سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :71

ڀاڄي، اڇا چانور، ان سان گڏ کائڻ لاءِ پاپڙ ۽ دال جيڪا ڪڙهي وانگر رڌيل هئي، رڳو پڪوڙا ڪونه هئس ۽ ڪڻڪ جي ماني باقي ڪڪڙ جي گوشت جو ٻوڙ ته هر ويلي موجود هو. اسان کي جبلن جهاڳڻ ڪري بک الاهي لڳي هئي، سو ويهي حضرت پيٽ جي چڱي ڀلي خدمت ڪئي سين. پوءِ ٿڪ ڀڃي انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ واري سرحد گهمڻ لاءِ ٿرديپ جي ٻن گاڏين تي روانا ٿياسين. الا رستو هو يا پزل(معمو) نانگ جيان ور وڪڙ کائيندا هلندا رهياسين، رستي تي  ڊرائيور جي  تيز رفتاري  سان لاهن چاڙهن جي لوڏ، پٺيان سيٽ تي ويٺل صفيه جي رڙين الا ڙي مري ويس- الاڙي پوئين سيٽ تي ڇو ويٺس! هن جي احتجاج سان گڏ ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي ٽپندا ڪڏندا هلندا رهياسين.

الا سفر هو جو کٽڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي- واٽ  تي مينهن وسڻ  ڪري ٻاجهري جا فصل ۽ کپ جا ٻوٽا (جيڪي ٿر جا ماڻهو چونئرن جي ڇت ۾ استعمال ڪندا آهن) به جهجهي تعداد ۾ نظر اچي رهيا هئا- هيڪل ٻيڪل ڪا آبادي هئي نه ته رڃ پئي واڪا ڪري- رستي تي ڪجهه عورتون مٿي تي ٿانون، ڪپڙن يا ڪاٺين جون ڀريون کنيو. منهن ڍڪي هلندي نظر آيو. ته ڪي وري پراڻا ڦاٽل ڪپڙا پاتل ٻار ولر جي صورت ۾  راند يا ٻي ڪا وندر ڪرڻ لاءِ بيٺا نظر آيا.

ڊرائيور جيڪو پاڻ به اتان جو رهاڪو هو ان ٻڌايو ته  ادي هتي ڇوڪرن جي شادي 14 سالن ۾ ئي ٿيندي، جنهن سبب 30 سالن تي پهچڻ تائين هو اٺن نون ٻارن جا پيئر بنجي ويندا آهن. سندس شادي پڻ 14 سالن ۾ ٿي ۽ هينئر هو 24 سالن جو آهي ۽ کيس ڇهه ٻار آهن. جنهن مان ائين لڳي پيو ته ٻار ڄڻڻ سندن وندر آهي.

Text Box: خير! اسان جون گاڏيون ٻاجهري، اڪ ۽ ديوي جي ٻوٽن مان گذرنديون بي باڪيءَ سان ڊوڙنديون رهيون. اڙي هي ڇا اچانڪ رڙيون پئجي ويون مور مور! پري کان مور پنهنجي دلفريب ۽ خوبصورت انداز سان پر کولي ٿڪل مسافرن کي پنهنجي ناچ سان ڀليڪار ڪيو. چوندا آهن ته ”جنگل ۾ مور ناچا ڪس ني ديکها“  ٻئي ڪنهن جي ته خبر ڪونهي باقي اسان ته خوب  ڏٺو !  پر جيئن ئي اسان  هن آزاد جهنگل جي پرندي کي ڪيمرا ۾ قيد ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. هو پنهنجا پر سميٽي الاءِ ڪهڙي ماڳ اڏامي ويو. وري اسان پنهنجي منزل طرف روانا ٿياسين، سفر برابر ٿڪائيندڙ هو. پر دوستن جون ڪچهريون، مشڪري، مذاق ۽ ڪيڏي مهل ناراضگي ۽ آخر ۾ گهري خاموشي ۽ صفيه جي لطيفن اسان کي آخر  هڪ وڏي مندر تي پهچايو،  جنهن جي اوچائي ڏسي، اسان جا حوصلا جواب ڏيئي ويا- پر ڇا ڪجي ڏسڻو ته ضرور هو سو آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيوسين- مندر جيترو اوچائي تي هو رستو اوترو ئي سولو ٺاهيو ويو هو، جنهن کي ڏسي مريدن جي شردا کي داد ڏيئي سگهجي ٿو. جن ڏاڪڻين ذريعي هڪ آسان رستو بنائي ڀڳوان تائين رسائي کي ممڪن بنايو هو.

 اسان به رستي (جنهن ۾ هر پنجين يا ڇهين ڏاڪي کان پوءِ هڪ وڏو حصو  گرائونڊ ڇڏيل هو) چڙهي مندر پهتاسين. مندر جي پٺيان انڊيا پاڪستان جي سرحد هئي. مٿي چڙهي جڏهن اسان اوڏانهن وياسين- تڏهن اسان جي حيرت جي ڪا انتها نه رهي. سرحد ته اسان کان بلڪل وسري وئي ڇاڪاڻ ته اتي جبلن جو اهڙو ته وڻندڙ نظارو ڏٺوسين جيڪو شايد ڪڏهن ڪنهن ڏٺو هجي. ڳاڙهي ٺڪر جي ٿانو جهڙا جبل جن تي ويهي اسان تصويرون ڪڍندا وڊيو ڀريندا رهياسين ۽ سامهون بارڊر جو نظارو ڪندا رهياسين. اتي سڀني گڏجي اهو وچن ڪيو ته آئينده جڏهن به ٿر جو سفر ڪنداسين، تڏهن هڪ پورو ڏينهن انهن ڳاڙهن جبلن تي گذارينداسين.

 اتي اسان چانهه جو آرڊر ڏنو. عرفانه ان چانهه بابت مزيدار ڳالهه ٻڌائي ته هتي جا رهواسي ”کڙي چمچي والي“ چانهه پيئندا آهن. يعني ڪوپ ۾ ايڏي ته کنڊ وجهندا آهن جو چمچو ان ۾ سڌو بيٺو هجي. اهو ٻڌي چانهه تان ارواهه ئي کڄي ويو.

هاڻي ته سج به پنهنجو آخري ديدار ڪرائي غائب ٿي ويو. آهستي آهستي بارڊر جا بلب روشن ٿي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ليڪ روشن ٿي. اها گهاري جنهن ذريعي هڪ جسم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. سو اسان جي سامهون هو! قدرت به  سندن ڏاڍو ساٿ ڏنو، اسان واري پاسي زمين سائي هئي ته ليڪ پريان رڳو رڻ پٽ نظر اچي رهيو هو. هاڻي ته رات ڪنهن آسيب جيان واسو ڪرڻ لڳي، اهڙا آثار ڏسي اسان مسافرن به پنهنجا پير پويان ڪيا.

هاڻي اوندهه ڪارڻ رستو بلڪل بيجان معلوم ٿيڻ لڳو. اڃا ڪلاڪ مس گذريو ته گاڏي بريڪ  ڏني. حيرت ۾ اسان سمجهيو ته ننگر پارڪر اچي ويو  ڇا؟ پر ادا ظفر جوڻيجو ٻڌايو ته ”هتي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جا رهواسي منجهند کان اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڇو جو هنن کي خبر پئي ته  اوهان هتان گذرندو.“ اسان  کي اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو ته هنن ماڻهن اسان جو منجهند کان وٺي انتظار ڪيو آهي. جيئن ته اتي فون جي سهولت ڪانه هئي، ان سبب اسان کي ان ڳالهه جي ڪل ئي ڪانه پئجي سگهي، بهرحال ڪجهه دير انهن سان ڪچهري ڪري، سندن حال احوال ورتا، جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته ”ٿرديپ“ اسان کي سيور لائيٽ جي سهولت ڪري ڏني آهي. جنهن سبب اسان نه صرف نانگن، وڇن ۽ بلائن جي ڏنگ کان محفوظ ٿي ويا آهيون. پر روشنيءَ ۾ اسان جا ٻار راند روند به ڪن ٿا. نه ته سج لهڻ سان ئي اسان هنڌ وڇائي سمهي رهندا هئاسين. هاڻي رات جو اسان جون عورتون هن روشنيءَ ۾ ڀرت ڀري پنهنجو مڙئي ڪجهه گذران ڪري سگهن ٿيون. هر گهر کي هڪ سيور مليل هو، جنهن جي روشني ڪافي تيز هئي. ان سان گڏ اها تنظيم کين ننڍا ننڍا قرض آسان قسطن تي پڻ ڏئي ٿي.  جنهن سان هو مال خريد ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. سندن سڀ کان وڏو مسئلو پاڻيءَ جي کوٽ آهي. ان کان علاوه صحت جي سهولتن نه هئڻ سبب ڪيترين ئي عورتن جو ويم دوران موت ٿي وڃي ٿو.

ڏينهن ۾ شهر وڃڻ لاءِ صرف هڪڙو ڇڪڙو هلندو آهي. سو به جيستائين پورو نه ڀرجي، تيستائين ماڻهو  خاص ڪري مريض ته انتظار ۾ ئي ختم ٿي  ويندا آهن. مون  اتي ويٺل انهن عورتن کي ڏٺو مون کي ايترين عورتن مان ڪابه عورت سگهي يا ڀرپور حسن يا جوڀن ۾ نظر ڪانه آئي، بک ۽ اڃ سبب سندن چهرا سڪل پني جيان لڳي رهيا هئا- ان وقت مان سوچي رهي هيس ته اسان جي ليکڪن ۽ شاعرن  ٿر جي رهواسين بابت ڪيڏي غلط بياني ڪئي آهي. کين رنگ به رنگي گجن ڀريل ڪپڙن ۾، ميلن جي مفاصلي تان دلو مٿي تي کڻي هلندڙ  عورت جي لوڏ ته موهي وڌو، پر هنن ان پيڙا ان تڪليف کي ڪڏهن به محسوس ڪونه ڪيو- جيڪا نٽهڻ اس ۾ پاڻيءَ جي گهڙي جو وزن کڻي هلندڙ انهن عورتن مٿان گذرندي هوندي. افسوس هنن رڍن ٻڪرين جي ڌڻ سان عورتن ۽ ٻارن جي ڇال ڏيئي هلڻ  ۽ بانسريءَ جي ڌن کي ته خوب ساراهيو آهي. پر نون ڏهن سالن جي انهن ٻارن بابت ڪونه لکيو جيڪي پڙهڻ واري عمر ۾ ’ٿر‘ جا هي ٻار بي يارو مددگار پنهنجي مائٽن کان وڇڙي هزار ٻن پگهار ۽ ٽن ويلن جي مانيءَ آسري ڏورانهن هنڌن تي ڪمائڻ لاءِ نڪري ويندا آهن.

 الاءِ ڇو هنن انهن بابت نه ڪا ڪهاڻي لکي ۽ نه ڪو گيت چيو- هنن ٿرين جي بنايل چونئرن جي ته خوب تعريف بيان ڪئي آهي، پر کين خالي چونئرن جي دانهن متاثر ڪين ڪيو. هر هڪ گهر ۾ ٻـ يا ٽي چونئرا ٺهيل هئا. جن جي آڏو هڪ وڏو آڳنڌ هو جنهن تي کٽون پيل هيون. اسان ڪجهه دير ترسي پوءِ گيسٽ هائوس وڃڻ لاءِ گاڏين ۾ چڙهياسين.

موٽ جو سڄو سفر انهن يادگيرين سان ڀريل هو جيڪي اسان ٿوري دير پهريان انديا ۽ پاڪستان جي بارڊر ليڪ ۽ ٿري ماڻهن جي ملاقات مان ميڙيون هيون. جيئن گيسٽ هائوس پهتاسين رڌڻي واري حصي ۾،  سنڌي ٽوپي ۽ اڇي ڪاٽن جي سوٽ ۾ ملبوس هڪ ماڻهو ويٺل نظر آيو، گهڻي پڪ نه هيم ته اهو مشهور راڳي صادق فقير آهي يا نه- ڇو ته اهو اڄ محفل ۾ اچڻو هو وري پڪ ڪرڻ خاطر رابعه کي چيم ته هل ته صادق فقير سان ملي اچون- جيئن ته هن کي موسيقي گهٽ وڻندي آهي. انڪري هڪدم چيائين ”نه نه ڳائڻ ايندو ته ملنداسين، هرو ڀرو نه ٿا ملون“ پوءِ مون کي به اڪيلي ملڻ جي همت ڪا نه  ٿي. پر پوءِ جڏهن محفل مچائي سڀ گڏ هڪ هنڌ سامهون ٿي ويٺاسين. تڏهن مون کيس سلام ڪيو.

گيسٽ هائوس ۾ 10 بجي کان جيئن ته رات جي ٻي بجي تائين لائيٽ ڪانه هوندي آهي، انڪري اسان وڏي سيور بلب هيٺان گلم وڇائي، سامهون بلب جي بلڪل هيٺان صادق فقير ۽ سندس هڪڙي ساٿي طبلي نواز محفل جي شروعات ڪئي. راڳ جي شروعات اياز جي وائي ”ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل الو ميان تڏهن ملنداسين“. سان ڪئي. پوءِ ته اياز جي گيتن جو وسڪارو وڏ ڦڙي مينهن جيان صادق فقير جي مڌر آواز سان فضا ۾ گونججي ويو، جنهن اسان سڀني کي ايڏو ته  لڀايو جو اها به ڪل ڪانه رهي ته ڳائڻ وارو هڪڙو ماڻهو آهي، ٿڪجي پيو هوندو. نيٺ پاڻ چيائين، ”اديون چانهه پيئجي! اسان سڀني ٽهڪن سان گڏ هائوڪار ڪئي سون.“

 روزينه جوڻيجو چانهه جو آرڊر ڏيڻ لاءِ ويئي. مون عرفانه کي چيو ته ڀيڻ شمشير الحيدري به ٻڌجي. صادق فقير چيو ته ادي ڇا ٻڌندؤ؟ مان چيو ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ هن ڳائڻ شروع ڪيو سڀني تاڙيون وڄائي سندس ساٿ ڏنو. پوءِ رخسانه پريت چنڙ جي فرمائش تي حسن درس جي شاعري ”هن دل قلندري ۾ دم دم ڌمال آهي.“ اهڙي  ته محفل ۾ مستي مچائي جو سڀئي رقصان نظر آيا خاص طور تي ريحانه پريت چنڙ ان تي لاجواب رقص ڪري سمو يادن ۾ قيد ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ چانهه به اچي وئي، سڀئي چانهه پي وري همه تن و گوش ٿي صادق فقير کي ٻڌڻ لاءِ ويٺاسين. پوءِ هن مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعري ڳائي ان بعد هن چيو ته، ادي رخسانه ويٺي آهي جي اجازت هجي ته مان سندس شاعري پيش ڪريان. رخسانه ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي- ”چپ سرخيءَ ۾ جي لڪل آهن.“ پنهنجي خوبصورت آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو الاءِ ڇو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ڄڻ ته ڪنهن دل جي چوري پڪڙي وڌي هجي. امر سنڌو ۽ عرفانه جي فرمائش تي فيض احمد فيض ۽ احمد فراز جا دل لڀائيندڙ گيت جيئن ”رنجشين هي سهي دل هي دکاني ڪي ليي آ ۽ دشت تنهائي“ ۽ ٻيا گيت ڳائي ننگر پارڪر ۽ ڪاروجهر جبل کي جهومائي،  ان رات کي تاريخي بنائي ڇڏيائين.

رات جا چار وڄي ويا ڪنڌ نمائي پڇيائين، ”ادي اجازت آهي دل ته ڪانه پئي مڃي، پر وقت جي بي وفائي سبب هو جمالو سان محفل جي پڄاڻي ڪئي سين.

بستري تي پهتاسين ته ننڊ نيڻن کي واچوڙي جيان ويڙهي کڻي وئي. اک کلي ته صبح جا نو ٿيا هئا. ڪارونجهر جي الوداعي نيرن ڪري، گاڏين ۾ ويٺاسين. واٽ تي ادا ظفر ٿر جو مائو کارايو ۽ اتي اسان مور جي پرن ماڻ ٺهيل وجڻا پڻ ڏٺا. پر دڪاندار اهو چئي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته، ”هي آرڊر تي ٺهندا آهن، توهان آرڊر ڏيندا پوءِ ٺاهينداسين.“ ان بعد اسان سنڌ جي سورمي ”روپلي ڪولهي“ جي مزار تي وياسين. پر اتي اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته اسان جون سياسي پارٽيون جيڪي لاشن تي سياست ڪرڻ جون عادي آهن، انهن پنهنجي پنهنجي مفادن لاءِ هن قبر کي ڪڏهن اولهه طرف ته ڪڏهن اوڀر طرف پئي مٽايو آهي، جيڪا قبر اسان ان ڏينهن ڏٺي سابه نئين ٺهيل هئي!

 اتان مُڙي اسان سنڌ جي تاريخي ماڳ مارئي جو کوهه ڏسڻ وياسين! اهو کوهه جنهن تان وقت جي بادشاهه عمر سومرو ٿر جي ناري، حب الوطني جي مورت مارئي کي کنڀي کڻي ويو هو.  اڙي هي ڇا ٿيو؟ هي ڪهڙو ماڳ مڪان آهي! پڪين سرن ۽ ٽائلس سان ٺهيل کوهه ۽ آرٽيفيشل چونئرن انهيءَ تصور کي ئي گم ڪري ڇڏيو. جيڪو انهيءَ ڊڀن سان ڀريل وڻ جي هيٺان بيٺل کوهه مان اڀرندو هو. جنهن کي ڏسي اهو عزم پيدا ٿيندو هو ته، ڪيئن سونهن ۽ سچائي جي ديوي پنهنجي لوئي جي لڄ بچائڻ لاءِ وقت جي حڪمران سان لڳاتار اٺ سال جدوجهد ڪئي. هن هر قسم جي عيش عشرت، محل ۽ ماڙين کي پنهنجي ماروئڙن جي ڪکن تان قربان ڪري تاريخ ۾ پاڻ کي سورمي طور  رقم ڪرايو آهي.

اڄ ان مارئي جي کوهه کي انار ڪلي جيان پڪين سرن ۽ ٽائلس جي ڀتين ۾ لڪائي، سندس فطري حسن ۽ عظمت کي ڇيهو رسايو  آهي.  ان آرٽيفيشل سيٽ تي اسان کي ڪوفت محسوس ٿيڻ لڳي. ڪنڌ نمائي لٽجي ويل مسافر جيان چپ چاپ گاڏي ۾ وڃي ويٺاسين. ڄڻ وڌيڪ ڪجهه ڏسڻ جو چاهه مري ويو هجي!  واٽ تي ادا ظفر ٿرڪول منصوبي تحت ٿيندڙ ڦرلٽ جو احوال ٻڌايو- تڏهن مارئي جي مٽي سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين وڌيڪ هانوُ ۾ وڍ وجهڻ شروع ڪيا.

رستي ۾ اها مسجد به ڏٺيسين جيڪا هڪ رات ۾ جڙي راس ٿي هئي. ان سان گڏ مٿانهين تي هڪ تلاءُ ڏٺوسين. ڪجهه مندر گهمياسين. جڳهيون ته جام هيون، پر ٿر جي سج جي تپش اسان کي ٿڪائي ڇڏيو هو، سو مٺي موٽڻ جو گس ورتوسين. ساندهه ٽي ڪلاڪ سفر کان پوءِ ’اسلام ڪوٽ‘ پهتاسين. اتي اسان کي لنچ تي مدعو ڪيو ويو هو. سڀئي فريش ٿي جڏهن ڊائننگ ٽيبل تي آياسين تڏهن ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ون ڊش ميلو لڳل هجي، ٿر جي سموري اسپيشلٽي دسترخوان جي زينت بڻيل هئي. گوار، متيرن، چڀڙن ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ سان گڏ، ڪڻڪ ۽ ٻاجهريءَ جي ماني، اڇا چانور ۽ پاپڙ، ڪيلا، بيسڻ جا ٺهيل لذيذ لڏو، ڳئون جي کير مان ٺاهيل ڳاڙهسرو مکڻ ۽ گهاٽي لسي، سڀني کي ڏاڍو مزو ڏنو.

ان بعد چانهه جو دور هليو جنهن دوران اسان کي ٿر جي هنر جو ڪئٽلاگ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ گج، وائليٽ، جوتا، ليپ ٽاپ ڪور، وغيره ڏيکاريا ويا. ان سان گڏ هر هڪ مهمان کي هڪ وائليٽ ۽ هڪ ليپ ٽاپ ڪور بطور تحفو پيش ڪيو ويو. انهن جا ٿورا مڃيندي اسان  ٿورو اڳتي اسلام ڪوٽ جو آشرم ڏسڻ لاءِ وياسين، جنهن لاءِ هي قصو مشهور آهي ته هڪ ڀيرو اتي تمام وڏو ڏڪار آيو ماڻهو سر بچائي وٺي ڀڳا، سندن مال وغيره بک وگهي مرڻ لڳو، تڏهن هڪڙي نيڪ صفت انسان جهولي کڻي هر پڄندي واري ماڻهو کان اناج پني ان جڳهه تي جانورن کي کائڻ لاءِ ڏنو پکي، پکڻن به اناج مان پيٽ ڀريو. اهو ٻڌي انسانيت ۾ وڌيڪ ايمان پختو ٿئي ٿو. سچ چيو اٿن ته، ”جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا. لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا“. ان کان وٺي  اڄ تائين روزانو اٺ مڻ اناج ماڻهو خير ۾ هتي ڏين ٿا جيڪو آشرم ۾ رهندڙ  بي آسرا ماڻهن جانورن ۽ پکين ۾ ورهايو وڃي ٿو.

آشرم جيڪو تمام وڏي رقبي تي ٺهيل آهي ان جي وچ ۾ شِو مهاراج جي وڏي مورتي شيشي جي فريم  ۾ رکيل آهي. پاسي کان تلسي جو وڻ ۽ ان جي سامهون ماڻهن جي رهڻ جو آشرم تمام ويڪرو ميدان ۽ ڪنڊ تي وڏا وڏا مال جا آڏر، ڀرسان پکين جو اناج، جنهن تي ان مهل به سوين پکي چڳي رهيا هئا، جن کي مون صرف اشاري سان ولرن ۾ اڏاري ڇڏيو هو.

اتان اسين مٺي جي بازار گهمڻ وياسين، پر اگهه اتي به آسمانن تي هئا، جي چانديءَ جي تارن سان ڀريل گج جو اگهه پنج هزار هو ته عام ڌاڳي سان ڀريل گج به هزار ٻن کان مٿي ملي رهيا هئا. اسان جلدي جلدي ٻه کيس، لوئي ۽ چنري جا وڳا وٺي پويان پير ڪيا. ته مٺي پريس ڪلب مان فون آئي ته پريس ڪلب وومين ايڪشن فورم  جي هن ٽيم کي ٽي پارٽي تي مدعو ڪيو آهي. وقت ته برابر گهٽ هو، پر ڪنهن جي دل نه ڏکائڻ سبب هليا وياسين. پريس ڪلب جي ميزبان اتي جي مسئلن خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم  وغيره بابت مختصر بريفنگ ڏني ۽ اها پڻ  سوٽا جي پريزيڊنٽ عرفانه ملاح، امر سنڌو ۽ رابعه جي سامهون صلاح  رکي ته جيڪر سنڌ يونيورسٽي جو هڪ ڪئمپس ٿر ۾ به قائم ڪيو وڃي ته ٿر جا ماڻهو خاص ڪري ڇوڪريون جيڪي يونيورسٽي پري هئڻ ڪري اڳتي پڙهي نه ٿيون سگهن انهن لاءِ سهولت ميسر ٿي پوي. هنن سندن رٿا انتظاميه تائين پهچائڻ جو واعدو ڪيو. (مون وس واڪا ڪرڻ ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!) موڪلائي ٻاهر نڪتاسين ته ادا ظفر چيو ته ڊاڪٽر ڪمل فون ڪئي آهي ته ادي وارن کي چئه مهرباني ڪري ٻه قدم اسان جي غريب خاني تي ڀري اچن. هو انتظار ڪري رهيا آهن. پوءِ اسان ڊاڪٽر ڪمل جي گهر وياسين. هڪ عام رواجي گهر هو، جنهن ۾  ڊاڪٽر پنهنجي ڪهول سان خوشيءَ ڀري زندگي گذاري رهيو آهي، سندس زال  ننهن ۽ ڌيءُ ڏاڍيون خوبصورت هيون. مون سندس زال کان پڇيو ته توهان جي ننهن ننڍڙي ڇوڪري آهي. ڇا توهان ننڍڙي عمر ۾ نياڻي پرڻائي ڇڏيندا آهيو ؟ان تي هن چيو ته“ ڇوڪري جي انٽر ڪرڻ کان پوءِ ميڊيڪل ۾ کڄي ويئي ته ٺيڪ نه ته سندس شادي ڪرائي ويندي ڇاڪاڻ ته ٻين ادارن ۾ هندن ڇوڪرين جي حفاظت لاءِ جوڳا بندوبست نه آهن. جتي هندو ڇوڪريون اغوا ڪري کين زبردستي مسلمان ڪري سندن شادي ڪنهن اڻ ڄاڻ ماڻهو سان رچائي وڃي ٿي.

اها ڳالهه دل سان لڳڻ جهڙي هئي، اهي واقعا ته واقعي اڄ ڪلهه جام ٿي رهيا آهن. اتي ويٺي ڊاڪٽر اسان کي  ٻڌايو ته  اسان جو  پهريون گهراڻو آهي، جتي اسان چار ڀائر گڏ رهون ٿا ۽ ائين ڪرڻ سان نه صرف پئسي جي بچت ٿئي ٿي، پر ننڍڙي ٻار کي پڻ گهڻن ڀاتين جو پيار ملي ٿو. مان چوندس ته، هر ٻار کي ٽي چار مائر هجن. تڏهن مون چيومانس ته ”ادا ان جو مطلب ته توهان به کليل لفظن ۾ مرد جي چئن شادين جي حمايت ڪيو ٿا. پاڻ مرڪي چيائين“ ته نه ادي، اسان جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي؟ مان ته گهر جي امڙ، چاچي، مامي، ڏاڏي جي ڳالهه ڪري رهيو هئس.“ اتي چانهن، بسڪوٽ ۽ پاپڙ کائي، موڪلائي نڪتاسين.

پوءِ اسان سڀني ادا ظفر جوڻيجو ۽ سندس وني روزينه جنهن کي عرفانه ان ٽوئر دوران ”بيگم جان“ جو لقب ڏنو هو، جي مهمان نوازي جا ٿورا مڃيندي، پنهنجي وين جو رخ ڪيوسين. ايستائين رات به گهري ٿي ويئي هئي. ۽ سفر به سانده ٽي ڪلاڪ جو هو، سو واٽ تي ڪٿي به نه رڪُياسين.

 ٻيو ته وري سڄي ڏينهن جي هل هلان دل ۽ دماغ کي ٿڪائي ڇڏيو هو، سو سڀ خاموش رهياسين. سڀ سمهي پيون ان مهل الاءِ ڇو مون کي پنهنجي بي وفا دوستن جون يادگيريون ورائي ويون، جن سُور بنجي منهنجي دل کي رنجائي ڇڏيو. سوچيم ته اتي به نه ڇڏيائون. پوءِ دعا گهريم ته خدا شل هي آخري ياد ثابت ٿي ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته

 اس کی مٹھی میں بہت زور سے رہا میرا وجود 

  میرے ساحر سے کہو اب مجھے آزاد کرے۔

آخراها ياد ۽ اهو هلندڙ سفر اچانڪ سي اين جي اسٽيشن تي رڪيو. سڀ ڇرڪ ڀري اٿياسين- ڏسون ته گاڏين جي هڪ وڏي قطار بيٺي آهي. سڀني جي پٺيان اسان جي وين آهي. جيڪا اسان جي واري تائين ڪلاڪ ڏيڍ پڪ ئي پڪ ٿي ويندو. اها حالت ڏسي سڀني ڊرائيور کي زور ڀريو ته رات گهڻي ٿي چڪي آهي. انڪري واپس هلي- پر ڊرائيور جي هڪ ئي ڳالهه ته سڀاڻي سي اين جي بند آهي. انڪري ڀرائي پوءِ واپس هلندس. اوڏي مهل مون کي امان جو قول ياد آيو، جو منهنجي گهر ۾ ڪم ڪندڙ مائي جي بدتميزي تي ڏنل دانهن تي، امان مون کي چيو هو ته: ”امان جي هنن کي عقل هجي ته ڪنهن وڏي منصب تي نه هجن.”سو اسان به پنهنجو فلسفو، اثر رسوخ چڙ، دانهن ۽ دڙڪو مطلب ته هر طاقت آزمائي، پر هن بد دماغ ڊرائيور ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کان پوءِ، ٽانڪي ڦل ڪرائي پوءِ ئي هليو. سڄي سفر جو اهو ئي هڪڙو بدمزگيءَ وارو واقعو هو  جيڪو اسان کي پيش آيو. خير قصو ڪوتاه رات جو ڏيڍ بجي ان سفر جي باقاعدي پڄاڻي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com