سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري، اپريل 2014ع

مضمون--

صفحو :2

ڊاڪٽر  بختاور ڄام

منهنجي ماءُ سُکان جي نانءِ

 

تنهنجو وڇوڙو ايئن ٿيو

راند رهندي مون هو سمجهيو

ويئي پاڻي ڀرڻ آه منهنجي ماءُ

الائي ته ڪهڙا هئس من ۾ گهاءُ

ڪنهن هو سمجهيو ته نه ورندي پاڻياري

دلا ڀڄندا ۽ دليون به ٽٽنديون

جيون سارو سڪندا تنهنجا ٻار

سهڻي نه هئينءَ

سسئي نه هئينءَ

پر ساقي جي ساٿي هئينءَ تون

ڇو ڪمزور ٿئينءَ تون

اڄ به ڪا رڙ ٻڌان ٿي

 اندر ۾ آءٌ ڏڪان ٿي

هي ڪهڙو آ شور...

ڪنهن ماءُ جو ته ناهي وڇوڙو

اهو سوچي اندر جهڄي ٿو

تنهنجو آخري سفر ۾

اڇو ويس ڍڪيل ٿڌو جسم

۽ تنهنجو چهرو به ياد ناهي اَمڙ

تون ڪهڙي پنڌ پئي اُسهين

 مون کي ڇڏي منهنجي ماءُ

اهو به ڪونه توکان پڇيم

۽ ڪيئن موڪل ڏنم؟!

ڪجهه به ياد ناهي منهنجي امڙ!

مون کي ڏک ۽ خوشي جي ڪائي خبر نه هئي

اهڙو ها ڃو ٿيڻ جو به شايد پتو نه هو

پر ڳالهه ٻڌي اٿم

ته ڳوٺ ته ڇا پر سمورو ديس رُنو هو

هر ڪنهن جو هت هانءُ ڇِنو هو

هر ماڻهو رَشڪ ڪيو هو

ڄام لاءِ سُکان ڪيئن سر ڏنو هو

۽ پيار جو هڪ نئون داستان جڙيو هو

تنهنجو وڇوڙو ايئن ٿيو هو!

تنهنجو وڇوڙو ايئن ٿيو هو!

 

Text Box:  

 
گلشن ”سنڌو“

 

 

 

 

 

لاشعور

 

منهنجي لاشعور ۾

ساجن جو پيار سمايل هو

جڏهن شعور نکري

سامهون آيو

تڏهن ساجن

منهنجو نه هو

جڏهن سڪ کي سڏ ڪيم

ته......

ساجن جي سار جي صورت ۾

منهنجي وجود کي ڏکائڻ لڳي

اُها ساعت جيڪا گهارڻ چاهيان

پئي ساجن سان

سا هڪ ياد بنجي وئي

ڪجهه سماعتن مان

ساز اُڀريا.....

خاموش..... خاموش.....

محبت جي علمبردار!

ڪڏهن ته اظهار هن سان

کُلي ڪرين ها.....

ڪڏهن ته هُن کي

پنهنجو چوين ها

ضمير جهنجهوڙيو....

تڏهن ساجن جي

ويڙهي جو رُخ ڪيم....

هيءُ ڇا....!!

سمورا احساس

جهڙوڪر، بند دروازي اندر

قيد ٿي ويا

واپس وريس

ته.....

لاشعور مان

آواز اُڀريو

ايڏي دير اظهار ۾

چڱي نه هوندي آ

 

Text Box:  

 


زمر محبوب

 

خواب

 

زندگي خواب ۾ بدلجندي پئي وڃي

هير هاڻي ولندي پئي وڃي.

نه ٻڌو.... نه چئو،

خاموش گفتگو هاڻي ٿيندي پئي وڃي.

نه اچو....... نه وڃو.

بيٺل قدم هاڻي هلندا پيا هلن،

نه سمجهيو..... نه سوچو،

سُتل ذهنن ۾ هاڻ خواب اُڻبا پيا وڃن.

سمنڊ ڇوليون ۽ جهاڳ،

سڀ ڇُلندا پيا وڃن.

*

منهنجي هٿن ريکا

رکيل رمز راز

نظر جي نديءَ ۾

رُڪي ويل ڪي خواب

رُڃ ۾ وڃايل

ڪو خالي ڪاڳر

رات جي خاموشي

سانت جو عڪس

 

Text Box:  

 

ريحانه نظير

 

 

نظم

 

اسان جن سان گڏ جي حياتي گذاري

انهن ئي اسان سان رکي جنگ آ جاري

اسان جن کي سڀ ۾ هو معتبر بنايو

انهن ئي اسان تان آ اڄ جڳ کلايو

اسان ڪاڻ جن جي هو سڀني سان ڦٽايو

انهن ساڻ ئي هنن ڪيو آ لايو سجايو

اسان جن جي لاءِ هون محفلون مچايون

انهن ئي ڏنيون هن اسان کي تنهايون

اسان جن جي خاطر پئي هر  پل لڇياهون

انهن اڄ اسان کي گهڙي پل نه ساريو

اسان جن سان گڏجي ٿر بر گهمياسين

انهن ڌاريو بنجي نه اسان کي کيڪاريو

اسان جن کي محبوب پنهنجو بنايو

انهن ئي اسان سان خوب آ نڀايو

اسان جن اکين ۾ هئي پناهه ڳولي

اکيون انهن ٻوٽي هيئن ڄڻ ڪا گولي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com