پردو ٽيون
باغ
(گانو سهيليون ناچ سان)
گلشن جوبن تي آ وه واه سنيان ڇوم ڇنانا نا ڇوم ڇنانا نا،
وه واه سنيان گلشن شاد شاد و جهوم جهوم جهوم وه واه سنيان.
ڇوم ڇنا نانا ڇوم ڇنا نانا وه واه سنيان گلشن ۾ مچايون جان ڌوم،
ڌوم وه واه سنيان ڇوم ڇنا نانا، ڇوم ڇنا نانا وه واه سنيان.
گلشن تي چمن تي آ وه واه سبزي ڇائي آئي بلبل،
هر گل تي ڦري جهوم جهوم، وا گلزاري هي ساري،
آ پياري آ ڦلواري دلداري گلڪاري آ نياري،
واه چنپا چنبيلي البيلي گلي وه واه نرگس و سوسن؛
آ شاد و خنندان آها ها ها وه واه واه.
ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم ڇوم،
وه واه سنيان ڇوم ڇنا نانا ڇوم ڇنا نانا.
گانو مهلقا: گل آ مثال خار هي منٺار گر نه آ،
بي لطف آ يار مٺو يار گر نه آ،
مينا شراب ساغر و ساقي به آ تيار،
بي آب ها محفل آ غمخوار گر نه آه.
بي ڪار لاڏ لالا ۽ نرگس جو ناز آ،
بلبل جي رمز رقص ۽ رفتار گرنه آ.
هي باغ و چمن بلبل بن يار ڇا ڪبا؟
ساجن جي انهيءَ صحن ۾ گفتار گر نه آ.
بي بوسئه و ڪنار اي ”آغا“ نه آ مزو،
بي چين دل آ پهلو ۾ دلدار گر نه آ.
مهلقا: پياري زرينا جنهن گل کي ڏسان ٿي سو پنهنجي رنگ ۾ قدرتي
نمائش جو جلوو ڏيکاري ٿو، ڪجهه اشارن سان سيکاري
ٿو) جا تازي ۽ شاداب ڪلي آ، صنعت ضايع ازلي آ، جو
آغوش شاخ گل ۾ پلي آ.
صبا جي هير پنن کي ڦڙڪائي ٿي، بهار جي واءُ ٽارين کي ته ڏس ڪيئن
کڙڪائي ٿي.
زرينا: بيشڪ هي هوا خفقان عشق جي دوا آهي، سچ هي چمن زار آهي يا
ڪو قدرتي اسرار آهي، جنهن ريت هي ڪارخانو گلزار
آهي، تنهن ريت بانو زماني جو ڪاروبار آهي.
گلنار: يعني جتي گل آ اُتي بلبل مستان آ، جتي شمع اُتي پروان آ،
پر جي حياتي باقي آ، ته يار اوطاقي آ.
مهلقا: افسوس اُهو ساغر، اُهو ساقي آ، مگر پيارو ممتاز باقي آ.
گلزار: اي پياري، مون صدقي مون واري، بيشڪ هي بيقراري بي وصل
اصل ڪم نه ٿيندي، مگر:
بيت
عشق ۾ گهرجي صبر نه بيقرار ٿي،
اميد رک الله ۾ اميدوار ٿي.
(انٽر ممتاز)
ممتاز: تنهنجي هن چاهه جي صدقي تنهنجي ارمان جي صدقي، صنم آءٌ
هان فدا توتان، خدا جي شان جي صدقي.
مهلقا: وڃي شل جان منهنجي هي اوهان جي جان جي صدقي.
(ڀاڪر پائن ٿا)
[1]هاءِ
واري وڃان مون توتان ساري ستايو نه دل سنيان، آءٌ
جاني، يوسف ثاني، ڪنعاني.
اي جاني هان مستاني، مستاني هان مون جاني،
ديواني هان مون جاني، بلبل مان بي گل هان پياري،
هاءِ واري..............................
[2]مون
کي ناز تنهنجي جو قسم تنهنجو ڌيان ليل و نهار آ،
مننهجي جاءِ پياري جان من يا ڪوچه تو يا مزار آ،
چيو عندليب خوشنوا، ڏيان آگ گلشن کي صدا،
بلبل کي اڄ گل کان سواءِ گلزار مئل خار آ.
آ گل کي غيرت دلربا، تنهنجي حسن تي اي مهلقا،
ڪٿ گل ۾ رنگ ويونءِ آ، تنهنجو گل کان سهڻو عذار آ.
هي ابرو تنهنجا اي پري، تلوار خنجر يا ڇُري،
اي ماه طلعت مشتري، تنهنجو سڀ کان سرس سينگار آ.
تنهنجا نين نرگس جان من، تنهنجا زلف مٽ مشڪ خطن.
”آغا“ چيو تي هئن گلن، تنهنجي رخ کان تازه بهار آ.
(دور شراب)
مهلقا: جلد ساقي ڪر عطا ساغر صنم جي واسطي،
ساقيا مون شوق ناهي جام وڃيم جي واسطي.
ممتاز: دام دهرا تن وجهي دلدار دل کي قيد ڪيو،
زلف زنگي جي ڇڏيا تو پيچ و خم جي واسطي.
(جام وٺي) ڏي پيالو پُر ڪري اڄ يار ساقي جلد ڪر،
شوق ڏي دل ٿي گهري اڄ يار ساقي جلد ڪر.
گلزار: مست مسرو و مست ڪرنو مست لالا باغ ۾،
مست بلبل ٿي ڦري اڄ يار ساقي جلد ڪر.
ممتاز: مست بلبل مست گلگل مست ”آغا“ باغ ۾،
مست ساغر ڏي ڀري اڄ يار ساقي جلد ڪر.
مهلقا: بهار آئي دل غمگين ڪيو اڄ سئر گلشن جو،
صنوبر سرور عنا جو سنبل لالا ۽ سووسن جو.
ممتاز: نه هڪ جو هان نڪي ٻن جو، هنن سڀنن جو هان عاشق
نزاڪت جو، ۽ نخري جو ۽ رخسار حسينن جو.
(جام نوش جان ڪرڻ)
ممتاز: عمر ساري رهيو دل ۾ هنن جو شوق اي پياري،
سخن جو، شعر جو، گل جو، سدا معشوق گلبن جو.
گلزار: اصل کان عشق سهڻن جو، هنن سڀنن جو آ دشمن،
جگر جو جان دل جو عقل جو ۽ بدن تن جو.
ممتاز: ڏسي محبوب کي مون سان ٿيو رنگ زرداري ”آغا“
مڪارن جو، حسودن جو، ۽ دشمن جو رقيبن جو.
ٽمبڪٽو: (ونگ مان) مٺو معشوق نئون منهنجو
هنن سڀنن ۾ آ قابل،
ڌڪڙ جو راڳ باجي جو ادا سُر تار تن تن جو.
ممتاز: رکج لاج جڳ ۾ اي باري اسان جي،
آ دشمن کي گر انتظاري اسان جي.
امن ۾ الاهي ته ”آغا“ کي رک تون،
بچي آبرو شل پياري اسان جي.
مهلقا: اي منهنجي گلستان جا گل، بوستان جا بلبل هي ڪهڙو خيال
پرملال دل تي آيو، جنهن هن عيش ۾ اوهان جي رخ جو
رنگ ڦيرايو، بنديءَ جي جان حيران، دل پريشان ٿي
ٿئي، برائي خدا جلد بيان ڪر ته دل بيقرار قرار
پائي.
ممتاز: ڪنهن طرح بانور ڪري هي دل ويچاري
جان من،
ڇا چوان مون دل سندي اڄ بيقراري جان من.
ڏوه منهنجو ناه پياري قسم آ الله جو،
دل ڳنڍي تو ساڻ بيوس دوستداري جان من.
مهلقا: عشق کان خالي نه آهي ڪوبه پيارا آدمي،
عشق ۾ ڪهڙي پوءِ اهي شرمساري جان من.
ممتاز: اي باغ حسن جا شاداب گل، ڇا تو کي خبر ناهي ته هي بدبخت
شمشاد ناشاد ڪم اصيل اسان کي ذليل ۽ برباد ڪرڻ ٿو
چاهي. خير فڪر نه آهي، شايد هو جلد ڪو مڪر جو ڄار
پکيڙيندو، اسان جو ترت تڏو ويڙهيندو؛ ضرور فتنه
قريب جاڳائيندو، اسان کي مصيبت ۾ فسائيندو خير،
گرچ هو اسان جي تمنائن تي خنجر وهائڻ لاءِ ڪوشان
آهي، ته اسان جو به مولا نگهبان آهي.
عدو گر لک برو چاهي، مگر پرواه ڪا ناهي،
ٿئي آخر اُهو ٿو جو ڪ منظور خدا آهي!
مهلقا: ليڪن خصومت جو سبب ڪهرو ؟
ممتاز: عشق ۽ محبت تي جهيڙو.
مهلقا: ٻيو سبب؟
ممتاز: ڄاڻي ٿو رب.
مهلقا: آخر حقيقت ساري؟
ممتاز: عياري، مڪاري، بدڪاري.
مهلقا: پوءِ ڇا خيال آ؟
ممتاز: مدد زوالجلال آ.
ممتاز: خداوند مددگار آ، ته ٻيڙو پار آ، دشمن خوار آ. دشمن چه
ڪند چون مهربان باشد دوست.
ٽمبڪٽو: (ونگ مان) هان، هان! ٽرڪش چه ڪند چون مهربان باشد
روس.
ممتاز: (ڀاڪر پائي) خدا يا تو هجين هردم محب
منٺار جو حافظ،
منور مهلقا محبوب منهنجي يار جو حافظ.
متان دسمن دغاڪن ڪا اٿي پرتو پرين منهنجو،
عجيبن جي الاهي تون هجين هر وار جو حافط.
(ممتاز ايگزٽ)
مهلقا: الله نگهبان تنهنجو اي دل جاني،
هر جا گل بهار هجين يوسف ثاني!
پردو چوٿون
مڪان شمشاد
(انٽر شمشاد ۽ ٽمبڪٽو)
شمشاد: تون ڪشتي راحت ته آءٌ طوفان بلا هان،
تون عيش جي دنيا آهين، آءٌ تهن ۾ وبا هان.
تون حرص جي دنيا آهين، آءٌ دوزخ جي هوا هان،
تون خرمن عشرت ته آءٌ برق قضا هان.
هاءِ جڏهن هو گل غير جي گلي جو هار آهي،
تڏهن هن بلبل جو جئڻ دشوار آهي.
شمشاد: اي ٽمبڪٽو؟
ٽمبڪٽو: جيءُ حضور!.
شمشاد: افسوس !
ٽمبڪٽو: صد هزار افسووس!
شمشاد: ڇا چوان؟
ٽمبڪٽو: ڪجهه نه چئو.
شمشاد: ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ٽمبڪٽو: منهن ڪارو ڪرڻ گهرجي.
شمشاد: دل کي وسواس آ،
ٽمبڪٽو: حضور جي ستياناس آ.
شمشاد: ڇو بد افعلا ٿئين. ٿو،
ٽمبڪٽو: جناب جو عشق جي جنجال ۾ پوي ٿو،
تنهن جو اهو ئي حال ٿئي ٿو.
شمشاد: توکي منهنجي حال تي رحم اچي ٿو،
ٽمبڪٽو: بيشڪ نهايت سخت رحم اچي ٿو.
(علحيده) ڪهڙي مرد ود کي رحم اچي ٿو،
بندو ته رڳو پيسن جي بونءِ تي نچي ٿو.
شمشاد: ڪوئي علاج بيان ڪر،
ٽمبڪٽو: وڃ ٿڌي پاڻي سان شنان ڪر.
شمشاد: انهي مان ڇا ٿيندو؟
ٽمبڪٽو: مرض سان گڏ مريض به غڙپ ٿي ويندو!
شمشاد: چپ رهه نا معقول....
ٽمبڪٽو: (علحده) بيشڪ، جي نوڪر نامعقول، ته مالڪ اسٽوپڊ فول!
(شمشاد سان )دارون ته آ مون وٽ،
هن در د سور جو، سمجهو غلام آ هي مطلب حضور جو.
گرچ هي پوشيده سوال آ، مگر حضور جو خام خيال آ. ڇا هي ڪم بندي
جي اڳيان محال آ؟ هرگز نه و ليڪن ذرا ايڊ ورڊ شاهي
کي ڪڙنگ شڙنگ ٽڙنگ فرمايو، ته اهڙي وڃي ٿو گٽر مٽر
شٽر لڙايان، جو سڀني کي بن فصل اُلو جو پٺو ٿو
بڻايان. پوءِ درياهه لعل ڪندو ٻيڙو پار آ، بندو به
تيار آ. نه ته وڃي ابابيلن وانگر، هوا سان پيٽ
ڀريو. چئو ڪهڙو خيال ٿا ڪريو. آيا خيال شريف ۾ ؟
شمشاد: اي عزيز ٽمبڪٽو، ذآرا ٻي ڳالهه ته ٻڌ....
ٽمبڪٽو: نه نه جناب، ٻيءَ ڳالهه ٻولهه جو ضرور ٻرو ڪونهي. جي
رپين جي گرفتار آهي ته بندو به ٻڌڻ لاءِ تيار آهي؛
نه ته ڏُٻرسٻري ڳالهه بندو هڪ ڪن کان سڻي، ٻئي ڪن
کان کڻي وي.پي آنپيڊ پارسل ڪري ڇڏيندو!
شمشاد: تڏهن تون رڳو رپين جو بکيو آهين؟
ٽمبڪٽو: ڇا، تڏهن دلالي ڪرڻ ڪا سولي آهي؟
هي سڀ پيٽ جي هچا آهي، جو اسان جهڙا ڪيئي خاندان ماندان چڪلن ۾
ٿا ڪن سلام! هاءِ پيٽ، واءِ پيٽ!
يارو هي پيٽ آهي يا ساڌ ٻيلي جو ٻيٽ آهي!
شمشاد: چڱو اي نيڪنام، انجام آهي؟
ٽمبڪٽو: انجام خام آهي، ڪوڙو ڪالم آهي.
نقد هُو سنب هُو، اڌار هُو فساد هُو. ذرا ڳوٿڙي جو منهن کوليو،
ٻيو ٻول نه ٻوليو. اڳيئي گهر ۾ بيبي ڪالهوڪر موچڙن
سان بندي جو تارون تري ڪري ڇڏيو آهي. جي هن دفعي
کيسي خالي، لا ابالي وياسون، ته ڏاڙهيءَ سونهاريءَ
جو خدا حافظ هوندو!
شمشاد: اي نمڪ حلال، في الحال نقد پيسو ڪونهي.
ٽمبڪٽو: جناب اعلي- جي ڏيوالو ڪڍيو اٿو، ته اها ٽوپي ۽ ڪوٽ کڻي
عنايت فرمايو!
شمشاد: آهي تنهنجي ڪهڙي ڪم جا ٿيندا؟
ٽمبڪٽو: واه صاحب، لکيدر تي بيهي نيلام ڪندس! جي ڪنهن نه ورتا
ته، بيبي سياري جو چلهه تي ٽورو ٽڪورو ڪندي آهي،
اهو پائخانو کڻي هنن سان صاف ڪندس!
(شمشاد پيسا ڏئيس ٿو)
ٽمبڪٽو: هه، هه، هه، بندي جو ته هردم جناب جي اڳيان نياز جو
سلام آهي- بندو ته حضور جي پيءَ، ڏاڏي، پڙڏاڏي، تڙ
ڏاڏي، بلڪ ساڍن ستن پيڙهين جو غلام آهي. هينئر
اهڙو ٿو سڀني جي اکين ۾ گٽر مٽر شٽر جو مصالح
پيهين ٻرڪيان، ۽ اهڙو ٿو گهر ۾ گڙ ٻڙ گهوٽالو وڃي
وجهان، جو سڀني کي صفا چٽ اُلو، عقل جو سالو بي
تالو نه بڻايم ته بندي جو ذمو!
شمشاد: آفرين، اي عزيز ٽمبڪٽو آفرين! مون کي هينئر رخصت آهي هي
اوهان جي خدمت آهي. (پيسا ڏئي ٿو)
ايگزٽ)
ٽمبڪٽو: يارو عشق وه چيز هي جو پٿر ڪو آب ڪري،
لگتا هي اسڪو، جسڪو خدا خراب ڪري!
خير اسان جو ڇا؟ سوال ندارد، جواب ندارد؛
فتوا فيصلو في الحال ندارد. (ويهي ٿو)
(در جو کڙڪو)
آواز: جناب اعليٰ دروازو کوليو!
ٽمبڪٽو: اجهو، وري ڪا ٻي مصيبت نازل ٿي- فيير صاحب، معاف
ڪيو.... پيسو ڀڳل ڪونهي.
آواز: فقير ڪين آهيون. دروازو لاهيو......
ٽمبڪٽو: فقير ڪين آهيو، تڏهن اسان جا گُر پير آهيو؟ اي ميان، ڪو
جن آهين يا انسان، يا ڪو مئو شيطان؟ اول نالو
مبارڪ ڇاڻي ڇڏيو، ته پوءِ دروازو کوليو؛ حرن جو
ملڪ ۾ هُل آهي!
آواز: اهو ئي اوهان جو جهونو دوست!
ٽمبڪٽو: (علحده) خدايا، هي وري جهونو دوست ڪهڙي جهنگل جي سوراخ
مان نڪري آيو! اڙي دوست، خدا جي فضل سان هت سڀ
صحيح سلامت جيئرا جاڳندا آهيون؛ ڪو مئو ڪونه
آهي-نه ڪانڌي ٿا کارايون، جو اوهان به دعوت جو ٻڌي
تبخ ڇٽڻ آيا آهيو! (علهده) واه، چڙهيون چلهيون
چڪاسي، چور يا ٻلو!
آواز: اول دروازو کوليو، پوءِ احوال بيان ڪبو.
ٽمبڪٽو: (ايگزٽ – در لاهڻ)
(انٽر جميل)
جميل: السلام عليحڪم اي مهربان.
ٽمبڪٽو: وعليڪم اسلام، خاندان، پاندان، بي نام و نشان، هنيئر
ته ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙي طبيلي جي رهڻ وارا آهيو؟
جميل: اي ٽمبڪٽو اصيل، بندي کي سڏيندا آهن، جميل، ابن خليل.
ٽمبڪٽو: اڙي يار معاف ڪجو، مون کي البت پري کان سنئون سبتو
انسان به ابتو شيطان نظر ايندو آهي!
جميل: تڏهن ته ميان ڪا پٿر جي نيلامي عنيڪ ڌاريي!
ٽمبڪٽو: جناب اعليٰ ڳالهه ئي نه پڇو، بندي به ٻين عينڪي انڌن جي
ريس تي هڪ سونن سڱن سان عينڪ ڌاري هئي؛ پر يار،
گهر جو وڃان ته ماءُ، ڀيڻ، زال سڀ هڪ جهڙيون نظر
پييون اچن!
جميل: ليڪن اي نيڪ نام مهربان، شمشاد جو ڪو پتو نشان؛ مون کي
سندن ملاقات جو خيال آهي، اهو سمورو احوال آهي.
ٽمبڪٽو: جي، جناب جن جو اهو خيال آهي، ته بندي کي ڪهڙي مجال
آهي؟ اجهوَ ٿو کين حاضر ڪيان. هينئر اوهان جون
اکيون، اسان جون لتون، هيءَ جاءِ پنهنجي ڄاڻو، مگر
جي گهرندو آب داڻو ته حضور پاڻ آهه سياڻو، ڦينڪيو
ناڻو، ته سارو لاڙڪاڻو اوهان جي بلي!
جميل: نه نه، رڳو دوست جي ملاقات جي آرزو اٿم.
ٽمبڪٽو: (علحدو) سڃن پڇيو بکين کان ته عيد ڪڏهن ٿيندي! هت ته
جيڪو اچي مئو مڪڙ، سو روز ازل کان ڦانڪ ڦڪڙ؛ نه
سارنگي نه ڌڪڙ، رڳو اڇا ڪپڙا کيسا خالي، لا ابالي،
ماڻهن جي ليکي ملڪ جو والي.
(جميل اتي ترسي ٿو) (ٽمبڪٽو ايگزٽ)
پردو پنجون
رستو
گانو-شمشاد:
بيوفا هڪ يار جي هان مون طلبگار منجهان،
سنگدل صياد هان مون نؤ گرفتارن منجهان.
تو ڪئي ڪم يار الفت، مون وڌائي دمبدم،
بيوفا ٿئين تون مٺا، ۽ مون وفادارن منجهان.
يوسف ڪنعان کي ڪيو جيئن زليخان هو خريد،
تيئن مٺا تنهنجي مون آهيان، خود خريدارن منجهان.
شربت ديدار کان مون کي نه رک محروم تون،
اي مسيحا عشق جي هان مون به بيمارن منجهان.
جام الفت جو پيارج، يار ساقي جلد ڪر،
ساقيا هڪ مان به آهيان تنهنجي مي خوارن منجهان.
پارسا مون يار ناهيان پاڪ زاهد مستقي،
يار جي هان مون مگر هڪ ناز بردارن منجهان.
عشق جا انجام ”آغا“ سان تون پاڙج، اي پرين،
تون نه ڏس تنهن جي خطا، آه هو خطا وارن منجهان.
زباني: آه و فغان کان پاره مٺا منهنجو جگر ٿيو،
اي سنگل توتي نه مگر ڪو به اثر ٿيو.
هي لاش بيڪسي جو ڏسي، بعد فنا چيو،
ڪنهن بيوفا جي عشق ”آغا“ جو سفر ٿيو.
(انٽر ٽمبڪٽو)
ٽمبڪٽو: (علحدو) هنن کي ڪَن نه جَن، ادي کي عشق انڌو ڪيو.
(شمشاد سان) حضور فيض گنجور؛ لنبي لنبي کجور،
سلام.
شمشاد: سلام اي نيڪنام، ڪهڙو آ ڪلام؟
ٽمبڪٽو: ڪالم ٻلام سڀ ڪيو لکيدار تي نيلام، هينئر رڳو تشريف جي
ٽوڪري کي مال گاڏي ۾ کڻائي، پنهنجي مڪان تي قدم
رنج فرمايو، جو هڪ جميل نالي مهمان آهي آيو!
شمشاد: ڇا، جميل! جميل، پياري مهلقا جو ڀاءُ جميل! واه واه، گهر
ويٺي خضر مليو، ته پنءُ ٻارهن. هينئر عمدو موقعو
آهي، دشمن سوگهو آهي. هن موذي ممتاز بد ذات منهنجو
خانو برباد ڪيو، پر پاڻ اڃا آباد رهيو؛ مون کي
ذليل ڪيائين، پر سندس بنياد رهيو، هينئر وڃي اهڙو
ٻارڻ ٻارجي، جنهن کان دل ٺارجي، دشمن به مارجي،
سندس خون زمين تي هارجي، تڏهن کاڌو حلال آهي. اگرچ
ڪم محال آهي، مگر في الحال منهنجو خيال آهي ته
اهڙو ڪو فريب جو دام ڦهلايان، جو اهو ڪم جميل کان
سر انجام ڪرايان ۽ پاڻ تي به الزام نه ڌرايان.
بيت
الستي آه جي نڪي اي سهڻا ڪا سڙي تن جي،
جلائي دل ڇڏيندي سا صفا تو بت برهمن جي.
(ٻيئي ايگزٽ)
پردو ڇهون
مڪان شمشاد
(انٽر ٽمبڪٽو) (جميل اڳي ئي ويٺو آهي)
جميل: مهربان ٽمبڪٽو، جناب شمشاد جن آيا؟
ٽمبڪٽو: جي هان جناب جن اجهو پوسٽ باسڪ ۾ بوڪ پوسٽ ٿي ٿا اچن!
(انٽر شمشاد)
شمشاد: السلام عليڪم، پيارا جميل!
جميل: وعليڪم السلام، دوست اصيل!
شمشاد: شڪر الحمد الله! اڄ هن مسڪين بي تسڪين جي ويرانيءَ کي
مبارڪ قدمن سان آباد فرمايو اٿو- دل صاف ڪجو،
تڪليف معاف ڪجو!
جميل: جناب اعليٰ، تڪليف ڇا؛ بلڪ تفريح آهي!
شمشاد: اي ٽمبڪٽو، گاني بجاني واري طائفه حاضر دربار آهي؟
ٽمبڪٽو: حضور، طبله، سارنگي سڀ ڪجهه تيار آهي، فقط حڪم جو
انتظار آهي!
شمشاد: پوءِ دير ڇا لاءِ اهي، حڪم ڏجي ٿو، گانو شروع ٿئي!
ساز وارا: سلام، سلام ، سلام، سلام.
ٽمبڪٽو: اڙي ميان لمليٽ خان، اي سوڍا واٽر خان- اڙي اڙي ڪيڏانهن
هليا آهيو، جهنگ ۾ گهڙيا آهيو ڇا؟
(ساز واري سان) ڏسجانءِ ميان ڇيڙ گهٽو خان سر، ڪن سان ڪن، چپ
سان چپ، نڪ سان ملائي خوب چتائي ڀؤنڪجو، ۽ هن مس
راسبري جان جا فُل نخرا ۽ چڪرا ڏيکارجو. هان! اگر
هي حلوي جي هنڊي؛ چڪر ڏنڊي ناپاس ٿي ته سمجهو ته
اوهان جي ستياناس ٿي!
طوائف: اڙي ميان منگرمان، تون ڳائڻ واڄائڻ جي باريڪ ڪم مان ڇا
ڄاڻين؟
ٽمبڪٽو: واه ڙي واه، مس نارنگي اسڪائر! اگر اتي جو اتي ڪو ديپڪ
شيپڪ يا ڪوئي ڀروو توبهه بروو،
راڳ شروع ڪيان ته هن لڪڙبند خان جي ستيا ناس ڪري ڇڏيان، ۽ هن
طبلچي گاسليٽ راءِ کي بلڪل خناس بڻائي ڇڏيان.
سارنگي وارو: اڙي، گهر ۾ گهرائي هي خانه جنگي!
ٽمبڪٽو: اڙي چپ ڪر، ته ڀڃانءِ نه سارنگي!
طوائف: اڙي ڪار منهان قرمساق چپ نٿو ڪرين.
اجي استاد، ڏسين ٿو، ڍولڪ هڻي ڀڙوي جو منهن نٿو ڀڃين!
شمشاد: اي ٽمبڪٽو، هڪ ولائتي وسڪي جي بوتل آڻي ڏي.
ٽمبڪٽو: جناب وسڪي آڻيان يا ڪا ڦسڪي.
شمشاد: ڪميخت، وسڪي.
ٽمبڪٽو: حاضر، حصور (بوتل آڻي اول پاڻ ٿو چاڙهي)!
شمشاد: اڙي ديوانه هي ڇا ٿو ڪرين؟
ٽمبڪٽو: حضور؛ بندو ته ڪجهه به نه ٿو ڪري،
بندو ته رڳو وسڪي کي گسڪي هڻي، چسڪي ٿو وٺي ڏسي.
گانو طوائف: قوالي پيلو:
ڪيو وعدو هو تو جو بيوفا؛ تو کي ياد آ، ڪ نه ياد آ،
هو عاشق تنهنجو دل صفا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ.
ڪڏهن نازهو، ڪڏهن پيار هو، ڪڏهن بوسي تي تڪرار هو،
هُو وقت وصلت جو ڀلا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ.
هو ناز نخوت روبرو، هو گلا ملامت ماهرو،
هَي منهنجي وفا ۽ تنهنجي جفا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ.
هو ناز نخري جو رسڻ، اکڙيون هڻي هر هر کلڻ،
چئو سچ سڄڻ نالي خدا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ.
جنهن تي تنهنجو پيارا ناز هو، جنهن تي تنهنجو رانجهن راز هو،
آءٌ اهو هان ”آغا“ دل فدا، توکي ياد آ، ڪ نه ياد آ.
بيت
جميل: بهار آئي ڀري ڏي باد هء گلگلون سان پئمانو،
رهي صدها ورهيه ساقي، تنهنجو آباد ميخانو!
بيت
شمشاد: مئي عيش جو جام هي نوش ڪر،
غم، دين و دنيا فراموش ڪر.
دور شراب هلي ٿو...................
ٽمبڪٽو: اڙي گهوڙا سچ هي رنڊيون ته نه آهن، پر ڪي وڏيون
مشٽنڊيون حلوي جون هنڊيون آهن، هت ته سونيون
جهرڪيون نخرن سان ٿيون ڦاسائين، پر خبر ناهي ته
قيامت ۾ به بهشت جي دربانن سان الائي ڪهڙي رمز
رلائي پاڻ واسطي جنت جون دريون کولائينديون.
جميل: (نشي ۾) اڙي مان ته مران ٿو.
ٽمبڪٽو: جناب هروڀرو مرڻو اٿو ته مهرباني ڪري گهر وڃي مرو، متان
هتي گند ڪيو.
شمشاد: (نشي ۾) بس بس.
هئي هئي منهنجو دماغ پريشان ٿي ويو،
وحشت جي لاءِ منهنجي نئون سامان ٿي ويو.
ٽمبڪٽو: اڙي هي ڪا رنڊي آهي يا رنڊو مهربان،
يا ڪا رنڊين جي آهي امان جان، اهڙو گانو ڳايائين جو آقا صاحب جو
دماغ پريشآن ڪيائين.
ساز وارا: جناب عالي اسان کي پئسا ته ڏيو.
ٽمبڪٽو: اڙي پئسا وري ڇاجا، چلتي ڦرتي نظر آئو ٺنڊي ٺنڊي هوا
کائو، اجائي گٽر مٽر نه مچايو.
ساز وارا: اها ته اسان کي اڳئي خبر هئي ته هتي پئسن تي ضرور گڙ
ٻڙ ٿيندي.
ٽمبڪٽو: اڙي تون ته ڏاڏي جو به ڏاڏو، ملان دوپيازي جو به قبله
گاه ٿو ڏسجين، هيءَ رنڊي آهي يا ڪا ڦاٽڪ جي جهنڊي
آهي، جو ڳائڻ سان اسان جي آقا صاحب جي دماغ ۾ گڙ
ٻڙ وجهي ڇڏيائين. هان، ڀلا هي هڪ ۽ ٻه درجن لعل
ڇاپ سگريٽن جا انعام اٿو.
ساز وارا: اڙي رڳي هيءَ رقم!
ٽمبڪٽو: اڙي اسان جا وڪيل ته انهيءَ کان به ٿوريءَ رقم تي راضي
ٿيو وڃن، تون وري آڪڙ پيو ڪرين، مفت ڪا شراب قاضي
ڪو ڀي حلال هي، نڪرو نڪرو، هاڻي بانس ڪئي اٿو.
(ساز وارا ايگزٽ)
ٽمبڪٽو: (شمشاد ۽ جميل کي اٿاري ٿو) اڙي سيد سوٽِ شاهه، پٽ بيبي
جمني، ذرا هنيئر ته سجاڳ ٿي. اڙي ميان عبدالڦوڙاٽ
خان، ولد مس برانڊي، ڪو گهر گهاٽ به اٿئي يا نه
(جواب ندارد).
اڙي چاچا چلم خان خاص الخاص، تنهنجي ستياناس؛ اڙي مسٽر ڊبليو آر
ٻيڙو غرق (جواب ندارد).
(وسلا ٿو ڦولهي) خير، يار اسان جو ڪم ڪم سان، شڪر ٿيو، ڪجهه
ڀنگ ڀڳڙا ته نڪتا؛ گهر ۾ بيبي به مانهين جي اٽي
وانگر ڦوڪي ويٺي هوندي، مگر خدايا هنن پراڻي
اسپتال جي مڙدن کي ڪيڏانهن ڪيان، هنيئر ڪا ڪچري
سچري جي گاڏي ميونسپل کان ڪرائي تي آڻي هنن مردن
کي گهرن ڏانهن پارسل ڪيان ته جند آزاد ٿئي.
(شمشاد ۽ جميل بيهوش پيا آهن، ٽمبڪٽو ايگزٽ)
(پردو لهي ٿو.)
پردو ستون
ٽمبڪٽو جو مڪان
(روپ ڪونسيو)
[3]دم
دم ويٺي پنهنجي پيا کي سنڀاريان،
پيا کي سنڀاريان، پنهجي سنيان کي سنڀاريان.
جي ڪوئي پيا جو پيام اچي ته،
خط کڻي مان پنهنجي نينان سان لڳايان.
پيا پنهنجي تي هي واري وڃان مان،
جوين مان پنهنجو، پنهنجي سنيان لاءِ سنواريان.
جي منهنجي پيا کي پياس لڳي ته،
سوڍا برانڊي پنهنجي پيا کي پياريان.
سير لئه سنيان منهنجو خيال ڪري ته،
موٽر ۾ چاڙهي پنهنجي پيا کي گهمايان.
پاس پيا جي، منهنجي اچي اي ”آغا“،
نينان ۾ پنهنجي مان ته پيا کي وهاريان.
زباني دلربا: هاءِ، عجب قسمت کوٽي، گهر ۾ نه پاڻي نه روٽي! هن
مئي چڪلي چوڙي، رسالي جي گهوڙي جي پڙ پيس، ماءُ
پيءُ کان به ويس، آءٌ اهڙي گل و گلزار- هي مئو مرد
ود بدشڪل، بد ڪردار، بي همت، بيڪار، هن کان ته
منهنجو يار وفادار هزار بار بهتر آهي. هينئر ڪا
اهڙي تدبير ويڙهايان، جو هن موذي مردود کان طلاق
وٺي، پياري وفادار سان نڪاح پڙهايان ۽ پوءِ خوب
ويٺي مزا اُڏايان.
(درد تي ٺڪ ٺڪ جو آواز)
دلربا : ڪير، ڪير؟
آواز: تنهنجو يار وفادار.
دلربا: هي ڪير پيارو وفادار-آيس آيس، پيارا اجها آيس، هَي هَي
مان وڃان، جلدي وڃان. (دلربا ايگزٽ)
(انٽر وفادار ۽ دلربا)
گانو دلربا
[4]مون
واري، ٻلهاري جاني يوسف ثاني؛ تون ڪنعاني،
دلربا جاني ها.
شان تنهنجو لاثان جانا، نين تنهنجا، مرجان جانا،
موهيو مسي تنهنجي پان جانا، دلبروا.
جاني جيءُ نه جلايو، ذرا نينان ته ملايو،
اي، اي، اي، اي- مون واري......................
دلربا: ڪيئن پيارا، مزاج ڏانهن ته ڪافيت آهي؟
وفادار: ٻڌايانءِ ڪنهن طرح اوقات گذري ٿي،
بيقراري آه و زاري ۾ دن رات گذري ٿي.
دلربا: منهنجي به پيارا ساڳي ريت اوقات گذري ٿي،
انتظاري ۽ خواري ۾ دن رات گذري ٿي،
مگر جي تنهنجو ڪوئي مونس و غمخوار ڪونه آ،
ته مهنجي تصوير تو ڪڍائي ڇو نه آه.
وفادار: غيرن وتو جو بوسو تو کان پياري جان آ،
تنهن لاءِ تصوير تنهنجي مون ڪڍائي ڪانه آ،
خير، مگر پياري مون کي ڪيستائين جوٺن وعدن ۾.
رکندينءَ.
دلربا: پيارا منهنجو ڪو جوٺو واعدو ڪونه آهي، مگر افسوس جو هي
ڪمبخت منهنجو پيڇو نٿو ڇڏي.
وفادار: هي رڳو بهانو آهي.
دلربا: نه نه، هينئر نزديڪ زمانو آهي؛ ليڪن هينئر البت دير ٿي
ويئي آهي، اوهان وڃو ته چڱو، متان منهنجو خاوند
نه اچي وڃي ۽ پوءِ قيامت نه مچي وڃي.
وفادار: بيشڪ اچڻ ڏينس، اُلو جو ساهه ڪڍي ڇڏيان.
دلربا: سائين، وڃو زياده شيخي نه ڏيکاريو، خدانخواسته جي هو اچي
ويو ته ميان صاحب جن پڇ پٺيءَ تي هوندو.
وفادار: واه واه، اسان کي ڪو اهڙو تهڙو سمجهيو اٿئي ڇا، هن وقت
رستم ڇا، اگر شير نر مقابلي لاءِ اچي ته مجال اٿس
جو منهنجي چنبي کان رهائي پائي جان ڇڏائي.
(دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز)
(وفادار جو خوف کان ڏڪڻ)
دلربا: (وفادار سان) اڙي ميان ڏڪو ڇو ٿا، بهادريءَ جو نالو
وڃايو ٿا، پاڻ لڄايو ٿا.
وفادار: اڙي ڏڪان ڪٿي ٿو، ذرا سردي لڳي ويئي آهي؛ ٽوري به البت
اچي زور ڀريو آهي.
آواز: اي ڪمبخت، دروازو کول!
وفادار: (آهستي) اڙي خدا جي نالي وفادار کي ته نه رول، ٻچا
وفادار هنيئر ته پورو ٿي وئين، وفادار، اڙي، گهوڙا
ڙي، پياري ڪو وارو ڪجانءِ.
دلربا: (اشارو ونگ جو) هوڏانهن وڃي لڪي پؤ.
(انٽر ٽمبڪٽو)
ٽمبڪٽو: پياري جڏهن مونٻاهران آواز ڏنو، تڏهن اها گهر ۾ گٽر مٽر
ڇاجي لڳي پيئي هئي؟
دلربا: ڏس ميان، جڏهن تون مون کي اڪيلو ڇڏي ويندو آهين، تڏهن هو
پيارو وفادار هنڊيوال مون وٽ ايندو آهي.
ٽمبڪٽو: اڙي هو بغير موڪل جي منهنجي گهر ۾ اچڻ وارو ڪير!
دلربا: هو اوهان سان ٿورو ئي آيو هو، هن کي ته مون سڏايو هو.
ٽمبڪٽو: تو سڏايو هو، ڀلا سڏائڻ جو سبب؟
دلربا: ڇا چوان ميان، جڏهن تون هليو ٿو وڃين، تڏهن دن رين بي
چين ٿي رهان.
ٽمبڪٽو: اڙي چين نٿو اچي ته پرائي مرد کي گهر ۾ سڏائين ٿي،
تنهنجي ستياناس ٿئي!
دلربا: پر تون ڳولين ڪنهن کي ٿو، هو ته ديوار ٽپي ڀڄي ويو.
ٽمبڪٽو: ديوار ٽپي ڀڄي ويو، ڇا هو ڪوئي جانور هيو.
دلربا: تڏهن ڇا هيو- هو ته پاڻ وارو ڪارو ڪتو هيو، جو تو تنهن
ڏينهن آندو هو.
ٽمبڪٽو: پاڻ وارو ڪتو هيو. سچ پچ!
دلربا: سچ پچ.
ٽمبڪٽو: چڱو، ڀلا هو ڪتو ٻه پيرو هيو يا چئو پيرو؟
دلربا: ڇڏيو ميان، اوهان وري خواه مخواه مون کي کپايو ٿا.
(وفادار جي وسريل پادر تي ٽمبڪٽو جي نظر پوڻ، ۽
کڻڻ.)
دلربا: اهو هٿ ۾ ڇا اٿو؟
ٽمبڪٽو: اهو ته مان پاڻ پڇي رهيو آهيان( جتي ڏيکاري)، ته اهي ڇا
آهي؟
دلربا: اُون، هون-اها مون کي پسند ڪين آهي- مون کي ولائتي وارنس
جو بوٽ گهرائي ڏي.
ٽمبڪٽو: اڙي ولائتي بوٽ جي ٻچي، اُهو ته پوءِ پائجانءِ، اول هي
ته ٻڌاءِ ته هيءُ ڪٿان آيو؟
دلربا: نه نه، مان اهڙي جتي ڪڏهن نه پايان.
ٽمبڪٽو: اڙي جتي نه پائيندينءَ تڏهن، ڪهڙي پائيندينءَ.
دلربا: مون کي والائتي وارنس جو بوٽ گهرائي ڏي.
ٽمبڪٽو: اڙي ڪمبخت، خانو خراب ٿيئي، اُهو ته پوءِ پائج-اول هي
ته ٻڌاءِ ته هيءَ جتي ڪنهن جي آهي.
دلربا: تون اهڙو غصي ٿو ٿئين ته وڃ، مان نه ٿي ٻڌايان.
ٽمبڪٽو: ڀلا تون نه ٿي ٻڌائين ته اجهو مان هن کي پاڻ ٿو ڳولهي
لهان.
دلربا: ميان توهان ڪهڙا نه ڀالا ڀولا نادان آهيو، جو ايتري ۾
بدگمان آهيو، هي جتي ته منهنجي پياري وفادار
هنڊيوال جي آهي.
ٽمبڪٽو: پياري هنڊيوال جي آهي، ڇا ڪتو به ڪڏهن جتي پائيندو آهي؟
دلربا: منهنجا سائين، تون سمجهين نه ٿو.
ٽمبڪٽو: ته ڀلا سمجهاءِ.
دلربا: هو مون وٽ اڄ آيو هو، ۽ جتي پاڙيسريءَ جي چڪ ۾ کڻي آيو
هو، اوهان جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٻڌي، گهٻراهٽ ۾ جتي
ڇڏي ڀڄي ويو.
ٽمبڪٽو: هان هان، هوندو هوندو هوندو، هو ته هميشه مون کان ٽهندو
آهي.
دلربا: ليڪن ميان تو ڪا ٻي ڳالهه ٻڌي آهي.
ٽمبڪٽو: اها وري ڪهڙي!
دلربا: هوءَ اسان جي پاڙي ۾ ڌوٻڻ رهندي آهي ني.
ٽمبڪٽو: هان هان، هوءَ گهسيٽي جي بيبي جي امان جي پڦي جي ماسي،
مائي ناسپاتي خاص الخاص!
دلربا: اُن جي ستيا ٿي ناس، هن پنهنجي خاوند کان لڪ چوري پنهنجو
يار گهر ۾ سڏايو.
ٽمبڪٽو: يار گهر ۾ سڏايو-ڇا ڪوئي هن جو خاوند اُلو جو پٺو هو،
جو هن جي يار کي ڪين پڪڙيائين.
دلربا: بيشڪ هو سچ پچ گڏهه جو کودڙو هو.
ٽمبڪٽو: هان هوندو، چڱو پوءِ ڇا ٿيو؟
دلربا: هن کي پنهنجن دوستن گهڻو سمجهايو، مگر هن نٿي مڃيو-
پنهنجي بيبيءَ کي نهايت نيڪ ٿي سمجهيائين.
ٽمبڪٽو: ڪوئي وڏو نامرد هيو.
دلربا: هوءَ پنهنجي يار سان محبت جون ڳالهيون ڪري رهي هئي ته
ايتري ۾ ، مئو ان جو خاوند به اچي ويو.
ٽمبڪٽو: واه واه، تڏهن ته اُن بدڪار عورت دل تي موچڙا کاڌا
هوندا.
دلربا: نه نه، هن عورت اُتي به چالاڪي ڪري ڏيکاري.
ٽمبڪٽو: چالاڪي ڪري ڏيکاري، اهو وري ڪيئن؟
دلربا: هن پنهنجي خاوند جي منهن تي هيئن ڪپڙو کڻي وڌو، پوءِ يار
کي چيائين ته نڪري وڃ.
(ٽمبڪٽو جي منهن تي ڪپڙو ٿي وجهي، وفادار هليو ٿو وڃي).
ٽمبڪٽو: چڱو ڀلا پوءِ ڇا ٿيو؟
دلربا: پوءِ، هن جو يار نڪري ويو.
ٽمبڪٽو: هن احمق پنهنجي منهن تي ڪپڙو ڇو وجهڻ ڏنو ۽ چپ ڪري ڇو
ويهي رهيو، ڪوئي وڏو اُلو جو پٺو هيو. جيڪڏهن مان
هجان ها ته انهيءَ عورت جو نڪ ۽ چوٽي ڪپي ڇڏيان ها
۽ سندس يار کي سرنهه جيڏا داڻا ڪري ڇڏيان
ها-ڏسجانءِ پياري، متان تون به ائين ڪرين.
دلربا: ميان خدا نه ڪري، منهنجي ته ميان ڳالهه ٻڌڻ سان ڇاتي ٿي
ڏڪي!
ٽمبڪٽو: خدا شل منهنجي بيبيءَ کي منهنجي سر تي سلامت رکي؛ اسان
جي جوڙي کي ڏسي لوڪ سڙي ڀڄي پچي ٿو، جڏهن ڪو عيب
هن نيڪ ڪار ۾ نٿا ڏسن، تڏهن ناحق هن کي بدڪار ٿا
سڏن. ڀلا اهڙو يقين مون کي ڪٿي ٿو ٿئي.
منهنجي بيبيءَ ڪا اهڙي تهڙي آهي ڇا. الله الله ڪيو!
هيءَ ته هزارن ۾ هڪڙي آهي مهربان، زال ته ناهي زالن جي آهي امان
جان، خدا شل منهنجي بيبيءَ کي منهنجي سر تي سلامت
رکي، ڪيئن پياري دلربا؟
دلربا: بيشڪ منهنجا پيارا دل صفا (تسبيح ٿي ڦيرائي).
ٽمبڪٽو: پياري هي ڇا ٿي پئي ڪرين؟
دلربا: ميان، مان اوهان کي ياد ٿي ڪيان، پيارا طبع ڏانهن ته خير
آهي.
ٽمبڪٽو: اڙي خير وري ڪهڙو آهي، هن ڪمبخت شمشاد جي نوڪريءَ ته نڪ
۾ دم ڪري ڇڏيو آهي.
دلربا: آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟
ٽمبڪٽو: اي بيبي، هي شمشاد خناس، ستياناس، مان هن کي وڏو عقلمند
سمجهندو هوس، مگر اڄ معلوم ٿيو ته وڏو احمق اُلو
جو پٺو آهي. هي بجر بٽو، مهلقا جي نالي تي ٿيو آهي
لٽو، مگر هو ته کيس ڄاڻي نکٽو، تڏهن به هي ٽٽو ،
ميان چبربٽو، ڪٿي ٿو رهي. هن ڏنڊي ڏوٽي، ڀنگ جي
سوٽي، عقل جي موٽي کي مهلقا جي عشق وڏو احمق، عقل
جو سالو، صفا بي تالو بڻائي ڇڏيو آهي. جناب جن جو
مزاج مبارڪ ته حضرت عشق جي گرما گرم آتش کان ريلوي
انجڻ جي ڦيٿي وانگر چڪرن تي چڪر پيو هڻي، ڪابه
ڳالهه هن ڀوڪ ڀاڙيل کي نٿي وڻي؛ سچ آهي ته امير جي
عقل ۾ سنهان سنهان چير ٿين ٿا، جيترو آدمي موٽو،
اوترو عقل جو ٿئي ٿو ڇوٽو.
دلربا: اي بيوقوف ٽمبڪٽو، تون ڪو ٻڪرو آهين يا گهيٽو.
ٽمبڪٽو: ڇو ڇو بيگم! منهنجي نالي سان تنهنجو ڪهڙو ڪم؟
دلربا: اي ميان! تنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ ڪينئان، هن غريب جي گلي ۾
حضرت عشق جو جنجال آهي؛ هن جو ڇٽڻ محال آهي، هو
لاچار آهي، جان کان بيزار آهي، ٻڌو ڪين اٿئي:
آن که شيران را کند روبها مزاج،
احتياج و احتياج و احتياج و احتياج.
ٽمبڪٽو: خير، بيبي مان به دلالي جي اسڪول، نمبر ٽو (2) جو فس
ڪلاس شاگرد آهيان، تنهنجي حڪم موجب وڃان ٿو ۽ وچا
ڪٽي جو انجام سر انجام ڪيان ٿو، يعني حرص جي گهوڙي
کي بيوقوفيءَ جو لغام لڳائي، ميدان حماقت ۾
ڊوڙايان ٿو، قسمت کي هوا ۾ اڏايان ٿو. هينئر جلد
هن نونهال، نازڪ خيال، گل انداز مهلقا وٽ ويندس.
ڪنهن عجز عاجزي يا فريب فتني بازي ۾ آڻي. هن کي
پنهنجي آقا سان ملائيندس؛ پوءِ ساري عمر ويٺو هن
پاڳل شمشاد جو مال لٽائيندس.
دلربا: ميان مون کي به ولائتي وارنس جو بوٽ گهرائي ڏج.
ٽمبڪٽو: هان هان پياري، تو کان سواءِ منهنجو وري ٻيو دنيا ۾
ڪير آهي؛ ماءُ آهين ته تون، ڀيڻ آهين ته تون، ڌيءَ
آهين ته تون ۽ جي زال آهين ته تون.
دلربا: پيارا منهنجو وري ڪو ٻيو والي وارث آهي، پيءُ آهين ته
تون، ڀاءُ آهين ته تون، پٽ آهين ته تون، ۽ جي
خاوند آهين ته تون.
[5]گانو-
(دلربا ۽ ٽمبڪٽو)
ٽمبڪٽو: منٺار پرين، دلدار پرين، ڪرناز نه اي دل جاني.
دلربا: جند جان ڪيان، قربان ميان، اي جاني، يوسف ثاني. ٽمبڪٽو:
آ صورت منهنجي ڪاري.
دلربا: گل ناري.
ٽمبڪٽو: آ گلي سان لڳ تون پياري.
دلربا: مون واري.
ٽمبڪٽو: منٺار پرين، دلدار پرين، ڪر ناز نه اي دل جاني.
ٽمبڪٽو: ڏي بوسو هڪڙو جانا.
دلربا: ڇڏ طعنا.
ٽمبڪٽو: ڇڏ جوٺا بهانا.
دلربا: ڇڏ طعنا.
ٽمبڪٽو: منٺار پرين، دلدار پرين، ڪر ناز نه اي دل جاني.
گانو مهلقا: درز: ”هاءِ سنيا پڙون مين تيري
پنيان“
گانو ممتاز: طرز: ”تيري ذات پاڪ هي اي خدا
تيري شان جل جلاله“
دلربا
طرز: ”جوئي دم ديکو ميري پيا ڪو م!لانا.“
طرز: ”دن رتيان نا ڇيڙو سنيان ڇاندو
بنيان............“
طرز: ”دي رنگ ڀنگ ڪا لوٽا“
|