سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:دنيا دورنگي

صفحو :5

 

باب ٻيو

 

پردو پهريون

 

مڪان ٽمبڪٽو

(انٽر دلربا)

 

گانو دلربا:

[1]واه منهنجي ڇوٽي جوبن جي بهار؛

آءٌ ته آهيان رنگيلي رسيلي نار.

پر دل اُداس آ، نه پيسو پاس آ،

شوهر کان آهيان بيزار.

پنهنجي نازڪ بدن تان پنهنجي

ڇوٽي جوبن تان

انهيءَ مئي کي ڪريان نثار.

آءٌ بيزار، آءٌ بيزار ڪيان وار وار،

جڏهن نڪري هي دل جو بخار.

(ٽمبڪٽو جو ونگ ۾ لڪي ٻڌڻ)

 

زباني

دلربا: صورت گوري، نصيب ڪارو. اهڙي منحوس جي پالي پيس جو ڪمائڻ لاءِ چؤ ته ڪري ٿو حيلو حوالو، مري به نٿو مئو رزالو. سارو ڏينهن ويٺو چار پائي توڙي ٿو، مفت جون مانيون مروڙي ٿو. خير، ڪالهه جيڪو جوڳي صاحب منتر سيکاريو هو؛ اُهو ياد آهي، اڄ ضرور پڙهي هن مئي کي لنڪا جو لنگور بڻائينديس ۽ سارو ڏينهن هن کوٻلي کي سلام ڪرايئنديس۽ چونديس ”ڪيو ميان صاحب سلام. ڪيو ميان صاحب سلام.“

ٽمبڪٽو: بيبي صاحب سلام. بيبي صاحب سلام، نيڪ بيبي سلام. مگر ٻڌاءِ ته  اڃا ڪيتر يون دعائون ڪندينءَ، سڀ اڄ ختم ڪندينءَ يا ڪجهه سڀاڻ واسطي به ڊپازٽ رکندينءَ؟ هاڻي هي ڪهڙو آهي گڙ بڙ گهٽالو، ٻڌاءِ؟ منهنجي بابي جي خالو يا عاشقن جي ديڳڙي جو گرما گرم مصالو.

دلربا: ميان آءٌ چوان ٿي ، ڪٿي ٻئي هنڌ نوڪري ڇو نه ٿو ڪرين، ڇو ناحق بکن ۾ ٿو مرين. ٻڌو نه اٿئي ته ڪر مزوري، کاءُ چوري.

ٽمبڪٽو: ڇا، ٻي ڇوڪري ڪيان، ڀلا اُها ڪيترن ورهين جي آهي.

دربا: مئي ڇوڪري نه، نوڪري.

ٽمبڪٽو: واه خوب، نوڪري. ڇا ڪوئي منهنجي بابي جو نوڪر آهي، جو مون کي نوڪري ڏيندو. بيبي، اڳي نوڪري هئي، نوڪري، هينئر نوڪري آهي ٽوڪري! وڏي نوڪري ته وجهه جهنم ۾. هينئر اگر جتين صاف ڪرڻ جي نوڪري يا گهوڙي جي سئيسي کڻي گهر، ته چون ٿا بي.اي. ڪلاس يا ايم . اي جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪر.

دلربا: پوءِ آخر ڪهڙو خيال آهي؟

ٽمبڪٽو: مان ته بيبي اڄ ڪلهه هڪ حڪيم  صاحب کان ڪيميا سکي رهيو آهيان.

دلربا: ڪيميا وري ڪهڙي چيز آهي؟

ٽمبڪٽو: هي به هڪ دنيا ڪمائڻ جي تجويز آهي.

(گانو ٽمبڪٽو ۽ دلربا)

ٽمبڪٽو: تو تان وڃان آءٌ نثار ري-توکي ناهي شرم، ها.

ٽمبڪٽو: منهجي آ صورت،

دلربا: اُلو جي مورت.

ٽمبڪٽو: مان هان گلي گلزاري، تو کي ناهي شرم، ها

ٽمبڪٽو: آ ته هان اختر،

دلربا: مثل بندر.

ٽمبڪٽو: تنهنجي گلي جو هار ري-توکي ناهي شرم، ها.

(دلربا ايگزٽ)

ٽمبڪٽو: واه واه، ڇا گردش-روزگار آهي، شان پروردگار آهي، پهلو گل ۾ خار آهي، عورت تي ڪهڙو اعتبار آهي، جنهن جي بغل ۾ آهي، تنهن جي يار آهي.

زاغ جي چهنب ۾ انگور، خدا جي قدرت،

پهلوي حور  ۾ لنگور، خدا جي قدرت!

واه ڙي، واه. مون کي ڪهڙي نه نيڪ خيال بيبي ملي آهي، خدا ڪري شل اهڙي بيبي سڀ ڪنهن کي ملي.

آمين! ڀلا بيهه ته سهي تنهنجي اهڙي تهڙي، تنهنجو گرم حلوهه ٿو پچايان، جناب اعليٰ طبع جو تند آهيان، تمام هنرمند  آهيان، خام خرد مند آهيان، دنيا جي گولي جو  ڪوسو ڪمربند آهيان. مطلب ته ڪيترن قسمن جا هنر ڄاڻان ٿو: جعلي نوٽ به بڻايان ٿو، مگر هن ڪمبخت بدڪار عورت کان البت تنگ آهيان، مون هزارن کي وڏي گهر )(جيل) پڄايو، پر هي پوپٽ زادي مون کي به خدا جي گهر (قبرستان) پڄائي ٿي. خير انهيءَ جي تدبير ڪرڻ ضروري آهي، جان جي حفاظت خدا جي منظوري آهي.

(انٽر دلربا)

دلربا: مئا مشٽنڊا ڀنگ گهوٽڻ جا ڏنڊا، ڪجهه کائڻ لاءِ آڻين ٿو يا اتي بيٺو ميون جهرڪيون اڏائين ٿو. شايد تنهنجي اڄ وري موچڙن کائڻ تي مرضي ٿي آهي.

ٽمبڪٽو: اجهو وري به اهو ئي بيهودو جڳهڙو رڳڙو-هان، ڏس هي پنجن سون رپين جو نوٽ! هينئر بازار ۾ وڃان ٿو سڀڪجهه حاضر سرڪار ڪيان ٿو. دلجاءِ ڪر.

دلربا: ميان ذرا نوٽ مون کي به ته ڏيکار.

ٽمبڪٽو: بس پريان ڏس، هٿ نه لڳاءِ.

(دلربا نوٽ کسي)

دلربا: بس جائو ٺنڊي ٺنڊي هوا کائو، چلتي ڦرتي نظر آئو. واپس گهر نه اچو، چڪلن ۾ وڃي نچو، نچي نچي مچو، اوري ايندين ته کائينديسانءِ ڪچو.

ٽمبڪٽو: ڏس، مائي آءٌ  آهيان مرد سپاهي، تمام جلدي غصي ۾ اچڻ وارو. بهتر آهي ته پنهنجي روح جي ريل گاڏيءَ کي منهنجي طوفان غضب کان بچاءِ.

دلربا: ميان منهنجي به اندر جي انجڻ ۾ غصي جي اسٽيم تمام تيز ٿيندي ٿي وڃي.

ٽمبڪٽو: ڏسجانءِ، موت جي اسٽيشن تي تنهنجي گاڏي ٽڪرندي.

دلربا: ته ڇا تو خدا جي گنج جي ٽڪٽ ورتي آهي؟

ٽمبڪٽو: مون لائن ڪلير ڏنو آهي، هنيئر ڄاڻ تنهنجو ڪوچ ٿيو.

دلربا: هل هل، مئا مردود؛ شيطان جا ساٿي نمرود.

مئو ڪو گند جو گاڏو آهي، رستم آ، يا رستم جو ڏاڏو آهي.

ٽمبڪٽو: مون کي نٿي سڃاڻين، آءٌ ڪالي ديو جو سڳو ڀيڻيوو آهيان.

دلربا: ته آءٌ به لعل ديو جي ماٽيلي سس آهي.

ٽمبڪٽو: ته ڇا ڪشتي لڙندينءَ، ملهه وڙهندينءَ.

ڏس بيبي نوٽ واپس ڪر، نه ته موچڙن سان ڪوپريءَ مان ڪچونبر ڪڍندو سانءِ.

دلربا: اها ڳالهه آهي ته ڏس ڀلا، اڙي منهنجي قبل گاهه جا غصا جلد آءُ ، ته ڪڍان هن جي ڪوپري مان ڪارو واءُ.

دلربا: اڙي مئا چمار، پيءُ ته تنهنجو مري ويو آهي، پنهنجي ماءُ کي پڪار.

ٽمبڪٽو: شيطان جي ناني، نٿي ڇڏين بدزباني- پياري ڏس ڪنهن بلا ۾ ڦاسي ويندينءَ.

دلربا: مون کي ڦاسائڻ وارو پاڻ آفت ۾ ڦاسي ويندو.

ٽمبڪٽو: ڏس پياري، مڃي وڃ، پڇتائيندينءَ.

دلربا: منهنجي بلا پڇتائيندي. هينئر ته بندي خوب عيش اُڏائيندي.

ٽمبڪٽو: خدا خدا ڪري اڄ مس مس موقعو هٿ آيو، جا پاڻ کي منهنجي ڏاڏي سمجهندي هئي، تنهنجو به اڄ آءٌ پر ڏاڏو بڻجي ويس-بس هينئر ڪنهن کي نوٽ ڏيکاريائين ته پاڻ تي آفت نا گهاني اٿاريائين.

(دلربا ايگزٽ)

گانو ٽمبڪٽو:

[2] آءٌ خنجر زهري ڀالو هان، آءٌ  مرد صفا متوالو هان،

رڳڙي جهڳڙي جي هنڊي جو، آءٌ گرما گرم مصالو هان.

رمزن جي آءٌ ريل گاڏيءَ جو، انٽر ميجٽ گاڏو هان.

حرڪت، شرڪت، حڪمت ۾ آءٌ شيطان جو ڀي ڏاڏو هان.

او هان مون کي مار سمجهو، لچن جو سردار سمجهو،

دنيا جو آزار سمجهو، شيطان جو يار سمجهو.

(سپاهي دلربا کي گرفتار ڪري اچن ٿا)

فوجدار: ڪيئن او ملعون هي نوٽ جو ڪهڙو معاملو آهي؟

ٽمبڪٽو: هان حضور، منهنجو ڪوٽ ذرا شڪم شريف (حضرت پيٽ) جي ٿوڪجڻ کان ڦاٿي پيو آهي، ڪمبخت درزي به سبي نٿو ڏئي.

فوجدار: او بدمعاش، صاف جواب ڏي، هي نوٽ تنهنجو آهي يا نه؟

ٽمبڪٽو: فوجدار صاحب نوٽ ڪهڙي جهنگل جي جانور جو نالو آهي، مون کي اها اوهان جي پليسي گپڙ شپڙ سمجهه ۾ نه ٿي اچي.

فوجدار: هي عورت هڪ مصنوعي نوٽ بازار ۾ وڪڻڻ آئي، گرفتاريءَ بعد ظاهر ڪيائين ته ٽمبڪٽو منهنجو خاوند آهي جنهن مون کي هي نوٽ ڏنو آهي.

ٽمبڪٽو: اڙي توبهه توبهه ڪيو، هي ته منهنجي سڳي ناني آهي، اها هن جي صاف بي ايماني آهي، توبهه، توبهه، الله توبهه!

دلربا: منهنجا ميان، ڇا هي نوٽ تو مون کي ڪين ڏنو هيو.

ٽمبڪٽو: اڙي گلي پڙو عورت، توبهه ڪر، عقل ڪر!

آءٌ ته توکي ڄاڻا به ڪين سڃاڻا به ڪين.

(علحدو) ڪيئن يارو-خوب لڳو وارو.

دلربا: هَي هَي، ڇا تون منهنجي خاوند ٿيڻ ۾ به انڪار ڪرين ٿو.

ٽمبڪٽو: آءٌ ته توکي پنهنجي ماءُ جي برابر سمجهان ٿو، متان مائي ڀلي هجين، غور سان ڏس، غور سان ڏس.

(علحدو) ڪيئن يارو اهڙي بدڪار لاءِ اها سزا ڪافي آهي يا نه.

دلربا: منهنجا پيارا ميان، منهنجو قصور معاف ڪر،

دل صاف ڪر. مون توبهه ڪئي؛ مون کي ته تون چاهيندو هئين، جان کان زياده.

ٽمبڪٽو: مگر ڪوئي نه آهي، ايمان کان زياده.

دلربا: واه تنهنجو عشق و محبت جاني بيوفا.

ٽمبڪٽو: هاءِ تنهنجي لن تراني، بي ايماني بيوفا،

دلربا: مون کي تنهنجي اُلفت جو هينئر به اقرار آهي.

ٽمبڪٽو: ليڪن مون کي صاف صاف انڪار آهي.

دلربا: هاءِ، او بيوفا، تنهنجي هن ظلم منهنجي دل ۾ ناسور وجهي ڇڏيو آهي.

ٽمبڪٽو (علحدو): توبهه، ڪالهه منهنجي گهر ۾ فتور وجهي ڇڏيو- قتل الموذي، قبل الايذا.

دلربا: هاءِ، منهنجو پيارا.

ٽمبڪٽو: ڪٿي اٿئي اهو يار وفادار (ڪارو ڪتو).

فوجدار: تڏهن تون هن جي خاوند ٿيڻ کان صاف انڪاري آهين.

ٽمبڪٽو: هيءَ ته منهجي پيءُ جي پڦي لڳي، الله الله ڪيو، هيءَ ته منهنجي ڏاڏي پڙ ڏاڏي جي به مائي لڳي.

انهن جو به قسم آءٌ ٿو کاوان، ڇا مائي، تون منهنجي عورت آهين؟

دلربا (غصي ۾ ڀرجي چوڻ): تون سچ پچ مرد بي غيرت آهين!

ٽمبڪٽو: اڙي حضور، هن کي پڪڙيو، هيءَ ته ڪاٽي ٿي، ڏند به ڪرٽي  ٿي. شايد هيءَ ڪا ڏائڻ عورت آهي، يا هن جي دماغ ۾ ڪا حرڪت آهي.

فوجدار: ڪيئن، اي بدصورت پر فطرت عورت، تون واقعي پاگل اهين؟

ٽمبڪٽو: هان هان، ٺيڪ، ٺيڪ، ساڍا سترنهن آنا پاگل آهي، جلد گندو بندر پارسل ڪيوس.

دلربا: نه نه، آءٌ پاگل ڪين آهيان. اڙي هن تي غضو اچي ٿو. هن جون هڏيون چٻيان، هن جو ماس کاوان، هن جو رت پيان، هن جو حلوو پچايان.

ٽمبڪٽو: اول ته تنهنجو مربو ٿو ٺاهيان، فوجدار صاحب ذرا ڇڪي جهليوس، يا جلد گدوبندر وي.پي. ڪيوس، نه ته شهر ۾ نقصان ڪندي.

فوجدار: هلو، هنيئر هن کي وٺي هلو ۽ جلد گدو بندر پهچايو.

(فوجدار، سپاهي ۽ دلربا ايگزٽ)

 

بيت

ٽمبڪٽو (اڪيلو):

سرنوشته ڪاتب تقدير هن ڪاغذ ۾ هوءَ،

فيصلئه تقدير جي تحرير هن ڪاغذ ۾ هوءَ.

واه ڙي پنجين سوين جا نوٽ، واه-اهڙي ڌوم ڌام سان منهنجي شادي به ڪين ٿي هئي، جهڙي منهنجي پاڪ دامن بيبيءَ جي اڄ گرفتاري ٿي، ڪيئن يارو، مولا ڏنو وارو. آخر روزن پٺيان عيد آهي. مطلب ته موقعو ملي وڃي ته پنهجي ٽمبڪٽي ٿيڻ کان به مڪري نه وڃان ته منهنجو ذمو. هينئر وڃڻ گهرجي. ڪنهن ٻئي ولائتي وارنيش لڳل خوب پالش ٿيل ليڊي جي تلاش ڪجي، هنن ڪنترين مان ڪجهه مزو ڪين آيو.

(ايگزٽ)


[1] * ٺمري-طرز: ”واه ميري ڇوٽي جوبن ڪي بهار..................“

 

[2] طرز: ”مين آفت ڪا پرڪالا هون“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com