سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون فيبروري 1997ع

گلبدن جاويد

ايڊيٽوريل

 

عورت اوجهڙ پاڻ نه پوندي،

مردن پاتيون ڇايون آهن.

شهيد آصف مصراڻي

چون ٿا عورت جسماني طرح هيڻي آهي.پر، تاريخ تي نظر وجهبي،ته چٽو نظر ايندو ته  هر زماني ۾، سماجي سرگرمين ۾ سندس ڪردار ڪنهن به ريت مرد کان گهٽ  ڪونه آهي.

قرآن ڪريم ۾ راڻي بلقيس جوذڪر آهي، جيڪا اڳ کان هزارين ورهيه اڳ، حضرت سليمان جي زماني ۾ پنهجي ملڪ جي حڪمران هئي. مرد عورت تي پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ هڪ مفروضو ٺاهيو آهي، ته عورت سندس مدد کانسواءِ زندگي گذاري نه ٿي سگهي. هاڻِي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهوطلسم گهڻي ڀاڱي ٽٽي چڪو آهي، پر پوئتي پيل ملڪن ۾ اڃا مرد عورت جو آقا آهي. قانون ۽ اخلاق جا سمورا ضابطا عورتن جي حقن جي ڪا به عملي ضمانت نه ٿا ڏين.

اسان  جي ملڪ جي صورتحال ته عجيب آهي. خاص ڪري سنڌ جي عورت جي‎ آئيني ۽ قانوني، اخلاقي، ۽ شرعي حقن جي لتاڙ ايڏي وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي، جوڪو ڏينهن خالي ڪونهي، جڏهن عورتن سان ظلم ۽ ڏاڍائي جو واقعو اخبارن ۾ نٿو پڙهجي. جيئن سنڌ جي هڪ شاعرشهيد آصف مصراڻي چيو آهي:

عورت اوجهڙ پاڻ نه پوندي، مردن پاتيون ڇايون آهن.

سنڌ ۾، قديم زماني کان ”ڪاروڪاريءَ“ جي رسم هلندي اچي ٿي. انهي رسم جي اوٽ ۾ ڪيئي انسان، خاص ڪري عورتون بيگناهه قتل ٿيون آهن. انهي ۾ بيشمار واقعه اهڙا آهن، جو مردن پنهنجي ڪنهن مخالف کان انتقام وٺڻ  لاءِ ، پنهنجي گهر جي نياڻِي تي”ڪاري“ جي تهمت مڙهي،کيس قتل ڪيو.

عورتن جو قتل ايڏو ته بيدردي سان ٿيندو آهي، جو جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن سرچارلس  نيپئر، هڪ فرمان جاري ڪيو ته ”اوهان سنڌ  جا ماڻهو پنهنجين عورتن کي رڍن ۽ ٻڪرين کان وڌيڪ بيدردي سان  قتل ڪريو ٿا. اڄ کانپوءِ جيڪڏهن ڪٿي به ڪابه ڪهاڙي عورت تي اڀي ٿيندي ته مان اها ٻانهن ڪلهي کان ڪپي ڇڏيندس.“

نيپيئر جي  انهي فرمان کانپوءِ وڃي سنڌ جي مظلوم نياڻي کي امن امان مليو.

پر، اڄ به سَوَن هنڌن تي، مختلف طريقن سان ، عورت جي حقن جو استحصال ٿئي ٿو. غيرتمند مردن کي اسلام جي اصولن موجب پنهنجي ماءُ ، ڀيڻ  ۽ نياڻي جي حقن جوخيال رکڻ  گهرجي.

گلبدن جاويد

ڊاڪٽر بشير احمد  شاد

حضرت رابعه بصري

 

حضرت رابعه بصري جو شمار ٻي صدي هجريءَ جي شهره آفاق عارفائن ۾ ٿئي ٿو.پنهنجي ظاهري ۽ باطني خوبين سبب ’ام الخير‘ جي لقب يا ڪنيت سان به کيس مشهوري ملي. سندس هڪ لقب  ’تاج الرجا‘ به هو.

حضرت رابعه سن 95هه يا 96هه ۾ بصري (عراق) جي هڪ نهايت غريب خاندان ۾ اک کولي.سندس والد جو نالو اسماعيل هو. چيو وڃي ٿو ته هوُ پنهنجي والدين  جي  چوٿون نمبر نيا ڻي هئي، ان ڪري ئي سندس نالو رابعه چوٿين ڌي مشهور ٿيو. ننڍي عمر ۾ ئي ڪنهن شخص کيس پڪڙي وڪرو ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري هو غلامي  جي  حالت ۾ وڌي ويجهي . پنهنجي مالڪ جي گهر جو ڪم  ڪار پورو ڪرڻ  بعدکيس جيڪو وقت ملندو هو ان ۾ عبادت ڪندي رهندي هئي. حضرت رابعه جي مالڪ سندس عبادت ۾ رياضِت جو عالم ڏسي کيس آزاد ڪري ڇڏيو.

ڪجهه تذڪره  نگارن مطابق  حضرت رابعه  پنهنجي سموري حياتي تجرد جي حالت ۾ گذاري ڇڏي . ڪن جو چوڻ آهي ته هن شادي به ڪئي هئي ۽ سندس اولاد به هو. پر ننڍي عمر ۾ بيوهه ٿي ويئي . ان کانپوءِ ٻيو نڪاح ڪونه ڪيائين.

حضرت رابعه بصري جي عبادت ۽ رياضت، دانش ۽ حڪمت، زهد ۽ تقوى  جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ويئي آهي، ۽ بيشمار ڪرامتون ڏانهس منسوب ڪيل آهن. چيو وڃِي ٿو ته غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ بعد حضرت رابعه گوشه نشيني اختيار ڪئي اها خبر نه آهي ته سندس گوشه نشيني جوعرصو  ڪيترو هو. ليڪن ان وقت ۾ ئي  هن سلوڪ ۽ معرفت  جون منزلون طي ڪيون. ان کانپوءِ بصري ۾ اچي مقيم ٿي ۽ باقي  ساري ڄمار اتي بسر ڪيائين .بصري ۾ قيام بعد جلد ئي سندس  زهد و تقوى ۽ علم و معرفت جي هاڪ پري  پري  تائين پهچي  ويئي  ۽ ماڻهو وڏي تعداد ۾ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ  سندس خدمت ۾ حاضر ٿيڻ  لڳا . انهن ۾ ان دور جا وڏا وڏا مشاعخ  ۽ علماء به شامل هئا . تذڪره نگارن ان سلسلي ۾ امام سفيان ثوري، حضرت مالڪ بن دينار، حضرت شفيق البلخي ۽ حضرت  رباح  القيسي جا نالا يقين سان لکيا آهن.

حضرت رابعه  بصري جا ارشادات ۽  ملفوظات جيڪي مختلف تذڪرن  ۾ نقل ٿيا آهن، انهن کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي  ته هتي هوءَ الله جي محبت سان سرشار هئي ۽  ان مالڪ  جي رضا کانسواءِ  ٻي ڪنهن به شيءِ  جي طلبگار نه هئي. سندس الله سان محبت  بلڪل بي غرض هئي. اها  خالص محبت ان ذات لاءِ هئي. ماڻهن کي هوءَ پڻ حق  تعالى سان اهڙِي محبت ڪرڻ  جي تلقين ڪندي هئي.حضرت رابعه  بصري جي هڪ مشهور دعا سان سندس خيالات  جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. دعا هن ريت آهي.

”اي منهنجا مالڪ! جيڪڏهن مان دوزخ جي ڊپ کان  تنهنجي عبادت ڪندي آهيان ته مون کي دوزخ ۾ ڦٽو ڪر. جيڪڏهن مان جنت جي خاطر  تنهجي عبادت ڪريان ٿي ته مون کي جنت کان محروم ڪر. پر جيڪڏهن فقط تنهنجي  ڪارڻ ئي عبادت ڪندي هجان ته  مون کي پنهنجي ديدار کان محروم نه رکجانءِ.“

هڪ ڀيري حضرت رابعه هڪ نوجوان کي مٿي تي پٽي ٻڌل ڏٺي ته کانئس پڇيو:

” توهان  مٿي تي پٽي ڇالاءِ ٻڌي آهي؟“

نوجوان جواب  ڏنو: ” منهنجي مٿي ۾ سور آهي.“

بيبي رابعه وري کائنس سوال ڪيو:

”تنهنجي عمر ڪيتري آهي؟“

”نوجوان وراڻيو: ٽيهه سال.“

 وري حضرت رابعه سوال ڪيو: ”ڇا انهن ٽيهه سالن ۾ اڳ به ڪڏهن بيمار ٿيو آهين.“

نوجوان نفيءَ ۾ جواب ڏنو.

”افسوس  جو ٽيهه سال تندرستي جي شڪر جي پٽي ڪانه ٻڌي. ليڪن فقط هڪ ڏينهن جي بيماريءِ سبب شڪايت جي پٽي ٻڌي اٿئي.“

هڪ ڀيري ڪنهن شخص حضرت رابعه بصري کان سوال پڇيو: ” ڇا اوهان الله کي دوست بڻايو آ؟“

بيبي صاحبه جواب ۾ وراڻِيو: ” بيشڪ مان الله کي دوست بڻايو آ.“

سوال ڪرڻ واري وري پڇيو: ”ڇا اوهان شيطان کي دشمن سمجهيو ٿيون ؟“

حضرت رابعه  بصري جواب ڏنو:

”الله جي محبت مون کي ايتري قدر محو ۽ مصروف رکيو آهي، جو مون کي شيطان جي دشمني جي نه پرواه آهي ۽ نه ئي ايتري فرصت آهي جو ان پاسي توجه ڏيان .“

هڪ دفعي بصري جا ڪجهه ماڻهو حضرت رابعه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چوڻ لڳا:

اي رابعه! مردن کي ڇو اهڙا مرتبا حاصل ٿيا، جيڪي عورتن کي ڪڏهن ملي ڪونه سگهيا. ڇا ان جو سبب اهو نه آهي ته عورتون عقل کان عاري هونديون آهن.ان ڪري ٻن عورتن جي گواهي هڪ مرد جي برابر هوندي آهي. ٻيو ته الله تعاليٰ نبوت جي درجي  تي هميشه مردن کي ئي فائز ڪيو، ۽ ان اعزاز کان عورتن کي هميشه محروم رکيو.“

 حضرت رابعه جواب ڏنو:

” ڀائرو! ڇا اوهان ڪڏهن ٻڌو آهي ته ڪنهن عورت اڄ تائين خدائي جي دعويٰ ڪئي هجي. اها گستاخي به صرف مردن جي حصي ۾ آئي جو جو اهي خدا جي دعويٰ  ڪرڻ کان به باز نه آيا.باقي اها ڳالهه صحِيح آهي ته الله  تعاليٰ  ڪڏهن به ڪنهن  عورت کي نبوت جي مرتبي تي فائز ڪونه ڪيو. پر اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيترا نبي سڳورا، صديق، شهيد ۽  ولي گذريا آهن  اهي عورتن جي  پيٽان ئي پيدا ٿيا آهن. انهن جي جهوليءَ ۾ پرورش پائي جوان ٿيا. ڇا عورتن جو اهو رتبوگهٽ آهي.“ اهو جوا ب ٻڌي سڀ لاجوا ب ٿي ويا.

حضرت رابعه کي بيت الله ۾ حج جي سعادت به نصيب ٿي.ڪجهه روايتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حضرت رابعه  شعر سخن  جي ڄاڻُو به هئي. حضرت امام غزالي پنهنجي ڪتاب ’احياء علوم الدين‘ ۾ سندس ڪيئي شعر نقل ڪيا آهن.

’دائره معارف اسلاميه‘ مطابق حضرت رابعه بصري 185 هجري مطابق 801ع ۾ وفات ڪئي ۽ بصري ۾ ئي مدفون آهن. ليڪن ’مشاهير نسوان‘ محمد سيد امير علي جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي ته 135 هجري ۾ رحلت ڪئي ۽ بيت المقدس جي اوڀر ۾ ’جبل الطير‘ نالي پهاڙ تي دفن آهي. سندس مزار تي زائرين جو هجوم رهندو آهي. ڪيترن تذڪره نگارن پهرين روايت کي ترجيح ڏني آهي، اها ئي صحيح معلوم ٿئي ٿي.

ماخذات

(مشاهير نسوان _ نفات الانس _مشاهير النساء )

(تذڪره الاولياء_ شرف النساء _ دائره معارف اسلاميه)

(احياء علوم الدين)

ماهتاب محبوب

ريٽا شاهاڻي جو ادبي سفر

 

مئي 95 ۾ مون کي پورا پندرنهن سال ٿيندا جڏهن پهريون ڀيرو هند ڏي وئي هئس....... پندرهن سال هڪ طويل شاهراهه جيڏو عرصو..... نئين نئين جواني ماڻڻ واري ساري عمر جيترو عرصو..... پوءِ به اهو وقت ڪڏهن ڪڏهن پندرنهن صدين جيڏو پيو لڳندو ته ڪڏهن پندرهن پل به نه! تڏهن ان صدين جهڙن پلن ۾ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي جڏهن خبر به نه پوندي آهي ته شخصيت وقت کان اڳ  هٿان ڇڏائي  وڇڙندي پيئي وڃي يا وقت هٿ ڇڏايو اڳتي تمام اڳتي ڀڄڻ ۾ آهي. تڏهن رڳو سپنا ئي ته هوندا آهن باقي جيڪي اکين آرسين ۾ اٽڪي رهجي ويندا آهن ۽ حقيقتون ماضِي ۾ بدلجي، خوابن ۾ ويڙهجي وينديون آهن، يادن جي ڪاري ڪن ۾ چيڪلي پائيندي پائيندي زندگيءَ سان گڏ  الائجي ڪٿي وڃائجي وينديون آهن.پر مون کي اڃا تائين ته سڀ ڪجهه ياد آهي، ڪجهه به نه ته ناهي وسريو مونکان .......... انهن ئي ڏينهن هند جي ڪيترن ئي اهڙن ليکڪن کان واقف ٿيس ۽ کين پڙهيم، جن کي اڳ ڪڏهن به نه پڙهيو هئم نه ڏٺو نه ئي ڄاتو سڃاتو هئم، پر پوءِ ائين لڳم ڄڻ اهي ڪڏهن اڻ ڄاتا اڻ سونهان هيائي ڪين......... شايد اهوڪو خواب هو جنهن ۾ ائين سمجهيو هوندم . انهن ئي ڏينهن ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي تي ريٽا شهاڻي جو لکيل ليک نظرن مان گذريو، مون کي پڪ نه هئي ته اهو سندس پهريون ليک ۾ سندس قلم  جي  رواني ۽ لکڻي جو انداز مون کي وڻيو ۽ من ۾ خواهش ٿي ته جيڪر هن جا  ٻيا ليک به پڙهان. منهنجو  سدائين کان ان ڳالهه ۾ويساهه رهيو آهي ته ڪا به تحرير چاهي ڪيتري ئي سادي سودي عام فهم ڇو نه هجي پر جي  ان  ۾ دل جي سموري سچائي اوتيل هوندي ته اها بنا دير پڙهندڙن جي دل تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي ويندي. ان سادي سودي پر سچائي سان ٽمٽار تحرير اڳيان وڏا وڏا ڳرن لفظن اڳيان ۽ دليلن سان ڀرپور ڇڙا لفاظي يا لفظي شعبدا بازي تي ٻڌل ليک به پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا آهن ريٽا شهاڻي جي ان ليک مان مونکي هڪ سٺي قلمڪار  جي خوشبو آئي جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ هن مهل تائين سندس ڪهاڻين، شاعري ، سفر نامي، ناول ۽ جيون ڪٿائن جا ڪجهه مجوعا منهنجي مطالعي هيٺ رهندا آيا آهن. مون سندس لکڻيون ان ساڳي چاهه ۽ دلچسپي مان پڙهيون آهن جيئن مان ڪلا پرڪاش  ۽ پوپٽي هيرا ننداڻي کي پڙهندي رهي آهيان. ريٽا  جي ادبي سفر جي عمر توڙي جو پندرهن ورهين تي اچي دنگ ڪيو آهي پر لکڻي جي حوالي سان هو تمام تيزي سان سڃاڻ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.عجيب اتفاق آهي جو ٽي  ڀيرا هند يا ترا جي باوجود به منهنجي ساڻس ڪا ملاقات نه ٿي سگهي، ها البت هوءَ سدائين مون کي  پنهنجن قربن ۾ ياد رکندي  پنهنجا ڪتاب موڪليندي رهي آهي.تحرير شخصيت جو آئينو ٿِـئي ٿي، ان لحاظ کان مون ريٽا کي سندس تحريرن جي آئيني ۾ جيئرو جاڳندو ڏٺو آهي، سندس لڙڪ به ڏٺا اٿم  ته مرڪون به لڪي نه سگهيون آهن........سندس اندر جا آواز، احساس، جذبا، سوچون.............  سڀئي رنگ ته سمايل آهن سندس شخصيت جا سندس تحرير جي آئيني ۾ جنهن ۾ وري اها خوبي آهي ته پڙهندڙ به لکڻي پڙهندي ان جذبي جي رنگ  ۾  رنگجيو وڃي، اها ڳالهه ۽ اهڙو فن هر قلمڪار جي حصي ۾ نه ايندو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ريٽا هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. شوقن جي حوالي سان ته هنجي زندگي ۾  بي پناهه ورائٽي رهي آهي. پر لکڻ جي حوالي سان به هن ادب کي کوڙ ورائٽي ڏني آهي. هر ڏات  تي گرپ ڀاڳن وارن جي حصي ۾ ايندي آهي ان لحاظ کان ريٽا کي مان هر فن مولا  ۽ ڀاڳن ڀري ليکڪا چونديس.... مون کي ڪٿ ڪرڻ ۾ ڏکيائي  پيئي ٿئي  ته مان سندس قلم ۽ اسٽائيل جي پختگي جي حوالي سان کيس سٺي ڪهاڻيڪاره، شاعره .......... چوان يا ناول نويس ............ هوءَ ته تخليق جي فريم ۾ هر اينگل کان فٽ آهي، سندس لکڻيون پڙهندي ائين به محسوس ٿيو آهي  ته هوءَ قلم کي مس بدران پنهنجي روح جي سچاين مان ٻوڙي ٿي لکي ۽ انهن لکڻين وسيلي  هوءَ پڙهندڙ کي ڄڻ گڏ گڏ وٺيو ٿي هلي، ائين لڳندو ته هو خود پڙهندڙن جو روح هجي  يا پوءِ پڙهندڙ هن جي روح ۾ سمائجي ويو هجي. هن جي تحرير سان اندازو ٿئي ٿو ته کيس انسان جي من پڙهڻ جي چڱي ڄاڻ آهي. هونءَ ته هر ليکڪ حساس ٿيندو آهي پر جيڪو انساني من کي سڃاڻي  روح ۾ پيهي وڃڻ جي سگهه رکي اهو ڪمپيوٽر جي بٽڻ جيان تمام گهڻُو حساس هوندو آهي. ريٽا جي لکڻين ۾ مون کي سندس حساسيت جو   اهڙو ئي رنگ نظر آيو، جنهن ۾ سندس ذاتي مشاهدن ۽ تجربن جو تمام گهڻو اثر آهي. سندس ڪردار گهڻو ڪري نفسياتي  هوندا آهن ۽ ان ڏس ۾ريٽا  جي آبزويشن ڪافي گهري آهي.هن جي  جيڪا به لکڻي منهنجي نظرن مان گذري تنهن جو موضوع انسان ۽ ان سان لاڳو مسئلا آهن، انساني نفسيات کي ڄاڻڻ ۽ ان جي تهه تائين پهچندي، ان جي ظاهري توڙي باطني احساسن ۽ جذبن جي نفسياتي ترجماني ڪندي، ريٽا ڄڻ پنهنجو نفسياتي تجزيو ٿي ڪري.

مان پاڻ کي نه دانشور ٿي سمجهان ۽ نه ئي ڪا پارکو يا فيلسوف جو ادب ۾ ريٽا جو ڏنل مڙني صنفن تي ڪا واضع روشني وجهان يا ويهي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪيان .

مان بس چاهيان ٿي ته مجموعي طور سندس تحريرن وسيلي جيڪو نمايان اثر سامهون اچي ٿو  ان تي پنهنجي راءِ ڏيان. منهنجي خيال ۾ تخليقي  عمل ۾ انساني وجود جي لڪل، وڃائجي ويل يا پاڻ ڳوليندڙ منظر، يادون، ۽ واقعا وڏي اهميت رکن ٿا.ريٽا کي پڙهندي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته هوءَ توِڙي جوزندگي جو اهم حصو ٻين مصروفيتن ۾ وقف ڪري آئي آهي پوءِ به ’ دير آيد درست آيد‘ جيان هن پنهنجي من جي ميلي ۾ وڃايل اُن ليکڪا کي ڳولهي ورتو  جنهن ادبي دنيا ۾ ريٽا کي آڻي ڄڻ ٻيو جنم ڏنو آهي.

سنڌي  ادب ۽  ٻولي کي ڄڻ ريٽا جي روپ ۾ سرپرائيزنگ گفٽ ڏنو آهي....... ها، سرپرائيزنگ گفٽ ئي ته آهن ريٽا جا قلمي ڪرشما  جو هن ”گهنڊ ڄاڻو وڳو“ ۽ ”ٻپهري جا ٻه پل“ ۾ آتم ڪٿا ۽ يادگيرين کي نئين ۽ دلچسپ انداز سان قلم بند ڪيو آهي. سندس وڻندڙ ننڍا ننڍا ٽچي جملا، احساس ۽ ادبي ذميواري سان ڪمٽمينٽ محسوس ڪندي، اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته هن دل تي جبر ڪري ئي سهي،پر پنهنجا سڀ شوق ۽ خواهشون ماضي جي ڳنڍ ۾ ٻڌي پنهنجي دل جي ڪنهن محفوظ ڪنڊ ۾ لڪائي ڇڏيا آهن، جن کي هو يادن ۾ اڄ به ساري ٿي. اڄوڪي نفسانفسي  واري دور ۾ ته ماڻهو ته جيئرن کي وساري  ڇڏي کيس جس هجي ته هو بي جان يادون سانڍي ويٺي آهي.........  يادون جيڪي هن کان ڪڏهن به دور ناهن ٿيڻيون ۽ اهو احساس ذري گهٽ سندس هر تحرير کي پڙهڻ سان  ملي ٿو. ادب کي پاڻ ارپڻ کانپوءِ هن پنهنجا سمورا  شوق ڄڻ فريز ڪري ڇڏيا آهن.شروعاتي دور ۾ کيس ته پنهنجي لڪل ادبي صلاحيتن جو احساس ئي نه هو ........ هونءَ به سپ کي ڪهڙي خبر ته منجهس ڪيڏي مڻيا آهي ........ قدرت طرفان هر شيءِ جو وقت مقرر هوندو آهي ۽ جڏهن اهو آيو ته ڪنهن اندروني طاقت وسيلي هن جا سمورا ويچار، جذبا، مشاهدا ۽ تجربا لفظن جو روپ ڌاري سامهون آيا، جن مان سندس مطالعي سان چاهه هئڻ وارو اندازو به ٿئي ٿو. هو رڳو پاڻ سان ۽ پنهنجي ضمير سان ڪميٽيڊ آهي. نه ڪنهن نظرئي جي پابند، نه ڪنهن بحث ۾ ڦاٿل، نه ئي ڪنهن ٻي جي نقش قدم تي هلڻ واري....... هن جو پنهنجو اندازو آهي، ۽ پنهنجا ماپا آهن. پاڻ کي ڳولهي لهڻ کان پوءِ، هاڻ ادب ئي سندس منزل آهي. ادب ڏي سندس اهڙي گھڻي ڪمٽمينٽ ڏسندي لڳندو آهي ته ضرور ڪا اندر جي لوڇ هوندي، ڪا ڪمي يا لڪل احساس هوندو جنهن کان شايد هو خود به واقف نه هوندي، پر ان کي هڪ احساس ئي کيس ادب ۾ داخل ٿي پاڻ کي سڪون ڏيڻ جو ڄڻ رستو تلاش ڪري ڏنو آهي ۽ ان ڳولائي لاشڪ ته هن جي قلم وسيلي ادب کي گھڻو ڪجھ ڏيکاريو آهي.

حقيقتن تي ٻڌل ليک ”ڄاڻ گھنڊ وڳو“ ۽ ’ٻپهري جا ٻه پل‘ اهڙا ڪتاب آهن جن کي پورو ڪرڻ بنا اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل نه ٿيندي. البت گھنڊ ڄاڻ وڳو جا شروعاتي تيرهن صفحا هنديءَ جي ڏکين لفظن ۽ ايبسٽريڪٽ انداز ۾ لکيل هئڻ ڪري پهريائين ته ڪجھ منجھائيندڙ محسوس ٿيا پر ذهن تي زور ڏئي سمجھڻ کان پوءِ لس پڙهڻ ۾ ڪا دشواري نه رهي. اڄ ڪلهه ته Live ادب جو زمانو آهي، فنڪشن کان وڌيڪ ليکڪ توڙي پڙهندڙ جو لاڙو، قدرتي طور بدلجندڙ کي سامهون رکندي ان طرف مائل ٿيندو پيو وڃي، برحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان ڪتاب جي پيشڪش جو انداز پڻ ،ٻه پهري جا ٻه  پل جيان ئي نئين ۽ عام کان هٽي، سهڻي انداز ۾ ٿيل آهي. سندس آتم ڪٿا پڙهندي ڪٿي به مون کي سندس طبيعت ۾ خود غرضي نظر نه آئي، هو ڏکوئجندي به پاڻ تي ضبط رکي سگهي آهي. يادگيرين ۾ سس جي حوالي سان شامل چيپٽر ڄڻ هر نئين نويلي ڪنوار جي هيسيل دل جيان ڌڙڪي ڌڙڪي شاهدي ٿي ڏئي ها.........سچ ٿي چئين ريٽا..........سچ ٿي چئين ريٽا......ائين اڪثر ٿيندو رهيو آهي، الائجي دانسته طور يا غير دانسته.....بهرحال ڏسان ته پٽ پرڻائي مان ڪهڙي ڪيٽيگري جي سس ۾ شامل ٿي ٿيان..........اها ريٽا جي گريٽنيس چئبي جو هو ڪيترا ڀيرا هرٽ ٿيڻ جي باوجود به سس جي چڱائين کي لئه  مٽي ڪرڻ بدران دل سان ساراهي ٿي.ريٽا پنهنجي ڪمزورين ۽ خامين تي ڪشادي نظر رکڻ مان آهي، سندس آتم ڪٿا ۽ يادگيرين ۾ اهڙا ڪيئي مثال ملن ٿا. حالتن کي انصاف سان پرکيندي، انهن جي حقن ۾ صحيح فيصلو  ڏيندي به هوءَ مطمن ٿيڻ سان گڏو گڏ  ڏکوئجي به ٿي وِڃي.ساڳئي ريت پنهنجي ان هوزي رد عمل تي حيران به آهي. جيڪڏهن انسان ۾ سچائي آهي، حساسيت آهي ته هو ڪنهن به جذبي کي من جي نگاهه سان پڙهي سگهي ٿو، تڏهن اها حساسيت رڳو انساني جذبن تائين محدود هوندي آهي، پرڪنهن بي زبان پکي يا پکڻ جانور جڙي جا اندروني ڀاو به ڄاڻي سگهجن ٿا.

ريٽا شهاڻي پنهنجي زندگي ۾ هٿ تي هٿ رکي، ماٺ ڪري ويهڻ سکيو ئي ناهي. هن ٽيچنگ ڪئي، ڪٽب لاءِ قربانيون ڏنيون ته گڏوگڏ پنهنجي شخصيت جي تعمير ڪندي پنهنجي صلاحيتن کي  زنگ لڳڻ نه ڏنو. سوشل ورڪ ٿيڻ به هن جي حق ۾سٺو سوڻ ثابت ٿيو، ان حوالي سان پڻ هن زندگي جا ڪيترا ئي تجربا  ۽ مشاهدا ماڻيا ۽ گهڻو ڪجهه سکيو، ايئن کڻي چئجي ته ادب ۾ اچڻ کان اڳ اهو عرصو هڪ طرح سان ريٽا جو ٽريننگ  پيرڊ هو ۽ پوءِ ڄڻ ته هن وڏو امتحان  پاس  ڪيو، هن جي سوچ ۽ وسعت سان گڏ قسمين قسمين تجربا، مشاهدا شامل ٿي پيا جن‎ جي آڌار تي هن جي لکڻين ۾ وڌيڪ پختگي آئي، اهو ڪريڊيٽ لاشڪ ته انهن ” مهلائون “ ڏي به ويندو، جن کيس سوشل ورڪر بڻايو ۽ جيڪي پنهنجي ” ڇتائي واري سماجي سرگرمين جي حوالي سان سائيڊ افيۡڪٽ طور ”بلائون“ هوندي به، ريٽا لاءِ ”رحمتون ثابت ۽ ادب ۾ سندس وڌڻ ويجهڻ لاءِ ڄڻ پيڙهه جو ڪم ڏنائون....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com