سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون فيبروري 1997ع

مضمون --

صفحو :8

بيبي طاهره رسول گچيراڻي

تعليمي سيمينار

بااخلاق روشن خيال ۽ روشن مستقبل معاشري جي قيام لاءِ نهايت ضروري آهي ته نبي آخر زمان صلي الله عليه وآلہ وسلم: ”علم حاصل ڪرڻ هر مسلم مرد ۽ مسلم عورت تي فرض آهي.“ ان ڪري مردن جي تعليم سان گڏوگڏ عورتن جي تعليم جي فروغ لاءِ پاڻ پتوڙيون ڇو ته چيو ويندو آهي ته ”هڪ مرد جي تعليم هڪ فرد جي تعليم آهي- ۽ هڪ عورت جي تعليم ساري ڪٽنب جي تعليم آهي.“ ان ڪري معاشري جي اصلاح ۽ ترقي لاءِ عورت جي تعليم بنيادي حيثيت رکي ٿي. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي حڪومت سنڌ نياڻين جي تعليم لاءِ سنڌ ۾ 168 خاص اسڪول ”گرلس پرائمري ڪميونٽي ماڊل اسڪول“ جي نالي سان قائم ڪيا آهن، جن ۾ تعليم عام ڪرڻ ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو شوق ۽ رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ انهن اسڪولن ۾ هڪ تعليمي سيمينار ڪري رهي آهي. اهڙي قسم جو هڪ تعليمي سيمينار گرلس پرائمري ڪميونٽي ماڊل اسڪول گچيرو پراڻو جي نئين عمارت ۾ ٿي گذريو، جيڪوP.T.A  گرلس پرائمري اسڪول گچيرو پراڻو ۽ ڳوٺ سڌار سنگت گچيرو جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو هو.

هي ٻن ڏينهن جو تعليمي سيمينار ڪيو ويو. پهرين ڏينهن گورنمينٽ گرلس پرائمري ڪميونٽي اسڪول گچيرو پراڻو جي نئين عمارت جي قبضي نه ملڻ ڪري گرلس مڊل اسڪول گچيرو پراڻو جي احاطي ۾ ٿي گذريو، جيڪو صرف مقامي ليول تي هو. ٻئي ڏينهن جي سيمينار جو اهتمام گرلس پرائمري ڪميونٽي ماڊل اسڪول گچيرو پراڻو جي نئين عمارت ۾ ڪيو ويو، جنهن جي صدارت پروجيڪٽ مينيجر گرلس پرائمري اسڪول ايجوڪيشن“ ڊولپمينٽ پروجيڪٽ سنڌ ڪمپونينٽ آپا خديجتہ لڪبريٰ  صاحبه جن ڪئي.جڏهن ته مهمان خاص ڊسٽرڪٽ گرلس پرائمري ايجيوڪيشن آفيسر نوشهروفيروز، آپا فضل النساء ٻرڙو صاحبه هئي-  اعزازي مهمان ڊپٽي پروجيڪٽ مئنيجر گرلس پرائمري ايجوڪيشن، ڊولپمينٽ پروجيڪٽ سنڌي ڪمپونينٽ  فقير محمد لاکو صاحب ڪئي، سنڌ ڳوٺ سڌار  سنگت جو مرڪزي سينيئر  وائيس چيئرمن ۽ محقق، اديب ۽ سماج سڌار ٻگھيو رسول بخش ۽ سب ڊويزنل پرائمري ايجوڪيشن گرلس مورو، آپا خورشيد صاحبه  جن هئا. ان کانسواءِ پروجيڪٽ جون ڪوآرڊِينيٽرز عطيه مقصود  ۽ نوشابه مسلم استه ڊولپمينٽ ڪمپني جي شمس النساء عرف شمي ڀٽي ، رضوان بيگ، ۽ سپروائيزر ايجوڪيشن مورو، اقبال بانو چنا ۽ ٻِين ڳوٺاڻين عورتن شرڪت ڪئي.

معزز مهمان جيئن ئي پهتيون ته مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ باقاعدي ڪاروائي هلائڻ لاءِ فريده ميمڻ اسٽيج تي آئي-صدارت لاءِ آپا خديجة الڪبريٰ کي دعوت ڏني  ۽ آپا صاحبه اچي صدارتي سيٽ والاري. ان کانپوءِ مهمان خاص  آپا فصل النساء ٻرڙو کي  سڏي  مهمان خاص  جي ڪرسي تي ويهاريو ويو  ۽ اعزازي مهمانن لاءِ فقير محمد لاکو، ٻگھيو رسول بخش گچيراڻي، آپا خورشيد کي  پنهنجن سيٽن تي ويهاريو ويو. اقبال بانو چنا سپروا ئيزر تعليم مورو، نجم النساء هيڊ مسٽريس ماڊل اسڪول گيچرو اولڊ، معزز مهمانن کي اجرڪ پارايا.  آجياڻِي  گيت لاءِ طاهره  ۽  انجم کي سڏايو ويو، گيت جا ٻول هئا:

 

 آپا صاحبه  نيڪ نيئت اوهان ڀلائي آ ڪئي،

ٿي خوشي آئي اوهان جي، اڄ بهاري ٿي ويئي.

ٻارڙن جي لاءِ سڌارو اوهان بنا ڪنهن نا ڪيو،

علم ۽ اخلاق جو، اوهان ڏيو ڪيو روشن اچي .

 نياڻن جي تعليم واسطي، ابتدا  آپا  رقيه ڪئي،

جنهن جي تڪميل واسطي، رهبري اوهان جي ملي ويئي.

 گچيرو گرلس پرائمري اسڪول پڙهائي ۾ آ پٺتي پيل،

اسٽاف ڏيئي احسان ڪيو جيئن علم جو وڃي هل مُچي.

ڳوٺ پنهنجي جون رکي ڏيو ، اڄ اسان کي اُستانيون،

ابو ساحد ٿو سوز مان، هي التجا اوهان کي ڪري .

هار هيءَ گلن سندو ٿا ،اوهان جي گلي منجهه پائيون

جو قبوليو قرب سان،پنهنجو پيار ۽ الفت ڏيئي.

آخري مصرا چوندي مهمانن کي هار پارايا ويا، هار پارائڻ  کان اڳ تلاوت قرآن  حرمت ٻگهيو ڪئي.

ان کان پوءِ هڪ شاگردياڻِي صفيه چنا نعت شريف: ” اچو اڄ ڪيون سردار جون  ڳالهيون “

پيش ڪئي، ان بعد ٻگھيي رسول بخش  گچيراڻي کي اسٽيج تي سڏيو ويو، جنهن چيو ته ” حڪومت سنڌ ”آزادي جو پنجاهون سال نياڻن جي تعليم جو سال“ ڪري ملهائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. اڄوڪو سيمينار  ان سلسلي جي بنيادي ڪڙي آهي.“  هن چيو ته ” گرلس پرائمري اسڪول  گچيرو پراڻو پنڌرنهن سالن جي مسلسل  جدوجهد بعد 6 فيبروري  1986ع کان باقائدي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو ڳوٺ جي هڪ نياِڻي  حليمه ٻگھيو کي پرائمري استاد جو آرڊر  آپا رقيه صاحبه  ڊي.اي.او گرلس نواب شاهه جن ڏئي نياڻن جي تعليم جي باقائده  شروعات ڪئي.ان ڪري ان جو احسان هميشه مڃيندو رهندو آهيان،  پر نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، جو اسان کي 1986ع کان وٺي اڄ تائين صرف هڪ ئي ماسترياڻي ڏني وئي آهي. جڏهن ته هن وقت اسڪول ۾ اٽڪل ستر شاگردياڻيون داخل آهن. جماعتون هڪ ماسترياڻي پڙهائي ٿي. مقامي نياڻين کي ميٽرڪ، انٽر آرٽس سائنس ۽ بي اي تائين تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ ڪن نياڻين کي پي ٽي سي ۽ سي ٽي جا ڪورس به ڪرايا اٿئون. ليڪن هر دفعي انٽريو ڏيارڻ جي باوجود به مقامي نياڻين کي ماستري جو آرڊر نٿو ڏنو وڃي. اسان جي تاريخي ڳوٺ ڳچيرو پراڻو ۾ تعليمي ترقي نه ٿي سگهي آهي. هن چئلينج سان چيو ته مقررين اسان جي ادارن سان انصاف ڪن، باقي سنڌ ليول تي ادارن مان مثالي ۽ ذهين شاگردياڻين پيدا ڪرڻ جي اسين ذميواري کڻون ٿا، ان سلسلي ۾ اسين آپا خديجه الڪبريٰ، آپا فضل النساءِ ٻرڙو ۽ آپا خورشيد کي اپيل ٿا ڪريون ته مقامي نياڻين جي ادارن ۾ مقرري ڪري اسان جو ديرينه مسئلو حل ڪيو وڃي. آخر ۾ آيل مڙني مهمانن جو شڪريون ادا ڪيو، جنهن پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي ٻهراڙيءَ ۽ ڪچي جي هڪ تاريخي ڳوٺ ۾ اچي ڳوٺاڻين نياڻين ۾ تعليم عام ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي، ۽ تعاون جو  ثبوت ڏنو آهي.

مهمان خاص آپا محترم فضل النساءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته نهايت خوشي جي ڳالهه آهي جو ڪچي جي هڪ قديم شهر گچيري پراڻي کي نيئين سر تعمير ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ابتدائي تعليمي ادارن کان ٿي آهي ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم جو ڪافي رجحان پيدا ٿي چڪو آهي. اهو سڀ رسول بخش گچيراڻي جي محنتن ۽ ڪاوشن جو نتيجو آهي، جو هتان جون نياڻيون انٽر سائنس ۽ ايم اي تائين تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن. ۽ منهنجو واعدو آهي ته جيئن ئي مقرري جي اجازت ملندي ته آئون ادا رسول بخش گچيراڻي کي ميرٽ بيس تي مقامي نياڻين جي پرائمري ڪميونٽي ماڊل اسڪول ۾ مقرري ڪري ڏينديس. هن چيو ته تعليم نياڻين جو بنيادي حق آهي. حضور صلي الله عليه وسلم جن نياڻين جي تعليم کي به فرض قرار ڏنو آهي. پاڻ المومنين حضرت بيبي فاطمه صديقه رضي الله تعاليٰ عنها جيڪا پنهنجي وقت جي وڏي عالمه ۽ فاضله هئي، ان کي تعليم حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪندا هئا. هن چيو ته سنڌ حڪومت نياڻين جي تعليم تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو حڪومت ٻهراڙي ۾ تعليم لاءِ ڪافي خرچ ڪري رهي آهي.

آپا فضل النساءِ صاحب کان پوءِ آپا خديجه الڪبريٰ صدارتي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٻهراڙين ۾ تعليم عام ڪرڻ خاص، ڪري نياڻين جي تعليم لاءِ سنڌ ۾ 128 گرلس پرائمري ڪميونٽي ماڊل اسڪول قائم ڪيا آهن. تعلقي موري ۾ اهڙا ٽي اسڪول قائم ڪيا ويا آهن. جن مان هڪ توهان جي ڳوٺ گچيري پراڻي ۾ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي نئين عمارت ۾ اڄ هي سيمينار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ آئون موري جي ايلمينٽري ٽريننگ ڪاليج فار وومين ۾ پرنسپل جا فرائض بجا آڻي چڪي آهيان. ان وقت به ادا رسول بخش گچيراڻي جي تعليمي جدوجهد ۽ جستجو کي ڏسندي رهندي هيس ۽ اڄ کيس ساڳين ڪاوشن ۾ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي آهيان ۽ ساڻس واعدو ٿي ڪيان ته گچيري جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ مقامي نياڻين جي جلد مقرر ڪئي ويندي ۽ مون کي قوي اميد آهي ته اسٽاف ملڻ کان پوءِ هن اسڪول کي پڙهائي ۽ انتظامي  لحاظ کان سنڌ جي مثالي اسڪولن مان هڪ بنايو ويندو. هن چيو ته نياڻين جي لاءِ اسڪولي ڪتاب ۽ چلڊرين پارڪ لاءِ سامان جلد پهچي ويندو. هن چيو ته پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي اصول تحت رضاڪارانه طور تي پي ٽي اي کي ڪم ڪرڻ گهرجي. ۽ اسڪول جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي ۽ تعليم کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪري، ايتري ڪوشش ڪئي وڃي جو گچيرو ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن جي هر نياڻي اسڪول ۾ داخل هجي. هن چيو ته کولڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جي آدمشماري  500 ماڻهن تي مشتمل آهي. هن ڳوٺ سڌار سنگت گچيرو پراڻو ۽ پي ٽي اي طرفان سيمنيار منعقد ڪرڻ ۾ ڪيل تعاون کي ساراهيو.

ان کانپوءِ هلڪي ريفريشمينٽ ڪرائي وئي، هن پروگرام ۾ ڪجهه ٽيبلو ۽ گيتن تي ڊانس پڻ پيش ڪئي وئي، جن ۾ پرائمري گرلس اسڪول جي نياڻين حصو ورتو.

ٽيبلو ۾ پرائمري اسڪول جي شاگردياڻين نجميٰ، نازيه، فرحانه، شمائل، قمرالنساءَ، نوشابه، ارم ۽ صنم حصو ورتو. گيتن ۾: مجيده، عابده، ثمينه، ڪوثر، قمرالنساءَ، نجمه، شمائله، نوشابه ۽ صنم حصو ورتو. ان کان سواءِ شاگردياڻين ڪورس جي انداز ۾ هڪ گيت ”سونا جهالا سڪرنڊ هالا“ پڻ پيش ڪيو. هيءُ سيمينار جيڪو صبح جو ڏهين بجي کان شروع ٿيو ، سو شام جو ڇهين بجي ختم ٿيو. ان پروگرام دوران ورلڊ بينڪ جي رضوان بيگ ۽ شمع ڀٽي مردن ۽ عورتن کان زناني تعليم متعلق تاثرات ورتا ويا- هيءُ سارو پروگرام گرلس پرائمري اسڪول تعليم مورو جي سپروائيزر اقبال بانو چنا ۽ فريده ميمڻ ترتيب ڏنو.

 

شاعري

پشپا ولڀ

هڪ ڏينهن

 

اچو، اچو، ويهو!

ڪهڙا حال آهن سائين؟ خوش ته آهيو

کلي چوان ٿو، جڏهن آفيس ۾ هجان ٿو،

”يار! تون ڪيڏو نه کلمک آهين.

مون ته ڪڏهن به تنهنجي مک تي پريشاني نه ڏٺي،

تنهنجي خوش مزاجيءَ جو راز آ ڪهڙو؟

بس يار! ڀلا چانهه پيئندين؟

نه مون کي دير ٿي ٿئي،

آئون هلان ٿو.

هاٰ! سائين اچو اچو

توهان سان ملئي ڪيترا ڏينهن ويا هن لنگهي

ڀانيان ٿو رستو آهيو ڀليا.

نه يار! اها ڳالهه ناهي.

بس ڪجهه زندگيءَ جون مصروفيتون آهن اهڙيون!

”ڪجهه شهري ماڻهو بڻجي ويا آهن مشين پرزا“

”ها ائين ته آهي“

هيلو! هيلو! ها سائين!

”...........................“

”ڏيو خبر عاشقن کي ڪيئن ياد ڪيو.“

”.........................“

”بس توهان جون دعائون هن.“

”ڇا چيو! توهان اسان کي همشيه ياد ڪندا آهيو“

”بس توهان جهڙا دوست هجن ته ڇا کپي.“

کلان ٿو شام جو گهر اچان ٿو ڪوٽ لاهيان ٿو ۽

گڏ ڪوٽ سان پنهنجون پريشانيون پڻ

ٽنگڻ چاهيان ٿو ڪلي ۾.

ٻار منهنجا هميشه وانگر

رُڌل آهن جهڳڙي ۾

”هي منهنجي پينسل آهي.“

”نه منهنجي آهي”

اڱڻ ۾ اچي کٽ تي ويهان ٿو.

سامهون زندگي منهنجيءَ جي ساٿي

هميشه وانگر بصر پئي ڪٽي

۽ لڙڪ لارون ڪيو پيا وهنس

الائجي زندگيءَ جو بار ٿي ويو آ گهڻو

يا الائجي بصر ئي ڪجهه آلو آهي

آئون سوچيان ٿو!

شايد زندگي منهنجيءَ جي اسٽيج تي

اهوئي سين رهندو

آئون مرڪان ٿو!

پر هي لڙڪ منهنجي اکين ۾ الائجي ڪٿان آيا!

دوست جي چيل ڳالهه ياد آئي.

يار تنهنجي خوش مزاجيءَ جو راز آ ڪهڙو؟

 

نظم

 

بيل گاڏي

بيل گاڏي ڇڪيندي

ڌڌڙ ڀريل پيچرن تي هلندي

ڏامر وارن رستن تان گذرندي

زندگيءَ جي ٽاڪ منجهند ۾

بار ڍوئيندي

ڪيڏو ٿڪجي پيا آهيون اسين

۽ وڏين وڏين ڪارين اکين مان

ڳوڙها پاسن کان وهي

ڪڏهوڪو سڪي به ويا آهن

ڳالهائي به نٿا سگهون

بس هلندائي ٿا رهون

اڻ ڄاتل منزل ڏانهن

 هوريان هوريان

اسان جي پٺيءَ تي

آهن ڪارا ڪارا داغ

۽ مٿان چهبڪ جو سٽڪو

يا وري پاڃاريءَ جو سخت ڪاٺ

جيڪو ڳچيءَ جي ماهه ۾

پيهجندو ٿو وڃي

ڦيٿن جو مسلسل چيڪاٽ

ڄڻڪ جذبن اسان جن جي

ترجماني ڪندو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com