ناشر طرفان ٻه لفظ
ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقاءَ جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ
تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب برزبان ياد به ڪرايا
ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ
طريقو آهي- پر ڪتاب مذهبي هجن يا خالص علمي ۽
ادبي؛ هڪ دفعو جيڪڏهن ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا،
جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي
پوي، ته چئبو ته اُهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي
سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.
زنده ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان
فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن- سندن ادبي شاهڪارن جا
نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان نهايت آب تاب سان
هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن.
افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي
ادارن، اڄ تائين ان طرف ايترو ڌيان نه پئي ڏنو
آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو: نتيجو هي نڪتو آهي،
جو اڄ سَون اهڙن بي مثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي
سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا
اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي
ٻوليءَ ۾ ڪڏهن لکيا ئي ڪونه ويا هئا-
ظاهر آهي ته پنهنجي ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهريءَ ۽ اُن کان
ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه
ڪڏهن معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري اُن جي
ڪڏهن ڪا مناسب پورائي ئي اسان کان ٿي سگهندي.
پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين
هٿن جي وٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه
وڃائيندا ئي رهنداسين ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي
باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي
ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد
پنهنجي سامهون هيءَ، رکيو آهي، ته ٻوليءَ جا پراڻا
ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن
عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته
جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت
باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾ بورڊ
طرفان اڻٽيهه ڪتاب: گُل شڪر، حيات النبي، سير
ڪوهستان، بلو کوکر، گُل ڦُل، جهان آرا، مون ورنيون
دليون، راسيلاس، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، هدايت
الاشا، گُل، ايسپ جون آکاڻيون، زينت، سڀا جو
سينگار، خود يا وري، دلارام، مقالات الحڪمت، تحفته
النسوان، شاهه ايليا، فيروز دل افروز، نيڪي بدي،
سچي محبت، گلن جي ٽوڪري، ٽي گهه، گليور جو سير ۽
سفر ٽئلسمن عرف غازي صلاح الدين، دلپسند قصا، باغ
۽ باغباني، ۽ حسنا دلدار، اڳي ئي ڇپجي پڌرا ٿي چڪا
آهن، ۽ هاڻي ساڳئي سلسلي جو هي ٽيهون ڪتاب خدمت ۾
پيش ٿي رهيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هن پنهنجي خاص اشاعتي پروگرام جو هڪ شبعو خاص
اهڙن معياري مگر ناياب ڪتابن جي از سر ذو طباعت ۽
اشاعت ۾ مصروف رکيو آهي.
نهايت خوشي جي ڳالهه آهي، ته انهيءَ پروگرام ماتحت ڇپيل ڪتابن
مان ڪن جا ته ٻيا ۽ ٽيان ايڊيشن به بورڊ کي سال ٻن
جي عرصي ۾ وري وري شايع ڪرڻا پيا آهن، جنهن مان
عوام طرفان بورد جي هن ڪوشش جي قدردانيءَ جو ثبوت
ملي ٿو.
مناسب سمجهجي ٿو، ته هتي بورڊ جي انهيءَ پروگرام جي سلسلي ۾ هڪ
خاص چيز جو ذڪر ڪجي: بورڊ اهي ناياب ڪتاب محض جيئن
جو تيئن ڇپائي ڪونه ٿيو پڌرا ڪري- بلڪ انهن کي
لائق اديبن هٿان نئين سر سڌاري، طباعت ۽ ڪتابي
اشاعت جي جديد تقاضائن موجب هتي الامڪان ٺاهي
سينگاري، پوءِ شايع ٿو ڪري- ايتريقدر، جو ڪتابن جي
هنن نون ڇاپن جي افاديت ۽ اهميت ئي خاص پنهنجي ٿيو
وڃي ٿي.
بورڊ جو هي پروگرام ڪافي وسيع آهي؛ ۽ ان ماتحت سردست اٽڪل ٻه
سئو قديم خواهه جديد- مگر ناياب ٿيل- ڪتاب شايع
ڪرڻا آهن. اُميد آهي ته سنڌي ادب جا بهي خواهه،
بورڊ جي هن ڪوشش کي همٿائيندا؛ ۽ هن نيڪ مقصد جي
تڪميل لاءِ بورڊ کي پنهنجي گرانقدر مشورن سان
هميشه نوازيندا رهندا.
حيدرآباد سنڌ محمد ابراهيم جويو
آگسٽ 1960ع سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ
باب پهريون
پردو پهريون
باغ
[1]تون
مالڪ جڳ، خالق، پرڀو تون آهين سرجڻهار،
تنهنجو آڌار، اي ڪرتار!
توتي نثار لک لک بار، ڪرم ڌرم رک تون شرم جڳ ۾ ستار،
وه واهه پياري گلزاري، قدرت جي گلڪاري، عجب اسرار
تنهنجا غفار!
ڀانيو ٿا هرچمن ۾، هر بن ۾، هر من ۾ تون آن پرڀو
پالڻهار!
رُت آئي چمن ۾ باد بهاري آ، واهه واهه، واهه وا،
واهه وا، واهه وا، واهه وا!
1. سونس، سنبل، گل لالان، چمن ۾ محفل سينگاري آ،
واه وا !
2. چمپا، چنبيلي، آ نرگس اڪيلي، آ گل گل گلڪاري آ،
واهه وا!
3. رنج و الم ويو ”آغا“ خوشيءِ جي هي تازي تياري آ،
واهه وا،
[2]گل
لالان چمن ۾ ٽيسو کليو دل ساري سکي ٿي بهار کي،
بن جاني-لاثاني ٻن ڏيان سکي آءٌ سينگار کي؛
بلبل ٻولي يار جاني، آئي بسنتي آ،
دل گهٻرائي، پيا بن ”آغا“ ساري سنيهو ڏيو يار کي!
مهلقا: اي زرينا، اڄ باغ ته ڏس ڪهڙو نه پر بهار آهي، هر نخل گل
۾ صنعت پروردگار آهي؛ هڪ طرف نرگس خبردار آهي.
ٻي طرف موتي جي هٻڪار آهي.
وهه واهه گهلي اڄ باغ ۾ باد بهار آ،
لالا ڪري ٿي لاڏ، کڙيو کٽڻهار آ؛
بلبل کي لات وات آ، رعنا جي رات ڏينهن،
هي صحن سڄو زعفران ڪيو زرنگار آ.
زرينا: خوشي کان عندليب خوشنوا ڪجهه ٿي چوي بانو، گلن کي گوش ۾
باد صبا ڪجهه ٿي چوي بانو.
مهلقا: اي ڪمبختو، ٻڌايو ته اڄ منهنجي حسن و جمال جو ڪهڙو خيال
آهي؟
زرينا: ساراهه تنهنجي حسن جي، انسان ڇا ڪندو!
نينن جي اڳيان جلوه غزالان ڇا ڪندو!
قد تنهنجي اڳيان، آهه سرو حيا ۾،
لب لعل اڳيان، لعل بد خشان ڇا ڪندو!
حسينا: توکي حسن خدا آ ڏنو، اهڙو ته دلربا:
لالا به آهي خجل اڳيان تنهنجي مهلقا!
گلنار: بلبل چمن ۾ روز شب، آ مست ثنا ۾،
شمشاد آهي شرم ۾ ۽ سرو حيا ۾.
گلزار: مهتاب اگر رخ اچي تو سان ملائيندو،
بانو يقين ڄاڻ ته اُهو منهن جي کائيندو!
مهلقا: اي گلزار وڃ مون لاءِ ڪو عشق پيچ جو گل
ڇني آءُ.
گلزار: حاضر بندي تيار آهه، رڳو حڪم جو انتظار آهه.
(انٽر شمشاد ۽ سندس ٽمبڪٽو غلام)
شمشاد: وه خوب خاصو خوشنما گلزار ٿو ڏسان،
گل کان سواءِ نه باغ ۾ ڪو خار ٿو ڏسان؛
بلبل جي عجب رقص ۽ رفتار ٿو ڏسان،
سنبل کي مثل ڪاڪل خمدار ٿو ڏسان.
آ، ها- سڀڪو پکي خدا جي ياد ۾ المست آهي،
وه واهه جو باغ جو بندوبسست آهي؛ مگر اي ٽمبڪٽو مهربان انسان جو
پتو نه نشان، نه مالهي نه دربان.
(نظر پوڻ مهلقا تي)
وهه واهه هي ڪير ڪا حور آهي، يا نار آهي يا پرين جي سردار آهي،
جواني جي نشي ۾ سرشار آهي- حسن جي دماغ کان مغرور
ٿي ڏسجي؛ البت عشق محبت ۾ چڪنا چور ٿي ڏسجي. اي
عزيز ٽمبڪٽو، منهنجي عقل جو دفتر اڄ ناس ٿيو، دل
کي وسواس ٿيو، عشق عقل تي غالب ٿيو، بلبل گل جو
طالب ٿيو.
بيت
يا الهي نور آ، يا ماه پاره يا پري،
آ حسينن يار ”آغا“ دل اسان جي ڪئي چري،
گفتگو ۾ گلبدن جي آ صحر ڪو سامري،
آ نگهه دلدار جي، تلوار خنجر يا ڇري.
ٽمبڪٽو: (الڳ ٿي) اچو سائين، اسان جو ميان آقا صاحب گهڙيءَ جو
گهڙيءَ ۾ ميان چبربٽو سرڪاري انڌو بن فصل اُلو جو
پٺو بنجي پيو.
(شمشاد) سان) جناب عالي، وه واهه اوهان جو خاندان پاندان- هڪ
ڇنولي کٽولي پراڻي واڻ تي؛ وڃايو شان مان- هي ته
اوهان جي سونهي امان جان اي مهربان.
شمشاد: چپ ره نابڪار!
ٽمبڪٽو: حاضر سرڪار!
شمشاد: شڪر آ، اک ته ملي ويئي خدا قادر آ، دل به ملي ويندي.
گلزار: (مهلقا سان) هي هي بانو، هتي هڪڙو مئو چڪلو، چٺڙو رسالي
جو گهوڙو، ڏنڊو مشٽنڊو، ڪٽو آلوءَ جو پٺو بيٺو
آهي!
[3]
تون ڪير ڪير ڪير ڪير؟
تون ڪير، بشر هت آئين ڪٿان آئين،
ڇا هي تنهنجو نام، ڇا هي تنهنجو نام؟
شمشاد: (انتره) بلبل بيمار هان، طالب ديدار هان؛ گلشن ۾ گل گل
بي خار هان!
سهيليون: تون ڪير ڪير ڪير……..
بيت
مهمان ڪري مون کي قضا آندو آ افسوس،
بلبل کي چمن ۾ رضا آندو آ افسوس!
ٽمبڪٽو: (سهيليءَ سان) اڙي او لنڪا جي لنگور بيشعور، تنهنجو
نالي سان ڇا ضرور، اهو آهي خلاف دستور، مهمان کي
بي عزت ڪرڻ آهي منصفي کان دور. او سيني زور، ڇا
سمجهو ٿي اسان کي چور، جو ڪرين ٿي شور.
زرينا: (تال طبله) اڙي ڀنگي بد افعال، تنهنجو آيو آ زوال؛ نڪر
ٻاهر بد خصال، ڇو آئين گلزار ۾.
حسينا: (تال طبله) چل چهڙا چمار، هتي کائيندين مار، تو ڦريا آهن
ٻار ڪي ڦورو بزار ۾.
ٽمبڪٽو: (تال طبله) واهه شيطان جي خالو، تنهنجي نخري ۾ مصالح،
تنهنجو هر هالو منهن ڪالو آهي ساري دربار ۾.
گلزار: (زباني) سر تي جناب جي ته دستار باري آ،
پر پيت ته مئي جو ڪتبخاني جي الماري آءِ.
گلزار: نه نه ڪا عورت پيٽ واري آ، يا ڪا جلندر جي بيماري آ.
ٽمبڪٽو: توبهه توبهه الله زاري آ، رڳو لعنت ۽ خواري آ. اي ميان
جناب عالي، اوهان چيو ته نه دربان نه مالهي آءِ؛
پر هتي ته نڪري آئي سئو سالي آ.
عشق نه شد-چٽي شد- عشق ڪيو اوهان موچڙا کائي ٽمبڪٽو؛ قلم ويهون
ٿيو گهر سان لاڳو، چور ڇٽي ويو ڀاڳيو قابو.
مهلقا: (شمشاد سان) اوهان جو نالو مبارڪ اي زيشان.
شمشاد: بلبل مستان-حسن پرست انسان.
مهلقا: مڪان.
شمشاد: ڪوه ۽ بيابان.
مهلقا: وه وه، ڇا صاحب تجمل آهيو، مگر ڪهڙي شاخ جا گل، ۽ ڪهڙي
باغ جا بلبل آهيو؟
شمشاد: نه صاحب تجمل، نه گل نه، صياد هان مون، صرف اوهان جي حسن
جي باغ جو بلبل ناشاد نالي شمشاد هان مون.
ٽمبڪٽو: (مخاطب، پبلڪ) نه باندر نه ڀولو نه هاٿي نه گهوڙو، نه
ڪرٽي نه گدرو نه عاقل نه پاگل-عجب طرح جو انسان
آهين تون! بس يارو اسان جي ته شعر شاعري جي جنگشن
اسٽيشن اچي ويئي.
(شمشاد سان) ليڪن ڪنهن ڏيکاريو اوهان کي هن انجمن جو رستو؟
شمشاد: ڪير ڏيکاري ٿو بلبل کي چمن جو رستو؟
مهلقا: اوهان جو زنانخاني ۾ اچڻ جو ڪهڙو ڪم؟
شمشاد: سڌ سرسبز سينگار جي حيران کان گهرجي پڇڻ ؛ ڪل ڪاڪل خمدار
جي مستان کان گهرجي پڇڻ!
مهلقا: مان نه بلبل هان نه مون کي گلستان جو هوس، مان نه يوسف
هان نه مون کي زندان جو هوس،
مان نه، مجنون هان نه مون کي بيابان جو هوس.
مان دل ۾ انهيءَ عشق جي تمنا نٿي رکان،
يوسف به اگر اچي ته پرواهه نٿي رکان.
شمشاد: جنهن چاهه ۾ پاڻي نه آ، سو خوف جوئي ڇا ٿيو،
بي فيض اگر يوسف ثاني ٿيو ته ڇا ٿيو.
جو بغير عشق جي انسان آهي، سو انسان ڇا بلڪ حيوان آهي.
زرينا: اي ميان مرد نيڪ نام، بنديءَ کي اهو هار ڪر انعام، ته ڪم
ٿئي تمام.
شمشاد: ڇا انجام؟
زرينا: انجام ڇا، سچو ڪلام.
ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) بيشڪ گهر جو ڌوٻي،
گهر جو حجام، شاباس اي نيڪ نام، نمڪ حرام، شاباس!
شمشاد: آ-ها-هار ڇا سر قربان آ.
ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) هان هان تنهنجي پيءُ جو ڪهڙو نقصان آ؛
ڏاڏي سائين جي فاتح حلوائي جو دڪان آ. بيشڪ لٽيو
اتي ته سڀ ڪجهه کرو، مگر ويچاري ٽمبڪٽو کي ڏيڻ مهل
سو ٽيئڙ ۽ ٻرو.
مهلقا: (شمشاد سان) هن حسن جو اڳي ڇو خريدار ڪونه هو؟
شمشاد: هن عشق جو اڳي پرين آزار ڪونه هو !
مهلقا: هن ناز جو جهان ۾ طلبگار ڪونه هو؟
شمشاد: هي سينڌ سرمون جان من سينگار ڪونه هو!
مهلقا: بلبل به اگر هوئي اڳي گلزار ڪونه هو؟
شمشاد: جي هو حڪيم ڪو، وري بيمار ڪونه هو!
(انٽر مشتري)
مشتري: اگر هتي ڪا گهر ڌياڻي آهي ته ان کي بندي جو سلام آهي.
زرينا: آخر ڪهڙو ڪلام آهي يا رڳو سلام آهي.
مشتري: هي عشق وارن جو پيغام آهي، يعني هي رومال بي مثال ۽ هي
هار مهلقا جي عاشق زار دلفگار، محرم راز ممتاز ڏنو
آهي، قبول ٿئي ناقبوليءَ سان دل ملول نه ٿئي.
ٽمبڪٽو: (مخاطب پبلڪ) اجهو، جناب مون ته اڳي ٿي چيو ته هڪڙا
خيال ۾، ٻيا پراڻي اسپتال ۾، (شمشاد سان) جناب
اعليٰ، هينئر اوهان خير سان وڃي ابابيلن وانگر هوا
سان پيٽ ڀريو يا جلد اپپل ڪريو نه ته ڪيس ڪمٽ ٿو
ٿئي.
مهلقا: قاصدا ڏي ڪا خبر اڄ دلربا دلدار جي؛
ڪر حقيقت جلد ڪا ممتاز محرم يار جي؛
درد ۾ دانهون ڪندي آغا گذاري رات آ؛
جلد جانا لهه خبر بهر خدا بيمار جي.
هاءِ، هن پنهنجي لعل جي رومال کي دل سان لڳايان، اکين ۾ وڇايان،
(روئندي) مون ته اصل کان پياري ممتاز تي حيران
آهيان، مٿس بلبل جيئن مستان آهيان.
*اي باد صبا، جلد چو دلدار ڪٿي آ،
پيغام آ جنهن يار جو، سو يار ڪٿي آ؟
هردم تون مون کي ياد آن، منهنجي به خبر ڪا،
غمخوار تو لڌي ته هي بيمار ڪٿي آ؟
قاصد سگهو قريب جي ڪر ڪا ته خبر تون،
مون کي ٻڌاءِ منهنجو وفادار ڪٿي آ؟
قاتل مون گهڻيءَ دير کان گردن آ جهڪائي،
مشتاق جي سا قتل جي تلوار ڪٿي آ؟
”آءٌ“ بغير بلبل باغ، سخن اندر،
اهڙن گلن جو ڪوئي خريدار ڪٿي آ؟
شمشاد: اها الاهي هي ڪهڙو راز فاش، شيشو پاش پاش ٿي پيو؛ ڇا اها
ڳالهه اوهان کي منظور آهي، شايد اهو ئي اوهان جو
دستور آهي. اول هو انجام، هينئر هي ڪلام. افسوس!
بيت
مزو ويو ملڪ مان يارو وفائي وئي هلي ساري،
محبت ناهه ماڻهن ۾ رهي ناهي وفاداري!
مهلقا: حسينن ۾ گر بيوفائي نه هجي ها،
برائي نه هجي ها ڀلائي نه هجي ها؛
دنيا ۾ اگر پارسائي نه هجي ها،
ته هرگز خدا جي خدائي نه هجي ها.
شمشاد: جنين کي درد دلبر جو انهن جي دل وٺڻ گهرجي؛
جنين سرساهه ڪيو صدقي انهن سان ڇا ڇنڻ گهرجي!
مهلقا: محبت ناهه جنهن معشوق کي مشتاق پنهنجي سان،
اُنهيءَ جو خيال اي نادان ته دل ۾ ڪو ڪرڻ گهرجي.
شمشاد: خدا جي واسطي هرگز نه ٿي دلدار پٿر دل،
جڏهن ”آغا“ ڪري آزي، تڏهن تو کي کلڻ گهرجي.
مهلقا: هي گفتگو بيڪار آهه!
شمشاد: انڪار ڇڏ؛
مهلقا: تڪرار ڇڏ؛
شمشاد: دل شاد ڪر؛
مهلقا: آزاد ڪر.
شمشاد: دلفگار آن،
مهلقا: تون بدڪار آن.
شمشاد: آءٌ پياري؛
مهلقا: ڇڏ مڪاري.
شمشاد: چيو مڃ کڻي،
مهلقا: ٻاهر وڃ کڻي.
شمشاد: ڇو فضول ڳالهين کي ڏين ٿي طول، منهنجو وصل ڪر قبول. جواب
ڏي، شتاب ڏي نه دل کي پيچ و تاب ڏي، نه رنج بي
حساب ڏي، نه مون کي اضطراب ڏي.
مهلقا: اهو ئي جواب آ- جو سڀ کان نيڪ جواب آءِ،
گرچه عشق جي هان ستائي، مگر معشوق هان پرائي.
شمشاد: عذر ۾ عذاب آءِ، جواب لاجواب آءِ؛ جو ڪجهه تنهنجو خيال
آءِ، سو خيال ئي محال آءِ.
شمشاد: محال ڇا ڪمال آءِ، ڪمال لازوال آءِ، واه، عجب بيوفا زن
آهين تون،
مهلقا: نهايت مرد بدچلن آهين تون.
شمشاد: اي پياري اگر مون سان واصل ٿيندينءَ ته منهنجي تمام دولت
توکي حاصل ٿيندي.
مهلقا: قارون کان زياده منهنجي خزاني ۾ مسال آهه،
هي تمام مڪان منهنجو زر و جواهر کان مالا مال آهه.
حال ڇا آخر ٿيو هن بد افعال جو،
عيش ڇا قارون ڏٺو پنهنجي مال جو.
شمشاد: ڀلا ٻڌاءِ ته فائدو ڇا اهڙي ناداني ۾،
مهلقا: پيش اچي ٿو اُهو جو ڪه نوشته آهي پيشانيءَ ۾،
شمشاد: طالب وصل هان يوسف مثل انڪار نه ڪر-
آهه زليخا جو قسم!
مڃ مجنون جو چيو، حجت و تڪرار نه ڪر، تو کي ليلا جو قسم!
شمشاد: هن دل کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ نه چڱو آه،
ڪنهن بيوفا سان عشق لڳائڻ نه چڱو آه.
مون سان رکين ٿي رنج ڪرين پيار ٻين کي،
هن ريت ڦٽيل دل کي ستائڻ نه چڱو آه.
هر وقت مون کي ڏس نه پياري تون رنج مان،
زخمي جگر کي يار ڏکائڻ نه چڱو آه.
اي دوستو هيئن لکجو سنگ لحد تي،
آه موت چڱو دل جو لڳائڻ نه چڱو آه.
ره آرمز سان اي ”آغا“ تون يار دنيا ۾:
هن عشق جو قصو ڪو ٻڌائڻ نه چڱو آه.
مهلقا: هن لعنتي تي قهر خدا يا شتاب ڪر،
يا آتش غضب کان جلائي ڪباب ڪر.
ناپاڪ ڇُهه نه دامن عصمت کي تون وري،
ظالم ذرا تون دل ۾ خدا جو حجاب ڪر.
ممتاز دلنواز جي هان باغ جي بلبل،
مادر هان تنهنجي مون کي نه ظالم خراب ڪر.
مولا اچي بچاءِ تون ظالم جي ظلم کان،
مشڪل ۾ مدد بهر خدا بوتراب ڪر.
مهلقا: (زباني) اي لعنتي مردود عزت کان بيزار، ذلت جا خريدار!
ڇا آءٌ پنهنجي پياري ممتاز دلنواز سان بيوفائي
ڪندس ۽ توسان قسمت آزمائي ڪندس؟ نه نه، هرگز نه!
شمشاد: ڇا، ممتاز بد ذات منهنجو رقيب. اُف! غضب، پڪ ڄاڻ ته اهڙي
دشمن جي منهنجي دست کان هنيئر رهائي نه ٿيندي.
مهلقا: جو ڏيندو اذيت ته پائيندو ذلت،
برائي ۾ هرگز ڀلائي نه ٿيندي!
شمشاد: صياد عنادل کي جو آزار ڏي ٿو،
مون کي به لاءِ گل جي ڪنهن خار ڏي ٿو.
هن روسيه رقيب تي خنجر وهائيندس،
خوراڪ کائيندس جڏهن دشمن کپائيندس.
(ايگزٽ)
گانو: مهلقا، طرز: ”دن آيا بهار ڪا“.
گانو مهلقا، طرز: ”جيا ترسي بد ريا برسي
سکي“.
گانو سهيليون طرز:”تو لا لا لا لا تو ڀر جام
ڀلا.“
|