سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :7

 

آڪسفيم ۽ سجاڳ عورت ترقياتي تنظيم پاران ڳوٺ درياءَ خان ناهيون ۾، 8 مارچ 1998ع تي عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ حيدرآباد ضلعي جي آس پاس مان عورت تنظيم جون 120 عورتون شريڪ ٿيون.

8 مارچ عورتن جي حقن جي جدوجهد جي علامت آهي.

هن ڏينهن جي تاريخ ڪجهه هن ريت آهي: 8 مارچ 1907ع ڌاري نيويارڪ (آمريڪا) ۾ هڪ ڪپڙي سازيءَ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن پنهنجي گهٽ ملندڙ معاوضي خلاف احتجاج طور آواز اٿاريو، ۽ اهي تشدد جي باوجود پٺتي نه هٽيون، پر انهن ٻئي سال 8 مارچ 1908ع تي ٻارن جي جبري پورهيي جي خاتمي لاءِ مظاهرو ڪيو. 1910ع ۾ هڪ سماجي ڪارڪن عورت”ڪلارازيٽيڪن“ 8 مارچ 1910ع تي گذريل ٻن سالن جي جدوجهد کي هڪ ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ۽ 8 مارچ کي عورتن جي جدوجهد جي حوالي سان مڃتا ڏياري. اهڙي طرح هر سال دنيا ۾ 8 مارچ عورتن جي جدوجهد طور ملهايو وڃي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان ۾ غير سرڪاري تنظيمون انهيءَ ڏينهن کي پرجوش طور ملهائڻ ۽ انهيءَ ڏينهن جي باري ۾ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ اڳڀريون رهيون آهن.

        آڪسفيم سنڌ ۽ سجاڳ عورت ترقياتي تنظيم، ڳوٺاڻي عورت جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ هڪ رنگارنگي پروگرام ڳوٺ درياءَ خان ناهيون ۾ سجايو. انهيءَ پروگرام جي هڪ مهينو اڳ ۾ منصوبابندي ڪئي وئي ۽ ٻين ڀروارين عورت تنظيمن کي انهيءَ پروگرام ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ آڪسفيم جي فردوس الطاف (راقم الحروف) گڏجاڻيون ڪيون ۽ سڀني کي پنهنجون پنهنجون ذميواريون سونپيون. جن تنظيمن هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي انهن ۾:

1.                  سورٺ سماجي ترقياتي تنظيم ڳوٺ موريو ميربحر.

2.                 ماروي سماجي ترقياتي تنظيم ڳوٺ موليڏنو ميربحر.

3.                 سرتيون سجاڳ ترقياتي تنظيم ڳوٺ الهه رکيو سولنگي.

4.                 سن رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي ٽنڊوڄام.

5.                 جي-سيس ٽنڊوڄام.

6.                 راڊو پٻڻ شريف.

7.                 ڀٽائي ويلفيئر آرگنائيزيشن جهنڊو کوسو.

8.                 ڳوٺاڻي فلاحي تنظيم آبڙي.

9.                 آڪسفيم سنڌ.

هر تنظيم مان 10 کان 15 عورتن شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي ويئي، ۽ سجاڳ عورت ترقياتي تنظيم جي ڪارڪن تسليم تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي. جيئن ته پروگرام جي ڪمپيئرنگ جا فرائض زيب النساءِ ملاح ماروي سماجي ترقياتي تنظيم ۽ نجمه ملاح سورٺ سماجي ترقياتي تنظيم سرانجام ڏنا.

هر تنظيم جي آيل صدر يا جنرل سيڪريٽري کي اسٽيج تي ويهاريو ويو ۽ سڀئي  پروگرام جون مهمان خاص هيون.

-ماروي سماجي ترقياتي تنظيم جي نسيم ملاح،

سورٺ سماجي ترقياتي تنظيم جي ناهيد ملاح ،

سرتيون سڄاڳ ترقياتي تنظيم جي  بشِيران سولنگي،

سنڌ رورل ڊولپمينٽ  سوسائٽي جي شگفته شيخ.

سڄاڳ عورت ترقياتي تنظيم جي راشده پروين.

راڊو پٻڻ شريف جي صاحبزادي، ڳوٺاڻي عورت فلاِحي تنظيم جي سڪينه  ڀٽي ۽ آڪسفيم جي فردوس الطاف اسٽيج تي ويٺل هيون. کيس هار پارائڻ لاءِ جيڪي ڀينرون اسٽيج تي آيون اهي هي هيون:

 فردوس کي هار پارائڻ لاءِ ساران ناهيون، نسيم ملاح کي نصيران ناهيون هار پارايو. –ناهيد ملاح کي شميم ناهيون، بشيران سولنگي کي مسرت ناهيون ، سڪينه ڀٽي کي  فاطمه ناهيون، شگفته   شيخ  کي  فهميده ناهيون، صاحبزادي کي حليمه ناهيون، ۽ راشده پروين کي راستي ناهيون هار پارايو.

هارن پارائڻ جي  رسم کان پوءِ نعت شريف ٻڌائڻ  لاءِ سورٺ سماجي ترقياتي  تنظيم جي  فريده  ملاح  کي اسٽيج تي سڏايو ويو. 

جيئن ته سڄي ڏينهن جو پروگرام هو، ان ڪري پاڻي، کاڌي ۽ چانهن ٻارن جي گوڙ کان بچڻ لاءِ ڪميٽيون ٺاهيون ويون  هيون. پاڻي ۽ چانهن پيئارڻ واري ڪميٽيءَ ۾  جيڪي  ڀينرون شامل هيون  سي هي آهن:

زيبو، اسما، تسليم، راستي، شميم، مسرت.آجيان ڪميٽيءَ ۾ ساران ۽ فاطمه حليمان، زينا ۽ پوڙهي. پنڊال ۾ انتظام سنڀالڻ لاءِ ڦاپي، شاهجان ۽ حڪيمان.

مسرت آيل مهمانن جا  نالا رجسٽر ۾ داخل ڪرڻ جي ذميواري  سنڀالي. صفائي جو خيال رکڻ لاءِ  شميم ۽ حليمان هيون. پنڊال ۾ مختلف تنظيمن جي ڀينرن پنهنجي تنِظيم طرفان بينر لڳايا، جن ۾ نياڻن کي تعليم جو حق ڏيو، عورتن کي پورهئي جي صحيح  ۽ مرد جيتري  اجرت ڏيو.

8 مارچ عورتن کي عالمي ڏينهن مبارڪ هجي.

سجاڳ عورتون ترقياتي تنظيم جي صدر راشده پروين سڀني آيل مهمانن عورتن جو ٿورو مڃيو، ۽ سندن اچڻ  تي خوشي جو اظهار ڪيو .

8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي تاريخ  ۽  ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ امير النساء جنهن ماروي  سماجي ترقياتي تنظيم تي روشني وڌي.ان کانپوءِ ان ئي تنظيم جي صدر نسيم ملاح پنهنجي سريلي آواز ۾  شاهه لطف جي وائي، ”لڳي ڏکڻ جي هير، مارو منهنجا مير ، آءُ هتي بند ۾ بندياڻي آلا“  - ٻڌائي . سجاڳ سرتيون ترقياتي تنظيم جي  بشيران سولنگي پنهنجي تقرير ۾ چيو،  جيئن ته سڄي سنڌ جي چئني طرفن کان  عورت  فرسوده  ريتن ۽ رسمن جي طوفان جو مقابلو ڪري رهي آهي.انهن رسمن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ  رسم ڪارو ڪاري آهي.

ان کان پوءِ عورت لاءِ تعليم ضروري آهي جي موضوع تي ڳالهائيندي هن چيو ته عورت معاشري جو بنيادي جز آهي، پر اسان وٽ ان مکيه جز کي تعليم کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ سبب به عورتن ۾ تعليم جي ڪمي رهي ٿي. مان پنهنجي طرف کان پڙهيل ڀينرن کي اها راءِ ڏينديس ته اسان مان هرهڪ ڀيڻ، ٻي ڀيڻ کي تعليم ڏيڻ جي ذميواري کڻي. ان تقرير کان پوءِ سورٺ سماجي تنظيم جي ڀيڻ سهڻي ۽ مرڪ سنڌي جھومر پيش ڪيو.

زبيده ڀٽي ڳوٺاڻو فلاحي تنظيم آبڙي جي پنهنجي تقرير ۾ عورتن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته عورتن ۾ تعليم ۽ صحت جون سهولتون ناهن، جنهن ڪري عورت پنهنجي گھر اندر صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙي ٿي. ساڳي تنظيم جي فهميده ڀٽي ماحول جي صفائي ۽ عورت جي موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته صفائي اڌ ايمان آهي ۽ عورت کي صفائي جي باري ۾ شعور هجڻ ضروري آهي، ڇو ته عورت پوري گھر ۽ ٻارن جي سنڀاليندڙ آهي. گھر ۽ گھٽيون صاف هجڻ سان ماحول م بهتري پيدا ٿئي ٿي.“

ان کان پوءِ سورٺ سماجي تنظيم جي شگفته ملاح ۽ راحيله ملاح، شيخ اياز جي وائي ٻڌائي ”ٽڙي پوندا ٽارين، جڏهن ڳاڙها گل! آلو ميان تڏهن ملنداسين.“

ان کان پوءِ نسيم ملاح پنهنجي سريلي آواز ۾ گيت ”لوبگا لولي آ“ ٻڌايو.

عورتن جي حقن جي باري ۾ ڳالهائيندي حسينه ملاح چيو، ”ملڪيت جيڪا گھر ۾ جڙي ٿي ان ۾ عورت کي برابر حصو هجڻ کپي ۽ گھر جي فيصلن ۾ ان جي برابر جي بنياد تي شرڪت هجي.“

ان کان پوءِ ناهيد ملاح عورتن جون سماجي تنظيمون ڇا لاءِ؟ تي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته عورتن جون تنظيمون ضروري آهن. تنهن کان پوءِ شميم ناهيون ”الي منهنجا ماروئڙا“ گيت ٻڌايو.

آڪسفيم جي فردوس الطاف پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته ” عورتن جون تنظيمون، عورت جي حقن ۽ سڃاڻپ جو اهڃاڻ آهن. سنڌ ۾ سنڌي عورتن جي نيٽ ورڪ جي ضرورت آهي جيڪا مون کي سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪندي محسوس ٿي آهي. عورتن جون تنظيمون جڙي ته وڃن ٿيون، پر پوءِ اتي به مرد ڊاميننٽ آهن، منهنجي خيال ۾ گڏجي  هلڻ ۽ ڊاميننٽ ٿيڻ ۾ فرق آهي، نه ته عورت جي طاقت جي سڃاڻپ نه ٿي سگھندي. جس هجي سجاڳ عورت ترقياتي تنظيم ناهيون کي جنهن اهڙو پروگرام رٿيو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com