سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 4/ 2001ع

مضمون --

صفحو :6

بدسلوڪي جسماني هجي يا نفسياتي، ٻارن جي ذهنن تي تمام خراب اثر ڇڏي ٿي. ٻار بد سلوڪي  جي واقعن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهي ۽ اهڙا واقعا هن جي سڄي زندگيءَ لاءِ عذاب  بنجي سگهن ٿا. اهو ٻار ڪيترن ئي ذهني بيمارين جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ڪجهه والدين ڪاوڙ جا تمام تيز هوندا آهن ۽ ٻار کان جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي جيئن امتحان ۾ گهٽ مارڪون کڻڻ يا ڪا گهرجي شيءَ ٽٽي پوڻ تي ٻار کي تمام سخت سزا ڏيندا آهن. يا ٻين جي سامهون پنهنجي ٻار جي بيعزتي ڪري هُن کي احساس ڪمتري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن. تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ نازيبا الفاظ وات مان ڪڍندا آهن، جڏو ۽ ناڪارا جهڙا گُٿا لفظ ڪڍندا آهن. ته پوءِ ٻار پوري زندگي پاڻ کي باوجود ڪجهه ذاتي صلاحيتن جي ناڪارا سمجهندو رهندو.

ڪيترا والدين وري ڪاوڙ جا اهڙا تيز هوندا آهن، جو ڪنهن به ننڍي يا وڏي غلطي تي پنهنجي ئي اولاد کي  بجاءِ نرمي سان سمجهائڻ جي ايترو ته بيدردي سان ماريندا آهن ڄڻ هو ڪنهن ٻئي جو ٻار هجي ۽ معصوم ٻار جو اهڙن ڀيانڪ تجربن کانپوءِ دنيا ۾ سڀني تان اعتبار ختم ٿي وڃي ٿو. اهو ٻار وڏو ٿي هڪ مجرم، هڪ دهشتگرد يا هڪ بي رحم انسان بنجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ماءُ، پيءُ يا اُستاد ننڍن ٻارن سان اهڙو ئي سلوڪ ڪندا رهندا ته يقين  سان چئي سگهجي ٿو ته اسين هڪ غير صحتمند معاشرو قائم ڪري رهيا آهيون، ڇو ته ننڍپڻ  ۾ ٿيل بد سلوڪي خاص طور سان ماءُ، پيءُ طرفان ٿيل بدسلوڪي کي ٻار پوري زندگي وساري نٿو سگهي ۽ وڏو ٿي رهزن چور يا ڌاڙيل ٿي سگهي ٿو، اُهو ٿي نه سگهيو ته ڪنهن نه ڪنهن نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو. اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جو فرمان آهي ته ” ٻار الله تبارڪ و تعاليٰ جي  باغ جا گل آهن ۽ والدين جو اهو فرض آهي ته ننڍائپ کان وٺي وڏي ٿيڻ تائين سندن حفاظت ڪن.“

هن سلسلي ۾ پنهنجي هڪ تازي تحقيق (Research) جو حوالو ڏيندس جنهن ۾ مون پندرهن ڪم ڪندڙ ٻارن ۽ پندرهن ڪم نه ڪندڙ ٻارن جي شخصيتن ۾ تفاوت تي تحقيق  مان اهو  نتيجو ڪڍيو ته  ڪم ڪندڙ ٻارن جي طبيعت يا مزاج ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ هئي ۽ هو ڪم نه ڪندڙ ٻارن کان پاڻ کي ڪمتر يا گهٽ سمجهي رهيا هئا. تاهم اُنهن کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، انهن ٻارن جي مقابلي  ۾ ڪم نه  ڪندڙ ۽ اسڪول ويندڙ ٻارن ۾ ايتري  ڪاوڙ نه آهي ۽ اُهي سڀ ٻار پنهنجن زندگين مان خوش ۽ مطمئن آهن، ڇو ته کين زندگي جون بنيادي سهوليتون ۽ والدين جي شفقت ۽ پيار ملي رهيو آهي. هن تحقيق مان اها خبر به پئي ته بدسلوڪي ڪندڙ والدين يا ٻيا ماڻهو خود پنهنجي زندگي کان مطمئن نه هئا ۽ گهڻن ئي مسئلن جا شڪار هئا. مثال طور بي گهر هجڻ، تمام گهڻا ٻار ۽ محدود وسيلا، ۽ اهڙيون مائرون جيڪي روز پنهنجن مڙسن کائن مار کان ٿيون ۽ انهي مار جو بدلو مڙسن بدران پنهنجن ئي معصوم ٻارن کان وٺن ٿيون. اهڙا والدين پنهنجن ٻارن سان بدسلوڪي ڪن ٿا. جن سان خود ننڍپڻ ۾ بدسلوڪي ٿي هجي.

گهر هر انسان جي سڀ کان وڏي پناهه گاهه آهي. اها پناهه گاهه محبت واري ۽ پرُ سڪون هجي ته جنت وانگر آهي ۽ جيڪڏهن گهر ۾ نفرت ۽ بي سڪوني جي  ڪيفيت آهي ته اهو گهر جهنم جو هڪ مثال آهي. ڪيترائي معصوم ٻار انهي جهنم  کان بچڻ لاءِ پنهنجن گهرن مان ڀڄي وڃن ٿا ۽ اڪثر غلط ماڻهن جي هٿ لڳي پنهنجون قيمتي زندگيون تباهه ڪري ڇڏن ٿا. اولاد  پيدا ڪرڻ وقت هر  پيءُ ۽ ماءُ کي اهو ضروري سوچڻ گهرجي ته قدرت اسان کي تمام وڏي ذميداري ڏئي رهي آهي ۽ پنهنجن شخصيتن ۽ صلاحيتن جو جائزو به وٺڻ گهرجي ته هو انهي قابل آهن جو اولاد جي صحيح پالنا ۽ تربيت ڪن ۽ اُنهن کي سٺن والدين وانگر شفقت ۽ پيار ڏئي  سگهن. جيڪڏهن نه ته اهڙن مردن  خواه عورتن کي نه شادي ڪرڻ گهرجي ۽ نه اُنهن کي ٻار هجڻ گهرجن.

آخر ۾ هي چوسٽو پڙهندڙن جي گوش گذار ڪريان ٿي، من دل سان لڳين:

”پاليو نه ٿا ته پيدا، اولاد ڇو ڪيو ٿا.

قدرت جي هن عطا کي، برباد ڇو ڪيو ٿا؟

هي ٻار مستقبل  جو، معمار ٿي سگهي ٿو،

مجرم ڪيو ٿا پيدا، فرياد ڇو ڪيو ٿا؟“

(ڊاڪٽر حبيب الله صديقي )

--•--

 

اختر بلو                                                                       آخري قسط

 

سنڌياڻي ماسڪو ۾

 

لاطيني آمريڪا وارو پروگرام شروع ٿيو، هال اڄ ته صفا  ڀريل هو. لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي ماين وٽ، پنهنجي پنهنجي ملڪ جا جهنڊا هئا ۽  سڀني  کي پنهنجو قومي لباس پيل هو. هنن ڏاڍي جوش ۾ نعرا پي هنيا. سامراج مرده باد چلي ضرور ”آزاد ٿيندو. نڪارا گوا ضرور آزاد ٿيندو. اسين ضرور آزاد ٿينداسين. هنن ۾ ايترو جذبو هو جو ٺلهن هٿن سان به ٻه ٽي دشمن ماري وجهن ٿا. اسٽيج تي فريڊا برائون ۽ لاطيني آمريڪا جون ٻه ٽي مايون ويٺيون هيون، سڀ کان پهريائين فريڊا برائون تقرير ڪئي. هن لاطيني  آمريڪا جي بهادر انقلابي عورتن کي لڳاتار فاشزم ۽ سامراج  سان  مقابلو ڪرڻ تي سلام ڪيو ۽ W. I. D. F جي ساٿ جو يقين  ان کانپوءِ نڪارا گوا جي نمائندي تقرير ڪرڻ لاءِ آئي. سڄي هال بيهي زور زور سان اُڀ ڦاڙيندڙ  نعرا  هئي، هن جي آجيان ڪئي. مائي. پنهنجي تقرير ڏاڍي جوشيلي انداز ۾ شروع ڪئي. مٺيون ڀڪوڙي پي ڳالهائين. هن چيو ته ”نڪارا گوا جون عوروتن فاشزم خلاف وڙهن پيون. ڪو ڏينهن اهڙو ايندو. جو اسين به هن جدوجهد ۽ قربانين مان پار پئي، اوهان جي صفن ۾ شامل هونديونسين. نڪارا گوا جا 50 هزار هيرا مارجي چڪا آهن. پر جدوجهد جاري آهي. ايستائين جو لاطيني آمريڪا متحد ٿي سامراج کان آزادي حاصل ڪري.“ تنهن کانپوءِ ايلسر لراڊور، گوئٽي ڪيبرين، چلي، پيراگوئي ۽ ڪيوبا جي ماين تقريرون ڪيون، لاطيني آمريڪا جي ماين جو رنگ ۽ مهانڊا هندستاني ماين جهڙا هئا. برازيل جي مائيءَ گٽار تي انقلابي نغمو ڳايو. گيت جو هڪ هڪ لفظ هن جي دل مان ڄڻ پيڙ جي ٿي نڪتو.  چوندا آهن ته ”لڳي سٺي“ سو هي ماڻهو باهه ۽ پاڻي مان نڪتا آهن، رت جون نديون پار ڪيون اٿن، تڏهن ئي هنن جي اکين  مان باهه جا اُلا پي نڪتا، ۽ دل رنين پي. ان کانپوءِ پا ناما جي مردن ۽ عورتن گڏجي پاناما جو لوڪ ناچ پيش ڪيو. آءُ اٿي وڃي فريڊا برائون سان مليس ۽ کيس اجرڪ پارايم. هوءَ مون کي چوڻ لڳي ته اوهان جي خط تي غور ڪيو ويندو ۽ اوهان سان رابطو رکنديونسين. هو ڏاڍي ٻاجهاري سڀاءُ جي نهٺي مائي هئي. ۽ هر هڪ سان ڏاڍي پيار ۽ شفقت سان ڳالهايائين ٿي. اسان وٽ عام طور تي اهو رواج آهي ته جيڪو ليڊر هوندو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته منهن تي هر وقت گهنڊ  هجيس ۽ آواز کي اڃان به  ڳرو ڪري رعب سان ڳالهائي جي ائين نه ڪري ته ليڊر ئي ڪو نه سڏبو آهي. ان کانپوءِ ڪيوبا جي مائي سندس هيءَ نظم ٻڌائي ”توکي تنهنجي ماءُ وانگر جيل موڪليو ويندو. ۽ تو کي تنهنجي پيءُ وانگي ويٽنامي ۽ نڪارا گوا جي ماڻهن کي مارڻ لاءِ موڪليو ويندو. پوءِ انگلينڊ جي مائيءَ  گٽار تي نغمو ٻڌايو. جيڪو چليءَ جي انهن عورتن جي باري ۾ هو جيڪي گم آهن، خبر ناهي ته انهن سان ڇا وهيو واپريو. مون سوچيو ته هي سرمائيدار  ملڪن جون مايون آهن.  جيڪي پنهنجي نظام سان نفرت ڪندي، پورهيت ماڻهن لاءِ دل ۾ درد رکن ٿيون. ان کانپوءِ نارٿ آمريڪا جون ٻه مايون گڏجي اسٽيج تي آيون، ۽ هٿ هٿ ۾ ڏيئي، نعرا هڻڻ لڳيون. انهن مان هڪڙي ڪاري هئي ۽ ٻي اڇي  هئي. پوءِ روسي لوڪ ناچ شروع ٿيو. رات جا 12  ٿي  ويا. سليوٽ جون سڀ مايون هليون ويون هيون. مون کي  ڀلا شوق سو ڀانيان  ته ڪا به شيءِ ڏسڻ کان رهجي نه وڃي. پر پوءِ بس نه ملڻ جي ڊپ کان هلي آيس. برسات پئي پي ۽ بس بيٺي هئي. بس ۾ انگلينڊ جي ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبر سارا ملي، جيڪا نيشنل ڪميٽي آف وومين جي سيڪريٽري به هئي،  ٻڌايائين ته ساڍيون ٽي هزار انگلينڊ جون مايون ڪميونسٽ پارٽيءَ جون ميمبر آهن ۽ پنهنجي پارٽي جي هدايت تي مختلف ملڪن ۾ وڃي عورتن ۾ ڪم ڪنديون آهن.

26- تاريخ ماسڪو جا اسڪول، اسپتالون، گهر فيڪٽريون وغيره گهمڻ لاءِ صبح جو 9 بجي سڀ وفد تيار ٿي هوٽل ٻاهران پهچي ويا. سوکن بسون ۽ ڊرائيور تيار بيٺا هئا. اسان کي به چيل هو ته سڀ در وٽ گڏجي بيهون رش گهڻي هئي، سو آءُ ۽ آپا خديجه پنهنجن ماين کان وڇڙي ويونسين. ڊوڙي ڊوڙي هڪ هڪ بس کولي ٿڪجي پيو نسين، پر مايون نه لڀن هاڻي سمجهه ۾ نه اچي ته ڇا  ڪريون. ڏاڍي پريشاني ٿي، وڃڻ تان هٿ به کڻي نٿي سگهيونسين. نيٺ بس لڌي جيڪا هوٽل کان گهڻو پري بيٺل هئي ۽ اسان وارين گائيڊن به اسان کي ڳوليو پي. بسن جو قافلو روانو ٿيو. رستي ۾ اسان جي وفد جي آپا فرح ۽ سرڪاري  طور آيل سلميٰ احمد جو ڪنهن ڳالهه تان بحث  شروع ٿي ويو. بحث  جو نه هو نه منڍ  نه سِر. دل ۾ چيم ته اسين هتي ڏسون ڇا پيا ۽ وري سوچيون ڇا پيا. رستي تي پوڙهين ماين کي گلن جا دستا وڪڻندي ڏٺم. هتي فقير هڪڙو به ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو ۽ رستي تي ڪي به اشتهار يا پوسٽر لڳل ڪو نه هئا. اسين سڀ کان پهريائين ”اڪيڊمي آف آرٽ“ ڏسڻ لاءِ وياسين. اڪيڊمي جي در تي ان جو اسٽاف اسان جي استقبال لاءِ بيٺو هو، جنهن ۾  اڌو اڌ مايون هيون. در وٽ اڇي پٿر  جو لينن جو مجسمو ٺهيل هو. ڪنڌ هيٺ ڪري، وات تي هٿ رکي ائين ويٺو هو، جن ڪجهه سوچي پيو. اسين مٿي هال ۾ اچي ويٺيونسين. اڇي رنگ جو هال ڪافي پراڻو  هو. اسين سڀ مايون ٻوليءَ جي حساب سان چئن گروپن ۾ ورهائجي ويٺيونسين.  اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر تقرير ڪئي، جنهن کي چئن روسي ماين ترجمو پي ڪيو. تنهن کان پوءِ اڪيڊمي گهمي تصويرون ڏٺيونسين، ڪي تصويرون انقلاب  کان اڳ  روسي رهڻي ڪهڻي جون هيون ۽ ڪي انقلاب کانپوءِ  جون، پينٽنگس تمام خوبصورت ۽ مهارت جو اعليٰ نمونو هيون. اڪيدمي مان روانا ٿياسين. اسان جي انگريزيءَ جي ترجمان ايلينا هئي، هي نوجوان ۽ خوبصورت عورت ڪاليج ۾ انگريزيءَ جي استاد هئي. کيس هڪڙو پٽ هو. ٻڌايائين ته کيس سٺن ڪپڙن ۽ فيشن جو گهڻو شوق ڪو نه هو. هر موسم لاءِ پنج ڊريسون وٺندي هئي، باقي ڪتابن  ۽ پٽ جي رانديڪن تي گهڻو خرچ ٿي ڪيائين. مائي سادي سودي ۽ ڄاڻو ٿي لڳي خير اتان اسين ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويون سوين، اسان وارين چئس بسن جو گروپ  پهريائين ڊسٽرڪٽ پولي ڪلينڪ ڏسڻ ويو. اتي وري هيلن نالي روسي ڇوڪري ترجمان طور اسان سان گڏ هئي. روسي ڇوڪريون  اهڙيون ته سهڻيون هيون جو سڄو  ڏينهن پيو ماڻهو منهن ۾ نهارين ۽ قدرت کي داد ڏي. ڪلينڪ رستي تي سهڻي عمارت ۾ هئي. اسپتال جي در تي ٿلهن متارن ٻهڪندڙ چهرن سان ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون  استقبال  لاءِ بيٺا هئا. ڪلينڪ جي ڊپٽي چيف نينا اندر بوچ هئي مردن کان وڌيڪ زالون ڊاڪٽر هيون. سينيئر ڊاڪٽرياڻي گالينا هئي.مون هيلن کي چيو آءُ علاج وغيره جي باري ۾ معلوم ڪرڻ گهران ٿي. هيلن ۽ گالينا مون کي آفيس ۾ وٺي آيون. جيستائين ٻيون مايون اسپتال گهمڻ لڳيون. آءُ سوال پڇندي ويس، هيلن ترجمو ڪري گالينا کي پي ٻڌايو ۽ ان جو جواب  ترجمو ڪري  مون کي پي ٻڌايون ۽ ان جو جواب ترجمو ڪري مون کي پي ٻڌايو. ماسڪو شهر گهڻن ڊسرڪٽن ۾ ورهايل آهي. هر ڊسٽرڪٽ  ۾ ٽي اهڙيون پولي ڪلينڪون آهن، ۽ مريضن کي  داخل ڪرڻ لاءِ جدا وڏي اسپتال آهي. هتي مائيءَ ٻار ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي پندرنهن ڏينهن تائين، چيڪ اپ لاءِ ايندي آهي، هتي دوائون ۽ گوريون تمام  سٺيون آهن. ڪنهن مائيءَ ٻي جنگ  عظيم ۾ حصو ورتو آهي ته ان کي سموريون دوائون اسپتال طرفان مفت ڏنيون وينديون آهن. روس گهڻو ڪري دوائون پاڻ ٺاهيندو آهي. ويم ڪرڻ کانپوءِ عام حالت ۾ مائي  هفتو کن اسپتال ۾ رهندي آهي. پهريون سال ٻار کي مفت دوائون ڏنديون وينديون آهن. هر هڪ ڊاڪٽر کي روز پندرهن مريض ڏسڻا ويندا  آهن.  جيڪي تمام پوڙها آهن. يا هلي گهمي  ڪو نه سگهندا آهن. هتي ڊاڪٽرن کي پندرنهين ڏينهن پگهار ملندو آهي. ڊسٽرڪ يا اسپتال ۾ 1300 بسترا 40 ڊاڪٽر ۽  89 نرسون هونديون آهن.  جتي مريضن کي ڏينهن ۾ 4 دفعا مفت کاڌو ڏنو ويندو آهي.ان کانپوءِ مون ڪلينڪ گهمي ڏٺي هر شعبي ۾ جديد قسم جون مشينون ۽ ڪمپيوٽر لڳل هئا ۽  هر بيماري جي ٽيسٽ ٿي سگهي ٿي. ان مهل ڪلينڪ ۾ ڪافي مريض هئا، پر اهي ڏسڻ ۾ مريض لڳائي ڪو نه ٿي. انهن جي ڀيٽ ۾ اسين ٿي مريض لڳيونسين. اتي هڪ  مائي  دل جي مريض هئي. جنهن جي 1958ع ۾ آپريشن ٿي هئي ۽ هينئر بلڪل ٺيڪ هئي. عمر 61 سال هيس رٽائرڊ هئي ۽ هر مهيني  4000 روپيا پينشن مليس ٿي.

اُسان پوءِ ٽيڪسٽائيل فيڪٽري ڏسڻ وياسين. اتي فيڪٽري جو ڊائريڪٽر، ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڊپٽي چيف انجنيئر مليا. ڪافي پياريائون چاڪليٽ کارايائون. روسي چاڪليٽ ۽ آئيس ڪريم ڏاڍا لذيذ به آهن ۽ سستا به فيڪٽريءَ ۾ تمام نفيس قسم جي ڄاري ٺاهي ويندي آهي.هتي 1400 ڪارڪن ڪم ڪن ٿا.جن ۾ 80 سيڪڙو مايون آهن. هر ڪارڪن کي ساڍا پنج هزار جي لڳ ڀڳ پگهار ملندو آهي. هن فيڪٽري کي ٺهي، سئو سال ٿيا آهن. ۽ اها جرمن ڪميونسٽ ارنيسٽ ٽيمن جي نالي آهي. جنهن کي 1936ع ۾ جرمن فوجين قيد ڪيو ۽ 1944ع ۾ ماري ڇڏيائيون.ڪافي  پي فيڪٽريءَ جو ميوزم ڏٺو سين. ان ۾ انقلاب  کان اڳ فيڪٽري ۽ مزدورن جون تصويرون هيون. لينن ۽ ڪروپسڪايا سان گڏ  مزدورن جون تصويرون به هيون. ٽيلمن جو وڏو مجسمو رکيل هو. اندر فيڪٽري  ڏسڻ ويونسين. ان سيڪشن ۾ سڀ مايون هيون. ڪي ننڍي عمر  جون ۽ ڪي وڏي عمر جون.ٿلهيون متاريون ڳاڙهيون لڳيون پيون هيون. اسان وٽ مزدور معنيٰ ٽي- بيءَ جو مريض، سڪل سڙيل  هڏا نڪتل، پر هتي  ڳالهه ئي اور هئي. هرهڪ مائي پنجن مشينن کي آپريٽ  پي ڪيو. اسان کي به ڄاري جا رومال تحفو ڪري ڏنائون.

اتان وري بيلي ڊانس جو اسڪول ڏسڻ وياسين. اتي ٻي پاسي ويل وفد به اچي مليو. اسڪول  تمام وڏو هو. بلڊنگ به ڏاڍي خوبصورت هئي. اسڪول جي ڊائريڪٽر مائيءَ اسان جي آجيان ڪئي ۽ ٻڌايائين ته هن  اسڪول ۾ ڏهن  سالن جي عمر ۾ ٻارن کي داخل ڪيو ويندو آهي. اسڪول ۾ ڇهه سئو شاگرد داخل آهن، جيڪي روس جي مختلف حصن مان بيلي ڊانس ۾ ڊپلوما ڪرڻ آيا آهن. ڊانس سيکارڻ لاءِ ٽي سئو  استاد آهن، تعليم مفت آهي، هينئر اسڪول ۾ وئڪيشن هئي، شاگرد موڪل تي ويل هئا، پر ڪجهه شاگردن ۽ شاگردياڻين کي خاص طور گهرائي اسان کي ڊانس ڏيکاريائون. سڀ ڇوڪرا  ڇوڪريون 14 کان 16 سالن جي عمر جا هئا. هو اڇي ۽ڪاري ڊريس ۾ اسٽيج تي آيا ۽ ڊانس ڪرڻ لڳا. ٻيلي عجيب و غريب ۽ ڏکي ڊانس آهي. هنن جا جسم ائين ٿي وريا جهڙا رٻڙ هجن منجهن هڏي ته ڄڻ هئي ئي ڪا نه. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اهڙا ته حسين هئا جو عقل چرخ ٿي ويو. مون سمجهيو ته ڪنهن خوابن  جي دنيا ۾ ويٺي آهيان ۽ اهڙي سونهن ۽ نظارو پئي ڏسان. دنيا ۾ ههڙا ماڻهو به آهن. اسان جا ماڻهو ته رڳو ڏکن، مصيبتن  ۽ بيمارين لاءِ پيدا ٿيا آهن. منهنجي  پاسي ۾ ويٺل هيلن اوچتو سڏڪو ڀريو. آءُ حيران ٿي ويس، پڇيو مانس ته تو سان خير ته آهي. چوڻ لڳي ته ” هي ڊانس سڄي اسٽوري آهي. اڇن ڪپڙن واري ڇوڪري  شهزادي آهي ۽ ڇوڪرو شهزادو آهي. ڪارن ڪپڙن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون دشمنن جا ماڻهو آهن  ۽ شهزاديءَ کي شهزادي کان کسيو زوريءَ کڻيو پيا وڃن. روس جي سٺن لکندڙن  جون ڪهاڻيون، روس جا مشهور بيلي ڊانس لاءِ ڪمپوز ڪندا آهن، ڊانس ختم ٿي، ٿوري دير لاءِ خبر ئي ڪا نه ٿي پيم ته آءُ ڪٿي آهيان ۽ ڇا پئي ڏٺم ۽ ڪهڙي دنيا ۾ هيس، خير اتان سڀ ماسڪو جي مشهور هوٽل بيلگريڊ ۾ ماني کائڻ لاءِ وياسين. هوٽل تمام وڏي  ۽ خوبصورت هئي. هر ٽيبل تي طرح طرح جا جوس ۽ شراب رکيل هئا.آءُ ته رڳو سهڻا شيشا ڏسيو پئي خوش ٿيس دل ۾ چيم  ته ههڙا ٻه ٽي خالي شيشا ملي وڃن ته ڊيڪوريشن پيس ڪري ٽيبل تي رکان. ماني کائي امن مارچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڪٽوبر چوڪ روانا ٿياسين، بس ۾ اسان سان روسي ترجمان گڏ هو،  تنهن ٻڌايو ته سندس زال ڀر واري ملڪ بلغاريه گهمڻ ويل آهي ۽ پاڻ هتي اٺن سالن جي ڌيءَ  کي سنڀاليو ويٺو آهي. موڪلائڻ مهل چوڻ لڳو ته پنهنجن مڙسن کي منهنجا سلام ڏجو. رستي تي ماسڪو نديءَ وٽاسن لنگهياسين، سوين ماڻهو ڪناري تي بيٺا هئا. هتي جي دنيا اسان واري دنيا کان ڪيترو نه مختلف هئي، آڪٽوبر چوڪ تي لينن جي مجسمي جي اڳيان سڀ مايون گڏ پئي ٿيون. جتان مارچ ڪري گورڪي پارڪ وڃڻو هو. لينن جو مسمجو ٽامي جو هو. مون  ويجهو وڃي،  ان کي ڏٺو، لينن جي منهن ويجهو وڃي، ان کي ڏٺو، لينن جي منهن تي تاثرات ڏسي، دل ئي دل ۾ مجسمو ٺاهڻ واري کي سلام ڪيم، مجسمي جي اڳيان رنگ برنگي عقيدت جا گل رکيل هئا. بسون پهچنديون ويون، مايون چوڪ تي گڏ ٿينديون ويون، هر ڪنهن ملڪ جي وفد وٽ تمام وڏا بينرز هئا. اڄ سڀني ملڪن جون مايون هٿ ۾ هٿ ڏيئي، لينن جي اڳيان هڪ دفعو وري دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، هٿيارن جي ڊوڙ کي ختم  ڪرڻ، دنيا مان بک ۽ بيروزگاري، جهالت ۽  ڊپ، ذلت ۽ زيادتي، ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ لاءِ وچن ڪري رهيو هيونسين. ۽ زور زور سان پئي نعرا هنيا.Down by the river. No  more war, we want peace) هٿ هٿ ۾  ڏيئي، بين الاقوامي ترانو پئي ڳايو سين. ”اسين ضرور فتح حاصل ڪنداسين. اسان کي يقين آهي، اسين ڪامياب ٿينداسين.“ ڪن ماين جذبات ۾ اچي رنو پئي، ڪيڏو نه پرڪشش، پر عزم ۽ جاندار منظر هو، پوءِ سڀ مايون  لائينون ٺاهي، هٿ هٿ ۾ڏيئي گورڪي پارڪ ڏانهن مارچ ڪرڻ لڳيون، منهنجي ڪنن ۾ الائي ڪيتريون ٻوليون ٻڌڻ ۾ پي آيون، هڪ پاسي سچائي امن ۽ انصاف لاءِ للڪاريون ته ٻئي پاسي اسان واري وفد جي صدرورين پنهنجي حال سارو”لال ميري پت رکيو ڀلا“ پي ڳايو، رستي جي ٻنهي پاسن کان هزارين روسي مايون ۽ ٻار بيٺل هئا. جن تاڙيون پي وڄايون ۽ ماين کي گلدستا پي ڏنا. مون ڊوڙ ڊوڙ،  مارچ جا فوٽا پي ڪڍيا. قسمت وري اهڙي خراب جو رول ختم ٿي ويو، پر پوءِ هڪڙي آمريڪن صحافيءَ رول ڏنو، تڏهن ڪجهه فوٽا نڪتا، گورڪي پارڪ وٽ روسي ڪلاڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو پئي ڪيو. ڪيناڊا جي لنڊ، گٽار تي تمام تيز ڌن وڄائيندي هلي. چؤطرف نعرا ئي نعرا، گيت ئي گيت، باهمت ٻهڪندڙ، پرجوش، سانوراءَ، ڳورا، ڪڻڪ رنگا چهرا هئا. منهنجون ته وايون بتال ٿي ويون. آءُ سوچڻ لڳس ته عورتن جو هڪڙو روپ ٻار ڄڻڻ، مردن جا موچڙا کائڻ ڍورن وانگر ڪم ڪرڻ، گلا خوري ڪرڻ، ننڍين ننڍين ڳالهين تان هڪ ٻئي سان سڙڻ، رسڻ ۽ پرچڻ آهي ۽ ٻيو هي روپ  مڙسن کان وڌيڪ مڙسيءَ وارو آهي.  سچ پچ اتحاد ۾ وڏي طاقت آهي، جي هن نموني سڄي  دنيا جون عورتون هڪ ٿي وڃن ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت هن انقلابي قوت کي ختم ڪري  نٿي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com