سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :9

ارم درس

شاهه، سچل، سامي واري سنڌ

مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو منجهايا،

پيرن پنڊتن بزرگن بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،

اوڏا ڪين نه آيا، عقل وارا عشق کي.

(سچل سرمست)

دنيا ۾ انسان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترن ئي مذهبن جنم ورتو آهي ۽ هر ڪنهن مذهب جا عقيدا ريتون رسمون، رهڻي ڪهڻي مختلف آهي- هر ڪنهن جو پنهنجي حيثيت ۽ اهميت تي دارومدار آهي. اهڙيءَ طرح هندو مذهب ۾ ڪيترائي اهڙا شڀ ڏينهن آهن جن مان ديوالي پڻ هڪ شڀ ڏينهن آهي.

ديوالي جي معنيٰ آهي ڏيئن جو ڏينهن، ڏيئو هڪ اهڙي روشن لاٽ آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي ساڙي اسان کي روشني مهيا ڪري ٿو.

تهوارن جو تسلسل صدين کان وٺي هلندو پيو اچي پوءِ اهو تهوار دنيا جي ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ هجي. تهوار اسان ۾ نفرتون ختم ڪري محبتن جا ڏيئا جاڳائيندا آهن.

ديوالي جو تهوار اسان کي پيار، پنهنجائپ، ڀائيچاري، همدردي، امن ۽ شانتي جو درس ڏئي ٿو.

اهو ڏينهن منهنجي لاءِ وڏو افسوسناڪ هو جنهن ڏينهن آءٌ ٽي.وي تي ڀورو ڀيل جو لاش ڏٺو، جنهن کي انتهاپسندي جي آڙ ۾ قبر مان ڪڍي، هڪ مذهب جي نه- پر پوري انسانيت جي تذليل ڪئي وئي. جنهن واقعي جي جيتري سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

سنڌي هندو پنهنجي جيجل سنڌ کي جڏهن هڪ دفعو اڳ مذهب جي آڙ ۾ ايندي سنڌ جيجل کي الوداع ڪري اوڇنگارون ڏيندي اباڻي ديس کي ڇڏيندي پنهنجي ذهنن ۾ خدشا کڻي ويا ته هاڻي سنڌ ڌرتي اسان جي محفوظ نه آهي. نه ئي اسان جون عزتون، جتي روز ٻار اغوا ٿيندا آهن، جتي نياڻين جي عزت غير محفوظ هجي جتي روز نوان مسئلا پيدا ٿيندا هجن اتي ڪهڙي ديوالي ملهائبي ڪهڙي عيد ملهائبي.

جيئن شاهه سائين فرمايو آهي:

”ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي.“

پاڪستان ٺهڻ کان، پوءِ قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي آگسٽ 1948ع واري تقرير ۾ چيو آهي. ته: ”هن ملڪ ۾ ڪوبه مذهبي متڀيد نه هوندو. هندو مندرن ۾ وڃن، مسلمان مسجدن ۾ وڃن هر ڪو پنهنجي مذهبي عبادتگاهه ۾ وڃي سگهي ٿو.

ساڳيو الف رام ۾، ساڳيو منجهه الله

ڇو ٿا ٿيو گمراهه اڙجي اکرن وچ ۾.

سنڌ جي هندن سان مختلف محاذن تي جٺيون ٿينديون رهيون آهن، جيڪي نه صرف مذهب جي ڪري- پر هڪڙو وڏو سبب هي به رهيو آهي ته الائي ڇو هتي جا ماڻهو سمجهن ٿا ته سنڌين جو وطن هندستان آهي.

اسان جا سنڌي هندو ڀائر آخر ڇو پاڻ کي اقليت سمجهي ڪمزور ڪن ٿا. لڏي وڃن ٿا يا خاموشي سان برداشت ڪن ٿا.

جڏهن ته اسان سڀ سنڌ ڌرتي ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب جا وارث آهيون. سنڌ ڌرتي اسان جي ڌرتي آهي. اسان کي گهرجي ته هن ڌرتيءَ جا محافظ بڻجي، انسان دشمن سازشن کي ناڪام بڻايون.

ڇا انسانيت جا دشمن دنيا جي عظيم فاتح سڪندر اعظم کان وڌيڪ طاقتور آهن ڇا؟ جنهن کي چندر گپت موريه جي فوج شڪست ڏني هئي. منهنجو آئڊيل سنڌ جو سورمو روپلو ڪولهي هيرو ان ڪري به رهيو آهي جو آءٌ ان جي جاکوڙ، سچائي، ۽ انسانيت، ڌرتي سان پيار ۽ وفاداري جي ڪارڻ انگريزن سان وڙهي پاڻ کي سنڌ تان نه صرف قربان ڪيو- پر پاڻ کي امر ڪري پوري انسانيت جو مان مٿانهون ڪيو. روپلي جي جنگ مذهب پرستي جي نه هئي، پر انسانيت ۽ ڌرتي خاطر هئي.

مذهب نه تسبيح جي داڻن ۾ هوندو آهي نه ئي مصلي ۾،

مذهب ته ماڻهن جي خدمت لاءِ هوندو آ

(مولانا رومي)

پر افسوس اڄ اسان وٽ قومي ٻڌيءَ جي کوٽ آهي. اسان سڀ سنڌ ۾ رهندڙ، هر مذهب سان تعلق رکندڙ سنڌي پاڻ ۾ عهد ڪريون ته هڪٻئي جو ساٿ ڏئي سنڌ ڌرتي تي رهون ۽ پنهنجي ڌرتي خاطر پاڻ ۾ متحد ٿيون ۽ تاريخ کي بچايون.  شاهه، سچل، سامي واري سنڌ ٺاهيون.

رجب آزاد

فني ۽ فڪري سگهه رکندڙ شاعر

 

اصغر سيتائيءَ سان منهنجي ننڍپڻ کان ويجھڙائي رهي آهي. اسان ٻنهي ڄڻن جي زندگيءَ جو ڳچ حصو نصيرآباد ضلع لاڪاڻو (قمبر شهدادڪوٽ) جي گھٽين ۾ کيڏندي ۽ چيلي واهه ۾ تڙڳندي گذاريو اٿئون. انڪري جو هن سان عزازت وارو رشتو آهي. زندگيءَ جي لاهن چاڙهن اسان کي خزان جي سڪل پنن جيان ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو. ڪيترائي سال هڪٻئي سان ملڻ جلڻ ئي نه ٿيو. پر ادبي کيتر اسان کي وري هڪ ڀيرو ٻيهر اچي ملايو. اصغر ڪڏهن عيسو ماڇي ڳوٺ، ڪڏهن نصيرآباد ۽ ڪڏهن سيتاروڊ وچ ۾ ڀٽڪندو رهيو ۽ مان وري نصيرآباد کان سيتاننڍي ۽ بعد ۾ دادو شهر ۾ اچي مستقل ديرو ڄمايو. پر اصغر سيتائي نوڪريءَ سانگي ڪوٽڙيءَ کي وسائي ويٺو آهي. سنڌ جي هر رسالي ۽ هر اخبار ۾ شاعري ڇپجڻ ۽ فنڪارن کان ڳايل شاعري ٻڌي ڏاڍو سٺو لڳندو هو. سندس شاعري سٺي لڳندي هئي پر اها خبر نه هئي ته هي ساڳيو منهنجو دوست اصغر آهي. اچانڪ ساڻس ملاقات هڪ مشاعري ۾ ٿي ۽ اسان هڪٻئي کي سڃاڻي ورتو.

اصغر 75 ، 76 کان شاعري ڪندو هو ۽ ڪاپين جون ڪاپيون ڀريل هونديون هيس جيڪي اسان کان لڪائيندو هو. سيتا روڊ ۾ اچڻ کان پوءِ استاد پيرل پرديسيءَ جي صحبت ۾ رهي موزون شاعري سرجڻ لڳو ۽ ”سيتائي“ بڻجي ويو. سندس پهريون ڪتاب ”اکڙيون اوسيئڙا“ 2002ع ۾ ڇپجي آيو ۽ وري 2012ع ۾ حمد، نعتن، منقبت ۽ نوحن تي مشتمل ڪتاب ”موتي مون ميڙيا“ پڌرو ٿيو ۽ اجھو هاڻي سندس ٽيون ڪتاب  ”سونهن کي سلام “ اوهان جي هٿن ۾ آهي.

ڪافڪا چواڻي ته: “ڪڏهن ڪڏهن لفظن جو مطلب رڳو پنهنجي زخمن ذريعي ئي سمجهه ۾ ايندو آهي”.  سو اصغر سيتائي جي شاعري به سندس ڀوڳنائن ۽ زندگيءَ ۾ مليل زخمن جي حاصلات جو نتيجو آهي. سندس فڪر ۾ گھرائي ۽ فن ۾ پختگي آهي. اصغر جي شاعريءَ ۾ پيار جي پيڙا به آهي ته  قوم ۽ ديس جو درد به آهي. سڄاگيءَ جا سڏ به آهن ته امن، آجپي ۽ معاشرتي ناهمواريءَ خلاف مزاحمت به آهي. ان ڪري ئي سندس نالو ٽهيءَ جي سيبتن، سريلن ۽ موزون شاعرن جي صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

اصغر سيتائيءَ جي شاعريءَ ۾ تشبيهون، استعاره، ڪنايه ۽ ترڪيبون نهايت ئي اثرائتي انداز ۾ استعمال ٿيل آهن. جنهن ۾ سندس ٻولي، مشاهدي ۽ مطالعي جو وڏو عمل دخل آهي. اميد ته سندس پيار ڀريو هي پورهيو مثبت موٽ ماڻيندو.

 

بنا لالچ، بي لوث خدمت. بابا سائين کي به انهيءَ ڳالهه جو اعتراف هو، تڏهن ته مون کي چيو اٿس ته، ”مون کان پوءِ ننڍڙي رئيس ميرل جو اهڙي طرح خيال رکجاءِ، جيئن مون تنهنجو خيال رکيو آهي.“

مون ماسيءَ ڏانهن نهاريو پر هوءَ اٿي هلي وئي هئي، مان اڃان به پنهنجن خيالن ۾ ڀٽڪان ها پر ماسي تازي ٺهيل چانهه کڻي آئي. بابا چنڊ... چانهه پيو پوءِ وڃي ٻاهر جو واءَ سواءَ وٺو، اخبارون به اچڻ واريون هونديون. صبح جا ساڍا نو ٿيا هئا، چانهه پي مان اوطاق ۾ آيس، بابا سائين ٻن ننڍن ڪمدارن کي ڪم ڪار ٻڌائي پيو. مون کي ڏسي چيائين هلي آ بابا...... چنڊ...... اڄ سوٽ شهر مان موٽڻ ۾ دير ڪري ڇڏي آهي. چاچو ڪمدار هفتي ۾ ٻه ٽي ڏينهن صبح جو سبزي منڊي وڃي ٺيڪيدار سان حساب ڪتاب ۽ حال احوال ڪندو هو. ڏهين بجي ٻاهر گاڏيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. چاچو ڪمدار اندر آيو سندس هٿن ۾ چار پنج اخبارون هيون، هن اخبارون اسان جي اڳيان رکيون.... يار سوٽ.... اڄ موٽڻ ۾ دير ڪئي اٿئي!

رئيس وڏا.... ڪم به گهڻا هئا ۽ اخبار به اچڻ ۾ دير ڪئي هئي.... رئيس ننڍي جو ڦوٽو اخبار ۾ ڇپيو اٿو، شهر ۾ به خبر پئجي وئي آهي ته اسان جو ننڍو رئيس بورڊ جي امتحان ۾ پهريون نمبر آيو آهي.... بابا سائين هڪ اخبار کنئي، مون به اخبار کڻي ڏٺو، ڇوڪرن ۾ ٽن تصويرن مان هڪ منهنجي هئي ۽ ٽي تصويرون ڇوڪرين جون هيون، جن مان هڪ رضيه جي هئي جنهن ٽين پوزيشن کنئين هئي. انهيءَ مهل فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي. چاچي ڪمدار فون کڻي هيلو ڪئي، ٻئي طرف وڏيرو علي نواز هو، اخبار انهن وٽ به پهچي وئي هئي. چاچي وڏيرا.... خير مبارڪ چئي فون بابا سائين کي ڏني. ها.... بابا علي نواز..... مهرباني.... رب جا لک احسان آهن. توهان ٻڌايو، نياڻيون به پاس ٿيون هونديون. اڇا.... سيڪنڊ ڪلاس ۾.... ٻئي- سٺو ٿيو، توهان کي به مبارڪون هجن. يار علي نواز.... اسان بابي سائين جي خوشيءَ ۾ دعوت جو انتظام ڪيو آهي، جمع ڏينهن نماز کان پوءِ، فون تي توهان صرف اطلاع ڏنو اٿم. سوٽ مولا بخش دعوت ڏيڻ توهان ڏانهن اچي پيو، منهنجي دلي خواهش آهي ته توهان سڀني ٻچڙن سميت اسان جي خوشيءَ ۾ شامل ٿيو. بابا..... علي نواز.... يار مهرباني ڇا جي آهي.... توهان ته منهنجا عزيز آهيو، عزيزن کي خوشي ۾ شامل نه ڪجي ته اها خوشيءَ ڪهڙي؟ ٺيڪ آهي بابا..... هتي به ٻئي حويليون توهان جون پنهنجون آهن. ٺيڪ بابا.... الله حافظ.

بابا سائين فون بند ڪري چاچي ڪمدار ڏانهن نهاري چيو، مون وڏيري علي نواز سان جيڪو ڳالهايو.... سوٽ تو ٻڌو.... چانهه اچي ٿي، پوءِ تون پهريائين مرشدآباد وڃي کين سَگهرو سڏ ڏجاءِ، باقي ڳوٺن ڏي پنهنجا ماڻهو موڪلي وڏيرن کي جمع ڏينهن جي دعوت موڪل. رئيس وڏا.... مان سمجهي ويس، توهان الڪو نه ڪيو. مون هڪ اخبار سنڀالي پنهنجي بريف ڪيس ۾ رکي، هاڻي اها ڪارين اکين واري سانوري به حويليءَ ۾ ايندي، اتي ته کيس گهڻو موقعو مليو هو ته مون کي قائل ڪري، نورپور جي حويلي ۾ سانئڻ ٿي اچي پر هتي ته کيس اهو موقعو ڪونه ملندو ته مون سان آرام سان ويهي ڳالهائي. مون سندس حويليءَ جي باغ ۾ کيس صاف چيو هو ته مان ڪو واعدو ڪونه ڪندس، پر هوءَ هر حال ۾ مون کان وچن وٺڻ پئي چاهي، هاڻي ته ”روبينه“ جي رشتي جو ذڪر ٿيندو، هوءَ به ڪوشش ڪندي ته سندس دل جي مراد به پوري ٿئي. سانوريءَ بلڪل صاف لفظ چيا هئا ته هن کي صرف دل جي هڪ ڪُنڊ گهرجي، سندس لفظن جي تائيد ۾ سندس اکيون به شامل هيون. ”لب ۽ اکيون جڏهن هڪڙي ڳالهه ڪن ته پوءِ ان ۾ کوٽ جي ذري به شامل ڪانه ٿيندي.“ شبنم جي دل ۽ دماغ جي سچائيءَ مون کي انهيءَ ڏينهن  ڪافي متاثر ڪيو هو پر سندس ڪابه ڪوشش ڪامياب ڪانه ٿي، پوءِ به هوءَ پر اميد هئي. ”روبينه“ جي رشتي کان پوءِ ته هوءَ اڳي کان اڳري ٿي ويندي ته، باقي مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي يا مون ۾ ڪهڙي ڪمي آهي. دعوت جا سڀ انتظام ٿي ويا، جمع ڏينهن اوسي پاسي جا سڀ وڏيرا اچي پهتا، مرشدآباد جي سڄي حويلي اچي نورپور لٿي. ماسيءَ سندن لاءِ حويليءَ جا مٿيان ڇَهيءَ ڪمرا تيار ڪرائي ڇڏيا هئا. مون کي گلن ۽ نوٽن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون، جمع جي نماز ٿي، بابا سائين مولوي صاحب کي پاڻ سان وٺي آيو. پوءِ دعا گهرائي ماني شروع ڪرائي. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو خوش هئا، هر گهر ۾ ماني موڪلي وئي- دعوت خير سان ٿي وئي. ٽپهريءَ کان پوءِ هرڪو موڪلائي پنهنجي ڳوٺ روانو ٿيو. چاچو ڪمدار مرشدآباد وارن کي ٻڌائي آيو هو ته کين هڪ ٻه رات اسان وٽ نورپور ۾ رهڻو آهي. سالن جون وڇڙيل ماساتيون مليون هيون، سالن جا دک ۽ وڇوڙا گهڙي کن ۾ ڪيئن ورهائبا. رات جي ماني مهمان خاني ۾ کاڌي سين، اسان پنج ڄڻا هئاسين، ٻه وڏيرا ٽي اسان نورپور جا رئيس... چانهه جو دور هليو پوءِ بابا سائين چيو.... بابا علي نواز... يار مون فيصلو ڪيو آهي ته وڏيري رب نواز جي نياڻي ”روبينه“ کي سوٽ مولا بخش جي حويليءَ جي سونهن ڪري وٺي اچان. تنهنجو ڇا خيال آهي.... مون ڏٺو ٻنهي جي چهري تي خوشيءَ جي چانڊاڻ چمڪڻ لڳي.

پر رئيس وڏا.... وڏيري علي نواز مون ڏانهن نهاريو... رئيس ننڍو به.... بابا علي نواز... بابي چنڊ کي مان اڃان ٻه سال آزاد ڇڏيان ٿو، ڀلي سڪون سان انٽر ڪري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺي پوءِ کيس به سُڪ ڪنداسين. پوءِ رئيس وڏا.... توهان اها اجازت ڏيو ته مان به ”شبانه“ کي گرلس ڪاليج ۾ داخل ڪرايان ڀلي اها به انٽر ڪري. بابا علي نواز اهو ته سٺو ڪم آهي.... پر يار هڪ ڳالهه مان توکي صاف ٻڌائيندس ته ننڍي رئيس لاءِ منهنجي نظر ۾ هڪ نياڻي آهي، منهنجي خواهش آهي ته اها هِت هن حويليءَ ۾ ڪنوار بڻجي اچي. وڏيري علي نواز سان گڏ مان به ڇرڪي پيس. وڏيري چاچي ڪمدار ڏانهن نهاريو.... جيئن چوندو هجي ته ماسات مولا بخش جي نياڻي به اسان جي نياڻي آهي. چاچي ڪمدار يڪدم چيو. ماسات اها ڇوڪري رئيس جي هڪ دوست جي نياڻي آهي جيڪا عزيز آباد ۾ پڙهي پئي. بابا علي نواز.... سچ ته اهو آهي ته ڇوڪري ڄڻ منهنجي پنهنجي آهي، مون اڃان سندس ماءُ پيءُ سان کُلي ڪونه ڳالهايو آهي، ”پر هاڻي مان دير به ڪونه ڪندس.“ پوءَ هو ڪهڙو جواب ڏين ٿا....“ رئيس وڏا... توهان جي خوشي اسان کي وڌيڪ عزيز آهي... ڀلا هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ ۾ هرج ته ڪونهي. وڏيري  علي نواز پنهنجي دل جي ڳالهه صاف ڪري ٻڌائي. نه.... يار.... نه.... ڪوبه حرج ڪونهي.... ”مون ته سوٽ کي وصيعت ڪئي آهي ته ڀلي بابي چنڊ کي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرائجاءِ! رئيس وڏا.... توهان جا لک ٿورا.... ننڍو رئيس به ويٺو آهي، مون پنهنجي دلي آرزو ٻڌائي آهي، هاڻي ان کي پورو ڪرڻ يا نه ڪرڻ توهان جي مرضيءَ تي آهي. ”يار وڏيرا علي نواز...! انسان جي مرضي ڪڏهن هلي آهي... ٿيندو اهو ئي جيڪو سهڻي رب کي منظور هوندو.“

ڪوئل جي جوڙي به ٻه ٻچا ڪيا آهن، ننڍڙو چنڊ اڪثر باغ ۾ وڃي انهن جي ڪهو... ڪهو ٻڌندو آهي ۽ پنهنجي هٿن سان مائي ”حليمان“ مائي زليخان جي ماءُ کان چانور ۽ ٻاجهر وٺي انهي پاٽ ۾ وجهندو آهي.

 ڳالهه بابي چنڊ ٻڌي آهي، فيصلو ڪرڻ هاڻي سندس حق آهي، مان کيس تنهنجي اڳيان اجازت ڏيان ٿو. وڏيرن ۽ چاچي ڪمدار هڪ ئي وقت مون ڏانهن نهاريو ته مان ڪهڙو جواب ڏيان ٿو. ٿوري دير لاءِ آءٌ منجهي پيس ته ڇا چوان، هڪ طرف ”رضيه“ ٻئي طرف ”عابده“ جنهن کي مون منڊي پارائي، حويليءَ جي سانئڻ ٿيڻ جو يقين ڏياريو هو. انهيءَ ڳالهه جي شاهد ته ماسي به آهي، جيڪا هن وقت هن حويليءَ جي وڏي سانئڻ به آهي. بابا سائين وري ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي پسند ڪيو آهي جيڪا عزيز آباد ۾ پڙهي پئي. مان انهن خيالن ۾ هئس ته بابا سائين چيو..... ”رئيس وڏا... ڪهڙين سوچن ۾ پئجي ويو آهين.... اسان تنهنجي جواب جو انتظار پيا ڪريون.“ مون سان گڏ وڏيرا ۽ چاچو ڪمدار به حيرت مان بابا سائين ڏانهن ڏسڻ لڳا. هيءَ پهريون دفعو هو جو بابا سائين مون کي ”چنڊ“ جي بدران رئيس وڏا سڏيو هو. اڙي يار.... توهان حيران ڇو پيا ٿيو.... اڄ نه ته سڀاڻي ”بابو چنڊ“ ”رئيس وڏو“ سڏجندو، مون کيس هفتو اڳ سڄي جاگير جون چاٻيون ڏئي ڇڏيون آهن، جاگير ۽ حويلي به سندس نالي ڪرائي ڇڏي آهي. وڏيري علي نواز چيو.... رئيس وڏا.... الله سائين توهان کي سلامت رکي، اسين رئيس ننڍي کي به پنهنجو رئيس سمجهون ٿا ۽ سندس حڪم کي پورو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. هاڻي مون کي خاموش رهڻ مناسب ڪونه لڳو.... چاچا علي نواز... توهان جا لک ٿورا... اها ته بابا سائين جي محبت ۽ پيار آهي، منهنجي جاگير ته توهان سڀ آهيو... مان في الحال توهان سان ڪو واعدو ڪونه ڪندس پر توهان جي آرزو منهنجي ذهن ۾ رهندي ۽ مناسب وقت تي مان توهان کي پنهنجو جواب ضرور ٻڌائيندس.

واهه.... بابا چنڊ.... واهه..... يار تون به دنياداري سکي ويو آهين.... ”واعدو ڪجي ته انهيءَ کي نڀاهڻ مڙسن جو وڙ آهي.“ تون انهيءَ ڳالهه کي سمجهين ٿو، مون کي تنهنجو جواب وڻيو. ”واعدو ته معصوم ۽ بي زبان پکي به پورو ڪن ٿا، انهيءَ جو مثال منهنجي اکين ڏٺو آهي.“ بابا چنڊ.... ڀلا اهو ته ٻڌاءِ تو ننڍي ڪمدار (يار رسولي) سان ڪهڙو واعدو ڪيو آهي. بابا سائين.... مون يار کي واعدو ڏنو هو ته ڪاليج وڃڻ کان اڳ تنهنجا دهل ۽ شرنائيون وڄرائي ويندس. مون دل ۾ سوچيو مون ”مومل“ کي به چيو هو ته توکي تنهنجي ڀاڄائي ڏيکاري پوءِ ڪاليج ويندس. بابا علي نواز تو ٻڌو.... توهان ٿوري دير اڳ منهنجو جيڪو فيصلو مڃيو هو سو به بابي چنڊ ڪيو هو، مون لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙي خوشيءَ ٿيندي ته منهنجو جاءِنشين، منهنجي اڳيان صحيح فيصلا ڪري. رئيس وڏا.... اسان کي ننڍي رئيس سان ملي جيڪا خوشي ٿي آهي... مان ان جو بيان ڪري نٿو سگهان پر اڄ مان دل و جان سان کيس اها دعا ضرور ڪندس ته خدا تعاليٰ کيس هميشه خوش ۽ شادمان رکي ”آمين“. جو لفظ سڀني جي زبان مان نڪتو. رئيس وڏا... توهان پکين جي باري ۾ ڪجهه فرمايو پيا ته انهن جو مثال توهان جي اکين ڏٺو آهي. وڏيري رب نواز پهريون ڀيرو ڳالهايو. جي بابا رب نواز... ”ڳالهه ته واقعي انوکي آهي... ٿي سگهي ٿو ته اهو صرف منهنجو خيال هجي، مان توهان کي ٻڌايان ٿو پوءِ فيصلو توهان خود ڪيو ته منهنجو خيال درست آهي يا غلط!!!“ ”منهنجي چنڊ تي هڪ ”ڪوئل“ عاشق آهي.... “

 ڇا...؟ وڏيرن سان گڏ چاچي ڪمدار کان به ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو... بابا!!! عاشق سان منهنجي مراد ”واعدو“ آهي. شايد هن ننڍي هوندي منهنجي چنڊ سان واعدو ڪيو هوندو ته سڄي عمر توسان ساٿ ڏيندس. مان به بابا سائين ڏانهن حيرت سان پيو ڏسان ۽ وڏيرا ته مون کان وڌيڪ حيران هئا.... شايد اهو پيا سوچن ته رئيس وڏو ڀوڳن جي موڊ ۾ آهي. پر مان ان ڪاريءَ کي روز ڏسان پيو، اصل ڪهاڻي کلي ظاهر ٿئي ته پوءِ فيصلو ڪرڻ سولو ٿيندو. ”اها يارنهن ٻارنهن سال اڳ جي ڳالهه آهي... بابا سائين ٻڌائڻ شروع ڪيو، هڪ ته مون جاگير جي ڪمن ۾ لڳي شادي دير سان ڪئي هئي، وري شادي کي ڏهه سال ٿي ويا ته مون کي اولاد جي خوشي نصيب ڪانه ٿي، انهي عرصي ۾ ٻه دفعا اميد جي روشني ته چمڪي پر اها روشني هن حويليءَ جي ڀاڳ ۾ ڪانه هئي، چاچو الله بخش ان وقت سلامت هو، مون کان وڌيڪ کيس اهو ڏک هو ته هن حويليءَ جو وارث اڃان پيدا ڪونه ٿيو آهي. سوٽ مولا بخش جي شاديءَ جو پروگرام ٺهيو، چاچي سائين مون تي به زور ڀريو ته مان ٻي شادي لاءِ راضي ٿيان ته ٻنهي سوٽن کي گڏ پرڻائي اچي. منهنجي انڪار تي کيس تڪليف ته ٿي پر هو خاموش رهيو، منهنجو سڳو چاچو، منهنجو سهرو ۽ مون کي پل پل تي سهارو ڏيندڙ، منهنجي ڪري دکي ٿيو هو، مون کي اها ڳالهه سٺي ڪانه پئي لڳي ۽ مون تي ڄڻ مايوسيءَ جو سايو ديرو ڄمائڻ لڳو. رابعه کان اها ڳالهه ڀلا ڪيئن لڪي سگهي پئي، هن هڪ رات مون کي چيو ته، ”توهان ڇو ٿا مايوس ٿيو، مان توهان کي راضي خوشيءَ اجازت ڏيان ٿي ۽ پنهنجي هٿن سان ڪنوار کي سينگاري حويليءَ ۾ وٺي ايندس توهان صرف ها ڪريو....“ ”نه....نه.... رابي..... مان مايوس ڪونه آهيان، مون کي يقين آهي ته منهنجو چنڊ تنهنجي جهوليءَ ۾ لڏندو. ڇهن مهينن کان پوءِ آخرڪار چاچي، سوٽ جي شادي ڪرائي، ٻن سالن کان پوءِ اها خوش خبري ملي ته ننڍي حويليءَ ۾ خوشين جي نويد آهي. ننڍڙو ڪمدار ننڍي حويليءَ سان گڏ هن حويليءَ لاءِ به خوشيون کڻي آيو.

رابعه هڪ ڏينهن مون کي ٻڌايو ته حويليءَ جي ڄمونءَ جي وڻن ۾ هڪ ڪوئل جو جوڙو اچي رهيو آهي. انهيءَ وقت اتي صرف ڇٻر هئي، گلن جا ٻوٽا ڪونه هئا، صرف هڪ قطار ۾ ٻارنهن ڄمونءَ جا وڻ هئا. اتي تمام ٿورا پکي رهندا هئا، باقي ته ميون جي باغن ۾ بسيرو ڪندا هئا. مان حويليءَ جي ڪمري ۾ ڪوئل جي ڪهو...ڪهو ٻڌندو هوس. رابعه ٻه ٺڪر جون پاٽون گهرائي هڪ ۾ پاڻي ۽ ٻئي ۾ داڻو وجهرائي ڄمونءَ جي انهي وڻ هيٺان رکرائي ڇڏيون. انهي مهل مون کي اهو خيال آيو ته اتي گلن جا ٻوٽا پوکرايان پوءِ چاچي ۽ سوٽ اتي سهڻي قطارن ۾ گلاب ۽ موتئي جون چڪيون لڳرايون. ننڍو ڪمدار سال جو ٿي ويو، هو اڪثر سوٽ جي ڪلهن تي چڙهي هن حويليءَ ۾ پڦي سان ملڻ ايندو هو. ڳالهه مختصر ته رابعه مون کي خوشخبري ڏني ته الله سائين ۾ اميد آهي ته هن واري اسان کي اولاد جي خوشي ضرور حاصل ٿيندي. الله جا لک احسان ته بابو چنڊ خيريت سان هن دنيا ۾ آيو ۽ حويليءَ کي پنهنجي خوشبوءَ سان مهڪائي ڇڏيو. مان وري پنهنجي مصروفيتن ۾ لڳي ويس، مايوسيءَ جو پاڇو ٽري ويو. بابو چنڊ پنجن سالن جو ٿيو ته چاچو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سوٽ مون سان مڙس ماڻهو ٿي ساٿ نڀايو جيڪو اڄ ڏينهن تائين آهي. جاگير جي سڄي رکوالي سندس حوالي آهي. ٻن مهينن کان پوءِ رابعه مون کي ٻڌايو ته ڪوئل جي جوڙي به ٻه ٻچا ڪيا آهن، ننڍڙو چنڊ اڪثر باغ ۾ وڃي انهن جي ڪهو... ڪهو ٻڌندو آهي ۽ پنهنجي هٿن سان مائي ”حليمان“ مائي زليخان جي ماءُ کان چانور ۽ ٻاجهر وٺي انهي پاٽ ۾ وجهندو آهي. مون کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو ۽ مدرسي ۾ به ويندو هو. هڪ ڏينهن مون کي خبر پئي ته ڪوئل جو هڪ ٻچڙو مري ويو هو ۽ وڻ تان هيٺ ڪري پٽ تي پيل هو ته ننڍڙي چنڊ انهيءَ کي وڃي کنيو. مٿي وڻ تي سندس ماءُ پيءُ ۽ هڪ ٻچو دانهن سان ڪهو.....ڪهو  پيا ڪن، مائي حليمان ڊڪندي آئي ۽ بابي چنڊ کان اهو مئل ٻچو وٺڻ پئي چاهي پر هي ڏيڻ لاءِ راضي ڪونه هو. رابعه به باغ ۾ نڪري آئي ۽ ڳالهه سمجهي، مائي زليخان کان هڪ کرپيءَ سان ننڍڙي کڏ کوٽرايائين ۽ بابي چنڊ کي چيائين ته هاڻي انهي ٻچي کي انهي کڏ ۾ رک، هن انهيءَ کي کڏ ۾ رکيو ۽ پوءِ پاڻ به ننڍڙن هٿن سان مٽي  وجهي کڏ کي پوري ڇڏيو. مٿي وڻ تي ويٺل ٻه وڏا ۽ هڪ ٻچو اهو ڏسن پيا، شايد قدرت به ان وقت کين اها سمجهه ڏني ته سندن ٻچي کي صحيح جاءِ تي پهچايو ويو آهي ۽ هو خاموش ٿي ڏسن پيا. وقت گذري ويو، انهيءَ سال جي آخر ۾ ”رابعه“ چنڊ کي ڇهن سالن جي عمر ۾ اڪيلو ڪري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. قسمت جو لکيو ته ڪير ٽاري ڪونه سگهندو. وقت گذرندو رهيو، مون بابي چنڊ کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وڏو ڪيو، هن کي باغ ۾ وڃڻ جي عادت هئي. ڪجهه وقت ته اهي ٽي پکي مان ڏسندو هوس پر جڏهن بابي چنڊ ستين ڪلاس جو امتحان ڏنو ته هڪ ڏينهن مان باغ ۾ گلن جي ٻوٽن کي ڏسڻ ويس ته اتي مون کي صرف هڪ ڪوئل نظر آئي. صبح جو نماز تي وڃڻ وقت به مون کي صرف هڪ ڪوئل جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. شايد سندس ماءُ ۽ پيءُ به کيس اڪيلو ڪري ويا هئا. مون ڪيترا ڏينهن انهيءَ ڳالهه کي نوٽ ڪيو ته هاڻي انهيءَ ڄمونءَ ۾ صرف هڪ ڪوئل پنهنجي آکيري ۾ رهي ٿي. باقي ٻيا پکي ته ڪافي هئا، بابو چنڊ صبح ۽ شام باغ ۾ چڪر ڏيندو هو ۽ گلن سان راند ڪندو هو. پوءِ مون کيس ڪاليج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آخرڪار اٺين جماعت ۾ وڃي بشيرڪوٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. جڏهن مان ۽ سوٽ کيس ڇڏي موٽي آياسين ته ڪجهه ڏينهن مون کي سڄي رات ننڊ ڪونه ايندي هئي ۽ فجر جو وقت ٿي ويندو هو، مان وڃي نماز ادا ڪندو هوس ۽ مولوي صاحب سان دين ۽ دنيا جون ڳالهيون ڪندو هوس. مهينو کن گذري ويو، مون ڪوئل جي ڪهو.....ڪهو ڪانه ٻڌي. مون سمجهيو شايد هوءَ هتان آکيرو خالي ڪري باغن ڏانهن وڃي رهي آهي. پنج مهينا گذري ويا، بابو چنڊ موڪلن ۾ ڳوٺ موٽي آيو. رات گذري صبح جو فجر مهل مون ڪوئل جي ڪهو....ڪهو ٻڌي، مان نماز تي هليو ويس. ٻئي ڏينهن، ٽئي ڏينهن مون وري ساڳئي ڪهو.... ڪهو ٻڌي. مان بابي چنڊ کي صرف اهو چئي ويندو هوس ته ”نماز جو وقت ٿي ويو آهي.“ مون کي اها پڪ هئي ته هو پاڻ اٿي نماز ادا ڪندو ۽ پوءِ باغ جو چڪر لڳائيندو. بابي چنڊ جي موڪل پوري ٿي، اسين کيس ڪاليج ڇڏي آياسين. هڪ ڏينهن، ٻه ڏينهن پورو هفتو گذري ويو، صبح جو نماز تي ويندي يا واپس اچي مون ڪوئل جو آواز ڪونه ٻڌو. شايد هوءَ وري ڄمونءَ جي وڻ ۾ ٺهيل پنهنجي آکيري کي ڇڏي باغن ڏانهن هلي وئي هئي. بابي چنڊ اٺين جو امتحان ڏنو ته اسان وري کيس ڳوٺ وٺي آياسين. صبح جو نماز تي ويندي مون پويان حويليءَ مان ڪهو.....ڪهو جو آواز ٻڌو، مون کي حيرت ته ڏاڍي ٿي پر اهو سوچي ته معصوم پکي آهي، جتي دل گهريس ٿي اتي وڃي ٿي بسيرو ڪري. بابو چنڊ هتي ويهه ڏينهن رهيو، اٺون پاس ڪري هو نائين ۾ داخل ٿيو، اسين کيس ڪاليج ڇڏي آياسين. موٽي اچي مون خاص انهيءَ ڳالهه کي نوٽ ڪيو ته ڪوئل جو آکيرو خالي آهي ۽ هوءَ وري باغن ڏانهن هلي وئي آهي. نائون پوءِ ڏهون، اڄ هتي آئي بابي چنڊ کي اڍائي مهينن کان مٿي وقت ٿيو آهي پر ڪوئل روز رات جو اچي ڄمونءَ ۾ ٺهيل آکيري ۾ رهي ٿي ۽ صبح جو سويل وري باغن ڏانهن هلي ٿي وڃي.“ مون مولوي عبدالرحمٰن شاهه کي سڄو قصو ڪري ٻڌايو ته ان به حيران ٿي چيو هو ته، ”الله تعاليٰ جو شان نرالو آهي، هن معصوم بي زبان پکين کي به سمجهه عطا ڪئي آهي ته پاڻ تي احسان ڪندڙ جو ٿورو مڃن.“ شايد اهوئي سبب آهي ته جڏهن ننڍو رئيس حويليءَ ۾ واپس اچي ٿو ته اها ڪوئل به اچي حويليءَ کي وسائي ٿي پوءِ وري واپس باغن ڏانهن هلي ٿي وڃي.“ وڏيرا ۽ چاچو ڪمدار خاموشيءَ سان اهو سڀ ٻڌن پيا، مون کي به هاڻي خبر پئجي وئي ته ڇو اها ڪاري، منهنجي ٻاهر باغ ۾ اچڻ کان پوءِ ڀڙڪو ڏئي اڏامي باغن لاءِ رواني ٿئي ٿي. واهه..... ڙي.... ڪاري..... واهه. مون جڏهن ماسيءَ کي ڀوڳن ۾ چيو هو اها ڪاري به مون سان عشق ڪري ٿي، ته ماسيءَ کلي چيو هو.....! ها...!!! تون سندس ويجهو عزيز هوندي. بابا چنڊ.... تون خبر ڏي.... ڇا تو ڪڏهن ائين محسوس ڪيو آهي ته اها ڪوئل صرف توکي ڏسڻ لاءِ يا توکي صبح جو سويل ننڊ مان اٿارڻ لاءِ رات حويلي جي باغ ۾ گذاري، صبح جو واپس موٽي وڃي ٿي. بابا سائين...! مون کي ننڍي هوندي واري ڳالهه ياد ته ڪانهي پر گذريل ٽن سالن ۾ مون ٻه ڳالهيون ضرور محسوس ڪيون آهن. جيڪي مون کي سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيون، مون چار پنج ڏينهن اڳ ماسيءَ کان انهن بابت سوال ڪيو هو. پهرئين ڳالهه جو جواب ته مون کي توهان جي ڳالهه ٻڌي ملي ويو آهي. ماسيءَ ته صرف اهو چيو هو ته، ”پکي پنهنجي مرضيءَ وارا آهن، جتي وڻين اتي وڃي بسيرو ڪندا، کين ونگ ڀلا ڪير وجهندو.“ بابا چنڊ... ٻيو ڪهڙو سوال هو.... يار جلدي ٻڌاءِ. بابي سائين کي الائي ڇو ڄڻ ڪا پريشاني ٿيڻ لڳي هئي. بابا سائين... اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.... توهان ڇو پريشان پيا ٿيو. رئيس ننڍا... مهرباني ڪري توهان اسان کي ٻڌايو....! شايد اسين توهان کي انهي سوال جو جواب ڏيون..... چاچي ڪمدار جلديءَ ۾ چيو. مون کين گلن جي باري ۾ ٻڌايو ته، مان هميشه صبح جو چار گلاب جا گل ۽ ست موتئي جا گل چونڊيندو آهيان ۽ انهن کي آڻي ٽيبل تي رکندو آهيان. پر مون کي ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته اڄ مون موتئي جا ستن بدران اٺ گل چونڊيا آهن. مون ڪڏهن کين ڳڻي ڪونه چونڊيو آهي، بس الائي ڇو جڏهن مان گلاب جا چار گل چونڊيندو آهيان ته پوءِ منهنجي دل ٻئي گل لاءِ ڪانه ٿيندي آهي پوءِ مان موتئي جا گل چونڊيندو آهيان، اهي به مون کي هميشه ست لڳندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهو شڪ ٿيندو آهي ته شايد اڄ اهي اٺ گل آهن. ”ماسي سانئڻ ٻڌايو ته سدائين گلاب جا چار گل هوندا آهن پر ڪڏهن تون ڀلجي موتئي جا اٺ گل کڻي ايندو آهين.“ مون اڃان ڳالهه پوري ڪئي ته بابا سائين يڪدم صوفي تان اٿي کڙو ٿيو، وڏيرا، چاچو ڪمدار ۽ مان به اٿيس، بابا سائين واچ ڏانهن نهاريو، وري ديوار تي لڳل گهڙيال ڏانهن ڏٺو، رات جو هڪ لڳي ڏهه منٽ ٿيا هئا، بابا سائين جي چهري تي پريشاني نظر پئي آئي. وڏيرن ۽ چاچي ڪمدار.... پڇيو رئيس وڏا خير ته آهي توهان ڇو ايترا پريشان پيا لڳو.... ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟!!.... بابا سائين وري واچ ڏانهن نهاريو پوءِ خاموشيءَ سان صوفي تي ويهي رهيو. وڏيرا ۽ چاچو ڪمدار به ويٺو ۽ مان به بابا سائين جي ڀرسان صوفي تي ويٺس، انهيءَ مهل مون کي خيال آيو ته مون وانگي بابا سائين به اهو پيو سوچي ته اهي گل روز ٽيبل تان کڻي وڃي گند ۾ اڇلائيندا هوندا. مون بابا سائين کي چيو.... توهان جي پريشاني کان مان واقف آهيان ته توهان ڇو ايڏو پريشان ٿيا آهيو. وڏيرا، چاچو ڪمدار ۽ بابا سائين حيرت سان مون کي ڏسڻ لڳا. بابا چنڊ... ٻڌاءِ......ٻڌاءِ.... يار مان واقعي هڪ بي چيني محسوس ڪيان پيو. بابا سائين.... اها ساڳي بي چيني مون کي به ٿي هئي، پر ماسي سانئڻ منهنجي انهيءَ بي چيني کي ختم ڪري ڇڏيو. مون جڏهن ماسي کي چيو ته، ”ماسي مان جيڪي گل روز ٽيبل تي رکندو آهيان، سج لٿي کان اڳ اهي گل کڻائي تون شايد وڃي گند جي ٽوڪري ۾ ڦٽا ڪرائيندي آهين؟“ ته ماسي جواب ڏنو، ”ڇا.....؟ مان توکي اهڙي چري ٿي نظر اچان جو اهي گل گند جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائيندس.“ پوءِ مون کين ٻڌايو ته ماسي انهن گلن جو ڇا ڪندي آهي.

بابا سائين يڪدم مون کي ڀاڪر پاتو....، چيائين بس... بس بابا چنڊ... منهنجي بي چيني دور ٿي وئي. ننڍي رئيس ميرل جي ماءُ هن حويليءَ لاءِ هڪ نعمت آهي، منهنجي نصيحت توکي ياد هوندي. جي بابا سائين مون کي ياد آهي. بابا سائين جي چهري تي هڪ انمول خوشي هئي، جيڪا مون ته محسوس ڪئي پر مهمانن سميت چاچي ڪمدار به ان کي محسوس ڪيو. بابا چنڊ... يار هاڻي تون وڃي آرام ڪر.... پر پهريائين اهو ته ٻڌاءِ، پنهنجي يار جي دهلن ۽ شرنائين جو ڪهڙو پروگرام ٺاهيو اٿئي. بابا سائين.... اڄ جمع هو، ايندڙ خميس ڏينهن صبح جو ناشتي کان پوءِ اسين مرشدآباد هلنداسين، پهريائين ”مرشد“ جي مزار تي پڙ وجهي دعا گهرنداسين، پوءِ حويليءَ ۾ هلي يار ڪمدار جي مڱڻي جي رسم ادا ڪنداسين. واپسيءَ جو پروگرام جيئن اوهان کي مناسب لڳي، رات جو موٽي اچو يا رات اتي گذاري جمع ڏينهن صبح جو واپسي ٿئي. آءٌ گهڻو ڪري آچر ڏينهن، نه ته سومر تي ڪاليج لاءِ روانو ٿيندس. سڀني اهو پروگرام پسند ڪيو، مان اچي پنهنجي ڪمري ۾ آرامي ٿيس. ننڊ ڪٿي ايندي، حويليءَ جي مٿئين حصي ۾ ”مومل“ به هوندي ۽ اها ڪارين اکين واري ”شبنم“ به هوندي. مومل پنهنجي ٿيڻ واري ڀاڄائيءَ کي به ڏٺو هوندو، انهن به مٿي اسان وانگي محفل سجائي هوندي. سالن جون پراڻيون ڳالهيون، درد ۽ وڇوڙن جي ناپ تور، وري هاڻي ملندڙ خوشيءَ جو درياهه، لڙڪ ۽ خوشيءَ جڏهن هڪ جاءِ تي گڏ هجن ته پوءِ ڪير ماپيندو ۽ ڪير توريندو. گذريءَ تي ته هرڪو مٽي وجهي نئين صبح جي آجيان ڪندو، آخر گذري ويل وقت کي ساري ڪير... ڇا ڪندو؟.... ننڊ جا پاڇا وڏا ٿيندا ويا، سوچون گهٽ ٿينديون ويون ۽ مان بي خبر ٿي سمهي پيس. اک کلي ته اڃان رات هئي، ڪمري ۾ نائيٽ بلب جي سائي روشني هئي، ڪنهن منهنجي پيرن تي هٿ گهمايا هئا انهي ڪري منهنجي اک کلي هئي، مون کي موتئي جي خوشبو محسوس ٿي، مان يڪدم اٿي ويٺس، هلڪي روشنيءَ ۾ پلنگ جي پيرن کان مون مومل کي ڏٺو. مون کي سجاڳ ٿيندو ڏسي ٿورو ويجهو آئي، سائين مون کي معاف ڪجو، توهان جي ننڊ خراب ٿي، پر ”توهان جيڪو سڄي خاندان تي ٿورو ڪيو آهي، اهو مان لاهڻ آئي هيس.“ مون کيس هٿ مان وٺي پنهنجي ڀرسان پلنگ تي ويهاريو، ”ٿوري لاهڻ جو هي سٺو طريقو آهي“، رات جا چار ٿيا آهن، جيڪڏهن منهنجي اک نه کلي هان ته تنهنجو ٿورو لاهڻ ته زيان ٿي وڃي هان! اهو ته مون سوچيو ئي ڪونه، هن جي اکين ڳالهايو، ”غلطي کي ته ٿيڻو هو، انهي ۾ ڀلا منهنجو ڪهڙو ڏوهه.“ ماسيءَ سچ چيو هو....ماسيءَ ڇا چيو هو.... مون ٻڌايو، ”اهو ته تون وڃين ماسيءَ کان پڇ“. ماسيءَ کي تڪليف ڇو ٿا ڏيو، توهان ڇو نٿا ٻڌايو. مومل معصوميت سان چيو. سندس اهو دلربا انداز ڏسي مون کيس ”رت ولهوڙڻ“ واري ڳالهه ٻڌائي. ماسي سچ ٿي چوي، ”لوهه کي سون ٿيڻ لاءِ آڙاهه ۾ ته ٻرڻو پوندو“.... مومل ڪنڌ کي جهڪائي چيو. مان سندس لفظن جي گهرائي کي سمجهان پيو پر کيس ڪيئن سمجهايان ته، ”هوءَ ته ”پارس“ آهي، لوهه کي به سون ڪري پئي سگهي، ان لاءِ آڙاهه جي ضرورت به ڪانهي.

”مومل“.... ڀلا اهو ته ٻڌاءِ، پنهنجي ڀاڄائي توکي ڪيئن لڳي. سائين.... هوءَ ته طوطي آهي، سهڻي، موتين جي مالا آهي، مون کان ته سٺي آهي. واهه.... ڇا جواب ڏنو اٿئي، هڪ ڏينهن ۾ توکي خبر پئجي وئي ته توکان سٺي آهي. ڀلا.... اها ڪارين اکين واري سانوري، ”شبانه“ توکي ڪيئن لڳي..... مون کيس تنگ ڪرڻ لاءِ اهو سوال ڪيو... پر پاڻ اکيون کڻي مون ڏي نهاري چيائين، سائين.... ”اها اسان ٻنهي کان سٺي آهي.“ مان سندس سادگي ۽ سچائي جو قائل ٿي ويس. مون ته سمجهيو هو ته شايد ناراضگي ظاهر ڪندي، پر هن مرڳو هڪ جملي ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. مون کي انهي مهل محسوس ٿيو ته ڪو ماڻهو دروازي وٽ موجود آهي... شايد ماسي هوندي.... سائين مان هاڻي وڃان.... توهان آرام ڪيو، صبح ٿيڻ ۾ دير ڪانهي. مان وري اکيون بند ڪري ليٽي پيس، هاڻي ته شايد ننڊ ڪانه ايندي، ڪلاڪ کن کان پوءِ اها ڪاري ڪوڪڻ شروع ڪندي ۽ مون کي اٿاري ساهه کڻندي. مان اکيون بند ڪري، مومل جي سادگي، سچائي ۽ سونهن کي پنهنجي دل جي تارازيءَ ۾ تورڻ جي ڪوشش ۾ هئس ته مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڪير ڪمري ۾ لنگهي آيو آهي... شايد ماسي هوندي.. مسٽر.... قمر..... ڇا توهان جاڳو پيا. مان اٿي ويٺس، پلنگ جي ڀرسان شبانه بيٺي هئي، مون کي حيرت لڳي ته هيءَ هن وقت منهنجي ڪمري ۾ ڪيئن اچي پهتي آهي. مس شبانه.... توهان... خير ته آهي.... مسٽر قمر.... پليز ”شبنم“ مان توهان کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ آئي آهيان.... پر توهان... هي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو. اوهه..... ته مان جنهن کي ماسي پيو سمجهان.... اها هيءَ شبنم هئي، شايد انهي انتظار ۾ هئي ته ”مومل“ هتان نڪري ته هوءَ اچي مون کي مبارڪ ڏئي.... بهانو ته مبارڪ جو، پر هن پنهنجي دل جي ڳالهه ته مون کان لڪائي ڪانه هئي. مون کيس پلنگ تي ويهاريو... مس شبنم... توهان اڃا جاڳو پيا.... مبارڪ ته توهان صبح جو به ڏئي سگهو پيا. مسٽر قمر...... جاڳڻ جو هڪ فائدو ته مليو، مون کي توهان جي دل جو ”بر“ ملي ويو. مون پهريائين به چيو هو، هاڻي به چوندس، ”منهنجي اکين تي“ هاڻي ته اسان جي رشتيداري ٿي وئي آهي، ڇا هاڻي به توهان واعدو ڪونه ڏيندا.

ڪمري ۾ هلڪي روشني هئي، مون کي سندس ڪارين اکين ۾ روشني چمڪندي نظر آئي. مس شبنم.... توهان منهنجي دل جي ”بر“ ته ڏٺو، توهان کي ”مومل“ ڪيئن لڳي. مون سندس ڳالهه کي گول ڪندي سوال ڪيو. بهترين.... سچ پڇو ته مون کي خوشيءَ آهي، هوءَ (مومل) توهان جي لائق آهي، مان سندس همسر ٿي ڪانه سگهندس. ”مون کان سٺي آهي.“ مان سوچڻ لڳس هيءَ سانوري به مومل کان گهٽ ڪانهي. هن کان جڏهن پڇيم ته چيائين، ”روبينه“ مون کان ته سٺي آهي، وري شبنم جي نالي چيائين ته ”اها اسان ٻنهي کان سٺي آهي. مومل کي رات جي هن پهر مون وٽ ڏسي به هن پنهنجي تمنا کان هٽڻ مناسب ڪونه سمجهيو. مسٽر قمر.... توهان ڇا سوچڻ ويٺا آهيو، ”واعدو ڪرڻ توهان پنهنجي شان جي خلاف سمجهو ٿا ته.... خير آهي، مان وڃان ٿي، مون کي هن حويليءَ ۾ صرف هڪ ڪمرو گهرجي، سو مان حويليءَ جي نئين مالڪياڻي کان گهري وٺندس. هوءَ پلنگ تان اٿي، مون کيس هٿ کان وٺي ويهاريو. پليز مس شبنم پهريائين منهنجي ڳالهه ٻڌو پوءِ توهان فيصلو ڪجو. مسٽر قمر.... توهان حڪم ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته، مهمان خاني ۾ وڏن جي اڳيان ڪهڙو فيصلو ٿيو آهي. اهو ته تمام سٺو ٿيو.... مان هاڻي دل لائي ڪوشش ڪندس ته انٽر ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيان، پوءِ توهان سان گڏ هلي ميڊيڪل ۾ داخلا وٺندس... پوءِ ته پنج سال توهان منهنجي نظر اڳيان هوندا.. مهرباني... مسٽر قمر.... توهان جي وڏي مهرباني، هاڻي رستو منهنجي اڳيان آهي. منزل تي پهچڻ لاءِ سهارو به آهي پوءِ مان فڪر ڇو ڪريان. مون کي هاڻي اجازت ڏيو..... هوءَ يڪدم پلنگ تان اٿي ۽ ٻئي هٿ منهنجي ڳلن تي رکي منهنجي پيشاني تي پنهنجي لبن جي مهر لڳائي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي. مان حيران پلنگ تي ويٺو رهيس..... هوءَ مون کان واعدو وٺڻ آئي هئي، پر مون کي واعدو ڏئي وئي ته، ”مون مان جند ڇڏائڻ هاڻي توهان جي وس جي ڳالهه ڪانهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com