سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :9

ياسمين

غزل

ڳالهيون جهليل جهول هيون،

اکيون ڄڻ ڪشڪول هيون.

منهنجي دان ڏيڻ جون ٻوليون،

چوڌاري چوٻول هيون.

اکر ڄڻ اقرار هئا سڀ،

ڪوتائون ڄڻ قول هيون.

تنهنجي سڪ سوگهيون ڪيون،

سوچون جيڪي رول هيون.

سپون پيار چڪائي ورتيون،

هونئن ته هي انمول هيون.

نيما ڪوثر

نظم

......... هڪ بوءِ آهي ڦهليل

جنهن گهر ۾ آئون رهان ٿي

ان گهر جي چپي چپي تي

هڪ بوءِ آهي ڦهليل

ان بوءِ کان مون چاهيو آ فرار

۽ ڀڄي نڪتي آهيان انهي ساڳئي گهر مان

۽ هاڻ آئون

هڪ وڏي هجوم سان ڀريل

هڪ وڏي چوراهي تي بيٺي آهيان

هراسيل هراسيل

پر ان بوءِ نه ڇڏيو آهي پوءِ به پيڇو منهنجو

چوطرف اڃا به ڦهليل آهي

انساني جسمن جي سڙيل ڌپ

جيستائين منهنجا حواس ڪم ڪري ٿا سگهن

اها بوءِ منهنجي ذهن ۾

وڃي گهر ڪندي تيزي سان.

 

ج.ع. منگهاڻي

غزل

جيون جا ڪي پل رنگين،

ڪري وڃن ٿا جيءَ ذهين،

پولارن جي گهراين ۾،

ڪيڏا هوندا شهر حسين.

منظر منظر هاڃيڪار،

ٺيپ سدائين نيڻ ٺين.

ڳالهائڻ تان هٿ کنيوسين،

وات وات ۾ آ سنگين.

ڪيڏي ننڍڙي پيئي ڀاسي،

جبيٽر اڳيان هي زمين.

پيهي ويندي پاتارن ۾،

احساسن جي سب ميرين.

 جنم جنم جا جوڳي ماڻهو،

پيارا پيارا روپ ڌرين.

ڏور اڏامي ڏک وڃن،

چئو منگها! سڀ آمين!


 

زينت مير جت

پيار انمول اظهار آهي احساسن جو،

جيئڻ جو نئون جذبو

جنمن تائين گڏ رهڻ جو اقرار

پيار ۾ گهاريل

هڪ هڪ پل سرمايو هوندو آحي، زندگي جو.

پيار نالو آهي ٻن دلين جي گڏجي ڌڙڪڻ جو –

پوءِ هي قيد ۽ بند ڇو؟

شايد هيسائڻ لاءِ

پر نه نه نه!

ڇا ٻه پيار ڪندڙ ڌار ٿي سگهن ٿا؟

ڇا ڪنهن ٻن روحن کي هڪٻئي کان ڌار ڪيو آهي؟

جنهن سان هلجي

زندگي جي سفر ۾

ڪوته ساڻ هجي.

هيءَ ماٺ ڇو

ٿر جي سڪل مٽي

اڃان تائين ٺوٺ ڇو.

ننڊ ۾ گهور

ستل نارين جا

جاڳي پيا سور.

توسان ٿي وئي پريت

ٿيندي ضرور پيار ۾ پنهنجي جيت.

جنهن کي چاهيم جنهن کي پوڄيم

سوئي مليو جنهن کي ارپيم

پنهنجي جيون جون سڀئي ساڀيائون

رات جي پوئين پهر

ياد ان جي آئي

اوچتو ڄڻ سمنڊ جي لهر

 تون مون لاءِ ائين آهين

موسم بهار ۾

من آڳر تي

ٽڙيل گلاب

۽ سانوڻ جي برسات وانگر

نيڻن ۾ سمايل جهڙ

تنهنجي جهلڪ سان

 منهنجو من

ٿر جي پياسي ڌرتي تي

سالن کان پوءِ پيل

ڪو وڏڦڙو لڳي ٿو.

 

احسان دانش

وائي

ڪوئل ڪوڪو لائي ساجن

من ۾ ٿي سرهائي.

تنهنجي مرڪ منجهاران خوشبو،

گلڙن آ چورائي– سا جن،

من ۾ ٿي سرهائي.

سانوڻ جي موسم ۾ منهنجي،

بوندن دل بهلائي ساجن،

من ۾ ٿي سرهائي.

چنڊ کڙي پيو ڪڪرن مان جو،

چوڏس ٿي وئي سهائي – ساجن،

من ۾ ٿي سرهائي.

تنهنجي ياد جڏهن بي آئي،

ننڊ نه مون کي آئي – ساجن،

من ۾ ٿي سرهائي.

پيار سندي آ سپرين، هرپل،

وات اوهان جي وائي – ساجن،

من ۾ ٿي سرهائي.

 

پنهنجي پيار ۾ اهڙي، جهڙي،

سنڌوءَ ۾ گهرائي ساجن،

من ۾ ٿي سرهائي.

آلا پيو ديوارن جنهن دم،

دانش ڳائي وائي – ساجن،

من ۾ ٿي سرهائي.

 

(1) )عورت کي عورت جو درجو نه ڏيندڙ مرد، ڪيئن ٿا پاڻ کي مرد سڏائين؟

(2) عورت عظيم يا مرد مهان؟ اهو فيصلو اڄ تائين نه ٿي سگهيو آهي.

(3) جنهن ڏينهن مرد، مرد ٿيندو، ان ڏينهن عورت، عورت بڻبي.

(4)       مرد چار چار شاديون ڪندا آهن ڇو؟ ان ڪري جو هنن جو ڍو ناهي ٿيندو ۽ هر عورت کي بکيو رکندا آهن، تڏهن ته اهڙو گهرانو سدائين سورن ۾ هوندو آهي ۽ پوءِ به سڄو ڏوهه عورت کي ڏنو ويندو آهي. ڪيترو نه ظلم آهي عورت سان.

(5)        عورت کي خدا تعاليٰ عظيم بڻايو آهي، تڏهن ته هو مرڻ تائين ماٺ ۾ رهندي آهي، ڀل پوءِ هن کي ڪهڙو به مڙس ڇونه مليل هجي.

(6)       مان جڏهن به هن جي گهر کان گذرندو آهيان ته هوءَ اکين سان احوال ڪندي آهي ته جو مڙس هن کي حق نٿو ڏي ڇو ته هو هر رات جو هن جو حق کپائي ڇڏيندو آهي.

 (7) تاريخ شاهد رهي آهي ته عورت سدائين مظلوم آهي، پوءِ به عورت همت ناهي هاري، حقيقت ۾ مردن جي مقابلي ۾ عورت بهادر آهي.

(8) عورت سمورو ئي پيار آهي. پيار مان ”پ“ ڪڍ ته يار آهي. يار مان ”ي“ ڪڍ ته آر آهي ۽ آر سان ڀرت ڀريو ويندو آهي. دراصل عورت جوڙڻ به ڄاڻندي آهي ۽ ٽوڙڻ به.

(9) مرد مان ”ميم“ ڪڍ ته رد ٿي ويندو ۽ عورت لفظ مان ”عو“ ڪڍ ته رت ٿي ويندو آهي، ڪيڏو نه قدرت جو ڪمال آهي.

(10)   عورت ڪمزور هجي ها ته نه سسئي بڻجي ها نه مارئي!

(11)    عورت جي اکين کي ڳوڙها نه ڏيو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن ڳوڙهڻ ۾ ٻڏي وڃو.

(12)   عورت جي سيني ۾ دل آهي، اهو ته مرد سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.

(13)   هو جڏهن ڪنوارو هو ته سدائين عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو.

(14)   عورت جي جسم کي نه ڏس اگر ڏسڻ چاهين ته عورت جي دل کي ڏس، اگر تون ڏسي وئين ته پوءِ توکي پتو پئجي ويندو ته عورت ڇا ٿيندي آهي.

(15)    ڇا عورت ٻار ڄڻڻ واري مشين آهي، جو هن کي گهر ۾ پابند ڪري ويهارجي.

(16)   جيڪڏهن عورت کي هن جو جائز مقام ملي ته هوند دنيا ۾ ڪابه برائي نه هجي.

(17)   جن به عورتن کي عزت جي نگاهه سان ناهي ڏٺو سي سدائين خوار رهيا آهن.

(18)   عورت اهو گل آهي، جيڪو سڪندو ناهي.

(19)   ماءُ کانسواءِ اولاد اڌورو، زال کان سواءِ مڙس اڌورو، ڀيڻ کان سواءِ ڀاءُ اڌورو، محبوبه کان سواءِ عاشق اڌورو ۽ عورت نه هجي ها ته هوند جهان اڌورو هجي ها.

 (20)عورت اهو گيت آهي، جنهن کي جهڙي به سر ۾ ڳائبو به ته سُر ۾راحت هوندي سرور هوندو. ها عورت ۾ سر سمايل آهي، عورت سرن جو مجموعو آهي.

 (21)ياد رکجو عورت هڪ نوحو به آهي.

 (22)اڃا تائين دنيا ۾ اهڙو حاڪم ناهي پيدا ٿيو جيڪو عورت کي پنهنجي طاقت سان جهڪائي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com