سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:دنيا دورنگي

صفحو :10

پردو چوٿون

قبرستان

انٽر ممتاز

زباني

ممتاز: زنده در گور همين ڪر گئي مرني والي،

ڪيسي خاموش هو دنيا سي گذرني والي.

هاءِ، هي انڌيري رات! هي خوفناڪ سين، نه ڪوئي مونس نه غمخوار آهي، دشت غربت ۾ تنهائي، گلي جو هار آهي.

جي يار نه آ ساقي، پيمانو آ ته ڇا،

معمور شرابين سان مئي خانو آ ته ڇا!

هيءَ اُها قبر آهي، جنهن ۾ منهنجي پياري مهلقا جو نازڪ بند دفنيل آهي، هي اُهي پٿر آهن، جن ۾ منهنجي معشوقه جو مقدس روح ڇپيل آهي.

هاءِ محبت، محبت تون اُها ناشگفته مکڙي آهين، جنهن جي آرزو ۾ هزارين بلبلين جا سر صياد جي ڪم آيا.

هاءَ مهلقا! مهلقا، تون هينئر ڪٿ هوندينءءِ، جنت جي ڪنهن محل ۾ آرامي هوندينءَ!

صبا چئجانءَ جي منهنجي ملين وڇڙيل وري دل سان، ته تنهنجي آرزوءَ ۾ زندگي ڪاٽيان ٿو مشڪل سان!

گانو – ممتاز:

[1]ٿو چوي اڄ آسمان، هي سڀ زمان ڪجهه ڀي نه آ،

تلف گردش ۾ ڪيان سارو جهان، ڪجهه ڀي نه آ.

جنهن جڳهه هو جنم جو جلسو، ۽ محل نوشيروان.

چند قبرن کان سواءِ، اُت ٻيو نشان ڪجهه ڀي نه آ.

ٿي ڏڪيا جن جي نقارن سان زمين و آسمان،

چپ پيا هن قبر ۾ اڄ، هون ۽ هان، ڪجهه ڀي نه آ.

جن جي محلن ۾ هزارين رنگ جا فانوس ها،

قبر ڪاري ۾ پيا هن، چون ۽ چان، ڪجهه ڀي نه آ.

جن جي سر تي تاج شاهي،ها ڪڏهن سايه فگن،

انت ”آغا“ ٿيا فنا بعد ازان، ڪجهه ڀي نه آ.

ممتاز: آ شور فلڪ تي منهنجي هن ذوح گريءَ جو،

هن سنگدل تي اثر ناهي، سو ز جگريءَ جو؛

هي حال آ  يارو ڏسو هن بيخبريءَ جو،

والله، هي هنگامو آهي بي صبريءَ جو،

اي نالئه دل، وقت ناهي بي اثريءَ جو.

هاءِ سخت صدمو آ فراق-يار جو،

آ خدا حافظ دل-بيمار جو؛

ٻيا سڀئي ارمان پورا ٿيا مگر،

آرزو آ يار جي ديدار جو.

 (قبرن مان روح ظاهر ٿيڻ)

روح: هاءِ پيارا ممتاز، هي ڇا حال آهي، ڪهڙو ملال آهي؟ مرڻ وارن جي غم ۾ روئڻ، انهن جي ماتم ۾ جان کوئڻ، هي خيال خيام آهي؛ هن آه و زاريءَ ۽ اشڪباريءَ کان مسافران-عدم موٽي ڪين ٿا اچن، ان ڪري انسان کي لازم آهي ته، حق جي رضا تي راضي رهي، ۽ صبر اختيار ڪري!

ممتاز: الله، هي ته مهلقا جو آواز! عجب سربسته راز آهي! يا خدا، مون کي بچاءِ؛ اي خيالي تصوير مون کي نه ڏڪاءِ!

روح: افسوس، اهڙي بي وفائي! هينئر منهنجي آواز کان به خوف معلوم ٿئي ٿو-ذرا مٿي خيال ڪر.

ممتاز( مٿي ڏسڻ): ڪير، مهلقا! هاءِ اُف!

روح: روح جنت ماه هليو هڪ آه ساعت واسطي،

آئي هان هت تنهنجي صورت جي زيارت واسطي!

ممتاز: بعد مردن ڀي خيال-رخ، قاتل آ اُهو،

جنهن  کان مون اکڙيون چرايون ٿي مقابل، آ اُهو.

اي منهنجي معشوقه جا مقدس روح، تنهنجن هنن ڳالهين کان منهنجي طبيعت گهٻرائي ٿي-هن عاشق ناشاد کي پنهنجي آغوش ۾ جاءِ ڏي.

روح: پيارا ممتاز صبر کان ڪم وٺ، جو تقدير ۾ لکيل هو، ان جو ٿيڻ ضرور هو. هينئر تون صبر جو پٿر دل تي رک، خدا کي ائين منظور هو-صبر، صبر، اي عاشق صادق صبر!

ممتاز: صبر ڪيان مگر ڪهڙيءَ اميد تي؟ ڪائي اميد بر نٿي اچي؛ ڪائي صورت نظر نٿي اچي.

جيءُ جائي اس دواسي، جس دم ۾ دم نهين.

بوسه تيرا، علاج- مسيحا سي ڪم نهين.

روح: چرخ، اُف ظلم وس تم جو هاءِ ماريو تير آ،

سر جليو، سينو ڦٽيو، ۽ دل صفا نخچير آ؛

لوح دل تي دست قدرت هيءَ ڪئي تحرير آ؛

خاڪ جو پتلو بڻيو، ۽ خاڪ جي تصوير آ،

خاڪ ۾ ويندو ملي، ۽ خاڪ دامنگير آ.

پيارا تون روئين ٿو! رو، رو، اگر تو کي منهنجي قسمت تي روئڻ اچي ٿو، ته تون منهنجون اکيون وٺ ۽ صبر ڪر.

ممتاز: منهنجي هستي جيستائين بستيءَ ۾ آهي، پنهنجي عمر جي هر هڪ گهنٽي کي تنهنجيءَ ياد ۾ مبارڪ بنائيندس؛ منهنجو روح جيستائين جسم ۾ آهي، پنهنجن رڳن جي تارن تي تنهنجو گيت ڳائيندس، ۽ جڏهن ظالم خنجر منهنجو گلو چاڪ ڪندو، تڏهن منهنجي خون جون ڌارائون به تنهنجن قدمن جي طرف وهي، تنهنجي قدم بوسي ڪنديون.

روح: صبر، صبر، اي وفاداريءَ جا روشن منار صبر!اگر ساري عمر جي واسطي نه، ته ٿورڙي عرصي جي لاءِ صبر!

ممتاز: آه، هرگز نه! جنهن عاشق تنهنجي پگهر جي بوند به زمين تي ڪرڻ ڪين ڏني، سو هينئر تنهنجي خون ۾ زمين کي رنڱيل ڏسي، صبر ڪري سگهي ٿو؟ نه نه، ڪڏهن نه! تنهنجي هڪ لهو جي قطري جي عيوض آءٌ جهان کي قتل گاه بڻائيندس؛ تو جهڙي يا وفا معشوقه واسطي روز روشن کي سياه بڻائيندس.

روح: اگر هوا جو جهوٽو برف وانگر ڄمي وڃي،

نظام شمستي، ستارن جي رفتار ٿي وڃي؛ زمين پورب کان پڇيم جي طرف هلڻ لڳي؛ آفتاب ڏينهن جي بدلي رات جو چمڪي، مگر جنهن جو هن دارفانيءَ مان هيڪر ڪوچ ٿيو، ان جو وري واپس دنيا ۾ اچڻ خدا کي نامنظور ٿيو.

ان ڪري هينئر تون به غم دور ڪر-صبر، پيارا منظور ڪر!

ممتاز: ته ڇا آءٌ تو کان نااميد رهان!

روح: بيشڪ، مون کان نااميد رهه؛ ليڪن خدا کان نااميد نه رهه.

ممتاز: نه نه، منهنجي جان منهنجي دل جا ارمان، ائين نه فرماءِ! مون کي پنهنجي آغوش ۾ سلاءِ؛ مون کان منهن نه موڙ، منهنجي شيشهء دل کي سنگ-مفارقت سان نه موڙ.

روح: پيارا، تون ائين سمجهه ته مهلقا منهنجي مٿان صدقي ٿي، نثار ٿي؛ سندس وفا آشڪار ٿي؛ گرچه تيغ تن تي وهي، ته به تو کان نه بيزار ٿئي. بس، هينئر آخري سلام اي وفا جا پتلا آخري سلام!

نه پائيندين مرض غم جي دوا، منهنجي بعد،

ياد ايندي تو کي، منهنجي وفا، منهنجي بعد.

(ايگزٽ)

(ممتاز جو قبر جي طرف ڊوڙڻ)

ممتاز: يا الاهي، هيءُ منهنجن اکين کي ڪهڙو هيبتناڪ نظارو ڏيکارئي! افسوس، اي دنيا جي هستي ناپائيدار، تنهنجي رفاقت جو ڪهڙو اعتبار! اي موت، مون کي قيد هستيءَ کان آزاد ڪر، جلد پياري مهلقا جي پهلوءَ ۾ سمهار؛ منهنجي روح کي شاد ڪر!

اي فرشتو ٻڌو، اي زمين، اي دنيا، اي فلڪ، شهادت جا گواه رهجو! فرض ايمان حق عاشقي مون کان اڄ ادا ٿيو.

(ممتاز جو تمنچي سان پاڻ مارڻ، عاشق معشوق جي روحن جو ظاهر ٿيڻ، ۽ هوا ۾ اڏامي وڃڻ.)

 

 

پردو پنجون

مڪان ٽمبڪٽو

(ٽمبڪٽو جو ڇڪون ڏيندو اچڻ)

ٽمبڪٽو: آ، ڇين-آ، ڇين-آ، ڇين. الاهي خير ڪر، هي ڇڪون آهن يا بندوقن جا فائر، يا ترڪن جي لڙائيءَ جون توبون.

صبح جو هن ڪمبخت مموءَ کي ڪڪڙ جي آنن واسطي پئسا ڏنا اٿم، مگر هن مهل تائين پتو ندارد. بک کان ساهه سوتلي جي سڳي وانگر سنهو ٿي ويو آهي، او گرائي جي عيوض ٽٽ جو ٽهڪو ٿو پوي.

(ممو آڱرين تي حساب ڪندو ٿو اچي).

ممو: هڪ، ٻه، چار، ست سورنهن، ٻارهن، ويهه، ڏيڍ، اڍائي، ساڍا ٽي، سي ٿيا ساڍا سورنهن.

ٽمبڪٽو: ڪيئن ڙي سورنهن-جا ٻچا بيضا آندءِ؟

ممون:  جناب، هت بيضا وري ڪٿان آيا، هت ته حساب ئي شش پنج ٿي پيو آهي، ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي.

ٽمبڪٽو: اڙي ڪمبخت؛ ڪهڙو وڏو حساب هو جو سمجهه ۾ نٿو اچي! مان جو ايترو وقت لنگهڻ رهيس، سو آيو ويو، بيهه ته تنهنجي اهڙي تهڙي..........

ممون: اي جناب عالي، اوهان جي حساب مون کي ذري گهٽ گهنچڪر بڻائي ڇڏيو آهي؛ والله کوڙو ئي نٿو لڳي- چڱو ڀلا اوهان ڪيترن آنن جو آرڊر ڏنو هو؟

ٽمبڪٽو: چار.

ممون (علحده): تنهنجو نڪري آچار.

ٽمبڪٽو (ٿڦڙ هڻڻ): هينٺ، تنهنجي ماسي مري!

ممون: ڀلا ٻڌايو ته درجن ۾ ڪيترا بيضا ٿيا؟

ٽمبڪٽو: گهٽ ۾ گهٽ ويهه.

ممون: واه، هي ڪهڙي ڪاليج مان حساب سکي آيا آهيو! انهيءَ حساب سان ته واڻيان ڄٽن جي ستيا ناس ڪندا آهن. حضور، درجن ويهن جو ڪين ٿيندو آهي.

ٽمبڪٽو: تڏهن ڪيترن جو!

ممون: جناب، درجن ۾ 12 بيضا ٿيندا آهن.

ٽمبڪٽو: هان هان، ڳالهه ساڳي آهي، تنهنجو ڪنتري درجن جو حساب هو، منهنجو ولائتي درجن جو-چڱو، ڀلا ٻارهن ئي سهي!

ممون: چڱو، ٻڌو، درجن جا ٻارهن ۽ پيسي جا مليا اٺارهن؛ اٺارهن کي ٻارهن ۾ وجهو، ۽ ٻارهن مان ڪڍو، ته ڪيترا ٿيا؟

ٽمبڪٽو: اڙي اُلو، گهنچڪر، هي ڪهڙي بڪوات لاتي اٿئي. سڌو ٿي، آڌئي جو حساب ڏي.

ممون: آڌيءَ سارو حساب ته مون اوهان جي روبرو فيصل ڪري ڇڏيو.

(ٽمبڪٽو جو مارڻ، ۽ مموءَ جو ٽمبڪٽي کي ڪيرائي ڀڄي وڃڻ.)

(انٽر دلال)

دلال: جناب تسليمات عرض!

ٽمبڪٽو: آداب عرض.

دلال: جناب اوهان جو نام مبارڪ؟

ٽمبڪٽو: اولڊ فيشن جو نالو ٻڌايانءِ، يا نيوفيشن جو.

دلال: ڇا، نالا به پراڻي ۽ نئين فيشن جا يٿندا آهن ڇا!

ٽمبڪٽو: هان هان، فيشن-فيشن، سوٽ فيشن، بوٽ فيشن، کانو فيشن، گانو فيشن، ليڊي فيشن، لينڊو فيشن-مطلب جتي ڏس اُتي فيشن ئي فيشن. اڄ ڪلهه حسينن جو ناز نخرو به نئين فيشن جو ٿي پيو آهي.

دلال: ڀلا نئين فيشن جو نالو اوڳاريو.

ٽمبڪٽو: مسٽر ٽمبڪٽو سن آف ناسپاٽي اسڪائر، ۽ اوهان ڪهڙي جهنگل جي بلا آهيو؟

دلال: ڇا اوهان مون جهڙي مشهور معروف ماڻهوءَ کي ڪين ٿا سڃاتو! منهنجو والد ته وڏي شان مان وارو آدمي هو-اوهان ڪونه ڏٺو هو؟

ٽمبڪٽو: ڇو نه، گهڻا دفعا، هر روز هو اسان جي محلي ۾ مڇي وڪڻڻ ايندو هو.

دلال: اڙي چپ ره، اُهو ڪو ٻيو اُلو هوندو.

ٽمبڪٽو: اُلو هجي يا گڏهه، شڪل ته تنهنجي پيءُ جهڙي هيس.دلال: خير، انهيءَ ذڪر کي دفع ڪيو. خبر ڏيو ته اوهان شاديءَ جي لاءِ ”آفتاب سنڏ“ اخبار ۾ ڪو اشتهار ڏنو هو؟

ٽمبڪٽو: جي هان، اڄڪلهه سياري جي ڏينهن ۾ مون کي زال جي سخت ضرورت آهي.

دلال: چڱو ته ٻڌو، منهنجي آفيس ۾ جيترين عورتن جي لسٽ موجود آهي، اُهي پيش ڪيان ٿو: فلاڻي شهر جي پرئي مڙس کي ست ڌيئرون آهن، مگر وڏو آدمي آهي ڏئي يا نه، آءٌ نٿو چئي سگهان.

ٽمبڪٽو: اڙي ديوان، ڏيندو ڇو نه. ذات ۽ اشرافت اڳلي زماني ۾ ڏسندا هئا، اڄڪلهه ته فقط پيسي کي ڏسن ٿا. جتي آهين پيساچار، اتي ڪمينا ٿين ٿا-ڌيُون ڏيڻ لاءِ تيار.

دلال: مگر انهيءَ پرئي مڙس جون چار ڌيئرون ته صفا چٽ انڌيون آهن: هڪ ٽنڊي آهي، هڪ گنجي آهي ۽ جيڪا سڀ کان ننڍي آهي، اها سو اوهان جي لائق آهي، ليڪن کٻي اک سو ذرا چلهه اَٿس-انهيءَ ۾ ڪهڙو هرج آهي!

ٽمبڪٽو: اڙي تو مون کي ڪو ڪاڻو ڪوجهو سمجهيو آهي ڇا، جو ڪاڻي زال ٿو پرڻائين!

دلال: چڱو، تڏهن ماشاالله، مامي جي سالي هو ڀيڻيويو ڏٺو اٿئي؟

ٽمبڪٽو: هائو هائو، پڻس اسان جي گهوڙن جو سئيس هو.

دلال: ان جي همشيره حسين ۽ نهايت نيڪ عورت آهي. مزو ته اهو آهي جو هڪ گلاب جي گل جهڙو ٻچو به ساڻ اٿس.

ٽمبڪٽو: اڙي تون ته ڪو ٿرڊ ڪلاس احمق ٿو ڏسجين. اسان جهڙن شريفن ۽ جنٽلمين کي سيڪنڊ هئنڊ (واپرايل) مال ٿو وٺي ڏين. شينهن به ڪڏهن لونبڙين جي اوبر کاڌي آهي؟

دلال: تڏهن ڀلا اوهان کي ڪهڙي قسم جي زال جي تلاش آهي؟

ٽمبڪٽو: ڏس يار، نيڪ هجي، شريف هجي، حسين هجي، هوشيار هجي، وفادار هجي، چنچل هجي، بلڪ فيشن ايبل هجي.

دلال: اهڙي ته هڪڙي هاٿي در جي نزديڪ، هڪ ضعيف ٻڍي؛ سٺ ورهين جي ڪنواري ڇوڪري رهندي آهي.

ٽمبڪٽو: اڙي مون کي زال جي ضرورت آهي يا ماءُ جي!

دلال: هي به نه، هو به نه، تڏهن اوهان کي زال ملڻ مشڪل آهي.

ٽمبڪٽو: اڙي ملندي ڇو نه، هي ته اسان جي مهرباني آهي جو اسان زالن جي تلاش ٿا ڪيون، نه ته هن مهانگي زماني ۾ مرد ملن ڪٿي ٿا.

دلال: ڀلا عمر جي ڪيتري هجي؟

ٽمبڪٽو: بس 12 ورهين جي ڪافي آهي.

دلال: اگر سورهن ورهين جي نه هجي، ته اٺن اٺن ورهين جون ٻه هجن؟

ٽمبڪٽو: ڇا آءٌ انهن کي ڌيئر ڪري پاليندس ڇا-ٻن جوئن جو ور، تنهنجو قبر ۾ گهر. مهربان مون کي ڏاڙهي پٽائڻي ڪين آهي.

دلال: چڱو ٻيون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون هجنس؟

ٽمبڪٽو: ٻڌ، نه اهڙي بدصورت هجي جو ڏسڻ سان اُلٽي اچي؛ نه اهڙي خوبصورت هجي جو سارو شهر منهنجي گهر زيارت واسطي اچي؛ نه اهڙي ڏٻري هجي جو زور ڏيڻ سان ساهه نڪري وڃيس؛ نه اهڙي موٽي مشٽنڊي هجي جو ريل جي ڦاٽڪ ۾ به نه سمائجي: يا چار چار کٽولا هر روز ڀڃي؛ نه ايتري ڇوٽي هجي، جو جوءِ جي بدران ڌيءَ نظر پئي اچي؛ نه ايتري ڊگهي هجي جو چمي وٺڻ وقت ڏاڪڻ جي ضرورت ٿئي، نه اهڙي ڪنجوس هجي جو سالن جا سال ٻار نه ڏئي، نه اهڙي فياض هجي جو هر سال درجن ٻچن جو ڏيئي گهر گونهه ڪري ڇڏي؛ نه اهڙي تندرست هجي جو ڏينهن ۾ ڏهه دفعا کائي مون کي ڏيوالو ڪڍائي، نه اهڙي بيمار هجي، جو ڊاڪٽرن جي بل ڀرائي ڀرائي، منهنجي ستياناس ڪرائي. مطلب ته ٿورڙيون ٿورڙيون خوبيون منجهس هجن.

دلال: ٺيڪ، اهڙي هڪڙي عورت مون کي سجهي ٿي. سڀاڻي شام جو مون سان لکيدر تي ملجانءِ، ته اتي اُن سان ملاقات ڪرائيندو سانءِ.

ٽمبڪٽو: ڏسجانءِ، مال عمدو هجي. آءٌ تو کي ڪميشن به ڊبل ڏيندس؛ متان نئين ٽم ٽم سمجهي، پراڻو ڇڪڙو نه گهلي اچين.

دلال: فڪر نه ڪيو، اوهان سڀاڻي ڏيڍ پاءُ روغن ۾، پاءٌ ڊامر ملائي، خوب پنهنجي منهن مبارڪ کي پالش مالش ڪري، لکيدر تي اچي، ٻليءَ واري ’ميائو‘ ڪجو.

ٽمبڪٽو: مگر ذرا سستو، ۽ سٺو ڪم ڪجانءِ.

دلال: چڱو سلام!

(دلال ايگزٽ)

ٽمبڪٽو: سلام، واه واه! ٻن چئن ڏينهن ۾ هڪ فيشن ايبل ولائتي ليڊيءَ جو خاوند سڏائيندس. هينئر ته سنگل کان ڊبل ٿي پياسون.

خدا حافظ (ايگزٽ)

 

پردو ڇهون

ڪورٽ

(چپراسي جو ميزون صاف ڪرڻ، ۽ گهڙيال جو آواز ڪرڻ.)

(انٽر، منشي وغيره)

(انٽر جج جو گهنٽي وڄائڻ ۽ پٽيوالي جو حاضر ٿيڻ.)

جج: جميل ۽ شمشاد حاضر ڪيو!

پٽيوالو: جميل پٽ پيءُ جو حاضر ٿئي!

شمشاد پٽ نامعلوم حاضر ٿئي!

(انٽر شمشاد ۽ جميل)

(منشيءَ جو ڪيس پڙهڻ)

جميل پنهنجي ڀيڻ جي خون جي اقراري آهي؛ جنهن سان شمشاد به مددگاري آهي. شمشاد پڪاري آهي ته جميل مٿس تلوار ڪڍي کيس خون ڪرڻ لاءِ هلان ڪئي؛ ليڪن هيٺين ماڻهن جي بروقت پهچڻ ڪري سندس حياتي بچي ويئي.

جج: انهن شاهدن جا نالا اظهار ڪر؟

منشي: هندو آچار راءِ پٽ پاپڙداس.

پٽيوالو: جندو آچارراءِ پٽ پاپڙداس حاضر ٿئي!

(انٽر هندو)

جج (اشارو ڪري): تون هن کي سڃاڻين ٿو؟

هندو:مالڪ، پڻس کي به ڄاڻان ٿو. اسان سان کنڌو رکندو هو، اڃا هجار کن رپين اسان جو قرج اٿن، کوٻلا ڏين ئي نٿا.

جج: توکي جيڪا شمشاد ۽ جميل جي جهيڙي بابت سڌ آهي، سا صاف صاف بيان ڪر؛ سچي ڳالهه ڪورٽ جي اڳيان عيان ڪر.

هندو: ٺيڪ کانود، اسان جو ڦرج(فرض) آهي سچي سچي ڳالهه ڪرڻ. حجور اڌ رات جو گهورا گهورا ٿي ويئي، کنري جو ڏسان ته هن ڦسيري (اشارو جميل) جي هٿ ۾ کنجر آهي. پوءِ ته مالڪ اهڙي لگدي کڻي ڪشيمانس، جو جڳهه ئي اُها، گروشون-پوءِ ته ڀائي پليس ۽ ٻيا گهڻا ئي کوٻلا ڦسيرا ليڙ پيا به اچي ويا. اڃا به ٺينگوءَ ماءُ جهلي پيئي، نه ته کفاکون ڪري ڇڏيانس ها.

جج: ٻيو شاهد حاضر ٿئي!

منشي: جهنبيو پٽ کپيو!

پٽيوالو: جهنبيو پٽ کپئي جو حاضر ٿئي!

(انٽر جهنبيو)

جج: اڙي چئو ته خدا کي حاضر ناظر سمجهان ٿو.

ڄٽ: اڙي چريا، ناظم خان ته اسان ٻروچن جي سردار جو نالو آهي؛ باقي حاضر خان کڻي خدا جو نالو هوندو.انهيءَ مڙس جي اڳي به ملڪن ۾ ريح ٻڌي اٿم، هر ڪو ٿو انهيءَ مڙس کان ڊڄي.

جج: ڀلا هيءُ قرآن مٿي تي کڻي ڪلمو پڙهه.

ڄٽ: اڙي سيٺ، هن ۾ ته خداسئون دير ئي ڪونهي،

هي ته ٻار به کڻي وڃي؛ باقي ڪلمو منهنجي بدران تون ئي پڙهه توتي اعتبار آهي.

جج: ڀلا تنهنجي عمر ڪيتري ٿيندي؟

ڄٽ: سهڻا سائين ٻه چار ورهيه ٿيندي.

جج: يو اسٽوپڊ فول!

ڄٽ: ادو، ڪاوڙ ٿو ڪرين ته ٻيا کڻي ٻه چار وڌاءِ، ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.

جج: احمق،اُلو!

ڄٽ: ڀلا جوان کڻي سئو ڪر، ٻه سو ڪر، تنهنجو ئي ڀت گهاٽو.

جج: شمشاد ۽ جميل جي جهيڙي بابت جيڪا توکي سڌ آهي، سا ڪورٽ جي اڳيان اظهارڪر؛ سچي سچي ڳالهه عالم آشڪار ڪر!

ڄٽ: سرڪار منهنجون رڍون ويٺيون هيون، جيئن سائينءَ جا منشي ويٺا آهن؛ منهنجو ڪتو ائين ويٺو هو، جيئن سائين ويٺو آهي. مان سائين جن جي ڀاڄائي (يعني پنهنجي زال) سان ستو پيو هوس، اڌ رات ٿي ته خون خون جو آواز آيو. مون کي سائينءَ جي ڀاڄائيءَ اُٿاريو، ڇا ڏسان ته هن شخص کي (اشارو جميل طرف)، تلوار هٿ ۾ آهي-هي ڳاڙها پٽڪا جهليو بيٺا اٿس، اهي حال احوال-جيءُ، ڏي پنهنجا حال احوال.

جج: اڙي ادب سان بيهه، مٿي نه ڏس!

ڄٽ: جيڪو سائين کي ڏسي، سو سوئر کي ڏسي.

جج: چپ رهه، ڊيم فول پاڳل،(منشي سان)، بس يا ٻيو به ڪو شاهد آهي.

منشي: حضور انور، باقي هڪڙو آهي-ٽپوس خان، پٽ خڙوس خان.

پٽيوالو: ٽبوس خان، پٽ خڙوس خان حاضر ٿئي!

جج: اڙي پٺاڻ توکي هن جهيڙي بابت جيڪاخبر آهي، سا بيان ڪر.

پٺاڻ: خو، هم تماري باپ ڪا نوڪر هون، هم نهين بتائيگا.

منشي: نادان، توکي ٻڌائڻو پوندو، نه ته توکي به مجرم ٺهرايو ويندو.

پٺاڻ: والله با الله مين خو مجرد نهين هون، همڪو ظالم ايڪ درجن عورت هي.

جج: اڇا، قسم کائو.

پٺاڻ: قسم ڪوئي برياني پلاءُ هي، يا ڪباب هي.خو، ڪيا بلا هي، ڪڌر هي، هم بيشڪ کائيگا، لائو، لائو ديوانا!

جج: ڊيم، پاڳل! پٽيوالا هن ديواني کي ڪورٽ مان ٻاهر ڪڍ.

پٺاڻ: او خو، تماري باپ ڪا گهر هي، هم نهين جائيگا.

(پٽيلوالي جو پٺاڻ کي ڌڪا ڏيئي ڪڍڻ)

جج: مون کي يقين آهي ته  هن وحشيانه قتل بعد، خود قاتل جي به اکين مان آنسو وهي آيا هوندا.

جميل: حضور انور، دنيا جي مٽي خود غرضيءَ ۽ لالچ جيپاڻيءَ سان ڳوهي ويئي آهي. جنهن ڪري تحقيق-

هن آتش، دوزخ ۾ گرفتار آهيان آءٌ،

اڄ سڀني سزائن جو سزا وار آهيان آءٌ؛

دنيا جي ساري پردي تي بدڪار آهيان آءٌ.

دنيا ۽ آخرت ۾، شرمسار آهيان آءٌ.

جج: جنهن صورت ۾ جميل پنهنجي ڀيڻ جي خون جو پاڻ اقرار ٿو ڪري، ۽ هر هڪ شاهد شمشاد تي جميل جي هلان جو اظهار ٿو ڪري، تنهن صورت ۾ قلم 302، انڊين پينل ڪوڊ، موجب کيس موت جي سزا ٿي ڏجي.

شمشاد: ۽ مون مظلوم-

جج: مظلوم جي لاءِ مسيحا، ۽ تنهنجي لاءِ موت.جيڪڏهن تون جميل کي پيسا ڏيکاري کيس لالچ جي گهر ۾ گرفتار نه ڪرين ها، ۽ سندس مددگار نه رهين ها، ته شايد هن معصوم مهلقا جو خون سندس ڀاءُ جي تلوار نوش نه ڪري ها، ۽ نڪي جميل ايترو جوش ڪري ها. تنهن ڪري قلم 302، 109، انڊين پينل ڪوڊ، هيٺ تنهنجو به سر سڀاڻي جميل سان گڏ بر سر- دار ٿيندو- سرڪار نامدار جو عدل عالم آشڪار ٿيندو!

جج ايگزٽ (پردو لهي ٿو)

 

پردو ستون

مڪان ٽمبڪٽو

(انٽر ٽمبڪٽو)

ٽمبڪٽو: فڪر، فڪر، فڪر، فڪر،-مطلب فڪر- اغيره فڪر- وغيره فڪر والله- باالله فڪر-ڀلا فڪر-مطلب فڪر-يعني جيترو فڪر مون کي آهي، اوترو جيڪڏهن ڪوئي شڪارپوري شاهوڪار ڪري ته مفلس بئنڪ جو حصيدار بڻجي وڃي؛ اگر ڪوئي ڪنتري ڊاڪٽر ڪري ته هفتي اندر گدوبندر جو جيل وسائي؛ اگر جناب آغا صاحب ڪري ته سندس هڪ نئون کيل تيار ٿي وڃي. مطلب ته هينئر سخت هلاڪ آهيان، ڪائي ٽوٽي ڦوٽي پراڻي سراڻي عورت به نٿي نصيب ٿئي. هن ڪمبخت دلال جو اڄ انجام هو، اُهو به هن وقت تائين پڌرو ڪين ٿيو.

(انٽر دلال)

دلال: سلام!

ٽمبڪٽو: سلام، جناب اوهان ته اڃا خدا جي فضل سان جيئرا آهيو، اسان ته فاتح به پڙهي ويٺا هئاسون!

دلال: جناب، اوهان هت ذرا ترسو ته مان انهيءَ عورت کي ڪوٺي اچان.

ٽمبڪٽو: مگر يار.

دلال: يار! ٽمبڪٽو: يار!

دلال: يار!

ٽمبڪٽو: يار، وارو ڪج، ڪو ڇنل ڇڪڙو گهلي نه اچج.

(دلال ايگزٽ)

(انٽر دلال ۽ نازبيگم)

گانو نازبيگم:

[2]مئي نوشي ذرا مون سان جاني ڪيو، جاني ڪيو لاثاني ڪيو.

سيج وڇايو، عيش منايو، ذرا رلمل شادياني ڪيو.

آءُ کلي لڳ يار پيارا، مٺا ”آغا“ سان ڪا مهرباني ڪيو.

زباني

نازبيگم: پيارا سائين، خوش آمدي!

ٽمبڪٽو: اڙي خدا خدا ڪر عورت، اسان خوشامدي ڪين آهيون، اسان سچي دل سان فدا آهيون.

(گانو ٽمبڪٽو)

ٽمبڪٽو: تون آن منهنجي جاني، تون آن منهنجي ناني. تون آن منهنجي امان جان، جان، جان، بي ايمان، بي مڪان، بي ڌيان!

هي پياريون پياريون باتيون، ساريون ساريون راتيون، ٻڌاءِ تون پياري مون کي جان.

زباني

ٽمبڪٽو: يار منهنجي گلي ۾ آواز اٽڪي پيو.

دلال: آواز اٽڪي پيو ته اول ڇونه جمال گهوٽي جو جلاب ورتئه.

ٽمبڪٽو: ڀلا پياري، سودي کان اڳ هڪ چمي ته بياني ۾ ڏي.

نازبيگم: نه نه، پيارا نڪارا نڪاح کان پوءِ.

ٽمبڪٽو:بظاهر آ نفرت بباطن آ چاهه،

عيان آه آه، و نهان، واه واه!

ٺيڪ ٺيڪ مان آهيان نوري، تون خاڪي؛ مون سان گلي لڳڻ ۾ توکي ٿيندي هلاڪي. جيڪڏهن پياري  تون منهنجي اصلوڪي صورت ڏسندينءَ، ته يقين آهي ته ضرور انڌي ٿي پوندينءَ، نه ته به ڪاڻي ضرور ٿيندينءَ.

نازبيگم: چڱو پيارا، منهجا شرط قبول اٿئي يا نه؟

ٽمبڪٽو: يار.

دلال: يار.

ٽمبڪٽو: يار.

دلال: يار!

ٽمبڪٽو: يار هي ته شايد موچڙن کائڻ واري قيل و قال آهي.

دلال: جناب، محبت جي خاطر ته ماڻهو جتين جا هار پائن ٿا. معشوقن جي هٿان پادر کائڻ، گويا گلن جا هار پائڻ آهن-چئي ڏي منظور.

ٽمبڪٽو: اڙي يار تڪليف ٿيندي.

دلال: چاهي سر جا وار اُڏاري وڃن، مگر تڪليف مطلق ڪين ٿيندي.

ٽمبڪٽو:لامائي منظور!

ناز: چڱو اوڪڙو ٿي ويهه، مان موچڙا هڻندي ٿي وڃان ۽ تون تعريف ڪندو وڃ.

ٽمبڪٽو: مگر پياري، ذرا آهستي آهستي ڪم لاهج.

منهنجي سر کي کٽيءَ جو ڦرهو يا صدقي جو ٻڪرو نه ڄاڻج.

(ناز بيگم جا پادر هڻڻ)

ناز: ايڪ، دو، تين.....

ٽمبڪٽو: يا رب العالمين! مائي اها تنهنجي ٽين پين اُڙدوءَ جي منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي، مهرباني ڪري سنڌيءَ ۾ ڳڻيندي وڃ.

ناز: هڪ، ٻه، ٽي، چار.........

ٽمبڪٽو: اڙي نڪري تنهنجو اَچار (اُٿي ٿو).

ناز: اُٿ نه ، سنڀال!

ٽمبڪٽو: بس، باقي کائيندو منهنجو دلال.

ناز: مئا تو وچ ۾ ڇو ڳالهايو، مان ڀلجي ويس. وري شروع کان پادر جهل.

ٽمبڪٽو: هل هل، هي هيترا موچڙا جو لڳا، سي ڪنهن جي کنڌي؟ مان ته وري ڪين کائيندس، ڪا ٽڪڻ مفت جي آهي ڇا؟

ناز: نٿو کائين ته مان هلي ٿي وڃان.

ٽمبڪٽو: چڱو کاوان ٿو مائي، کاوان ٿو!

ناز: هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج.................

ٽمبڪٽو: پياري، ياد رکج متان ڀلجي نه وڃين.

ناز: وري وچ ۾ ڇو ڳالهايئي-هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه....

ٽمبڪٽو اهڙي عورت ته خدا شل منهنجن دوستن کي به ڏئي. ڏسو ته ٻه چار سال حجامت کان ڇڏائي ڇڏيائين- ڪمبخت پادر ۽ سر ٻيئي بي غيرت آهن.

ناز: ماريا وري ٿو ڳالهائين.

ٽمبڪٽو: جيڪو مون کي ڏسي هسي، خدا ڪري اهو به اهڙي آفت ۾ ڦسي.

سئو موچڙن کان ڪوئي ڪم عالي نٿو ٿئي،

عزت اُهو خزانو آ، جو خالي نٿو ٿئي.

ناز: هڪ ، ٻه، ٽي، چار، پنج..........

ڪنيز: بانو، بانو! اوهان جو والد صاحب اچي ٿو.

ٽمبڪٽو: اڙي هن جو والد صاحب ڪو وڏو احمق.

اُلوءَ جو پنو آهي. ڪمبخت موچڙن مهل مري ويو هو، جو شاديءَ جي وقت وچ ۾ ڪڏي پيو. هي وري ڪباب ۾ هڏي ڪٿان آئي (دلال سان) جناب هينئر ڇا ڪرڻ گهرجي؟

دلال: هينئر ڪوئي شعر وير بڻائي، نازبيگم جي والد جي دل مسرور ڪر، نه ته ٻه ورهيه جيل، ۽ ٽن مهينن جي ڦاسي منظور ڪر، جو پرائي گهر ۾ گهڙيو آهين ٻچا!

ٽمبڪٽو: اڙي يار شير ته ڇڏ، مون ته ڪڏهن ٻڪري به نه بڻائي آهي.

دلال: ڀلا چڱو سڀ شاعر نظم ۾ تعمف ڪندا آهن، تون نٽر ۾ کڻي ڪر.

ٽمبڪٽو: مون کي ته اهو به ڪين اچي.

دلال: ڀلا، جيئن مان چوندو وڃان، تيئن تون به چوندو وڃج.

ٽمبڪٽو: چڱو شروع ڪر.

دلال: اي لک ڇتر جا شاه.

ٽمبڪٽو: اي لت ٿپڙ جا لائق شاه؛

دلال: اڙي ثپڙ نه ڇتر،

ٽمبڪٽو: اڙي ڇتر نه ٿپڙ،

دلال: اي جنگين جا سردار!

ٽمبڪٽو: اي ڀنگين جا سردار!

دلال: سلطان خاص و عام،

ٽمبڪٽو: سلطان جا خاص حجام،

دلال: اوهان جي گلي ۾ موتين جا هار!

ٽمبڪٽو: اوهان جي گلي ۾ موچڙن جا هار.

دلال: اڙي موچڙن جا نه، موتين جا،

ٽمبڪٽو: اڙي موتين جا نه موچڙن جا.

دلال: اوهان سڀ جا سرتاج،

ٽمبڪٽو: اوهان سڀ جا محتاج.

دلال: تمام زمانن جا شاهه،

ٽمبڪٽو: تمام زنانن جا شاهه.

دلال: زنانن جا نه زمانن جا،

ٽمبڪٽو: اڙي بيوقوف، زنانن جا ٺيڪ آهي، چئو، اڳتي چئو!

دلال: اڳتي ڇا چوان تنهنجو سر!

ٽمبڪٽو: اڳتي ڇا چوان تنهنجو سر!

دلال: چپ بڪ نه ڪر

ٽمبڪٽو: چپ بڪ نه ڪر.

دلال: هان، هي ڇا!

ٽمبڪٽو: ها، هي ڇا.

دلال: ڀلا تنهنجي ناني مري.

ٽمبڪٽو: ڀلا تنهنجي ناني مري!

دلال: قصيدو تمام، بابا قصيدو تمام.

ٽمبڪٽو: يار ڪيئن نازبيگم مون کي چاهي ٿي؟

دلال: جناب ناز ته توکي پنهنجي پيءُ ڪري ڏسي ٿي.

ٽمبڪٽو: ته دوست مان به کيس پنهنجي ماءُ کان به زياده پيار ٿو ڪيان.

ناز: پيارا سائين هينئر رفوچڪر ٿيو، وري ٻئي دفعي زيارت ڪرائجو، متان منهنجو والد نه اچي وڃي-ڪٿي قيامت نه مچي وڃي.

ٽمبڪٽو: تنهنجي پيءُ جي اهڙي تهڙي، نڪاح مون سان وجهندينءَ يا پيءُ سان-مال منهنجو يا پڻهي جو!

ناز: سيني اندر هجي ها جي منهنجي هزار دل،

هر هڪ ڪيان ها توتان مان پيارا نثار دل!

ٽمبڪٽو: جسم مان آهيان ۽ منهنجي جان آهين تون،

قبلئه مقصود، دين ايمان آهين تون.

مان ته پياري توکي پنهنجي دل جي مندر جي ديوي بڻائيندس، مگر هينئر ڪا نڪاح جي تدبير ٿئي ته اسان جي به البت توقير ٿئي.

ناز: واه واه، هي به هڪ نرالو سوال آ-عشق به ڪوئي اٽو يا دال آ، تڏهن تون به پيارا ايترو دماغ رکين ٿو.

ٽمبڪٽو: پياري، ڪٿي انڌو به گهر ۾ چراغ رکي ٿو؟

اي نازنين، جيڪي تنهنجي عشق جو دل ۾ دماغ رکن ٿا، سي ڪٿي مڪان ۾ پنهنجو چراغ رکن ٿا.

ٽمبڪٽو-نازبيگم

گانو

[3]تنهنجي جلوي آ جاني ڪئي دلڙي ديواني،

ڪيان صدقي مان توتان پياري، ساري جان!

تنهنجو نخروآ عاليٰ، تنهنجو جوڀن آ بالا،

ذرا نينن سان نينان ملايو، پياري جان!

آءُآءُ مهربان، ناحق نه ستايو جان،

سگهيو شربت وصلت پلايو، پياري جان!

ڪيو پيارا پيار، نڪري دل جو بخار،

ٿيان تو تان نثار پيارا، واه، واه، واه!

واه، واه، واه! واه، واه، واه!

(انٽر دلال ۽ قاضي)

قاضي جو نڪاح پڙهڻ

ڪاٺ جو ڪؤنرو ٺڪر جي منجي؛ کوٻلو گهوٽ ته ڪنوار گنجي-زال جو نالو نحس بيگم، مراد اسٽوپڊ فول ڪيئن مائي نڪاح قبول؟ حق مهر، هزارگوز، دماغ سوز نه ڏئي. ته زال هن جي ماءُ لڳي. ڪڍو رپيا پنج ڪلدار، نه ته ڪندو سانو ڪورٽن ۾ خوار. بس، پئجي ويو نڪاح، خدايا شل ٻيئي ائين رهن، جيئن ڀيڻ ۽ ڀاءُ. پڙهو فاتح- اکروٽ العلائڪ ڦيٽ ڀڙوڪ (لذين- آمين!

(ناز بيگم جي پيءُ جو ڀوت جي شڪل ۾ اچڻ)

ڀوت: بس خبردار!

ٽمبڪٽو:  بچاءِ پروردگار! اڙي بابا، تون ڪير آهين؟

ڀوت: مان رانوڻ راڪاس! تون ڪير آهين؟

ٽمبڪٽو: مان بڙم باڪاس.

ڀوت: چپ، تنهنجي ستياناس. ٻڌاءِ، هت ڇا ڪرڻ آيو هوئين؟

ٽمبڪٽو: موچڙا کائڻ آيو هوس، ٻيو ڇاڪاڻ آيو هوس.

ڀوت: تون ته ناز سان شادي ڪرڻ آيو هوئين!

ٽمبڪٽو: اڙي يار ڇو ٿو بنان مصالح جوٺ بڪين. ناز ته منهنجي ماءُ لڳي، بلڪ هن وقت ڏاڏي ڪوٺبس ته به فڪر ڪونهي. اهڙي ڪوڙي روغن سان ته تنهنجو منهن ڪارو ٿيو آهي.

ڀوت: ڀلا ست دفعا اُٿ ويهه ڪر، نه ته مان توکي ڪچو کائي ويندس.

ٽمبڪٽو: ڪچو کائين يا مصالح سان-حاضر، ڪيان ٿو، هڪ ٻه، ٽي (ترسي ٿو).

ڀوت: اڙي هي ڇا!

ٽمبڪٽو: ذرا ساهه ٿي پٽيم.

ڀوت: ساهه ٿي پٽيئي ته وري اول کان شروع ڪر.

ٽمبڪٽو: اڙي، هي به ڪو ناز جو سڳو سئوٽ ٿو ڏسجي،

چڱو بابا هڪ، ٻه، ٽي، چار (وڃي ٿو).

ڀوت: اڙي ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

ٽمبڪٽو: پائخاني ڏانهن ٿو وڃان، ٻيو ڪيڏانهن.

ڀوت: چڱو ڀلا، وٺ هي ڪاغذ اٿئي؛ لک ته ناز منهنجي ماءُ ٿئي

ٽمبڪٽو: ائين ته مان ڪڏهن نه لکندس.

ڀوت: نه لکندين، ته مان تو کي ڪچو کائيندس.

ٽمبڪٽو: اڙي يار ماءُ پنهنجي پٽ جي ٿئي، منهنجي وري ڪيئن ٿيندي.

ڀوت: ڪمبخت نٿو لکين!

ٽمبڪٽو: چڱو بابا، ناز تنهنجي ماءُ ٿئي.

ڀوت: اڙي منهنجي نه، تنهنجي.

ٽمبڪٽو: يار تنهنجي منهنجي ڳالهه مڙئي ساڳئي آهي.

ڀوت: نه نه، جيڪي مان فرمايان سو لک.

ٽمبڪٽو: چڱو لکان ٿو-ناز منهنجي ماءُ لڳي(لکي ٿو).

ڀوت: هينئر انجام ڪر ته وري هت ڪين ايندس.

ٽمبڪٽو: اڙي ٻيڙي ٻڏي هن چنڊال دلال جي، جنهن مون کي هت آندو؛ منهنجي ڏاڏي به وري هت اچڻ کان توبهه ڪئي.

ڀوت: چڱو، ڀلا هليو وڃ.

(ڀوت ايگزٽ)

(ٽمبڪٽو وڃي، وري اچي ٿو.)

ناز: منهنجي هن غمڪوي ۾ اوهان جو اچڻ مبارڪ.

ٽمبڪٽو: اوهان کي پادر هڻڻ مبارڪ، اسان کي کائڻ مبارڪ.

[4]گانو ٽمبڪٽو:

ٽمبڪٽو: وڃڻ اسان جو ياد رکجان!

ناز: پادر اسان جا ياد رکجان!

دلال: دلالي منهنجي ياد رکجان!

(ايگزٽ)

ٽمڪو: چپ بي سرا، وڃڻ اسان جو ياد رکجان!

 

 

 

 

 

پردو اٺون

ڦاسي

(جلاد ڦاسي تيار ٿو ڪري)

 

(انٽر ٽمبڪٽو)

ٽمبڪٽو: ڪلجگ نهين، ڪر جگ هي يهي، اب

دن ڪودي، اور رات لي، دنيا ڪو سودا

نقد هي، اس هاٿ دي، اس هاٿ لي.

شايد اڄ جميل رزيل ۽ شمشاد بدبنياد جي موت جي سامان جي تياري آهي، هن ڪمبخت جلاد کي به هنن جي انتظاري آهي.

جلاد: اڙي هي ڇا جي بڪ بڪ لاتي اٿي؟

ٽمبڪٽو: هي ڇا جي ٺڪ ٺڪ لاتي اٿي؟

جلاد: توکي خبر نه آهي ته مان ڪير آهيان؟

ٽمبڪٽو: شيطان جو ڏاڏو ها مان.

جلاد: او ديوانا، مان هڪ انساني جامي ۾ موت آهيان!

ٽمبڪٽو: امان امان، معاف ڪر ميان، مهربان!

(ٽمبڪٽو جو ڏڪڻ)

(انٽر فوجدار)

فوجدار: ميان منگرمان هٽو.

ٽمبڪٽو : اُو، هو، مان ته نٿو هٽان.

فوجدار: ٽمبڪٽو ٻڌين ٿو.

ٽمبڪٽو: مان ٻڌان ٿو، پر مسٽر ٽمبڪٽو نٿو ٻڌي.

فوجدار: ته ڀلا کڙو رهه.

ٽمبڪٽو: تون به اڙهيو رهه.

(انٽر، جميل ۽ شمشاد گرفتار ٿيل)

شمشاد: دورنگي زماني جو مشهور آ،

ڪٿي آهه سايو، ڪٿي نور آ،

جميل: دنيا آ دورنگي، مڪاري سراءِ،

ڪٿي خير خوبي، ڪٿي هاءِ هاءِ!

افسوس، هو آزادي جي راحت، ۽ هي قيد جي مصيبت هو مختياري جو عالم، ۽ هي محتاجي جو ماتم هو عيش خوشي جي بهار، اڄ هن حال تي ڦٽڪار، يقين هو ته قيامت ۾ خطا جي جزا ملي ٿي، پر نه نه، هن دنيا ۾ به بدڪاريءَ جي سزا ملي ٿي.

شمشاد: يا خدا ڪو تو بنا فراياد رس نه آ،

افسوس منهنجي حال تي، ڪنهن کي ترس نه.

ٽمبڪٽو: اڄ بدشعار ستم ڪيش، اهل ڪين نڪتا،

پليا ها گود ۾، پر مار آستين نڪتا.

جناب هي انقلاب زماني جو دستور آهي، بهار جي بعد خزان جو اچڻ ضرور آهي.

شمشاد: جوٺ بڪين ٿو سربسر.

ٽمبڪٽو: في النار و سقر-هلو هلو سنگل ڊائون آهي. لائين ڪلير وٺو.

جلاد: اي بدنصيب خوني، اوهان جي زندگيءَ جو پيمانو لبريز ٿي چڪو، يعني سرڪار نامدار مان ڦاسي جو حڪم ملي چڪو. هينئر ٻيو چار ڪونهي، اوهان کي بچائڻ وارو ڪونهي. جيڪڏهن پنهنجن ڪيلن گناهن جي معافي پنڻ جو خيال ڪيو؛ ته درگاهه رب ۾ سر نمائي، عجز سان سوال ڪيو.

(شمشاد گوڏن تي ويهي گانو ڳائي ٿو)

[5]گانو شمشاد:

شمشاد: کنيم بوج سر تي گناهن جو باري-الاهي

توبهه، الاهي توبهه!

وڃايو جو مون وقت پاپن ۾ سارو،

خطا جي سزا اڄ ملي ٿي هي يارو،

عذاب-قيامت دنيا ۾ خواري-الاهي توبهه، الاهي توبهه!

آ شيطان بي پير مون کي ڀلايو،

رکي نفس بد ساڻ ياري اجايو،

هي لعنت ملامت کنيم سر تي ساري- الاهي توبهه، الاهي توبهه!

جڏهن پيش ”آغا“ مان مولا جي ٿيندس،

روئي نياز سان پنهنجي خالق کي چوندس:

مان عاجز گنهگار، ڪر تون ستاري-الاهي توبهه الاهي توبهه!

زباني

شمشاد: ياالرحم الرحمين، پناه!امان! بخشش، بخشش!

هي طلسمي امتحان عجب غفلت ۽ عبرت سان معمور آهي، جنهن ظلم جي ڪوچي ۾ قدم رکيو، تنهن جلد ذلت جو مزو چکيو.

فرعون ظلم جو خنجر هلايو، روز الست جو اقرار ڀلايو.

هاءِ، مان عاصي گنهگار، حشر ۾ مولا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس!

جميل: يا خدا نازل بلائي آسماني ٿي وئي،

هر ڳلي ڪوچي اندر، منهنجي ڪهاني ٿي وئي؛

ڪجهه نه سامان آخرت جو تو ڪيو بخت سياه،

غم کان جان ناتوان، افسوس فاني ٿي وئي!

(ڦاسي تي چڙهڻ)

ٽمبڪٽو: آءِ عجب مون کي ته يارو هن بني انسان تي، فعل بد پنهنجا ڪري، لعنت ڪري شيطان تي.


[1] طرز: ”ڪهه رها هي آسمان“

[2] طرز: ”ذرا ڪهدو نسوريا ڪو آيا ڪرو“

[3] * طرز: ”تيري چل بل هي پياري ڪرو باتين نه مجسي“......................

[4] * طرز- ڇلا همارا ياد رکنا

[5] سر ٽوڙي، ”طرز: ڪٽي گناهون ۾ ساري عمر“.

ناشر طرفان پيش لفظ --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com