سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 4/ 2001ع

مضمون --

صفحو :8

روبينه ابڙو

سوچون سرها گل

• سوچيان پيئي........

تنهنجيون  اکيون ايتريون خوبصورت آهن،

ته تنهنجا سپنا ڪيترا خوبصورت هوندا.......!؟

• تون نه هئين.....ته ڄڻ تنهنجي ڪمي به ڪو نه هئي

تون اچي جو ويو آهين  ته ائين ٿو  لڳي ته ڄڻ  ازل کان تنهنجو خال هيو.

• تنهنجي دوري ۾ ايڏي دلڪشي آهي

 ته تنهنجو ملڻ ڪيئن هوندو.....!؟

اڄ تنهنجن قدمن ۾ سرجهڪائي محسوس ٿيو آهي ته ڪائنات ڪيڏي نه وسيع آهي.

• هن چيو  خواب نه ڏسندي ڪر، ۽

 مون سڄي عمر  ننڊ نه ڪئي

• منهنجي ماءُ هميشه مون سان احتجاج ۽ بغاوت جون ڳالهيون  ڪندي هئي.

پر جڏهن احتجاج ۽ بغاوت ڪرڻ جو وقت آيو،

چيائين.....صبر ڪر،

صبر عورت جو زيور آهي.

• منهنجي ڌيءَ

تولئه بس آءُ ايترو ئي ڪري سگهندس،

منهنجي ماءُ خوابن تي پابندي لڳائي هئي،

آءُ توکي خوابن جي آزادي ڏيندس.

• پيدا ڪرڻ وقت خدا چيو

مون توکي ان شخص جو سپنو بڻايو آهي

جنهن کي مون اکيون نه ڏنيون آهن.

• جوڳيا.....

تو کي خبر آهي ته منهنجي جهولي ۾ ڪجهه به نه بچيو آهي ۽ تون سئن مٿان سئن پيو هڻين،

ڀلا منهنجي قسمت تي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي طنز  ٿي سگهي ٿي......!؟

• تون ستارن کان به اڳتي وڃڻ ٿو چاهين.

پر ڌيان ۾ رکجان....

ڪٿي ڌرتي تنهنجن پيرن سان نه چنبڙي پئي.

• کڻ! هي آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا تون کڻ....

(ستن آسمانن سميت)

مون کي صرف هي ڌرتي گهرجي.

• ننڊ تنهنجا خواب ڏيکاريندي آهي.

۽ جاڳ تو لئه گيت لکرائيندي آهي.

تون ئي ٻڌاءِ.......... مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي.....

• ڇا جڏهن گل ڇڻي ويندو آهي.

ته پوپٽ روئيندو آهي......؟ ...نه ...نه....!

هو ٻئي گل جي ٽڙڻ جو انتظار ڪندو آهي.

• منهنجا ڳوٺ؟  ايئن نه سمجهه ته آءُ ٻاڦ بڻجي اڏامي ويس....

آءُ ته برسات جي رم جهم آهيان.

هڪ ڏينهن تنهنجي مٽي ۾ جذب ٿي  ويندس.

[سوچ جي ٿورن سان]

---•--

 

مريم جوڻيجو                                                                        سروي

 

ملازمت ڪندڙ عورتون ٻٽي ذميواريءَ جو شڪار آهن

عورت ۽ مرد معاشري جا ٻه اهم ٿنڀا آهن ۽ ٻئي گڏجي گهر جي خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيئن ته اڄوڪي دور ۾ ماڻهن جون ضرورتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. ان ڪري عورت لاءِ ملازمت پڻ ضروري ٿي پئي  آهي. عورت هر فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهي  آهي. فيڪٽرين کان وٺي ادارن جي اعليٰ عهديداريءَ تائين، پوليس کان وٺي، گهرن جي ڪمن ڪارين تايئن، تعليم کاتي کان وٺي صحت کاتي   تائين ۽ اڄ جڏهن عورت گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته کيس ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڙيوارن جي نگاهن ۽ نظرن کان وٺي، رستي پنڌ تي هلندڙن تائين ۽ انهيءَ کانپوءِ گهروارن جي روين تائين، دير سوير ٿيڻ تي پڇاڻا.... گهر جي ڪمن ۾ وري عورت روز ازل کان ڦاٿل، لکيو لوح قلم سمان هڪ طرف ٻاهر جون ذميواريون ٻئي هڪ طرف گهرو ذميواريون. ٻار کي اسڪول اماڻڻ ۽ وٺي اچڻ کانسواءِ ٽيليفون، گيس ۽ بجليءَ جي بلن تائين هر ڪم عورت حوالي.

ٻارن جي اسڪول وارن سان لهه وچڙ جو  ڪم عورت حوالي سفارش کان وٺي قرض وٺڻ تائين سيڌو سلف آڻڻ تائين، هر مسئلي کي عورت ئي منهن ڏئي ٿي، ته ڇا، عورت تي ٻٽا بار نه آهن؟ يقينا ها،  نتيجي ۾ هوءَ نفسياتي ۽ اعصابي  بيمارين جو به شڪار بنجي ٿي. عورت کي گهر کان ٻاهر ڪم ڪرڻ گهرجي، يا نه هڪڙو سروي اسان ڪيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيڪي جواب اسان کي مليا اهي هن ريت آهن:

سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ مشهور ڊرامه آرٽسٽ، محترمه شميم ٻانڀڻ جي راءِ  آهي ته اڄڪلهه مهانگائي ايتري وڌي وئي آهي، جو جيستائين عورت  گهر کان ٻاهر ڪم  نه ٿي ڪري تيستائين پورت  نه ٿي پوي، هو نئن به پڙهيل لکيل عورت کي گهر کان ٻاهر ڪم ضرور ڪرڻ گهرجي. جو پنهنجي پئسي جي ڳالهه ئي ٻي آهي. البت هڪ ڳالهه ضرور آهي ته مرد کي به هاڻي پاڻي کٽ تي گهرڻ بجاءِ پاڻ وڃي فرج مان ڪڍڻ گهرجي.

روشن ناز ڌاريجو، شاعره ۽ سوشل ورڪر، سندس خيال آهي ته جيڪڏهن ٻار ننڍا آهن ته عورت کي گهرجي ته ٻارن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ۽ جڏهن ٻارڙا وڏا ٿي وڃن ته بيشڪ گهر کان ٻاهر وڃي خدمتون سرانجام ڏيڻ گهرجن، ڇا ڪاڻ ته ٻارڙن جي پالنا ۽ پر گهور جيڪا ماءُ لهي سگهي ٿي سا آيا يا ٻي مائي نه.

ان کان علاه ٻار جڏهن ڪجهه وڏڙا ٿين ٿا ته ڪم جو بار به هلڪو ٿئي ٿو ۽ ٻار بذات خود پاڻ به گهر جي ڪم ۾ هٿ ونڊائين ٿا.

شبانه سومرو جو تعلق ميهڙ سان آهي ۽ سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد آهي، سندس چوڻ آهي ته ٻٽي ذميواري عورت لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي، پر چوندا آهن ته ”مجبوري کا نام  شڪريه“ سو زندگيءَ جي گاڏاي هلائڻ لاءِ ڪم ضروري آهي ۽گهر جي مردن کي کپي ته نه رڳو گهر اندر پر گهر کان ٻاهر به عورتن کي عزت ڀريو ماحول ڏين ۽ سندن پٺ ڀرائي ۽ حوصله افزائي ڪن.

سيما مرزا: مشهور ڊرامه آرٽسٽ جو خيال آهي ته ملازمت ڪندڙ عورتون هڪ ٻئي جون سخت دشمن ٿين ۽ هڪ ٻئي کي صفا ڪو نه سهنديون آهن، انهي جي ڪري ئي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ ڏکيو  ٿي پوندو آهي، پر جي عورتون، عورتن سان سهڪار ڪن ته هوند هر ڪم آسان ٿي پوي.

نصرت سلطانه ابڙو: جيڪڏهن گهر وارا تعاون ڪن ٿا ته پوءِ ضرور ڪم ڪري، ڇو ته اڄڪلهه جي حالتن مطابق مرد ۽ عورت ٻئي ملي ڪم ڪن ٿا ته گهر بهتر نموني هلي سگهي ٿو، ۽ خاص ڪري ٻارن جي تعليم ۽ تربيت بهتر ٿي سگهي ٿي.

نصرت سعيد: عورت جي ملازمت ڪرڻ صرف ان لاءِ ضروري ناهي ته هوءَ صرف معاشي طور تي پنهنجي خاندان جو هٿ ونڊائي  ٿي، پر هوءَ قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، هو نئن به مرد جي ڪاميابي جو دارومدار عورت تي آهي. جيڪڏهن هڪ عورت تعيلم يافته، پريڪٽيڪلي ۽ ايڪٽو هوندي ته ان جا ٻار يقينن ڪامياب ٿيندا.

ثمرين نظاماڻي: سنڌي سماج ۾ عورت لاءِ مسئلا آهن، اهڙي نموني ملازمت ڪرڻ دوران پڻ مسئلا آهن، انهيءَ ۾ هڪ طرف جي هڪ هٽي ۽ ٻيو ماڻهن جو رويو جيڪي ساڻس گڏجي ڪم ڪن ٿا، انهن مردن جي ذهني اوسر ايتري مضبوط نه آهي ۽ هر طرف انهيءَ کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهي کي پروفيشنل بدران ذات تي کڻي اچڻ  ۽ انهي جي ڪردار تي ذاتي حملا ڪرڻ، جهڙا مسئلا عام آهن، انهن روين کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو صرف عورت جي حيثيت کي تسليم ڪرڻ سان ئي ممڪن بنجي سگهجي ٿو.

عظمت شيخ

ٽيچر ماڊل اسڪول

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

ها، ملازمت ڪندڙ عورت بلڪل ٻٽي ذميواريءَ جو شڪار آهي. ڇو ته بنيادي طرح عورت جي سماجي حيثيت تمام گهڻي ڪمزور آهي، انهيءَ سبب جي ڪري هوءَ پنهنجي اداري (Institution) ۾ (Extra- efficiancy) ۽  (Exra- wark load) سان ڪم ڪري  ٿي. اتي تڏهن پنهنجي حيثيت مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. ۽ ان سان گڏوگڏ هوءَ گهر جي ذميوارين کي به ڀرپور ۽ سهڻي  نموني سان نڀائي ٿي. جيڪڏهن هڪ اڻ پڙهيل ۽ گهريلو عوت جي وچ ۾ ڀيٽ ڪجي ته خبر پوندي ته پڙهيل لکيل ۽ ملازمت ڪندڙ عورت پرهه پٽيءَ کان وٺي سانجهيءَ تائين سخت محنت ڪري ٿي. جيئن هوءَ پاڻ کي سماجي توڙي معاشي طرح مردن جي هن معاشري ۾ مڃرائي سگهي. انهيءَ سبب جي ڪري هڪ ملازمت ڪندڙ عورت ٻيڻي ذميواريءَ جو شڪار آهي.

-         نسيم ميمڻ

هڊ مسٽريس ماڊل اسڪول سنڌ

يونيورسٽي- ڄامشورو

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته ملازمت ڪندڙ عورت ٻٽي ذميواري سنڀالي رهي آهي، ۽ انهيءَ ٻٽي  ذميواريءَ کي هوءَ پنهنجي سليقي/ مئنيجمينٽ  سان تمام سهڻي نموني نڀائي رهي آهي. جيتوڻيڪ کيس ڪڏهن ڪڏهن ٻاهرين دنيا ۾ يا گهريلو ۽ روزمره زندگي ۾ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پر پوءِ به هو پنهنجي بردبار ۽ ذهانت سان سڀني ڳالهين کي منهن ڏئي ٿي. بهر حال، هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ اهو ضروري به آهي ته عورت ضرور ملازمت ڪري ته، جيئن هو گهر لاءِ Financialy  مددگار ثابت ٿئي منهنجي خيال ۾ عورت انهيءَ ميدان ۾ پاڻ شعوري ڪوشش ۽ شوق سان آئي آهي، ۽ هو پنهنجون ذميواريون تمام سهڻي نموني نڀائي رهي آهي، انهي اسن گڏ هو پنهنجي ٻارن جي تربيت ۽ سار سنڀال به سٺي نموني ڪري سگهي ٿي. ڇا ڪاڻ جو ملازمت ڪندڙ عورت گهريلو عور کان وڌيڪ ايڪٽو ۽ وقت جي پابند هوندي آهي. جيڪو ماڻهو پابند ۽ ايڪٽو هوندو، سوئي ڪامياب ٿيندو. جڏهن انهن سڀني ڳالهين لاءِ کيس پنهنجي گهر مان اعتماد ملي ٿو تڏهن ئي هوءَ ڪري  سگهي ٿي.

 

ملازمت ڪندڙ عورت لاءِ ٻٽي ذميواري چوڻ ته غلط ٿيندو پر الائي ڪيترين ئي ذميوارين ۽ مسئلن سماجي روين ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي. ڪٿي ته معاشي مسئلو آهي. مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو آهي.هڪ مرد ڪمائڻ وارو هجي ۽ پگهار به محدود ڪنهن سٺي اسڪول ۾ پڙهائڻ ته هڪ مرد سڀ ذميواريون افورڊ نٿو ڪري سگهي،  جيسين عورت هن سان گهر جي ذميواريون شيئر نٿي ڪري، اڄڪلهه جي حالاتن جي پيش نظر عورت ٻاهر ته نڪري ٿي پر رستي ويندي آفيسن ۾،ادارن ۾، جتي هو جاب ڪري ٿي، اُتي جي ماڻهن جا رويا، جيڪا تڪليف ۽ ذهني اذيت پهچائن ٿا، اوترو شايد گهر جو ڪم ۽ آفيس جو ڪم به ڪو نه ٿو ٿڪائي، ڪي آڱر جي ڳڻڻ جيتريون عورتون به آهن. جيڪي اُهي سڀ ذميواريون پنهنجي شوق سان پوريون  ٿيون ڪن.آئون ته ائين چوندس ته معاشي مئسلو نه آهي ته گهر کان وڌيڪ ڪا جنت ڪونهي. اڄ جي عورت چاهي ٿي ته آئون ٻاهر نڪران سخت محنت ڪرڻي ڀلي پوي.صحت گهڻي ڪم ڪار سبب الڳ خراب رهي، ٻار پريشان رهن، عورت پاڻ به ذهني جسماني ۽ دماغي طرح ٿڪل هجي ٿي، پر اُهي سڀ پريشانيون هو پنهنجي شوق سان ٿي ڪري.

-نجمه پنهور

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته Working Bodies ٻٽي بار جو شڪار آهن. پر ساڳئي وقت هن کي معاشي طرح سان هڪ قسم جي Support پڻ ملي ٿي، جنهن ڪري هن ۾ Self Confidence ۽ Self Respect جو شعور پڻ پيدا ٿئي ٿو، پوري دنيا ۾ اقتصادي حالتون ايتريون تيزي سان بدلجي رهيون آهن، جو ڪنهن به هڪ فرد جو ان سان مقابلو  ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هونئن به چوندا آهن ته ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻو پوندو آهي، سو جيسين تائين عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نٿي هلي تيستائين ويچاري مرد کي هيڪلو ٿي لوڙڻو ٿو پوي، هونئن به قدرت عورت کي ايترو طاقتور بنايو آهي جو هوءَ صنف نازڪ هئڻ جي باوجود دنيا جا لاها چاڙها مرد جي بنسبت هيڪلي ٿي برداشت ڪري سگهي ٿي ۽ معاشري ۾ پنهنجو هڪ مقام پڻ ٺاهڻ جي اهل ثابت ٿئي ٿي. باقي هڪ ڳالهه اها مان ضرور چوندس ته جيڪڏهن عورت مرد جو اقتصادي بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پورهيو ڪرڻ لاءِ پورهيو يا نوڪري ڪري ٿي ته هڪ سلجهيل مرد جو پڻ فرض آهي ته هو به عورت سان ٻانهن ٻيلي ٿئي نه ته هوءَ ويچاري گهر کان ٻاهر ۽ گهر ۾ اندر اڪيلي ئي لوڙ لوڙي.

عذرا سرور ڪنڌر

 

کير  جا گڻ  اوگڻ

 

کير گهڻو ڪري ٿڌو جيو مائت کي فائدو پهچائيندڙ طاقت وارو، ٻڌي ۽ عمر وڌائيندڙ کاڌو آهي.

ڳئون جو کير پهريون نمبر ۽ سڀني  کيرن ۾ فائدي وارو آهي، مٺو، گرمي ۽ خون جي بيماريءَ کي دفعي ڪندڙ ۽ خون صاف ڪندڙ آهي، ڪاري ڳئون جو کير سڀني ۾ اُتم ۽ فائدي وارو آهي، نيلي ڳئون جو کير پت کي هٽائيندڙ آهي، اڇيءَ ڳئون جو کير ٿڌو ۽ ڪف کي ناس ڪندڙ آهي. ٻارهن ڏينهن کان اڳ نئين ويايل ڳئون جو کير وايو ۽ ڪف پيدا ڪندڙ آهي. کانگهاري ڳئون جو کير گهاٽو، طاقت وارو ۽ دير هضم آهي. ڳئون ڍڪجڻ کان چار مهينا پوءِ کير ڪم نه آڻڻ گهرجي. ڇا ڪاڻ ته اُهو کير گرم.‏ ڳورو ۽ بادي ڪندڙ آهي. جهنگل ۽ پهاڙن چرندڙ ڳئون جو کير مٺو ۽ وڌيڪ طاقت وارو ٿيندو آهي. بر وقت ڏڌل کير مصريءَ سان پيئڻ ڪري امرت سمان آهي. جو  خوب طاقت ڏيندو. ڏينهوڪو ڪڙهيل کير رات جو  ڪم نه آڻجي؛ سبب ته ڳؤرو، ڪف ڪندڙ ۽ دير هضم آهي، شام جو ڏڌل کير جهٽ هضم ٿي طاقت ڏيندو، ضعيف ۽ بيمار کي گهرجي ته جهنگل ۾ چرندڙ ڳئون جو کير ڪم آڻي. کير ڪجهه وقت رکيل هجي ته ان کي ٿورو ضرور اُٻارڻ کپي، جو ان ۾ جيوڙا پئجي ويندا آهن.

مينهن جو کير: وڌيڪ گهاٽو، مٺو، ڳؤرو، سڻڀو ننڊ گهڻي آڻيندڙ، آرس پيدا ڪندڙ ۽ طاقت وارو آهي.

ٻڪريءَ جو کير: ٿڌو ۽ هلڪو جلد هضم ٿيندڙ آهي، تپ، کنگهه، سلهه، خون ۽ رت جي دستن ۽ پيشاب جي بيماريءَ کي دفع ڪندڙ آهي، بشر طيڪ ۾ چرندڙ هجي.

رڍ جوکير: ڪجهه کارائڻ تي، گم قبض ڪشا ۽ پٿريءَ جي بيماريءَ ۾ فائدي وارو آهي.

ڏاچيءَ جو کير: کارسرو، هلڪو، هاضمي ڪارڪ، هيانچو ناس ڪندڙ ڪف، دم ۽ کنگهه کي دفع ڪندڙ، پيٽ ۽ بدن جي سوچ کي هٽائيندڙ، جلندڙ کي ناس ڪندڙ ۽ قبض ڪشا آهي.

گهوڙيءَ جو کير: رکو، کٽو، گرم ۽ ڪجهه کارائڻ تي آهي، جيڪو ماڻهو بدن ۾ ڳرندو وڃي، تنهن لاءِ فائدي وارو آهي.

هاٿڻ جو کير: تمام ٿڌو سڻڀو، تمام ڳؤرو ۽ شرير کي ٿلهو ڪندڙآهي.

گڏهه جو کير: ٿڌو، تر، سلهه جي بيماريءَ پراڻي تپ ۽ کنگهه لاءِ فائدو وارو آهي. خصوصا ٻالڪن لاءِ وڌيڪ ڪارائتو آهي.

ماءُ جو کير: هلڪو، گرمي گهٽائيندڙ ۽ اکين لاءِ فائدي وارو آهي.

کير بابت خاص هدايتون گهڻو وقت رکيل کير پيئڻ چڱو نه آهي، پراڻي تپ، سلهه ۽ ڪم قوت ۾ ٻالڪن، ٻڍن، گهڻي پنڌ ڪندڙن ۽ گهڻي ورزش ڪندڙن لاءِ گڻڪاري آهي. چڙهندڙن تپ، خون ۽ ڦٽ ڦرڙين جي بيمارين ۾ کير پيارڻ چڱو نه آهي، بيٺي کير پيئڻ ڪري چيلهه ۾ طاقت گهڻي ٿيندي ۽ ويٺي پيئڻ ڪري ڇاتي زور وٺندي ۽ پيئڻ بعد سمهي پوڻ ڪري جسم طاقت وارو ٿيندو. ماني کائي کير پيئڻ ڪري کاڌو هضم ٿيندو ۽ شرير تندرست رهندو. اکين لاءِ فائدي وارو آهي، نيراني کير پئڻ ڪري پيٽ ۾ گڙ گڙ ڪري ۽ اگنيءَ کي ٿڌو ڪري ٿو.

کير سان کٽاڻ يا ڳڙ کائڻ ڪري خون خراب ٿيندو، پاڻي گڏي پيئڻ ڪري پيشاب ٿڌو ۽ صاف ايندو، پر ميل لاءِ ته اڻ گس علاج آهي، گرم ڪري منجهس مصري گڏي پيئڻ سان بدن کي طاقت ڏيندو، کير گهڻو ڪاڙهڻ نه گهرجي، بزاري ڪڙهيل کير فائدي مند نه آهي.

 

ڳالهه ٻولهه : سپنا گل

ڊريس ڊزائينر، سماجي ڪارڪن، نصرت ابڙو  سان ڳالهه ٻولهه 

بي جوڙ رشتا ڪامياب نه ٿيندا آهن

سوال: گهر، ور، ٻار ۽ اسڪول انهن سڀني ذميوارين کي ڪيئن ٿيون  نڀايو؟

جواب: ادي توهان جي هن سوال ۾ چار سوال آهن. گهر عورت جي سگهڙائپ جي عڪاسي ڪندو آهي. شادي کانپوءِ مون اوليت گهر کي ڏني. ڇو ته مون تي امڙ جي طبيعت جو تمام گهڻو اثر آهي، اسان جي امان جو ميهڙ شهر ۾ مثال هوندو هو ته ٻار به صاف، گهر به صاف هر شيءِ پرفيڪٽ. سلائي، ڀرت، رڌ پچاءُ وغيره سو ان جو ئي اثر آهي.

2- ور جي باري ۾ مان ائين چونديس ته مان انهن خوش نصيب عورتن مان آهيان، جن کي اهڙا پرخلوص مڙس ملندا آهن. اسان جي ارينج ميرج آهي. ائين لڳندو آهي ته قدرت واري اسان کي هڪ ٻئي جي لاءِ ٺاهيو آهي. منهنجو گهر تمام سلجهيل ۽ هر ذميواري کڻڻ وارو آهي. مطلب ته هر وقت تعاون ڪرڻ وارو انسان آهي، منهنجي سس چوندي آهي ته تنهنجو گهر وارو ائين آهي. جيئن منڊيءَ ۾ هيري جي ٽِڪ ۽ ان جو ئي سڄو تعاون آهي، جو مان هر ڳالهه کي منهن ڏيان ٿي.

3- ٻار ماشاء الله وڏڙا ٿي ويا آهن، ننڍو ٻار پنجن سالن جو ٿي ويو آهي. ٻيو ته گهر ۾ هر شيءِ جي لاءِ جاءِ مقرر آهي ته، پوءِ ڪا مشڪل نٿي ٿئي. هڪ سٺي گهر ڌياڻيءَ ۾ هر اها خوبي موجود هجي. يعني گهر سليقي سان صاف، سلائي ڪڙهائي، ٻارن جي تربيت ۽ انهن جي پوشاڪ، انهن جو اٿڻ ويهڻ، پنهنجي ور جي خيال رکڻ، هو پنهنجي هوند آهر سليقي سان گهر کي سجائي ۽ گهر هلائي ۽ سماجي ايڪٽوٽيز ۾ حصو وٺي.

سوال: هڪ عورت پنهنجي مڙس سان ڪهڙو اميدون وابسته ڪندي آهي؟

جواب:  جڏهن منهنجو ور منهنجي هر اميد تي پورو آهي ته مان سمجهان ٿي ته مان اڃا  ڇا اميد رکان. مان الله سائين جي احسان مند آهيان، جو جيترو منهنجي ور وٽ آهي، ان مطابق  اسان کي خوش رکيو اٿس، مون کي لڳندو آهي ته راشي  منهنجو سٺو دوست آهي.

سوال: بي جوڙ شايدن جي رسم کي اوهان ڪيئن ٿيون ڏسو؟

جواب: جيئن ته توهان جي سوال ۾ بي جوڙ لفظ ظاهر ڪري ٿو ته، فطرت جي اصولن کان هٽيل طريقي سان جوڙيل رشتا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا آهن، يقين انهن جا نتيجا اڳرا ۽ نگيٽو نڪرندا آهن.

سوال: ” ڪارو ڪاري“ جي رسم کي ڪئين ختم ڪجي؟

جواب: ڪارو ڪاري جي رسم کي باشعور ماڻهو نامناسب ظالمانه ۽ غير پسنديده قرار ڏئي چڪا  آهن، اها رسم هاڻي نه صرف اسان جي سنڌ صوبي، پر سڄي دنيا جو اشو بنجي چڪي آهي، جنهن لاءِ ڌڻي در دعاگو آهيان ته انهيءَ رسم کي بند ڪرڻ جو ڪم معجزو ٿئي ۽ بيگناهه نارين جون زندگيون بچن!

سوال: اوهان جو پسنديده ڪلر؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com