علحده): شايد انصاف اوهان جي گهر ۾ پيدا
ٿيو؛ انصاف اوهان جي ڪنهن بزرگوار (پيءُ ڏاڏي) جو
نالو هو.
شمشاد: خوب، اي مرغوب، ڀلا هينئر خدا حافظ!
جميل: خدا حافظ!
(ايگزٽ) |