سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :5

شينا بيگ ۾ پيل سون جون ٻه چوڙيون وڪِڻي ڪريم ڪلر جا پردا خريديا، دريندر جي پڇا ڪرڻ تي شينا ٻڌايو، گهر جي تعمير ۾ منهجي ماءُ ڪجهه  ڪون  موڪليو  هو. انهي لاءِ  ڪنهن اچڻ  واري جي هٿان ڪجهه پئسا  موڪلي ڏنائين ، شينا دل جي انهي مقام تي بيٺي هئي ،جتي ڪوڙ به سچ جهڙو مقدس هوندو آهي. پنج مهينا پهريائين بيڊمنٽن کيڏيندي اچانڪ  دريندر کي تڪليف ٿي پيئي،ان کانپوءِ هو روز شام جو  عجيب ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳو هو. سور وغيره نه هيس ليڪن ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ هڏين مان ڪجھ پگھري رهيو آهي....... هاڻي ته گذريل مهيني کان  دريندر دفتر کان موڪل ورتي هئي.

شينا نرسري  مان هڪ ٻوٽو روز خريدي ايندي هئي. هر روز صبح پنهنجي ننڍڙي باغيچي کي دريندر جي هٿن سان ائين لمس ڏيندي هئي ، ڄڻ دريندر جو هڪ ڏينهن پاڻي ۾ وجھي رهي آهي.

شينا جي دل گھڻو چاهيو.دريندر جي نشاني هوءَ پنهنجي ڪک ۾ ڏسي (محسوس ڪري) ليڪن هاڻي دير ٿي چڪي هئي، هاڻي ته ڊاڪٽر به هن کي چئي ڇڏيو هو ته ڪيترو  نه  سٺو ٿئي ها  اگر دريندر شادي نه ڪري ها......... اهڙي  مريض لاءِ جسماني تلخي موت جي برابر ٿي سگھندي هئي. اميد..... هي سڀ معلوم هجي ها..... شينا جي حسرت جاڳي.....  ليڪن هاڻي  ڪنهن حسرت ۾  گم ٿيڻ جو وقت نه هو، هاڻي هر لمحو دريندر جي چهري کي ڏسڻ جوهو، شينا جاڳندي دريندر کي تڪيندي رهندي هئي ۽ ستل دريندر کي به.

شينا جي گھر جي ڀر سان هڪ گھر گھڻِي وقت کان خالي هو، جنهن جي ويراني کان ڪڏهن ڪڏهن شينا  کي رات جي وقت ڀؤ ٿيندو هو، اهو گھر هاڻِي اچانڪ آباد ٿي ويو. هڪ عورت هڪ مرد  ۽ ٻه ٻار انهي گهر جي آبادي هئا.شينا کي ديوار جي هن پار کان ايندڙ  آواز وڻڻ لڳا هئا. جن ۾ ٻارن جا ٽهڪ، ضد ڀريل رڙيون ، مرد ۽ عورت جو هڪ ٻئي کي سڏڻ لڙائي جھگڙو! شينا وسيل گھر جي انهن ڳالهين بابت سوچي مشڪل سان کلندي هئي. هن کي خبر هئي هاڻي ويراني چنگھندي چنگھندي ديوار کان ٽپي هن جي گهر پهچي رهي آهي.

جنهن لمحي شينا جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي، شام جو وقت هو. شينا پنهنجي ڀاءُ،پيءُ کان به دل جي حالت لڪائي رکي. هن کي  ڪنهن جو انهي بابت پڇڻ پسند نه هو. هوءَ نه چاهيندي هئي ته ڪو مرڻ کان اڳ دريندر کي مرده حالت ۾  ڏسي، انهيءَ لاءِ انهيءَ وقت ڪنهن جواچڻ غير متوقع  هو، سواءِ ڊاڪٽر راؤ جي جيڪو گذريل ڏينهن هڪ دفعي دريندر کي  ڪنهن بهاني ڏسي ويوهو. ٻي دفعي هن جو اچڻ دريندر لاءِشڪ پيدا پئي ڪري سگھيو،انهي لاءِ شينا کي دروازي تي  ٺڪ ٺڪ ڏکي لڳي. هن محتاط هٿن سان  دروازو کولي ڏٺو،اچڻ وارو ڊڪٽر راؤ نه هو ، بلڪ ڀر سان هاڻِي آباد ٿيل گھر  جي عورت هئي، اها عورت چوڻ لڳي: توهان جي  گهر شايد فون آهي. ڇا مان فون ڪري سگهان ٿي؟ مان توهان جي نئين پاڙيسرياِڻي مسز ڪيور آهيان........

شينا دريندر جي ڪمري جو دروازو بند ڪندي صرف ايترو چيو: هو ستل آهي.مسز ڪيوز توهان فون ڪيو، ليڪن آهستي ۽ ڌيمي لهجي ۾ جئين هو اٿي نه پوي...........

عام فون هر عورت پنهنجي مڙس جي آفيس جو نمبر ڊائل ڪري پڇا ڪئي هئي  ته هو دفتر ۾ آهي يا ٻاهر ويوآهي..........فون ڪرڻ ۽ ٻڌڻ کانپوءِ بي چين ٿي ويئي. شينا هن کي ڪرسي تي ويهاري پاڻي پيئڻ جي لاءِ پڇيو. ڄڻ  ڪا گھٻرائڻ واري ڳالهه ٿي وِيئي هجي  ۽ هوءَ شايد هنجي مدد ڪري سگھي.

عورت جي عمر ايتري ڪانه هئي، ليڪن مرجھايل نظر اچي رهي هئي چوڻ لڳي: جي نه دير ٿي ويئي  آهي اڃا هو گھر  ڪونهي آيو. سوچيم آفيس کان معلوم ڪري وٺان. عورت جي سادن لفظن ۾ فڪري گھرائي هئي. ليڪن  شينا هن کان وڌيڪ پڇڻ مناسب نه سمجھيو.

عورت هلي ويئي. رات  جي وقت ان جي گھر مان مرد جر تيز ڳالهائڻ جو ۽ بعد ۾ عورت جي روئڻ ۽ سسڪيون ڀريو آواز اچي رهيو هو.تڏهن شينا کي شام وارو خيال سچ معلوم ٿيو. عورت جي اداسي هڪ ڏينهن جي نه  هئي ،ان جي پويان شايد تمام گهڻا ڏينهن هئا.

دريندر جي ڪمزوري وڌندي پي ويئي. هو ٿورو اُٿندي باغيچي تائين ويندي يا صرف غسل خاني جي حد تائين  تڪليف برداشت ڪندو هو  ته ان جي مٿي تي پگھر جا ڦڙا ڄمي ويندا هئا. هو چور ٿي کٽ تي ڪجھ  انهي انداز سان ليٽيندو هو، جو ان جي اڌ کليل اکين مان معلوم ڪرڻ مشڪل ٿي وڃِي ته هو ستل آهي يا جاڳي رهيو آهي. شينا گھر ۾ سڀ ڪجھ آهستگي سان ڪندي هئي متان کڙڪي سان هو جاڳي نه پوي.

ٽين منجنهد .......... شينا دري مان جھاتي پائي ڏٺو ته مسز ڪيور بازار مان ڪجھ سبزي خريد ڪري اچي رهي آهي ۽ پوءِ سبزي گھر ۾ ڇڏي شينا جي گھر ڏانهن ايندي نظر آئي.

شينا کڙڪي کان اڳ ئي دروازو کولي ڇڏيو. مسز ڪيوز وري به فون ڪرڻ جي اجازت گهري........ وري اهو ئي نمبر........ اها ئي آفيس ..... ۽ اها ئي معلومات ! هو فون بند ڪري ڀريل اکين سان بي سهاري جيئن ڪرسي تي ويهي رهي. اتفاق هو جو شينا پنهنجي لاءِ چانهن ٺاهي رکي هئي. شينا ٻن پيالن ۾ چانهن پلٽي هڪ پيالي ان عورت جي اڳيان رکي ڇڏي. مسز ڪيوز انڪار بنهه نه ڪيو ، شايد ان وقت ان کي هڪ تلخ ۽ گرم ڍڪ جي اشد ضرورت  هئي  صرف گرم ڍڪ جي نه بلڪ پرجوش ۽ همدردانه لهجي جي به.هوءَ چوڻ لڳي . شينا ڀيڻ مان توهان کي بي وقت تڪليف ڏيان ٿي......... شينا جي همدرد ۽ معصوم چهري جي اڳيان ان عورت دل جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏي . منهنجي مڙس جي  زندگي ۾ خبر ناهي ڪيتريون عورتون آهن......... اڄ جڏهن مان سبزي خريد ڪرڻ بازار ويئي هيس، ڏور کان هڪ ڪار ڏسڻ ۾ آئي ايئن لڳو ڄڻ منهنجو مڙس ويٺو آهي ۽انهي سان گڏ هڪ عورت ...... هي به سوچيم ته شايد هي منهنجي دل جو وهم هجي، هو ته آفيس ۾ ويٺو هوندو، انهي لاءِ مون فون ڪيو ....... هو سچي آفيس ۾ نه هو.تڏهن ته مون کي يقين ٿي ويو اهو منهنجو مڙس ئي هو  ۽ انهي سان گڏ  نه ڄاڻ اها ڪير هئي..... مسز ڪيور ٻڌايو  ته جنهن  عالائقي ۾ هو پهريان رهنداهئا، انهن جي پاڙي ۾ هڪ عورت هئي، منهنجو مڙس انهن جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. مون سوچيو هي گهر ڇڏينداسين ته هي سلسلو ختم ٿي ويندو........... ليڪن هي خبر نه پئي ته هو ڪير هئي ...........

مسز ڪيور پسيل پلڪن سان چيو جڏهن شام ٿيندي آهي، منهنجو مڙس گھر ناهي ايندو،  سوچيندي آهيان، خبرنه آهي   هو هن وقت ڪنهن وٽ هوندو ان جو انتظار ڪندي به روئندي آهيان ۽ جڏهن گھر ايندو آهي، تڏهن ان کي ڏسي به روئندي آهيان.

شينا جي دل ۾ خيال آيو، هڪ هن عورت جو مڙس آهي، جيڪو خبر نه آهي ڪنهن وٽ ويندو آهي، ليڪن  رات جو گھر موٽي ايندو آهي، پنهنجي زال وٽ ليڪن  منهنجو مڙس تمام جلد اُتي هليو ويندو ، جتي وڃڻ کانپوءِ ڪير به موٽي ناهي ايندو.مون وٽ انتظار وغيره ڪجھ به نه رهندو.شينا جي چهري تي ڪاراڻ ڦهلجي ويئي. مسز ڪيور وڏي درد وچان پڇيو.شينا ڀيڻ توهان جو مڙس بيمار آهي، مان گھڻن ڏينهن کان ڏسان ٿي هو آفيس ناهي ويندو، ڪٿي به ٻاهر نه آهي ويندو...؟ شينا جي دل ڀرجي آئي ، دل جو زخم جيڪو هن کي نه ڏيکاريو هو، مسز ڪيور ڏسي ورتو هو.

مسز ڪيور ڪجھ به نه چيو، ليڪن ان جي دل ۾ رشڪ آميز جذبات پلٽي پيا، هي ڪيتري خوشقسمت آهي! جنهن جو مڙس آخري ساهه تائين ان جو آهي، هو مري به ان جي لاءِ زندهه رهندي، ان جا لڳايل گل جڏهن گل ڏيندا، ان کي هر پن مان هر رنگ مان ان جي خوشبو ايندي.

شينا پسيل اکين سان مسز ڪيور کي ويندي ڏسندي رهي..... مون کان ته انهي عورت جا ڀاڳ ڀلا آهن، جڏهن ان جو مڙس ايندو ته هوءَ انهي سان وڙهندي آهي. ليڪن مان..... مان ڪنهن سان وڙهنديس؟

شينا جي ڪنن ۾ پنهنجو ۽ دريندر جو آواز ڀرجي ويو، دريندر گھر موٽندي شينا جي لاءِ گل آڻيندي چوندو هو: منهنجي اڪيلي زال ڏس...... شينا مڙس جي ڪنڌ تي مٿو رکي چوندي هئي، منهنجا اڪيلا مڙس....... پنهنجي هٿن سان انهن کي منهنجي وارن ۾ سجاءُ....... اڄ...... باغيچي مان نيرو گل پٽي دريندر جي ڪمري ۾ رکندي شينا کي محسوس ٿيو، هن جي سيني جو زخم تمام وڏو ٿي ويو آهي

ڪلثوم منظور

جيڏيون جيون گھاريان ڪيئن

”ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان مون کي سوڍو سڏ نه ڏي.“

هاڻي ٻئي پاسي به نهار، ٻي ڪنهن کي به سڏ ڏس ته گھڻا ٿا اچن سڏ تي، تون آس پاس ته نهارين ڪانه ٿي منهنجي دل جي ملڪه.....!

”تو کي چيو اٿم گھڻي بڪ بڪ نه ڪندو ڪر تون منهنجو ڀاءُ آهين، ڇو اچي ڇتو ٿيو آهين. آئون نياڻي جي ماءُ آهيان مون کي خوار نه ڪر.“

”تون ڇو ٿي ڪاوڙ ڪرين هتي به ته سور پئي پٽين. مون سان شادي ڪري ڏس عيش ڪندينءَ، هندورن ۾ لوڏيندوسانءِ.“

”تون سمجھين ڇو نٿو آئون بيواهه آهيان، منهنجي ٻي شادي ڪنهن کي به ڪانه وڻندي ۽ منهنجو اولاد به مون کان نفرت ڪندو. منهنجي ڌيءِ وڏي ٿيندي ته ماڻهو ان کي مهڻو ڏيندا. صديق منهنجي دل به نٿي مڃي تون ڏاهو ٿي آئون تو کي ڀاءُ ٿي سمجھان. آئون پنهنجي اولاد کي ٻين جي آسري تي ڇڏڻ نٿي گهران، آئون شادي ڪري وڃي سُکي ٿي ويهان منهنجو اولاد پيو طعنه جھلي. منهنجي جند ڇڏ ڏاهو ٿي ادا صديق!“

ڪريم کي اڳي خبر هئي ته دشمن تاڙ ۾ آهي ڪيڏي مهل به وار ڪندو سو پنهنجي صفوران کي طوطي وانگر هر گھڙي پيو پڙهائيندو هو ته اگر آئون مري وڃان ته همت نه هارجان، سندرو سورن جو تو کي ٻڌڻو آهي جو منهنجو اولاد تو سان گڏ آهي. امان ڪمزور ۽ بيمار آهي. منهنجا ننڍا ڀائر آهن ڀاڄايون تو سان هيئنر به سڙن ٿيون پوءَ ته گھڻا جتن ڪنديون ته تون هتان نڪري وڃ. پر تون متان وڃين، جيڪڏهن تمام مجبور ٿي وڃين ته به ٻي شادي نه ڪج، منهنجا ٻچا رلي ويندا- صفا لاچار ٿين ته به ڪنهن سيد پير جي درگاهه تي وڃي ويهج. تو کي مائٽ به ڪونه سهندا پنهنجي شادي تي جھيڙو چاچا وارن ڪيو هو ان کان پوءِ زليخا جو سڱ به کين مليو هو، پر اڃا تائين ڀيڻيوي کي خار آهي. ڪڏهن نه ڪڏهن مون تي اوچتو وار ڪندو.ٽي چار دفعا ته بچي ويو آهيان پر هاڻ الله نه ڪري مون کي لڳي ٿو ته ڪجھ ٿيڻ وارو آهي.

ڪريم رنگ جو سانورو. بدن جو ڀريل قدآور ۽ ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ نوجوان هو. موت برحق آهي ڪنهن کي خبر ڪانه پوندي ته ڪهڙي ويل سڏ سرڪار جو ٿئي. خدا جي قدرت آهي گهڙي ۾ سڄا پانڊاڻ ڦٽايو ڇڏي ۽ منٽ ۾ ڦٽل ٺاهيو ڇڏي.

ڪريم به گھر مان کلي نڪتو اها خبر ڪانه هيس ته اهو کلندڙ چهرو هاڻ مرجهائجي ويندو. خوشي جا گل وکري ويندا جو انهن جون پتيون ڪير به ميڙي نه سگهندو. هميشه هميشه لاءِ دنيا انهن کي لتاڙي ۽ چيڀاٽي ڇڏيندي.

ڪريم ويو سندس لاش هڙ ۾ ٻڌل گھر آيو سندس  ڪو به عضوو سلامت نه هو . صفوران جا هوش حواس سڀ ختم ٿي ويا. سندس ڀيڻيوي پنهنجي دشمني پاري صفوران جا مائٽ  ٻنهي ڌين کي گھر ۾ ته نه ٿي ويهاري سگهيا. زليخا ننڍي هئي،ڇهن ٻارن جي ماءُ. اگر سفوران جو ساٿ ڏين ته جيل وڃي، ان ڪري صفوران کان صفا اکيون بند ڪري ڇڏيائون. ڪريم سان گڏ صفوران به مري ويئي. هڪ آسمان تان ڪري ڀور ڀور ٿي ويئي. ويتر اباڻن جي ٻه اکيائي، ڏاڍ ظلم زيادتي کيس صفا جيئيري ماري ڇڏيو هوسندس وڏي پٽ احسان کي ته چاچن وڏي اسڪول ۾ داخل ڪيو.ڇوڪري امينا به مڙئي پئي پڙهي ننڍو اڃا اسڪول وڃڻ جهڙو ڪونه هو، سو گھر ۾ لاڏ  ۽ ڪوڏ ۾ کري پيو.

صفوران جو عدت گذريو  سس ۽ ڏيرن کي پهرين ته اکين  تي هئي. ڇو ته ڪريم جي نشاني ۽ سندس عزت هئي  پر اهو وقتي هوندو آهي ڪير ٿو ڪنهن جو بار کڻي. چوڻي آهي  باري بار کڻن، ڪونهي ڪم ڪنواٽن جو. صفوران ويچاري کي ماءُ ڪا لولي ئي سورن جي ڏني  هئي.الله اها ڄائي نه ڄمي  جيڪا ور ولهي ٿئي.

ڏيرن ۽ نناڻن لاءِ هوءَ ته مال غنيمت هوندي آهي. سس سهري لاءِ هڪ بوجهه، اوڙي پاڙي  لاءِ هڪ موضوع  صفوران ته سال ٻه آهستي آهستي گھر جو سڄو بار کنيو، مينهون ڏهي، ڪپڙا  ڌوئي، صفائي ڪري، ٻار  نپائي . مرڻو هجي پرڻو هجي، سڄي ڄڃ ۾ رڳو هي صفوران کپي، صفوران هو کپي، هي ڏي، هوڏي.

صفوران کي اگر هفتي پنڌرهين ڏينهن  ڪو هڪ  ٻه  منٽ پاڻ لاءِ مليو  ۽ هن کڻي تيل  وجھي ڦڻي ڏني ته به ڏيراڻيون  ۽ اوڙي پاڙي واريون ڪرڙيون اکيون ڪري ۽ آڏي پڇا ۾ هونديون هيون ته ڪنهن لاءِ ڪرين ٿي. اهي هار سينگار. ڪير ڏسندو تنهنجا اهي هار سنيگار. خيرات ۾ مليل ڪپڙا ٿورو تيز رنگ جا پائي ته به ويچاري لاءِ آزار سس به اٿي ويٺي شڪي نّظرن سان ڏسي، نصيب ڦٽل ۽ وري  حسن اڻ ميو، رنگ اهڙو جو سج کي شرمائي، اک بنا سرمي چٽي  ڄڻ ته  اکين ۾ درياهه پيو ڇوليون هڻِي .

صديق ۽ ڪريم ٻئي صفوران جا سؤٽ هئا انهن کي ننڍي هوندي کان صفوران وڻندي هئي ٻئي ننڍپڻ کان پاڻ ۾ وڙهندا هئا. پر ڪريم وڏ و هو ۽ ان جي مائٽن  پهرين وڃي سڱ گھريو. سو ان کي ملي  ويو پوءِ ته چاچن جي وچ ۾ وڏا جھيڙا ٿي پيا. صفوران  جو وڃي  ڪريم جو سيج سينگاري ، پوءِ ته صديق واسينگ وانگر پيو ورکائيندو هو ۽ موقعي جي تلائش ۾ هو.

هن کي صديق جي شڪل ته ڪانه وڻي،ان ڪري مائٽن مٽن سان ناتا ٽوڙي، الله جي آسري مڙهي سس جي آسري  تي ڏيرن وٽ  ويهي رهي. ڪيترا سال گذريا ننڍي ڏير جي شادي هجي سڀ گهر وارا ويا. هڪ اڪيلي صفوران گھر  ۾ ڇڏي ويا. صفوران به گھر جي آخري نطرداري ڪري مال کي ڏسي ، در کي ڪڙو ڏيئي اچي ستي ته در کڙڪڻ  جو آواز ڪنن تي پيس، پر پنهنجو وهم سمِجھي  اکيون بند ڪري سمهي پيئي.ائين وڏي ٺڪاءُ سان در کليو ۽ اوچتو مٿس ڪا شيءَ اچي ڪري  ۽ وات  اکين تي ڪنهن جا هٿ اچي ويس گھڻو پاڻ پتوڙيائين، رڙيون ۽ دانهون، پر آواز نه نڪتو. منهن تي نقاب هئڻ ڪري سڃاڻِي نه  سگھي پر پڪ ٿيس صديق  ئي هوندو.هُن به منهن تان  هٿ لاهي وهاڻو مضبوطي سان جھليو، ۽ صفوران بيهوش ٿي. پوءِ هن پنهنجي مرضي سان ان کي پنهنجي بيحياِئي جونشانو بڻائي،رات جي اوندهه  ۾ گم ٿي ويو.رات ته گهڻن گناهن کي جنم ڏي  ٿي  ۽ گھڻا گناهه رات جي اونداهيءَ ۾ گم به ٿي ويندا آهن. صفوران جي زندگي ته هونئن به اونداهي هئي، ويتر طوفانن جي نظر ٿي ويئي.

ٻانگن جي آواز تي هوش ۾ آئي آهستي آهستي حواس ٺيڪ ٿي ويا  پنهنجو پاڻ کي ڏٺائين. بخار جا مچ پئي ٻريس.ڪنوار آئي گوڙ مچي ويو، ڳائڻ وڄائڻ، رسمون کل مذاق پر سفوران اها ساڳئي نه رهي. رنگ جيڪو مشعل وانگي ٻرندو هو، اهو اوندهي جي رات ونگر ڪارو حواس ختم ،گم سم نه ڳالهائڻ نه ٻولهائڻ ڳالهه هڪڙي ته جواب ٻيو.آخر گھڻِي وقت گذرڻ کانپوءِ سمجھيائين ته هاڻ منهنجي جسم ۾ ٻي به زندگي پرورش پئي پائي. پو ءِ ته هڪ ٻه دفعو پاڻ کي مارڻ جي لاءِ به سوچيائين.پر بزدل هئڻ جي ڪري  هو ائين ڪري  نه سگھي.آخر سس کي رازدان  ڪرڻ لاءِ سوچيائين،پر همٿ ڪانه ٿي ٿيس وڃي ته ڪيڏانهن وڃي.ڊاڪٽرياڻن کان اونڌا اُبتا ڏس پڇيائين،پر رب سائين کي ڪجھ ٻيو منظور هو. ڪا اٽڪل ڪارگر نه ٿي، ڪجھ به  ڪونه ٿيو، آخر سس کي ڪجھ ڍڪيل لفظن ۾ ٻڌايائين- اها ته زمين تان ڏهه فٽ مٿي ويئي تو کي ڪين خبر ڪانه پئي، ڄاڻي واڻِي سڀ ڪجھ ڪيو اٿئي، باقي بچيل پٽ به ٿي مارائين.ڏائڻ نڪري وڃ! آخر ته سس هئي، ماءُ ئي پنهنجي نه ٿيس.

صفوران  کي ڏاڍي مار ڪڍيائين ۽ جن کي خبرڪانه هئي انهن کي به خبر پئي. برائي جلد پکڙجندي آهي،هر طرف کان ٿڪ بُجو.ڏيراڻين پنهنجن مڙسن تي شڪ ڪيو، آخر نالو ڇو نه ٿي ٻڌائي گھر جو ڪو ماڻهو آهي،ڏيرن به لٺيون ڏنڊا کنيا پر صفوران به ڇا ڪري، پنهنجي بي گناهي جو ڪنهن کي يقين ڏياري، ڪير مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو. گھڻِي ڊوڙي ڊڪي پر اچي ڏهه مهينا پوارا ٿيا ،ان اونداهه ۾ رات جوسور جاڳيس  ۽ رات وچ ۾ هڪ صحتمند تازي  تواني پٽ کي جنم ڏنائين . هڪ ڏيراڻي کي رحم پيو، ان ٻار کي کنيو ‎سندس حالت ٺيڪ ڪئي. هاڻي ٻار وڃي ته ڪيڏانهن فجر مهل کڻي شهر ۾ نڪتيون  ته ڪو بي اولادي وٺي.اجرڪ لاهي برڪا پائي ماڻهن جي درن تي ويون، پر ڪي به وٺڻ لاءِ  تيار نه ٿيو.آخر هڪ پرائمري ماستر کي  ڪو به اولاد ڪونه هو مسجد مان نڪتو ته مائي کڻي ٻار اڳيان جھليس. رحم اچي ويس  گلاب جي گل وانگر ڳاڙهو اڇو  معصوم کلي پيو ڏسي، دل ۾ ڇپي ويس، سمجھيائين ته رب سائين مون لاءِ موڪليوآهي، وٺي ڇاتي سان لاتائين، نه ماين کان نالو پڇيائينس، نه ڏس پتو، هي به شڪر ڪري اچي گھر ويٺيون.پر صفوران کي اها  عزت  ڪانه ملي- هاڻي ته اکيون  کڻي به نه ٿي سگھي، وڃي ته ڪيڏانهن وڃي، ساڻس گڏ ڌيءَ به عذاب جي زندگي پئي ڪٽي، ڪير ٻڌڻ وارو آهي،ڪير آهي اهڙن هاڃن کي روڪڻ وارو.

ايوب کوسو

دٻيل سڏڪي جو روح!

اکين جي  سوڳواري کي ڏسندو رهڻ ، آئينن جي نصيب ۾ الئه جي ڪنهن لکي ڇڏيو آهي!

خوشبو جوماتم هر دؤر جو الميو آهي!

شامون ڪنهن اجنبي پرديسي جواڻ ڇوڪريءَ کليل جي ڪاڪلن جي دلربائي جيئن مهڪي، اسان درد جي ديس جي مسافرن کي نهار ارپي نهوڙي وڃن ٿيون! جن جي وجود  جي خوشبو بانورين اکين جهڙا صبح به پري ڪري ناهن سگھندا. اسان روڳ جي راهن ۾ حسين تصورن جا مهڪيل گلاب ، روح ۽ ذهن ۾ وکيري پنهنجا اونڌا وجود، پنهنجيون ويران اکيون ۽ پنهنجا پياسا روح  آباد ڪرڻ جي هڪ ڪوشش هڪ تمنا ڪندا آهيون!

اسين سڀ روز تماشو ٿي وڃون ٿا ، اسان جون چريون اکيون  سوين چنڊن جي سوجھري جي خدائي ۾ دربدر ، بي خواب ۽ نڌڻڪيون ٿيون رهنديون اچن ! لڳي ٿو اسان جي وجود ئي شايد ڳوڙهن جي بيچين مٽيءَ مان ڳوهيو ويو آهي!

اڻ ڄاڻ خوبصورت اکين جا سانورا صبح ڇو وڻندا آهن؟ شايد ان ڪري جو سڃاتل، اکين جي شهرن  ۾ اسان پاڻ کي هميشه اجنبي محسوس ڪندا رهندا آهيون!

درد اڪثر دلربائي ڪندي نظر آيو آهي. درد  عشق جو چُمي جو احساس چئجي ته به اجايو نه ٿيندو! اسان جي بيچيني جو وڏو ڪارڻ  اسان جي اندر مان اسان جي احساس مان، اسان جي سوچ مان  زمانن جو گذرن آهي! زمانا جيڪي يادن جوحصوآهن،  زمانا جيڪي بيحسي، درد ۽ وکرڻ جو قصو آهن!

اسان تنهائي جو جهنگ لتاڙيون ٿا ۽ تنهائي  ڪنهن دٻيل سڏڪي جي روح جيان آهي. جيڪا ٻري ٿي ۽يادن جا خيما سڙندا رهن ٿا!

شل خوشبو جي ورکا محبتن جي تاريخ ۾ آزاد ڪويلين  جيان اُڏامندي رهي!

زندگي  جنهن به يا ڪنهن به حوالي سان خوبصورت ۽ پيار ڪرڻ لڳي، اهو حوالو وڏي ڳالهه  آهي!

موضوع توڙي جو انيڪ آهن،پر انهن جا جسم  بي مهلا  ڇهڻ مناسب ناهي!

سال توڙي جو نوان ليکبا آهن، پر ان  ۾ ڪجھ به نئون ناهي هوندو! موچي جتيون سبندا  رهندا آهن، ڌنار وڻن هيٺان ننڊون  ڪندا آهن. ڪنوارين ڇوڪرين توڙي سهاڳڻين جون اکيون آليون توڙي سڪل پر اُجھيل ڪاٺين کي ڦوڪون ڏيندي، پُسنديون ۽ روئنديون رهنديون آهن. شام جو ورندڙ مال جي کُرن سان مٽي اڏندي رهندي آهي، عاشق اکيون چنڊ کي ڇهنديون رهنديون رات جي خاموشي پراسراريت جا صليب ٽنگيل ناهي لاهي سگهندي ، ڪرائين ۾ پيل چوڙيون چمڪنديون آهن، يادون نئين پاتل چوڙي جي سر سرهٽ جيان ڌيان ڇڪائينديون  ۽  ڪجھ محسوس ڪرائينديون رهنديون آهن ۽ سال بدلبا رهندا آهن. وڻن جي ٽارين تي پکين جون عبادتون  سُرنديون رهنديون آهن، ”ڪچين  اکين سان ائين ئي جنازا ڏسبا رهبا آهن.“! ۽ سال بدلبا رهندا آهن! سال بدلجڻ جا سڏ تاريخن جي جسمن تي ليکبا آهن ،! تاريخون هڪ هڪ ڪري سال ائين ڄڻينديون ائين وڃن ، جيئن صبح جي روشني جا هٿ ستارا ڊاهي ٿا وڃن!

صدائن ۽ اوڇنگارن جي الاپ جهڙي دؤر ۾ جياپو ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. دل جي سڙيل شهر ۾ جياپي لاءِ جنگ  وڙهڻ ڪا ننڍي ڳالهه ڪانهي!

اسان جون تڪراري، اشڪبازي ۽ آسمان جي نيراڻ جھڙيون  نويليون محبتون زمانا ٿيا، دؤر وقت ۽ حالتن جي عقابن رتو  ڇاڻ ڪري ڇڏينديون. اسان جا عشق ڪفر جي فتوائن جيان سنگسار  جون موسمون سينگاري، يادگيري جي اگھاڙي ديس کي آباد  ۽ لباسوند ڪري ويا ! ان کانپوءِ پنهنجي بي چئي دل سان ملڻ ان کي پرچائڻ لاءِ ڪيترين بازاري خوشبوئن سان آشنائي جا ورق کليا، اهو نه ياد ڪجي ته بهتر آهي!.

اسان کي جنونيت ۽ بغاوت ورثي ۾ ڇو ملي آهي؟ ان جو جواب ڳولڻ لاءِ مون عشق ، جي بي لباس ديس جو پيرين اگھاڙو  پنڌ ڪري ڏٺو آهي!

تو ڪڏهن ڪنهن بيگناهه عورت کي ننڊ  ۾ ستي ڪهاڙين سان وڍجندي ڏٺو آهي! مون اهو منظر ڏٺو آهي مون وڍيل عورت جون رڙيون نه رڳو ڪنن سان پر روح به ٻڌيون آهن!زندگي جا نظريا ، فلسفا، ۽ ادب بيگناهه وهندڙ رت ۾ بنهه بي معني ۽ ڀوڳ لڳندا آهن!رت جي ڳالهه هلندي چوڙين جي سرگوشين جا ڪهڙا چرچا ڪجن! ڇا ڪجي ، سموريون ڳالهيون  آليون آهن! قلم هلي ٿو ۽ احساس ڇڻندا وڃن ٿا، هي ڪهڙي سرءُ آهي تنهن جي به سڌ ڪانهي.!

درد موسم جيئن ڊگھو آهي، ان کي بيان ڪرڻلاءِ زمانا کپن!

سوڳوار جا داستان هميشه اڻ پورا رهيا آهن.!

مجبوري  جنهن زبان ۾ ڳالهائيندي آهي، جنهن روپ ۾ سامهون ايندي آهي، اها ڪيڏي  نه ڀيانڪ ۽ ڪني هوندي آهي!

سانجھ ٿي آهي، ستارا، گھٽين ۾ رانديون ڪندي موٽندڙ ٻارن جيان موٽي رهيا آهن، ۽ ڪي موٽي آيا آهن،ڳوٺ هڳاءُ جي چادر ۾ ويڙهجي ويو آهي.!

اهي معصوم آڱريون جيڪي ڏينهن جو سوئي سان ڀرت ڀرين ٿيون، ۽ رات جي خاموشي  ۾ تارن جي ڇاٽ هيٺان پنهنجي پريمي  جي ڇاتيءَ ۽ ڳلن تي ڇهاءُ جي ٿڌاڻ سان زندگي جي احساس ۽ پيار جي سُرور جو رنگ ۽ ڀرت ڀرين ٿيون، اسان لاءَ اُهي مقدس آهن!

ٿر جي وسيع صحرا ۾ هرڻن، تلورن ۽ ٻاٻيهن کي عرب ملڪن کان آيل شڪارين، جون بندوقون ۽ باز جھٽيندا وتن ٿا ، ۽ ڪارونجھر جي ڪور تي چانڊوڪي ۾ سُتل اياز جي نظمن جھڙا مور خوابن ۾ ڀي ڇرڪندا رهن ٿا!

ٿر جي سماج ۾ عشق فقط بدن ماڻڻ جو خواب بڻجي وڃي، جنهن سماج ۾ ٻارن جا رانديڪا  ۽ زال جون چوڙيون وٺي موٽندڙ ماڻهن جو بيگناهه  بدن  گولين جو کاڄ ڻجي وڃي، جتي  چند سالن جي معصوم نياڻن جي عصمت درازي ڪري انهن کي ڦاهي چاڙهيو وڃي، اتي احساس ڀلا هوندو ڪٿي.!!

حقيقتن جي آئينن تي وقت دز وجھي  ئي نه ٿو سگھي! لڙاٽيل اکيون لهندڙ سج  کي روڪي، نٿيون سگھن،  اسين اُس ۾ هلندي جيون تي سوچيون ٿا، جنهن جي  هٿن ۾ ڪو به تحفظ جو جھنڊو ڪونهي  ڪو. اسين پنهنجي وجود ۾ وڃايل  ماڻهو آهيون، سڙيل شهر جي مري ويل ماڻهن جي  قبرن جي ڦٽل ڦولن جهڙا چهرا اسان تي اڄ به نا مهربان آهن، ڇو جو اسان جي وجود ۾ موئن جي دڙي جي چاندني ، موئن جي دڙي جي ناچڻِي رقص ڪري ٿي!  اسان رات جي ٻک ۾ وڃائجي ويل  صبح  جي  ڳولا ۾ سج  لتاڙي، ان کي ڏسڻ ،ڇهڻ ۽ چُمڻ جي تمنا ڪئي آهي، ان ڏوهه ۾ اسان ناآشنا ستمن کي  سهندا رهيا  آهيون!  هڪ طبيب کان ٻي طبيب ڏي ڌڪبا رهيا آيا آهيون! پر اسان جي پيرن هيٺيان ساهه کڻندڙ مٽي اسان کي اتساهه جو ڀاڪر ارپيندي رهي آهي، وڻن جي ٽارن کي ويڙهيل اداسي اسان کي گرمي جو احساس ڏيندي  رهي  آهي!

سک ۽ آسائشون حاصل ڪري اسين پاڻ کي  ڪيڏو به  کڻِي  معتبر ڇو نه سمجھون پر اهو تيسائين بنهه خصيص آهي، جيستائين ان جي پٺيان ڪنهن تهذيب ۽ ثقافت جو هٿ شامل نه آهي!

حقيقت اها آهي جو بيروت جي بدن تي جھڙي دور ۾ اسان اڌ سڙيل سگريٽ  جيئن رهجي ويل ماڻهو سچاين جو صبح  جھڙو بدن ڳوليندا آهيون، ان جي حاصلات لاءِ پنهنجو پاڻ کي روليندا آهيون، ۽ ڪڏهن ان جي سچاين کي پائي گلاب وانگي ٽڙي پوندا آهيون،  جڏهن ته هونئن بي معنى گھاريندا آهيون!

رُڃ وجود ۾ ڇو ٿي رهي؟ ان جو جواب  پائڻ ڏاڍو اوکو آهي، ماڻهو جو من به ساگر تڏهن بڻجي ٿو، جڏهن پيار جو رنگ  جيون جي جذبن کي ڇهي ٿو!

سنگمرمر تي کڄندڙ پير توڙي جو ڏاڍا سهڻا هوندا آهن، پر اهي واري جي ڇهاءَ کان محروم رهي هڪ تجربي کان  ناآشنا رهندا آهن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com