سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :7

شهر مان ڪرفيو هٽايو ويو هو، ماڻهو صبح سوير خريداريءَ جي لاءِ گهرن مان نڪري رهيا هئا. ڪافي ڏينهن کان پوءِ انهن کي هيءَ آزادي ملي هئي، انهن کي ٻاهرين هوا نصيب ٿي هئي. جڏهن ته گهرن ۾ بند انهن کي ٻوسٽ ٿي رهي هئي. دڪاندار تيزيءَ سان پنهنجا دڪان کولي رهيا هئا، سڄو شهر رت سان رڱيو پيو هو، هوائن ۾ به رت جي بو اچي رهي هئي. ڪنهن وبا جي ڦهلجڻ جو خطرو محسوس ٿي رهيو هو- پر جيڪڏهن هر ڪنهن کي سر سان لڳل هجي ته اتي وبا جو خيال ڪنهن کي ايندو؟

Text Box: گلاب خان سولنگي

ڪجهه ماڻهو ووٽ وٺڻ لاءِ نعري بازي ڪري رهيا هئا، اليڪشن جو زمانو بلڪل ويجهو هو، نعري باز وڏي آواز ۾ نعرو لڳائي رهيا هئا. ”اسين عزتن جا محافظ، اسين امن امان قائم ڪنداسين، اسين فساد کي ختم ڪنداسين، اسين بک بدحالي کي ختم ڪنداسين، اسين غريبن کي روزگار ۽ صحت لاءِ مفت دوائون ڏينداسون وغيره، ووٽ ڏيو، اسان جي ليڊر کي ووٽ ڏيو.“

عورتون ڪجهه ضروري شين جي خريداريءَ کان پوءِ گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيون هيون، اوچتو ٻيهر گولين جو آواز ٿو اچي، فسادي وري هٿين خالي ماڻهن مٿان گوليون وسائي رهيا هئا، دڪانن جي شٽر (Shutter) بند ٿيڻ جي آواز ويتر ماحول کي دهشتناڪ بڻائي ڇڏيو هو. دريون ۽ دروازا به بند ٿيڻ لڳا، جتي پناهه ملي رهي هئي، اُتي ترسندا پئي ويا، ڪنهن کي ڪنهن جو به خيال نه هو ڄڻ ته قيامت صغريٰ هجي!

 

اندازاً هڪ ڪلاڪ بعد گولين جو آواز بند ٿيو- پر معصوم شهرين تي اڃان به ظلم ٿيڻا هئا. پوليس گاڏيءَ جي سائرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو خبرناهي جڏهن فسادي شهر ۾ فساد برپا ڪري رهيا هئا، تڏهن هو ڪٿي ننڊ پيل هئا. هنن جي وڃڻ کان پوءِ هو امن ڦهلائڻ آيا هئا، ماڻهن جو خون وهي وڃڻ کان پوءِ ماڻهن جي جان بچائڻ آيا هئا، پوليس سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي ۽ گهرن مان ماڻهن کي ڪڍي مارڻ پٽڻ لڳي، گهڻن معصومن کي گرفتار ڪيائون. هاڻي انهن کي ڪير ٻڌائي ته دهشتگرد حملو ڪرڻ کان پوءِ گهرن ۾ ناهن لڪندا، بلڪه هو سرعام فساد ڦهلائي واپس هليا ٿا وڃن. تڏهن هنن جهڙا نالي ماتر محافظ امن لاءِ ويندا آهن، معاملي جي جاچ ڪندا آهن، مظلوم ۽ معصومن سان همدرديءَ بجاءِ انهن کي ماري ڪُٽي گرفتار ڪري ويندا آهن.

شام ٿي وئي هئي، شهر رت سان رنڱجي ويو هو، ٻيهر ڪرفيو لڳايو ويو. پکي پکڻ پنهنجن آکيرن ڏانهن واپس وري رهيا هئا، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو به سهميل ۽ خفا هجن.

”اسين عزتن جا محافظ، اسين امن و امان قائم ڪنداسين“. هو شهر جي تمام گهٽين ۾ گهمي نعرا هڻي رهيا هئا، سڀ دروازا بند هئا، ماڻهو درين مان واجهائي رهيا هئا، نعري باز پنهنجو جهنڊو کڻي گهمي رهيا هئا، ٿورو ئي پريان انهن کي هڪ اڌڙوٽ عمر واري عورت هڪ زخمي ٻار وٽ نظر آئي، جيڪو زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ پيو هو. هو ان وٽ آيا ۽ پڇيائونس: ”اي مائي! تون هتي ڇا ڪري رهي آهين؟“ ان چيو: ”منهنجو هي پٽ دهشتگردن جي گوليءَ سان زخمي ٿي پيو آهي، هو دڪان تان واپس اچي رهيو هو ته نامعلوم هٿياربندن هٿان گهائجي آخري پساهه کڻي رهيو آهي. پر منهنجي ڪنهن به مدد ناهي ڪئي، نه طبيب ٿو ملي ۽ نه وري دارو درمل، لڳي ٿو ته ڄڻ ڪو راڪاس هن شهر ۾ گهمي ويو هجي يا وري ڪنهن ڏانئڻ جي نظر لڳي وئي هجيس، جو ’روشنين جو شهر‘ ڪاري اوندهه ۾ ٻڏي ويو آهي!“

ان عورت جي صدائن تي ڪنهن به ڪن نه ڌريو.

”هاڻي منهنجو هن دنيا ۾ ڪير به ڪونهي، هڪ پٽ ئي سهارو هو، جنهن کي به ِظالم مون کان کسي ويا، پٽ تي ڪريل زخمي ڇوڪرو هاڻي بي سُڌ بڻيو آسمان ڏانهن نهاري رهيو هو. هن جون اکيون هڪ هنڌ بيهي ويون هيون ۽ چنگهڻ به بند ڪري ڇڏيو هئائين، شايد ڪنهن ٻي دنيا ۾ پهچي ويو هو.

پٽ جي موت تي اها عورت زار و زار روئي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي، ”پٽ هاڻي توکي ڪنهن به دوا جي ضرورت ناهي.“

نعرا لڳائيندڙ ٽولي جو ليڊر چوي ٿو: ”اي مائي رو نه! اسان آهيون نه تنهنجو خيال رکڻ وارا، تون اسان سان هل، تنهنجي روزي روٽي اسان تي.“

هو سڀ ان کي وحشي ۽ حوس ڀرين نظرين سان ڏسي رهيا هئا، عورت هاڻي ڊڄي وئي، انهن هاڻ هن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ شروع ڪئي، عورت انهن کي منٿون ڪرڻ لڳي ۽ انهن جي ليڊر کي چوڻ لڳي: ”سائين اوهان ته هنن جا سردار ٿا لڳو: پوءِ اوهان ئي کڻي انهن کي سمجهايو.“ نعري باز ٽولي جو ليڊر ان عورت جي ويجهو اچي سُرٻاٽن ۾ ڪجهه چئي ٿو ۽ اڳئين ئي لمحي رومال ڪڍي پنهنجو منهن صاف ٿو ڪري ۽ هڪ نامعلوم گولي اچي انهي عورت کي ٿي لڳي...”بد ذات عورت! مرڻ سهايائين پر...“ ائين هو ڀڻڪندو وڃي پيجارو ۾ ويٺو ۽ عورت پنهنجي پٽ جي ڀرسان ڪرندي انهن کي آخري جملو ٿي چوي: ”اوهان ... اوهان هڪ ماءُ کي ڪڏهن به ماري نه ٿا سگهو...“

ٿوري دير کان پوءِ هوائن ۾ وري ساڳيو نعرو گونجڻ لڳو، ”اسين عزتن جا محافظ... اسين امن و امان قائم ڪنداسين ۽ غريبن جو مفت علاج ڪنداسون...

ننڍي کنڊ جي ڪنهن پرڳڻي ۾ عورتن جو هڪ شهر هوندو هيو. جنهن ۾ ڪنهن به مرد جو ڪو نانءُ نشان ئي ڪونه هوندو هو، اها ڳالهه گهڻن کي سمجهه ۾ نه ايندي پر تاريخ جا ورق ان حقيقتن جي شاهدي ڏئي رهيا آهن ته ڪنهن دور ۾ اهڙو به شهر هوندو هيو. ان شهر ۾ بادشاهه سلامت کان علاوه ڪنهن ٻئي مرد جو پاڇو به نه پوندو هيو. شهر جي راڻيءَ کان وٺي ننڍي کان ننڍي نوڪرياڻيءَ تائين سڀ عورتون ئي هونديون هيون. شهر ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ سمورا عهدا رڳو عورتن کي ئي ڏنل هوندا هيا. محل جي ڪنهن شهزاديءَ کان وٺي رستي تي ٻهاري ڏيندڙ ڀنگياڻيءَ تائين سڀ جو سڀ عورتون بيحد خوبصورت هونديون هيون. ڪاري رنگ واري ڪابه عورت ان شهر ۾ ڪونه هوندي هئي. ڳٽي تي تَرِ هجڻ کي عورت جي حسن جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪا عورت ڌڪ لڳڻ ڪري يا ڪنهن بيماريءَ ڪري بدصورت ٿي ويندي هئي ته پوءِ سندس اڳيان ٻه ئي رستا هوندا هيا. هڪ رستو اهو ته هوءَ خودڪشي ڪري پنهنجو انت آڻي يا وري هميشه جي لاءِ سلطنت مان نڪري گمناميءَ جي زندگي گذاري مري وڃي.

هن عجيب ۽ غريب شهر جو اڏيندڙ ناصر الدين خلجي آهي. جنهن پنهنجي پيءُ سلطان غياث الدين خلجيءَ کي ٽي دفعا زهر ڏنو هو. پهرين ۽ ٻئي ڀيري ته هو ڪامياب نه ٿي سگهيو، ڇو جو سندس پوڙهي پيءُ زهر مهرو استعمال ڪري پاڻ کي زهر جي اثر کان بچائي ورتو هو، پر ٽئين ڀيري پوڙهي پيءُ پاڻ ئي پٽ کي زهر ڏيڻ لاءِ چيو ڇو جو هو ڊگهي عمر ۽ ڪيترين ئي بيمارين جي ڪري پنهنجي زندگيءَ مان بيزار ٿي چڪو هيو. جڏهن سلطان غياث الدين گذاري ويو ته هن جي عياش پٽ ناصر الدين خلجي پيءُ جي مرڻ جي خوشيءَ ۾ اعلان ڪيو ته: ”مان هاڻي سموري زندگي امن ۽ سڪون سان گذاريندس ۽ رعايت کي به امن ۽ سڪون جي سوکڙي ڏيندس.“ ان امن واري خواهش جي نتيجي ۾ بادشاهه سلامت هڪ نرالي شهر اڏائڻ جي رٿا ٺاهي ورتي. سڀ کان پهرين سڄي ننڍي کنڊ جي سڀني خوبصورت عورتن ۽ ڇوڪرين جي هڪ ڊگهي لسٽ تيار ڪئي وئي. پوءِ انهن سڀني عورتن کي پاڻ وٽ گهرائي کين مختلف ڪم ۽ عهدا ڏنا ويا. شاهي محل کان ٿورو پرڀرو هڪ خوبصورت شهر اڏايو ويو جنهن جون بازارون، باغ، حوض ۽ تلاءَ ڏسڻ وٽان هوندا هئا. صاف سٿري پاڻيءَ ۾ ڪنول جا گل ۽ حوضن ۽ تلائن ۾ مختلف رنگن جون مڇيون دل وندرائڻ لاءِ ڪافي هيون. هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي آبشار به ٺهرايو ويو. جيڪو تمام گهڻو خوبصورت ۽ دلڪش هيو.

ٻئي پاسي وري قسمين قسمين گل ۽ وڻ لڳائي انهن تي هزارين ڪوئلين ۽ بلبلن کي رکيو ويو جيڪي هر وقت پنهنجي دل لڀائيندڙ ۽ سريلن ٻولين سان دل جي تارن کي ڇيڙينديون رهنديون هيون. شهرن ۽ باغن جي وچ ۾ ڪشادا رستا ٺاهيا ويا هئا جن تي سهڻيون عورتون تيز رفتار گاڏين، جن ۾ هرڻ ۽ ٻارنهن سڱا جوٽيل هوندا هئا، سير سپاٽا ڪنديون هيون. انهن جانورن جي پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌل هوندا هئا جن مان نڪرندڙ موسيقي هڪ جادوءَ جهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيندي هئي.

گهرن ۽ پاڙن جي ترتيب به هڪ خاص انداز سان رکي وئي هئي. راڻيءَ ۽ شهزادين جا محل سنهري رنگ جا هوندا هيا. وزير عورتن جا گهر چانديءَ جهڙا چمڪندڙ اڏايا ويا هئا. فوج ۽ پوليس وارن جا گهر ڳاڙهي پٿر مان ٺهرايا ويا هئا. اهڙيءَ طرح مختلف طبقن جون رهائش گاهون مختلف رنگن سان ٺهرايون ويون هيون. جڏهن ته باغن جون ڀتيون سائي رنگ جون هونديون هيون. رنگن جي اهڙي سهڻي سنگم سڄي شهر کي انڊلٺ وانگر سجائي ڇڏيو هيو. سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي جو سڄي شهر ۾ مسجد، مقبري يا درگاهه جو ڪو نانءُ نشان ئي ڪونه هيو. ڪجهه مڪتب ضرور هيا. جن ۾ موسيقي ۽ ڊانس جي عملي تعليم ڏني ويندي هئي. جيڪي به ڇوڪريون انهن فنن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنديون هيون تن کي ڪو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ بدران کين چانديءَ جا زيور ڏنا ويندا هئا. ان کانسواءِ انهن مڪتبن ۾ هار سينگار جي سکيا به ڏني ويندي هئي ته جيئن عورتون اهو علم حاصل ڪري پاڻ کي به سينگارين ته ٻين عورتن جي پڻ ٺاهه جوڙ ۾ مدد ڪن.

راڻيءَ جي درٻار هڪ ڪشادي هال ۾ لڳندي هئي. ان هال جا ٿنڀا سنگ مرمر، عاج ۽ هاٿيءَ جي ڏندن مان ٺاهيا ويا هئا. درٻاري لباس جو شان به عجيب هيو. راڻي کان وٺي ٻانهيءَ تائين سڀني عورتن کي مختلف رنگن ۽ نمونن جا وڳا پهريل هوندا هئا. گڏوگڏ هر عورت کي پابند بڻايو ويو هيو ته اهي ڌار ڌار خوشبوئون استعمال ڪري اچن. ان سان نه رڳو درٻار جو هال پر آس پاس جو سمورو علائقو خوشبوءِ سان واسجي ويندو هيو. مختلف قسمن جا هيرا جواهر ۽ زيور اکين کي ڏاڍا ڀلا لڳندا هئا. راڻيءَ جي ويهڻ لاءِ چانديءَ جي سڪن مان هڪ چبوترو ٺاهيو ويو هو. جنهن تي هڪ زر نگار تخت رکيو ويو هيو. ان تخت جي ڀرسان هڪ بادشاهي ڪرسي به رکي وئي هئي ته جيڪڏهن بادشاهه سلامت درٻار کي رونق بخشڻ چاهي ته ان ڪرسيءَ تي اچي ويهي. درٻار ۾ ڪاروائيءَ جي شروعات هڪ گيت سان ٿيندي هئي. ان کان پوءِ هر ڳائڻي پنهنجي پنهنجي مخصوص انداز ۾ درٻار ۾ ويٺل عورتن کي وندرائيندي هئي. موسيقيءَ ۽ ناچ کان پوءِ لطيفا ٻڌايا ويندا هئا، لطيفن کان پوءِ وري ڪي عورتون جادوءَ جا ڪرتب به ڏيکارينديون هيون، پر ڪم جي ڪابه ڳالهه ڪونه ٿيندي هئي.

عورتن جي ان شهر ۾ هر سال فوجي پريڊ به ٿيندي هئي. جنهن ۾ راڻي ۽ بادشاهه سلامت کي سلامي ڏني ويندي هئي ۽ کين سوکڙيون پاکڙيون پيش ڪيون وينديون هيون. اهو شاهي جوڙو جنهن به عورت مان خوش ٿيندو هو. تنهن کي ڪونه ڪو لقب عطا ڪندو هيو. جهڙوڪ: ”اکين جي ٿڌاڻ“، ”جهان جو نور“ وغيره. اهڙيءَ طرح حسن جي نمائش جو به ڀرپور بندوبست ڪيو ويندو هيو. (اهو چوڻ صحيح رهندو ته هلندڙ دور ۾ حسن جا جيڪي مقابلا ٿين ٿا تنهن جو باني ناصر الدين خلجي هيو) جيڪي عورتون بادشاهه سلامت کي پسند اچي وينديون هيون. تن کي ترقي ڏئي مرڪزي عهدن تي مقرر ڪيو ويندو هو. بادشاهه جي تفريح جو هڪ ذريعو شڪار پڻ هيو. شهر کان ڪيترن ئي ميلن جي پنڌ تي هڪ وڏي ايراضيءَ تي شڪار گاهه ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا پوکرايا ويا هئا. ڪيترن ئي جهنگلي پکين کان سواءِ ڪيترائي جانور مثال طور: هرڻ، ڦاڙها، ٻڪر وغيره به اتي رکيا ويا هئا. ڪيتريون ئي نشاني باز عورتون ان شڪار جي شغل ۾ مصروف رهنديون هيون. اهي تيرن تلوارن ۽ نيزن سان پکين ۽ جانورن جو شڪار ڪنديون هيون. اهڙيون ڪيتريون ئي خوبصورت ڇوڪريون پڻ مقرر ڪيون ويون هيون. جيڪي راڻيءَ ۽ بادشاهه سلامت کي تير ۽ نيزا اڇلائڻ ۾ مدد ڪنديون هيون.

عيد جي موقعي تي مينا بازار پڻ لڳائي ويندي هئي. ان شهر جي شاهي باغ جي هڪ حصي ۾ ان بازار کي منعقد ڪيو ويندو هيو. باغ جي هڪ وڏي ايراضيءَ تي چئني پاسن کان دڪان تعمير ڪيا ويندا هئا جن ۾ هر قسم جي شيءِ آسانيءَ سان ملي ويندي هئي. انهن دڪانن کي رنگ برنگي جهنڊين، فانوسن ۽ ڏيئن سان سينگاريو ويندو هيو. ان مينا بازار ۾ رڳو عورتون ئي دڪان هلائينديون هيون. سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ چالاڪ ڪشميري ۽ ايراني عورتون هونديون هيون. انهن جي ڳالهائڻ جو لهجو ۽ گراهڪن کي وندرائڻ جو طريقو ڏاڍو موهيندڙ هوندو هيو. تنهنڪري اهڙين عورتن جا دڪان هڪ ئي ڏينهن ۾ خالي ٿي ويندا هئا. سڄي هندستان کان مٿانهن گهراڻن جون عورتون خريداري ڪرڻ ان شهر ۾ اينديون هيون. عام ڪري اها مينا بازار ٽي ڏينهن هلندي هئي پر ڪڏهن ڪڏهن هڪ هفتي تائين به ان کي جاري رکيو ويندو هيو. هڪڙو ڏينهن بادشاهه سلامت لاءِ رکيل هيو. هو سامان ته خريد نه ڪندو هيو پر پنهنجو سمورو ڌيان سامان وڪڻندڙ عورتن جي حسن ۽ گفتگوءَ تي ڏيندو هيو. ان شهر جي آبادي شروع ۾ ته ڏهاڪو هزار کن هئي پر پوءِ آباديءَ جو انگ وڌندي وڌندي ويهن هزارن کان به ٽپي ويو.

ناصر الدين خلجي جي شراب نوشيءَ جا قصا به تن ڏينهن ۾ سڄي هندستان ۾ مشهور هيا. هڪ دفعي مستيءَ ۾ اچي بادشاهه سلامت حوض ۾ غوطا لڳائڻ چاهيا. اتي بيٺل عورتن کيس ڏاڍو جهليو پر بادشاهه سلامت ڪپڙن سوڌو تلاءَ ۾ گهُت هنئين. هو جيئن ته تارو ڪونه هيو. ان ڪري ڪيترائي سير پاڻي نڪ ۽ ڪاڪڙي جي ذريعي اندر هليو ويو. کيس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ نوڪرياڻين وارن کان جهلي کيس ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ مناسب اُپاءَ وٺي کيس هوش ۾ آندو. درٻار ۾ پهچي هن انهن سڀني عورتن کي انعامن اڪرامن سان نوازيو جن وارن کان جهلي کيس ٻاهر ڪڍيو هيو.

ٻئي ڀيري به هڪ اهڙو ئي واقعو پيش آيو، هن سڀني کي جهليو ته هو کيس ٻاهر نه ڪڍن تنهنڪري جڏهن هو غوطا کائڻ لڳو ته کيس ڪنهن به بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. سڀ عورتون هڪٻئي جو منهن ڏسنديون ۽ بادشاهه سلامت کي حوض ۾ غوطا کائيندي ڏسنديون رهيون. ايسيتائين جو بادشاهه سلامت وڃي حوض جو ترو ورتو. شهر جي داروغڻ پنهنجي نوڪرياڻين کي حڪم ڏنو ته حوض ۾ داخل ٿي بادشاهه سلامت کي ٻاهر ڪڍي اچن. انهن عورتن بادشاهه سلامت کي حوض مان ٻاهر ڪڍيو پر سندس روح هن دنيا مان اڏامي چڪو هيو.

ناصر الدين خلجيءَ جو موت هڪ شخص جو موت نه هو پر ان نظام جي پڄاڻي هئي جيڪو هن عورتن جو شهر آباد ڪري قائم ڪيو هو، بادشاهه کي دفنائڻ کان پوءِ سڄي شهر جو ٻنڀو ٻئي پاسي ٿي ويو. جن کي جيتريون عورتون هٿ آيون سي پاڻ سان وٺي ويا عاليشان محلن تي ماڻهن قبضو ڪري ورتو. ٿورڙي ئي عرصي ۾ باغن ۾ ڌوڙ اڏامڻ لڳي ۽ هڪ سال جو عرصو اڃان گذريو ئي ڪونه هو جو ان جيئري جاڳندي شهر جي ياد ماضيءَ جو هڪ داغدار داستان بڻجي وئي. هندستان جي تاريخ ته سڀني پڙهي هوندي پر هي واقعو شايد تمام ٿورڙن ماڻهن جي نظر مان گذريو هوندو، سچ پچ ته تاريخدانن ڄاڻي واڻي ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مقامي ماڻهن کي ان شهر ۽ ان جي بانيءَ جي حالتن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي، پر اهو راز شير شاهه سوريءَ جي ڏينهن ۾ پڌرو ٿيو. شير شاهه سوري ننڍي کنڊ جي چپي چپي کان واقف ۽ حالتن کان باخبر رهڻ چاهيندو هو ۽ ان سلسلي ۾ هو سڄي ننڍي کنڊ ۾ پاڻ ئي سفر ڪندو هيو. هڪ ڀيري سفر ڪندي ڪندي هو مالوا رياست جي شهر مانڊوءَ پهچي ويو. ڪجهه ماڻهن جي عادت هوندي آهي جو ڪنهن بادشاهه يا وڏي ماڻهوءَ جي ويجهڙائپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي اهڙيون به ڳالهيون ڪري ويهندا آهن جيڪي اخلاقي طور کين نه ڪرڻ گهربيون آهن. شهر جي امير ان علائقي جي تاريخ ٻڌائڻ وقت کيس عورتن جي ان عجيب ۽ غريب شهر جو داستان به ٻڌائي ورتو. ان داستان ٻڌڻ کان پوءِ شير شاهه سوري ان شهر جي بانيءَ جي قبر تي پهچي ويو. شير شاهه سوري ڏاڍو چيڙاڪ بادشاهه هوندو هيو، قبر ڏسي کانئس رهيو نه ٿيو ۽ پنهنجي اميرن ۽ وزيرن کي حڪم ڏنائين ته قبر کي ڏنڊن سان ڊاهي رکن ته جيئن آئينده ڪوبه مسلمان بادشاهه اهڙي حرڪت نه ڪري سگهي. نه فقط ايترو پر هن اهو به حڪم جاري ڪيو ته جيڪڏهن ڪوبه ناصر الدين خلجيءَ جي قبر تي ويندو ته پوءِ هو جيئرو نه موٽندو، تنهنڪري سالن تائين ان قبر تائين ڪوبه نه ويندو هو، پر ان قبر جي بدبختيءَ ڏسو جو سن 1025هجري بمطابق 1616ع ۾ دکن ويندي شهنشاهه جهانگير جي دل ۾ به مانڊوءَ جو قلعو ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي. کيس گهڻو ئي روڪيو ويو پر هن قلعي ڏسڻ جو پڪوپهه ڪري ورتو. هو جڏهن اتي پهتو ته هن شهر واسين کان ڪجهه معلومات وٺڻ چاهي. ماڻهن کيس وڪرما جيت جا داستان ٻڌايا. پوءِ وري جئه سنگهه جي حڪومت جي زماني ۾ پارس پٿر جي لڀجڻ جو واقعو ٻڌايو ۽ نيٺ ڪجهه ماڻهن کيس عورتن جي شهر جي باري ۾ پڻ ٻڌايو. ٻئي ڏينهن جهانگير سير سپاٽو ڪرڻ لاءِ نڪتو ۽ خلجي بادشاهن جا مقبرا ڏسندي ڏسندي ناصر الدين خلجيءَ جي ان مزار تي به اچي پهتو جنهن کي شير شاهه سوريءَ جي اميرن ۽ وزيرن ڏنڊن سان ڊاهي ڇڏيو هيو. بادشاهه حڪم ڏنو ته اها قبر کوٽي ناصر الدين خلجيءَ جي هڏن کي باهه ۾ ساڙيو وڃي. هڪ درٻاريءَ کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ کيس هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته جيڪڏهن هن دنيا ۾ لاش کي ساڙيو ويو ته پوءِ قيامت جي ڏينهن سندس عذاب ۾ گهٽتائي ٿيندي. نتيجي ۾ بادشاهه سلامت پنهنجو رايو بدلايو ۽ لاش کي درياهه ۾ وهائي ڇڏڻ جو حڪم ڏنائين.

مان جڏهن سڀ کان پهرين ”تزڪ جهانگيري“ پڙهيو هيو ته مون کي ناصر الدين خلجيءَ جو ذڪر معلوم ٿيو هيو، گهڻو عرصو پوءِ منهنجي دل ۾ به اها خواهش پيدا ٿي ته مان اهو هنڌ ڏسان جتي عورتن جو شهرآباد ڪيو ويو هو. پوءِ مان پنهنجي هڪ تاريخدان دوست محمد امين زبيريءَ سان گڏ مانڊو پهچي ويس. هي اهوئي مانڊو شهر آهي جنهن جي ڊگهين ۽ ڪشادين مانين کي مانڊو چيو ويندو آهي. اردو ٻوليءَ ۾ حلوو مانڊو جو اصطلاح گهڻو استعمال ٿيندو آهي. وچ هندستان ۽ راجپوتانا ڀَٽن جو علائقو آهي. جتي ڪيترائي پراڻا داستان ۽ تاريخي بيت دهل ۽ دنبوري تي ڳايا ويندا آهن. مان ڀٽن کان ان شهر جو داستان تفصيل سان ٻڌو هيو.

ناصر الدين خلجيءَ جو قصور ته ضرور هيو جو هن اها سماجي بداخلاقي ڪئي هئي. مرڻ کان پوءِ ٻه ڀيرا کيس سخت سزا ڏني ويئي، پر تنهن هوندي به ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي ذهن مان هڪ اهڙي شهر جي اڏڻ جو سوچيو هو جنهن جي همت مغربي دنيا ۾ اڄ به ڪنهن به حڪمران کي نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com