سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :6

 

 

 

 

 

 

ڪيترا سال اڳ اسان جڏهن سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ’نيوز اينڊ اوپينين‘ لاءِ انٽرويو ڪيو هو ته هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو هو ته هو جڏهن شانتينڪيتن پڙهڻ لاءِ بنگال ويو هو ته هن سان 22 سنڌي ڇوڪريون به گڏ هيون. انهن ڇوڪرين جو واسطو سنڌ جي مختلف شهرن سان هو. مان اها ڳالهه مڃان ٿي ته هيءَ ڳالهه ورهاڱي کان اڳ جي آهي پر ان زماني ۾ نوجوان ڇوڪرين جو سنڌ کان بنگال وڃڻ سچ پچ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه به قبول ڪيان ٿي ته انهن ڇوڪرين کي بنگال وڃڻ جي اجازت به ڪا آسانيءَ سان ڪانه ملي هوندي، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سنڌي ڇوڪرين جو ايڏي مسافري ڪري ڪشالا ڪڍي بنگال وڃڻ، انهيءَ ڳالهه جي نشاني آهي ته سنڌ ۾ عورتن لاءِ هڪ سازگار ماحول پير پختا ڪري رهيو هو.

پر ورهاڱي کان پوءِ، ٻن قومي نظرين ۽ مقاصدن تي ٻڌل پاڪستان سڀ کان وڏو نقصان اقليتن، عورتن ۽ جمهوري روايت ۽ سهپ جي اعليٰ اصولن کي ڏنو آهي، هن وقت صورتحال هيءَ آهي ته اقليتون پاڻ کي پاڪستان جو وفادار شهري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ۽ عورتون پاڻ کي انسان ثابت ڪرڻ جي جتن ۾ مصروف آهن. جڏهن هو انسان هجڻ لاءِ ڪوششون وٺن ٿيون ته هو سڀ کان پهريان ته جيئڻ جو حق گهرن ٿيون، ان کان پوءِ هو گهرو معاملن کان وٺي سماجي ۽ سياسي معاملن ۾ شرڪت جو حق گهُرن ٿيون، ان کان پوءِ پنهنجي ذاتي معاملن ۾ چونڊ ۽ ترجيح جو حق گهُرن ٿيون. مان جيڪڏهن انهيءَ هڪ هڪ نقطي جوجائزو وٺندس ته عورت جو اهو استحصال، گهرن کان شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ اهو هر هنڌ موجود آهي، جيستائين هوءَ وڃي قبر ۾ داخل ٿئي. هتي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته عورت جي خراب صورتحال رڳو سنڌ ۾ ڪانهي پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهي پر فرق رڳو مسئلن ۽ سندن نوعيت جو آهي. عورتن جي حالتن کي بدلائڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ هن وقت به ڪيترا پروگرام رٿائون ۽ اسڪيمون عمل هيٺ آهن. پر 8- مارچ کي عورتن جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جا ٻه مقصد آهن هڪ ته سندن ڪم، پورهئي ۽ وجود کي تسليم ڪرڻ ۽ دنيا کي اها ڳالهه ياد ڏيارڻ ته عورتن جي حالت زار ۽ حيثيت کي تبديل ڪرڻ واري واعدي کي وسارڻ نه گهرجي. انهيءَ پس منظر ۾ مان جڏهن عورتن جي تاريخ تي نظر وجهان ٿي ته مون کي سڄي دنيا جون ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ حڪومتون ۽ عورتون ياد اچن ٿيون، جن جي لڳاتار محنت ۽ جدوجهد سبب هن ڏينهن کي نه رڳو بين الاقوامي اهميت ملي پر سڀني گڏجي هڪ ڏينهن به مقرر ڪيو جيڪو 8- مارچ آهي. ان کان اڳ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف تاريخن تي عورتن جا ڏينهن ملهايا ويندا هئا پر هتي مان انهن روسي عورتن کي ڪيئن ٿي وساري سگهان. جن 1917ع ۾ سينيٽ پئٽرڪ جي روڊن تي نڪري هيءُ نعرو هنيو هو ته اسان جي گهرج ۽ مطالبو ”اٽو ۽ امن“ آهي.

شايد انهيءَ حوالي سان ٽراٽسڪيءَ لکيو هو ته 8- مارچ ”جولين ڪئلينڊر موجب 28- فيبروري“ جون سرگرميون ڏسي انقلاب اچڻ جي تاريخ ته مقرر نه ٿي ڪري سگهجي، پر ائين ضرور چئي سگهجي ٿو ته اهو اکئين پيو ڏسجي! پر آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ اليگزينڊريا ڪولنتائي، لينن مشورو ڏيندي زور ڀريو ته هو 8- مارچ کي هڪ سرڪاري موڪل وارو ڏينهن قرار ڏيندا. انهيءَ کي روسي عورتن جي جدوجهد ۽ جاڳرتا سان جوڙي، روس جي انهيءَ فيصلي کان پوءِ سوشلسٽ دنيا جي سڀني ملڪن 8- مارچ کي سرڪاري ڏينهن ڪري ملهايو ۽ پنهنجن پنهنجن حالتن موجب انهيءَ ڏينهن کي ڪن خاص سببن ۽ حالتن سان به جوڙيائون. پر 8 مارچ کي عورتن جو عالمي ڏينهن طور ملهائڻ ۽ بين الاقوامي مڃتا تڏهن ملي، جڏهن اقوام متحده ان کي اهميت ڏني ۽ ان ڏينهن کي هر سال 8- مارچ تي مختلف مسئلن ۽ موضوعن سان ڳنڍي ملهائڻ شروع ڪيائين، جڏهن مون نيٽ تي ريسرچ ڪئي ته 1966ع کان 2014ع تائين يعني 48 سالن تائين اقوامي متحده عورتن جي حوالي سان جن مسئلن ۽ موضوعن تي سال ملهايا اُهي آهن، ”ماضيءَ جي مڃتا ۽ مستقبل جون للڪارون“، ”عورتن ۽ امن جون ڳالهيون“، ”عورتون ۽ انساني حق“، ”عورتن لاءِ تشدد کان آزاد دنيا“، ”امن لاءِ متحده عورتون“، ”عورتون امن ۽ تضادن جو جاصل“، ”اڄ جي افعان عورت“. ”حقيقتون ۽ موقعا“، ”جنسي برابري ۽ بين الاقوامي ترقياتي حدف“، ”عورتون ۽ ايڊز“، ”جنسي برابري ۽ عورتن لاءِ محفوظ مستقبل“، ”عورتون ۽ فيصلا سازي ”غير محفوظ هجڻ جو خاتمو“، ”عورتن ۽ ڇوڪرين جي ترقيءَ لاءِ اُپاءُ“، ”عورتن ۽ ڇوڪرين جي تشدد خلاف عورتن ۽ مردن جو متحد محاذ“، ”برابر حق برابر موقعا“، ”سڀني عورتن جي تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ برابري“، ”ڳوٺاڻي عورت جي پاڻ، ڀرائپ“، غربت ۽ بک جو خاتمو“، ”تجريدِ وفا عورتن خلاف تشدد جو خاتمو“. اهڙيءَ طرح 2014ع جو سال اقوام متحده طرفان ”عورتن جي برابري سڀني جي ترقي آهي“، هاڻي جيڪڏهن اقوام متحده جو هن سال لاءِ نعرو ”برابري ۽ ترقي“ آهي ته پوءِ سڀ کان پهريان اسان سڀني کي سوچڻو پوندو ته برابري ڇا ۾ آهي ۽ اها برابري ڪير نه ٿو ڏئي ۽ اها برابري ڪيئن وٺجي ۽ انهيءَ ۾ ڪير ڪير مددگار ٿي سگهي ٿو.

جيڪڏهن انهن سوالن جو تفصيلي جائزو وٺنداسين ته نابرابري گهر کان شروع ٿئي ٿي ۽ سماجي ثقافتي سياسي، اقتصادي ۽ حڪومتي ادارن ۾ به موجود آهي. جيڪڏهن نابرابريءَ کي ناانصافي چوان ته شايد ڳالهه ڪجهه واضح ٿئي، پر جيڪڏهن ناانصافيءَ کي ساديءَ ٻوليءَ ۾ ناحق چوان ته شايد پنهنجي ڳالهه چڱي نموني سمجهائي سگهان. هاڻ بلڪل ناحق آهي، گهر ۾، آفيسن ۾، هر گهٽي ۾- انهيءَ جي خاتمي لاءِ اُهي ئي قدم آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ عورتن کنيا آهن- اُهي قدم اِهي آهن ته سڀ کان پهرين عورتن کي ناحق خلاف، شخصي ۽ گڏيل آواز اُٿارڻو پوندو، ان کان پوءِ پنهنجا ٻانهن ٻيلي ڳولڻا پوندا. جيڪي سندن آواز کي سگهارو ڪن ۽ آخر ۾ اهو ناحق نه رڳو ختم ٿئي. پر خاتمو حڪومتي پاليسي بنجي حق جي ضمانت بنجي. هيءُ سڀ جيڪو مون لکيو آهي اهو ناممڪن نه آهي پر ڏکيو ضرور آهي. تاريخ ۾ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مثال موجود آهن جيئن ”روزا پارڪ“ جنهن آمريڪا ۾ ڪارن لاءِ مخصوص ٿيل سيٽن خلاف جدوجهد هلائي. ان کان پوءِ اسان وٽ اختر بلوچ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ وومن ايڪشن فورم جي جدوجهد جا شاندار مثال موجود آهن. پر سڀ کان اڳ ۾ بنهه بنيادي قدم آهن ته ڇا اسين عورتون، واقعي ناانصافي محسوس ڪيون ٿيون. جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته انهيءَ جي خاتمي لاءِ واٽون ويهه آهن، جيڪڏهن نه احساس ۽ نه تڙپ آهي ته پوءِ هي ڏينهن به ائين ئي گذري ويندو، جيئن اڄڪلهه جي اين جي اوز جي ڪا سرگرمي هوندي آهي، ڇو ته ڏينهن ملهائڻ معنيٰ اهو ياد رکڻ/ ياد ڏيارڻ ته ناحق جاري آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ اوتروئي سرگرم آهيون جيترو اڄ کان 48 سال اڳ، روسي عورتون هيون- ٻين لفظن ۾ مان ائين چوندس ته هي ڏينهن عورتن جي حوالي سان تجريدِ وفا جو ڏينهن آهي.

مولا بخش ميربحر

قسط: 3

سماج ۾ مهاڻيءَ جو ڪردار

 

] نوٽ: هن طويل مقالي ۾ اهي سڀ ڪم ڪاريون ڏيکاريون ويون آهن جيڪو هڪ مهاڻي عورت جي ذمي آهن، يعني پوري زندگي جنهن ڪِرت ۾ رُڌل آهي انهن جو وچور ڏنو ويو آهي.[

پن جا قسم:

پن ٻن قسمن جي ٿيندي آهي.هڪ ڪُوڙي پن ۽ ٻي سچي پن. ڪوڙيءَ پن جا پن سنها ٿيندا آهن، سچي پن جا پن ٿلها ٿيندا آهن. پن اڪثر ڪري سم واري علائقي يا ڪلراٺيءَ زمين ۾ به خشڪيءَ تي ٿئي ٿي. جنهن کي گوپ به چئبو آهي. پن جڏهن زمين کان ٻه ٽي انچ ٻاهر نڪرندي آهي ته ان حصي کي سُنڍو چئبو آهي. پن جي ميوي کي ستو چئبو آهي. جيڪو ٻاجهري جي سنگ جهڙو ٿيندو آهي، جيڪو ٻن حصن ۾ ٿيندو آهي هڪ ڪچي پن جنهن کي ڪوڙي پن به چئبو آهي ۽ ٻي سڄي پن انهن ۾ ٻه ٻه سٽا هوندا آهن، هڪ مان ٻوراني ملندي آهي، جنهن جو ذڪر اسين اڳتي ڪنداسون ۽ ٻيو سٽو خالي هوندو آهي، جنهن مان صرف دحر نڪرندا آهن.

پن لڻڻ:

تونرين، تڏن ۽ نُکن وغيره لاءِ پن گهڻو ڪري عورت پاڻ لڻندي آهي. تونرين ۽ تڏن لاءِ گهڻو ڪري ڪوڙي پن استعمال ٿيندي آهي. ڇو ته هن پن ۾ پائيداري وڌيڪ آهي ۽ هيءَ نرم ٿئي ٿي. جنهن ڪري هن جي عمر گهڻي ٿئي ٿي، مهاڻي عورت پن لڻي ان جي چوٽين مان وٺي ڇنڊيندي آهي، انهيءَ لاءِ ته بيڪار ۽ ننڍي پن الڳ ٿي وڃي ۽ سٺي پن الڳ ٿي وڃي، ان کان پوءِ سٺي پن جون چوٽيون ٻڌي پاڙ وارو پاسو زمين تي پکيڙي ڇڏيندي آهي.

پن سڪائڻ:

موڙيون ٿيل پن جڏهن سڪي ويندي آهي ته ان کي هڪ وڏي گڏي ۾ ٻڌي گهر کڻي ايندي آهي ۽ ان کان پوءِ ان مان مختلف شيون ٺاهي ٿي. پن سڪڻ ۾ هفتو کن لڳندو آهي.

پن جي ڇانٽي:

پن کي گهر آڻڻ کان پوءِ ان کي وري مختلف گروپن ۾ ورهائيندي آهي. هر سائيز جي پن الڳ ڪندي آهي ۽ ان مان مختلف سائيز جا تڏا ۽ تونريون ٺاهيندي آهي. پن کي ماپڻ لاءِ ماپ ٺونٺ کان وٺي آڱرين جي ننهن تائين ڪئي ويندي آهي. جنهن کي هٿ چئبو آهي. جيتريون ٺوٺيون ٿيون ان کي چئبو هيترا ”هٿ“ ٿيا آهن.

پن رڱڻ:

سڀ کان پهريائين پن کي رڱڻ لاءِ هڪ ٽين ۾ پاڻي گرم ڪندي آهي. ان کان پوءِ پن جون ننڍيون ننڍيون موڙيون ٺاهي ٽين ۾ (جنهن ۾ رنگ ملايل هوندو آهي) وجهندي آهي ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻاهر ڪڍي وٺندي آهي. اهڙيءَ طرح مختلف رنگ ڏيئي پن کي خوبصورت بنائيندي آهي ۽ تونرين ۾ استعمال ڪندي آهي.

پن جو تونريون، نکون ۽ تڏا ٺاهڻ:

پن مان تڏا، تونريون، نکون مصلا وغيره تيار ڪيا ويندا آهن. تونريءَ کي ٺاهڻ لاءِ چوڪور سائيز وانگر چئن ڪنڊن تي ڪلا هنيا ويندا آهن. پوءِ انهيءَ جي وچ ۾ هر هڪ ماپ جي حساب سان نوڙي اُڻي ويندي آهي. مثلاً جيڪڏهن ست هٿ تونري ٺاهڻي آهي ته پوءِ ان حساب سان ڊيگهه ۽ ويڪر رکي ويندي آهي. ڏهي جيڪا ڪاٺ جي پٽي هوندي آهي، جنهن کي ٻن ٻن ٽن ٽن انچن تي مستطيل شڪل جا چورس ٺهيل هوندا آهن، انهيءَ جي وچ ۾ نوڙيءَ کي اُڻيو ويندو آهي. پوءِ پن جي ماپ وارا تندا کڻي عورتون سڀ کان پهرين انهن کي پسائينديون آهن ۽ پوءِ ڪاٺ جي ڌمڪ سان ڪاٺ جي اڏيءَ تي رکي چڱيءَ طرح ڪٽينديون آهن، جيئن پن بلڪل نرم ٿي وڃي. ان کان پوءِ پن جي انهن ڪٽيل تندن کي انهيءَ اڻيل نوڙيءَ سان هڪ ٻئي جي هيٺان ۽ مٿان ٽپايو ويندو آهي. پوءِ ڪاٺ جي ٺهيل هٿئي سان هلڪي هلڪي ٺوڪ ڏينديون آهن. اهڙي نموني صبح کان شام تائين هڪ کان ٻه عورتون پنجن يا ڇهن هٿن جي تونري جوڙي راس ڪنديون آهن. جڏهن توري ٺهي ويندي آهي ته پوءِ ان جي پاسن کان هڪ سنهون مينڍو ۽ هڪ ٿلهو مينڍو ورائينديون آهن. انهيءَ مينڍي ورائڻ وقت به تونري جي ڪنارن تي پاڻي هارينديون آهن ۽ وارن جي مينڍي وانگر ويڙهينديون آهن. پوءِ تونريءَ کي ابتو ڪري رکنديون آهن ۽ مينڍي کان اڳتي وڌيل پن ڪٽي ڇڏينديون آهن. تيار ٿيل تونري کي ڪجهه دير سڪڻ لاءِ اس ۾ ڇڏينديون آهن، جڏهن سڪي ويندي آهي ته ان کي ويڙهي گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکنديون آهن، جيئن ان تي ٻيهر پاڻي وغيره نه ڪري. جيڪڏهن برسات جو پاڻي انهيءَ تونري کي لڳي ويو  ته پوءِ تونري ڪاري ٿي ويندي آهي.

تونري ۽ تڏي ۽ نک جي حصن جا نالا ۽ انهن جي مختصر سمجهاڻي:

1. مئي 2. وچ-پيٽ 3. پاسا 4. مينڌو 5. ڪڙپو 6. ڏنڊڙو 7. مٺيا.

1. مئي: ان کي چيو ويندو آهي، جتان تونري، تڏو يا نک ٺاهڻ شروع ڪئي ويندي آهي.

2. وچ-پيٽ: جيئن هر تونري سٺين جو وچ هوندو آهي، اهڙي نموني تونري، تڏي کي به وچ هوندو آهي، جنهن کي عورتون عام لفظن ۾ پيٽ چونديون آهن.

3. پاسا: هر هڪ تونري کي چار ڪنڊو ۽ چار پاسا هوندا آهن، ڇو ته چونري چورس مستطيل هوندي آهي.

4. مينڍو: تونري تڏي ۽ نک جي ٻنهي پاسي مينڍو ورايو ويندو آهي، جيئن عورتون وارن جو مينڍو ورائينديون آهن. تونرين ۽ تڏن جي پاسن کان واريل مينڍو به ان وارن جي مينڍي جهڙي هوندو آهي، ان ڪري هن کي به مينڍو چيو ويندو آهي.

5. ڪڙپو: مينڍي جي ڀرسان وري تونري جي ابتي پاسي پن جي پنن کي ورايو ويندو آهي، جنهن کي ڪڙپو چيو ويندو آهي، ڪڙپي ورائڻ کان پوءِ پن جي وڌيل پنن کي ڏاٽي کان ڪٽي ڇڏبو آهي.

6. ڏنڊڙو: جتي تونري تڏي جو ڇيڙو ٿيندو آهي ۽ نوڙي وڌيل کي اهڙي نموني ويڙهبو آهي، جو هڪ ڏنڊي جي صورت وٺندو آهي، ان ڪري هن کي ڏنڊڙو چئبو آهي.

تونرين، تڏن ۽ نکن جو وڪرو:

اڄڪلهه ست هٿي تونري في هٿ 30 روپيه جي حساب سان وڪامي ٿي. اهڙي نموني هر هڪ تونري هٿ جي حساب سان وڪامي ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ عورتن کي فٽن جي خبر نه هوندي آهي. انهيءَ ڪري هٿ جي حساب سان اگهه ڪندي آهي. هڪ هٿ اندازًا ڏيڍ فوٽ جو ٿيندو آهي. انهيءَ ڪري ماپ به هٿن جي حساب سان ۽ وڪرو به هٿن جي حساب سان ٿئي ٿو. تونريون ٺاهڻ جي موسم يا سيزن 3 مهينا هوندي آهي ۽ پوءِ گهر کان فارغ وقت تونرين ٺاهڻ ۾ گذارين ٿيون. ان سان عورتون ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري پنهنجي اولاد لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ ننڍا ننڍا ڳهه وٺنديون آهن ۽ ٻئي پئسي مان گهر هلائينديون آهن.

پن جو تيليون:

پن جو تيليون پکن ٺاهڻ لاءِ ڪم اينديون آهن. جيڪي اڪثر مرد وڍيندو آهي، پر ڪٿي ڪٿي عورتون به مرد جي مدد ڪنديون آهن. تيليون مرد وڍي کڻي ايندو آهي ۽ انهن تيلين کي سڪائبو آهي.

پن جي تيلين مان پکا ٺاهڻ:

پن جي تيلين مان پکا عورت ٺاهي ٿي، جيڪي ملاح پکا ٺاهين ٿا، انهن کي عام طرح ”پکائي“ چيو وڃي ٿو. ڇو ته هنن  جو ڌنڌو ئي آهي پکو ٺاهڻ. پکا ٺاهڻ کان پهرين تيلين کي سڪائبو آهي، جيڪڏهن ڪم جي گهڻائي آهي ته تيليون ناهن سڪائيندا.

پکن ٺاهڻ جو طريقه ڪار:

سڀ کان پهريائين 15 کان 20 فوٽن جي ماپ جي حساب سان ٻه ڪلا سڌيءَ پٽيءَ تي هڻي ۽ هڪ نوڙي ٻڌي ويندي آهي ۽ پوءِ پن جي تيلين جو مور پسائي ڪاٺيءَ جي ڌمڪ سان ڪاٺ جي اڏيءَ تي رکي ڪٽينديون آهن. جڏهن مور ڪٽجي ويندا آهن تڏهن انهن تيلين کي به نوڙني مٿان اُڻندي آهي، ٻن کان ٽن تيلين کي ڇڏيندي آهي. اهڙي نموني پکي جا مور ٻڌندي آهي، ۽ پوءِ وري ڪنهن لوهه جي سوئي سان نوڙي تيلين جي اندران ڪراس ڪندي آهي ۽ آخر ۾ هڪ ٻنڌڻ ڏيندي ڪنهن لوهه جي سوئي سان نوٽي تيلين جي اندران ڪراس ڪندي آهي ۽ آخر ۾ هڪ ٻنڌڻ ڏيندي آهي، جيڪڏهن پکو 6 فوٽ ويڪرو آهي ته پوءِ  مور کان وٺي پڇڙ تائين وچ ۾ ٻن يا ٽن ڪانين جي وچان نوڙي کي ٽپائيندي آهي. اهڙي طرح پن جو به پکو ٺاهي ٿي. پکن جو وڪرو مرد ڪري ٿو، جنهن مان عورت کي صرف کنڊ، چانهه به مشڪل سان ملي ٿي. حقيقت ۾ عورت مرد کان 75 فيصد وڌيڪ ڪم ڪري ٿي، مگر ڪمائيءَ جو وڌيڪ حصو مرد کي ملي ٿو.

ڪانهه/ ڪانهي:

ڪانهه گهر ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي، ان کان سواءِ هن جي نوڙي ٺاهي تونرين ۾  استعمال ڪبي آهي. ڪانهه جڏهن ڦٽندو آهي ته هي سائي تند جي شڪل اختيار ڪندو آهي ۽ پوءِ ٻوڙي جي شڪل وٺندو آهي. ڪانهه ڍنڍن، ڍورن ۽ واٽرن جي ڪنڌيءَ تي سم واري جڳهه تي ٿيندو آهي. ڊيٻا کن تي به ٿئي ٿو.

ڪانهه لڻڻ:

ڪانهه ڏاٽي سان لڻبو آهي، جيڪو عورتون پاڻ لڻي انهي جون ننڍيون موڙيون ٻڌي گهر ۾ رکي ڇڏينديون آهن.

ڪانهه سڪائڻ:

ڪانهه لڻي عورتون ان جون چوٽيون ٻڌي ڪنهن ڀت يا ڀتيءَ جي سهاري ٽيڪ ڏياري رکنديون آهن يا گهر جي ڇت تي سڪڻ لاءِ رکنديون آهن.

ڪانهه ڪٽڻ:

سڪل ڪانهه کي عورتون ڪاٺ جي اڏي تي رکي ڪاٺ جي ڌمڪ سان ڪٽينديون آهن. ڪٽيل ڪانهه کي وري پسائينديون آهن. ڪانهي کي وڌيڪ ڪٽيو ويندو آهي ته جيئن ڪانهيءَ جا تندا نرم ۽ ملائم لڳن ۽ وٽڻ ۾ آساني ٿئي.

ڪانهي جي نوڙي:

ڪٽيل ڪانهه کي پاڻيءَ ۾ پسائي عورتون ٻه ٻه تندا کڻنديون آهن ۽ هٿ جي مٿان رکي هٿ جي ترين جي مدد سان وٽينديون آهن ۽ وٽي ڍيرا ڪري رکنديون آهن ۽ وٽيل نوڙي، تونرين ۽ تڏن، نکن ۽ ڇپر وغيره جي ٻڌڻ ۾ ڪم ايندي آهي. هن نوڙي جو وٽ ڪچو ٿيندو آهي، جڏهن ته هن جي مضبوطي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.

سَرَ:

سر سم واري علائقي ۾ ڍوري جي ڪنڌيءَ ۽ واٽرن جي ڪپرن تي ٿئي ٿو. سر جا ٻه قسم آهن، هڪ سچو سر جيڪو مکي واري علائقي ۾ ڪونه ٿيندو آهي. باقي  ڪوڙو سر هن علائقي ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي. جنهن جا ماڻهو پکن ٺاهڻ، گهر جي ڇپر ٺاهڻ، گهرجي پٿين ٺاهڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن، هن جون ڳريون ڪمند جي ڳرين وانگر ٿينديون آهن. هن جي ڊيگهه 8 کان 12 فوٽن تائين ٿئي ٿي. هي لڻڻ يا وڍڻ ۾ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. هن جي لڻڻ جو وقت صبح جو سوير هوندو آهي، ڇو ته هن ۾ ڪُتَ تمام گهڻي هوندي آهي. هن کي ننڍا ڪنڊا هوندا آهن، جيڪي انسان جي جسم ۾ چنبڙي خارش ڪندا آهن ۽ ڏاڍي بيچيني ٿيندي آهي. ڪت کي ختم ڪرڻ لاءِ هٿ ڌوئڻ کان پوءِ هٿن ۽ ٻانهن کي هلڪو تيل هنيو ويندو آهي يا وري هٿن کي مٿي جي وارن تي هنيو ويندو آهي. سرن جا تيلا گهڻو ڪري مرد وڍي گهر کڻي ايندو آهي. ڪٿي ڪٿي سرن وڍڻ جو ڪم عورتون به ڪنديون اهن. سرن جي تيلن کي پکن ٺاهڻ ۽ گهر ٺاهڻ جي ڪتب آڻبو آهي. هن جي تيلي جو مٿيون بجن وارو حصو عورتون ٻهاري طور ڪم آڻينديون آهن. سر جي تيلي ڪلفين ۾ به استعمال ٿيندي آهي، سر جي تيليءَ مان ڇڄ، گاگڙا ۽ مختلف رانديڪا پڻ ٺاهيا ويندا آهن. هن مان ويهڻ لاءِ موڙا به ٺاهيا وڃن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com