سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  4/ 2001ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 4/ 2001ع

گلبدن جاويد

ايڊيٽوريل

’سرتيون‘ جو چوٿون شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي. پرچو ڪيئن آهي، ان لاءِ گذارش آهي ته هميشه جيان پنهنجي خيالن کان آگاهه ڪندا ته اوهان جي صلاحن جي روشنيءَ ۾ ان  کي سڌاريو وڃي.

11- سيپٽمبر 2001ع کان وٺي، ڀارتي پارليامينٽ ۾ پيش آيل واقعي تائين، صدر جنرل پرويز مشرف جنهن جرئت ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهن جي سڄيءَ دنيا ساراهه ڪئي آهي. ڀارتي ڌمڪين جي باوجود، پاڪستان صبر ۽ سهڪار جو مظاهرو ڪندي گڏيل  جانچ جي آڇ به  ڪئي آهي. پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ عالمي اتحاد سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي، جنهن کي عالمي ميڊيا طرفان به وڏي مڃتا  ملي آهي. صدر پرويز مشرف ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ  لاءِ دهشتگريءَ ۾ ملوث تنظيمن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جا اڪائونٽ بند ڪيا آهن.

نيپال جي گاديءَ واري هنڌ کٽمنڊو ۾، سارڪ ڪانفرنس جي موقعي تي، صدر جنرل پرويز مشرف جي جرئت مندانه ڊپلوميسي جي نتيجي ۾، سرحدن تي ڇڪتاڻ ۾ ڪمي آئي، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي ماڻهن محسوس ڪيو. پر صورتحال کي جيترو مثبت رخ ۾ وڃڻ گهربو هو، اوترو وڃي نه سگهي. برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر جي زور ڀرڻ جي باوجود ڀارتي اڳواڻ پاڪستان سان ڳالهين لاءِ تيار نه ٿيا. اهڙيءَ صورتحال ۾ مصري پرڏيهي وزير ڏاڍي سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته انتها پسنديءَ ۽ دهشتگرديءَ کي جيڪي ملڪ ختم ڪرڻ گهرن، تن تي  دٻاءُ وجهڻ بدران انهن جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجي حالتن کي سامهون رکندي مرحليوار قدم کڻن.

صدر جنرل پرويز مشرف جي عقلمندانه ۽ مدبرانه حڪمت عملين جي موٽ ۾ ڀارت سندس فيصلن جي آجيان ڪندي، مثبت موٽ ڏني آهي ۽ حالتن ۾ ڪشيدگي گهٽي آهي.

جنگ جو تصور ڪرڻ سان ئي پيرن هيٺيان زمين نڪريو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ عورت، جيڪا ڌيءَ، ڀيڻ،  زال ۽ ماءُ جا مقدس درجا رکي ٿي، (پوءِ سندس تعلق دنيا جي ڪهڙي به ملڪ سان هجي) سا هر ويل، هر گهڙي، پنهنجي ورَ، ٻچن ، ڀائرن، بزرگن لاءِ خوشي ۽ خوشحالي ۽ ڌرتي تي امن ۽ آشتيءَ جي گهرجائو هوندي آهي. عورت ته پنهنجن عزيزن تي سج جو ڪرڻو پوڻ به برداشت ڪندي ناهي.

اها ڪيئنم چاهيندي ته ڌرتيءَ تي بم وسن! هونئن به ڌرتي تي جيڪا به جنگ ٿئي ته ان جو وڌيڪ  شڪار عورت ٿئي ٿي، پوءِ اُها گهرو لڙائي هجي، ٻن قومن جي لڙائي هجي، يا ٻن ملڪن جي لڙائي هجي. متاثر هر لحاظ کان عورت ٿئي ٿي، ڇو ته جي سندس ور وريو ته به مٺي جي ٻچو ڪٺو  ته به مٺي.

ڀارت جي مشهور ليکڪ ۽ صحافي خوشونت سنگهه پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ”اصل ڀارت اهو ناهي جيڪو ڊش اينٽينا تي ڏيکاريو وڃي ٿو. اصل جاڏک، درد، بک ۽ بدحالي ڏسڻ سان لڱ ڪانڊارجيو وڃن.“

جنگ سواءِ  تباهي جي ٻيو ڪجهه به ناهي، ڀارت کي اُنهي صورتحال کي سامهون رکندي سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجن، ۽ جنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ذميواري آهي.

رپورٽ: گ.ج

سيد  پناهه علي شاهه  ماڊل اسڪول ۾ محفل ميلاد جي تقريب

پاڻ سڳورن ﷺ عورتن کي سندن حق ڏياريا.(مئڊم اختر صديقيي)

پاڻ سڳوراﷺ ٻارن سان پيار ڪندا هئا. (سحر امداد)

سحر امداد                        بيگم اختر صديقي

سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي ۾ 3- آڪٽوبر 2001ع تي ميلاد شريف منعقد ٿيو. هن پروگرام جي آرگنائيزر ڪميٽي جي ڪنوينر: پروفيسر سحر امداد پرنسپال سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪو سيڪريٽري/ميمبر: نسيم ميمڻ هيڊ مسٽريس سيڪنڊري سيڪشن، ميمبر: شهناز بلوچ هيڊ مسٽريس پرائمري سيڪشن، ميمبر رضيه انصاري ٽيچر ماڊل اسڪول، عزيز بانو، نصرت ابڙو ۽ ٻيون ٽيچرس هيون. اسڪول جي تاريخ ۾ هي پهريون  ڀيرو ميلاد ٿيو. هن محفل ميلاد جي خوشي اها هئي، جو پرنسپال  ( سحر امداد) پنهنجي شاعراڻي ۽ آرٽسٽڪ طبيعت مطابق اسٽيج کي ڊيڪوريٽ ڪرايو. ۽ خاص طور تي گلاب ۽  هلڪي واڱڻائي رنگ جي Combination هئي. ٽيچرس کي سفيد ۽ شاگردياڻين کي مختلف رنگن جون پوتيون  پارايون ويون، اسٽيج تي ويٺل ٽيچرس ۽ شاگردياڻيون حورن ۽ پرين جهڙو ڏيک  ڏيئي رهيون هيون،.

جڏهن ته  نعتن ۽ تقريرن جو تمام خوبصورت انتخاب ڪيو ويو، جيڪا به صلواة ڪورس جي انداز ۾ پڙهي پي وئي ان ۾ به هڪ ردم ۽  پڻ موجود هو، ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ تمام گهڻي Practice  يا ريهرسل ڪرائي وئي هجي.  جو هرشيءَ تُز ۽ Perfect نظر اچي رهي هئي.

مئڊم اختر صديقي ۽ سحر امداد محفل ميلاد کي مخاطب آهن

مطلب ته ڪميٽي جي سڀني ڪارڪنن جي اڻٿڪ محنت ۽ ذهانت جي ڪري هن سڳوري محفل هن کي فرحت ۽ دل کي سرور بخشيو. هن محفل ۾  جيڪي نعتون ۽ تقريرون پيش ٿيون انهن جو وچور  ڪجهه هيئن آهي:

سڀ کان پهرين تلاوت ڪلام جو شرف شمائله راڄڙ حاصل ڪيو، ان کانپوءِ نعت رسول مقبول ﷺپيش ڪرڻ جو شرف، فرحانه، فوزيا، جميلا، شمائلا، عزيز بانو حاصل ڪيو.

فرحانه: الاهي ڪرم ڪر اسان تي سدائين.

فوزيا: سهارادو، سهارا دو، سهارايا رسول الله ﷺ

جميلا: قرآن شريف جو حوالو ڏيندي چيو:

اي پيارا پيغمبر جيڪڏهن توکي نه خليقيان ها ته ڪجهه به نه خليقيان هان.“

سنڌو پنهور: مدينو خدا شل جيئري ڏيکاري

شمائلا نعت پڙهي.

محفل ميلاد جو  ڏيک

مين تو پنجتن کان غلام هون

تنهن کان پوءِ عزيز بانو ۽ اسٽيج تي ويٺل نعت خوانن صلواة پڙهي:

مالڪ جنت، قاصد کوثر ﷺ

عزيز بانو ميري دل مين هي ياد محمد ﷺ ميزي هونڻون په ذکر مدينه.

رضيه انصاري پيپر پڙهندي چيو: اسان جي پاڪ پيغمبر حضرت محمد ﷺ۾ اهڙيون خوبيون هيون جو دشمن به کين امين سڏيندا هئا.

ٻن ٻارڙين پرهه ۽ نازيه نعت پڙهيو.

”مٺو مٺو آهي منهنجي محمد ﷺ جو نانءُ.“

حرا راشدي پنهنجي پيپر ۾ درود شريف جي فضيلت بيان ڪئي.

محفل ميلاد ۾ شريڪ خواتين

شمائله راڄڙ تمام خوبصورت انداز ۾ عربيءَ ۾ نعت پڙهي:

موليٰ يا صلي وسلم دائمً ابدًا

اليٰ حبيبک  خيراً خلق کل مِنَ

هن محفل جي مهمان خاص  منڊم اختر صديقي تقرير ڪندي چيو ته ”پاڻ سڳورنﷺ ڀٽڪيل انسانيت کي نئين دڳ لاتو. اونداهين مان ڪڍي سئين دڳ آندو. پاڻ ڪريم  پاڻ اسلامي سماج جو بنياد عدل تي رکيائون. اسلام کان اڳي عورتن کي ڄمندي ئي زنده گور ڪري  ڇڏيندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ جن عورتن کي انهن جا حق ڏياريا. مرد توڙي عورت تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيائون. اچو ته اڄ هن ڀلاري محفل ۾ اهو عهد ڪيون ته جاهليت جي ڪُڌين رسمن کي پاڙئون پٽينداسين. جهڙوڪ ”ڪاروڪاري“ جي پاڙ پٽينديوسين. الله سائين اسان کي پاڻ سڳورن جي تعليم تي هلڻ جي سعادت نصيب ڪري.“

آخر ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر  سيد پناهه علي شاهه ۽ ماڊل اسڪول جي پرنسيپال مئڊم سحر امداد پنهنجو خطبو پيش ڪيو:

”برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اُجاريو،

لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي، ڌڻيءَ هور،

ڇوريون ڇرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور

آرياڻيءَ اَتور، جنهن ڏکيون ڏِکَ وهاريون.اسان جي پياري رسول حضرت محمد مصطفيٰ  پاڻ سڳورن جي حيات طيبه علم ۽ عمل جو حسين امتزاج آهي. پاڻ سڳورا خواتين جو احترام ڪندا هئا. ٻارن سان پيار ڪندا هئا. بيمارن جي عيادت ڪندا هئا. ضرورتمندن جي مدد ڪندا هئا. پاڻ سڳورن مومن جي صفت بيان ڪندي فرمايو ته ”مومن اهو آهي جنهن مان ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو نه هجي. ۽ هڪڙي ڀيري اهو پڻ فرمايائون ته: ”اهو مومن ڪونهي، خدا جو قسم اهو مومن ڪونهي. جنهن جي شر کان سندس پاڙي وارو محفوظ نه هجي. پاڻ سڳورن سدائين سچ ڳالهائڻ بد ڪاريءَ کان پاس ڪرڻ، بد نظريءَ کان بچڻ ۽ ظلم کان هٿ روڪڻ جي تلقين ڪئي. پاڻ سڳورن جو ارشاد آهي ته ”توهان مان سڀني کان ڪامل ايمان ان شخص جو آهي جنهن جا اخلاق سڀني کان سٺا هجن.“ سندن حياست طيبه  قرآن شريف جو عملي تفسير هئي،پاڻ سڳورن ۾ هڪ ئي وقت ايڏيون اڻ ميون ۽ اڻ ڳڻيون خوبيون ۽ صفتون موجود هيون جو ڪو به عام ماڻهو ان جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهي. فقط رب العالمين ئي انهي کي سمجهي سگهي ٿو، انسان جو علم ۽ اداراڪ ان بابت حيرت زده رهي ٿو. وما علينا الا  لبلاغ المبين..“

 مئڊم سحر جي خطبي کان پوءِ دعا گهري وئي، ۽ مهانن ۾ تبرڪ  تقسيم ڪيو ويو.

شهيد احمد خان آصف مصراڻي

قسط-1

زيب النساء بيگم

 

هيءَ روشن خيال ۽ عالي  دماغ شهزادي، هندستان جي شهنشاهه عاليجاه غازي اورنگزيب جي دختر، نيڪ اختر هئي. سندس اصل نالو زبيده بيگم هو. مگر مشهور زيب النساء جي نالي سان ٿي.سندس ٻيون به چار ڀينرون هيون  جي سڀيئي کانئس عمر ۾ ننڍيون  هيون. سندن بترتيب نالا زينب النساءَ ، زينت النساء ۽ مهر النساء بيگم هئا. شهزادي زيب النساء 10 شوال 1048 هجري مطابق 1639ع ۾ تولد ٿي هئي. شاهي دستور مطابق سندس پرورش ٿيندي رهي.کير پيارڻ لاءِ مياٻائي بطور دائي مقرر ڪيل هئي شهزادي ”ڄمندي ئي چام هئي“ سدورو ٻار پينگهي ۾ ئي پڌرو. سندس پيشانيءَ ۾ ڀلائي جا ڀير ڏسي سڀڪو پيار ڪندو هو. رئڻ ۽ راند ڪرڻ کان ته ننڍي هوندي ئي ائين پري  رهندي هئي. جيئن ”ڪانءُ رهي ڪمان کان“ سندس دائي  ”ميا ٻائي“ به نماز و ظائف جي ڏاڍي  پابند هئي. قرآن شريف جو دور ڪرڻ سندس معمول هو. زيب النساء  جڏهن ٽن سالن  جي هئي ته  وڏي غور ۽ خوض سان ويهي ميا ٻائي جو دور ٻڌندي هئي. اجايو ڪنجهڻ ڪرڪڻ، رئڻ راند ۽ ڪرڻ زيب النساء ڄاڻندي ئي نه هئي. خوبصورت به ڏاڍي هئي. سندس ٻالي ڀولي صورت ۽ سٺيون عادتون ڏسي سندس والد ماجد عالمگير گد گد پيو ٿيندو هو ۽ سمجهندو هو ته زيب النساء وڏي هوندي وڏي شهرت جي مالڪياڻي ٿيندي. زيب النساء جڏهن سوا چئن سالن جي ٿي، تڏهن ملان جيوڻ (جو شاهي خاندان جو استاد هو) وٽ کيس قرآن مجيد، فرقان حميد پڙهڻ وهاريو ويو. زيب النساء جي سالم دماغ ۽ عالي ذهن، استاد کي ڪرشمه ڏيکاريا، فقط ٽن مهينن جي قليل عرصي  ۾ قرآن شريف ختم ڪيائين. اڃا اٺن نون سالن جي عمر جي ئي مس ٿي ته قرآن شريف  حفظ به ڪري ورتائين. حافظ ٿيڻ جي تقريب ۾ سندس والد ماجد ٽيهه هزار  اشرافيون مٿانئس گهوري گهمايون ۽ وڏيون خوشيون ملهايون. ان کان پوءِ فارسي، عربي فقط حاصل  ڪرڻ لاءِ سعيد اشرف ملان جي شاگردياڻي بنايو ويو. جتان به هن علم حاصل ڪرڻ مان روح رچندو رڄ ڪيو، سندس آواز ۾ اهڙو ته ميٺاج هو، جو جڏهن قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي، تڏهن سامعين مدهوش ٿي رازو قطار هنجون هاريندا هئا. جڏهن گفتگو ڪندي هئي ته اهڙي ته مقمفيٰ  عبارت ڪم آڻيندي هئي جو گويا سندس هر گفتو شعر پيو معلوم ٿيندو هو. سندس استاد سندس گفتگو مان سمجهي پيشنگوئي ڪئي ته ”زيب النساء وڏي شاعره ٿيندي.“ استاد جو  اهو ٻول سورهن ئي آنا سچو نڪتو. پيش نگوئي جو جڏهن زيب النساء کي پتو پيو تڏهن  خود بخود  شعر چوڻ لڳي. اهو ڪتابن ۾ لکندي ويندي هئي ۽ واندڪائي جي وقت ۾ ان تي نظر ثاني ڪري اصلاح به ڪندي هئي. پارسي جو بيت آهي ته:

هران کاري که بي استاد باشد

يقين داندکه بي بنياد باشد.

زيب النساء به انهي بيت موجب ضرور سمجهندي هئي ته شعر و شاعري ۾ استاد وٺان ۽ شعر اصلاح ڪرايان، مگر انهيءَ خيال کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ حجاب  مانع ٿيندو هوس ۽ پندرنهن  ورهين  جي عمر تائين دل جو اهو شوق دل ۾ رهندو آيس.

هڪ ڏينهن سندس استاد اوچتو سندس ڪمري ۾ وارد ٿيو ۽ الماري مان اهو ئي ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳو. جنهن ۾ زيب النساء جا اشعار درج  هئا. اشعار پڙهي دل ۾ خوش ٿيو، ڇاڪاڻ ته زيب النساء جا اشعار کيس ڏاڍا پسند آيا هئا. کانئس پڇيائين ته هي اشعار تنهنجا آهن. انهيءَ سوال جو جواب زيب النساء نهايت ادب سان استاد کي ”ها“ ۾ ڏنو. سندس استاد سندس پاڪيزه طبيعت ڏسي کيس شعر جي اصلاح لاءِ ڪنهن اعليٰ شاعر جي گهرائڻ جو بندوبست  ڪري پنهنجي طبع رسا جي سمنڊ کي ميدان شعر و شاعريءَ ۾ جولان ڏياريندي  رهي. شعر ۾ تخلص مخفي (لڪل) ڪم آڻيندي هئي. سندس استاد، ڪنهن استاد شاعر جي ڳولا ۾ مشغول رهيو ۽ اهڙي اجازت زيب النساء جي والد ماجد کان به حاصل ڪيائين.

بيبي زيب النساء جا هم مجلسي ڪي شاعر:

بيبي زيب النساء جي وڌيڪ  حالات لکڻ کان اڳ هت انهن ڪن شاعرن جو احوال ڏيون ٿا جن سان زيب النساء بيگم جا وقت بوقت مشاعره معرڪا پئي ٿيا.

جڏهن زيب النساء جي شاعري جو شور چؤطرف پکڙجي ويو ۽ زماني جي واه واه سندس موزون طرح کي بلند پروازيءَ جا پر هنيا. تڏهن  سندس والد ماجد، جنهن کي زيب النساء ۾ تمام خاطري هئي ۽ سندس تعليم جو به اعليٰ انتظام ڪيو هئائين، تنهن خود اعليٰ شاعرن گهرائڻ لاءِ پنهنجي اميرن ۽ نوابن کي چيو هو. سندس ڪوشش سان اعليٰ درجي جا فارسي گو شِاعر ڪشمير  و ايران  ۽ ٻين ملڪن کان اچڻ لڳا. جهڙوڪ: مير ناصر  علي  سرهندي، صائب غني، برهمڻ، عاقل خان وغيره.

ناصر علي سرهند جو ويٺل هو، سندس پيءُ به چڱو شاعر هو. ناصر علي آزاد طبع، بلند نظم ۽ مدمغ انسان هو، خوددار ايڏو هو جو اميرن وٽ وڃڻ پنهنجي عزت جي هتڪ سمجهندو هو. هميشه پنهنجي غريباڻي جهوپڙيءَ ۾ قناعت سان گذارو ڪندو رهندو هو. ننڍي هوندي شعر چوڻ لڳو هو. ان وقت سرهند جو ناظم ذوالفقار خان هو جنهن کي شاعرن سان روح رهاڻ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، جڏهن ناصر علي جي شاعري  جي خبر پيس تڏهن پنهنجي درٻاري  شاعر ”برهمڻ“ کي موڪليائين ته وڃي ناصر علي و‎ٺي اچي. ناصر علي پهريائين ته هلڻ کان انڪار ڪيو مگر برهمڻ جو گفتگو جو قابل هو، تنهن ڪنهن ڍنگ سان ناصر علي کي نواب ذوالفقار خان جي ڪچهري ۾ آندو. مگر اڃا ناصر علي ويٺو مس ته نواب ذوالفقار خان کي ڪنهن ضروري ڪم سبب اٿي حويلي وڃڻو پيو. ناصر عليءَ کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ ڪچهريءَ مان اٿي گهر هليو آيو. نواب جڏهن موٽي آيو تڏهن ناصر عليءَ کي نه ڏسي برهمڻ کي چوڻ لڳو ته يار وڃ ناصر علي کي وٺي اچ. نه ته نه ڄاڻان هو هجو لکي مون کي ڏاڍو بدنام ڪندو.“ برهمڻ وري تڪليف ڪري ناصر علي کي وٺڻ ويو جو واقعي ان وقت نواب ذوالفقار علي تي هجو لکي رهيو هو. برهمڻ سندس هٿ کڻي روڪيو ۽ چيو  ته واه سائين نالو اٿو علي ۽ هجو ڪيو ٿا ذوالفقار جي. ناصر علي کي برهمڻ جي هي گفتگو اهڙو جو برهمڻ کي چون لڳو” يار گفتو ٻڌايو اٿئي جو لک هجنم ته لٽائي ڏيان ۽ پر هاڻي به مون کان حال آهر ڪجهه ته گهر“ برهمڻ موقعه غنيمت ڄاڻي عرض ڪيو ته” مون سان وري به درٻار ۾ هلو ۽ نواب ذوالفقار علي خان جي لاءِ هجو جي بدران مدح به لکو. ناصر علي سندس ٻئي  ڳالهيون قبول ڪيون ۽  نواب ذوالفقار علي خان جي درٻار ۾ حاصر ٿيو. نواب سندس ڏاڍي خاطر تواضع ڪئي ۽ در ماه وظيفو به مقرر ڪيائينس. آخر ڪار نواب ذوالفقار علي جي معرفت ناصر علي انهن شاعرن ۾ شمار ٿيو جن سان بيبي  زيب النساء جا مشاعره ۽ معرڪا  ٿيندا رهيا، هي بيبي زيب السناء تي عاشق هو.

صائب: صائب صاحب جو نالو محمد علي هو، هو ايران ملڪ جو رهاڪو هو. سندس شعر و شاعري جو چرچو چوطرف هلندڙ هو. نواب ذوالفقار علي خان کيس ايران مان گهرائي  پاڻ وٽ رکيو. ناصر علي ۽ صائب جي وچ ۾ ڇيڙ ڇاڙ هلي هئي.

غني: غني صاحب ڪشمير جو رهاڪو هو سندس نالو ملان طاهر هو، شيخ محسن فاني جو شاگرد رشيد هو. ڪشمير کان ٻاهر پير نه ڪڍيائين، جيتوڻيڪ عالمگير بادشاهه، ڪشمير جي حاڪم سيف خان  کي لکيو به هو مگر غني- سيف خان کي چيو ته ”بادشاهه کي لکو ته غني ديوانو ٿي پيو آهي.“ سيف خان چيس ته آءُ تو جهڙي دانا کي ديوانو ڪيئن لکان. اِهو ٻڌي انهيءَ وقت ئي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي، ديوانن جهڙو نمونو بنائي سيف خان کي  چيائين ته هاڻي لکي موڪليو. هي بيبي صاحب ڏانهن طرف تي شعر ٺاهي موڪليندو هو.

شاعر هو ۽ ڪشمير جو ويٺل هو ۽ نواب ذوالفقار علي خان جو درٻاري شاعر هو.

عاقل خان: هي صاحب ننڍو نيٽو نوجوان، عالمگير جي وزير جو پٽ هو، صورت خواه سيرت جو وڻندڙ هو. گفتگو جو ماهر ۽ حاضر جوابي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. شعر و شاعري ۾ به اعليٰ درجو رکندڙ هو. بادشاهه عالمگير راضي ٿي هنکي لاهور جو گورنر مقرر ڪيو هو. هي اهو عاقل خان آهي جنهن جي تير نظر زيب النساء کي زخمي ڪيو ۽ زيب النساء جي دام زلف ۾ پنهنجي دل جو مرغ قيد ڪرائي آخر سڄڻ تان سر قربان  ڪري ويٺو هو.

حليو ۽ سڀاءُ،

زيب و زينت جو نه هن کي هو ضرور

نام ئي جنهن جو هيو زيب النساء

ڊاڪٽر برنير صاحب، جو شهنشاهه عالمگير جي عهد حڪومت ۾ هندستان گهمڻ آيو هو، سو پنهنجي سفر نامي ۾ شهزادي جو حليه هن طرح بيان ڪري ٿو، ”سروقد، هٿ پير متوسط درجي جا، بدن سنهڙو، چهرو گول چوڏهين جي چنڊ جهڙو- ساڄي رخسار تي ٻه ڪارا تر، اکيون ڪاريون۽ وڏيون. وار ڊگهار ڏند موتين جا داڻا۽ چپ سنهڙا سهڻا-“ ميا ٻائي روايت ڪري ٿي ته بيبي زيب النساء مسي ۽ سرمه ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. لباس هميشه سفيد ۽ سادو ڪندي هئي. رنگين ۽ ريشمي لباس کان نفرت هوندي هيس، باقي ٻانهين ۽ نوڪرياڻين کي اجازت هئي ته  ڀلي لباس فاخره زيب تن ڪن. زيور ٿورا پائيندي هئي. هڪ قيمتي موتين جو هار ڪنن ۾ ڦل  ٻيو بس.

مذهبي عقيدو اهل سنت والجماعت وارن وارو هوس، اولياءَ ڪرام ۽ بزرگان دين جا نالا ادب ۽ احترام سان وٺندي هئي. چون ٿا ته  حضرت شاهه ميان مير صاحب رحمت الله عليه  کان دست بيعت به ٿيل هئي. طبيعت جي رحيم ۽ حليم هئي، خليق ۽ شفيق به ڏاڍي هئي. غصه ۽ غصب تي غالب هوندي هئي. نوڪرياڻين سان  سهڻي  سلوڪ  سان هلندي هئي. مشاعره وقت ڪڏهن ڪڏهن شاعر گستا خانه شعر چوندا هئا تڏهن به ڪنهن تي غصو نه آندائين. بيبي صاحبه وڏي عالم دوست هئي. عالمن ۽ شاعرن کي پنهنجي طرفان انعام اڪرام ڏيندي هئي. خوشنويسن ۽ ڪاتبن کي مالا مال ڪندي هئي جي کيس ڪتابن جا نسخا لکي ڏيندا هئا. سندس عرض ڪرڻ تي بادشاهه ڪشميره ڪتابت جو دفتر قائم ڪيو هو جتان نوان نوان ڪتاب نقل ٿي زيب النساء کي پچهندا هئا، انهيءَ دفتر جو انتظام ملان محمد شفيع  الدين جي سپرد هو نماز جي پابند هئي روزانو قرآن شريف جو دور ڪندي هئي. ٻين ڪتابن جو مطالع به  ضروري ڪندي هئي. ديوان حافظ سان دلچسپي هيس، سخياڻي  به اهڙي هئي جو پنهنجي خرچ سان هر سال ڪيترن غريبن کي حج تي روانو ڪندي هئي. يتيمن، بيواهن، رنن زالن جي به پرورش ڪندي هئي. شعر وشاعري ته سندس خاص مشغله هو. پنهنجو پاڻ کي نهايت گهٽ ڄاڻندي هئي، جيئن چوي ٿي،

دختر شاهه و ليکڪن رو به فقر آورداه امزيب  وزينت بس همينم نام من زيب النسا است 

يعني آءُ آهيان ڌي بادشاهه جي مگر فقيري سان دل اٿم زيب زينت کي ڇا ڪنديس بس منهنجو نالو ئي زيب النسا آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com