سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 4/ 2001ع

مضمون --

صفحو :3

يعني ته مسافر مهمان سرائي گهڻائي هڪ  رات هوندا، مگر  ٻي رات هوندائي ڪو نه. (ڪوچ  ڪري ويا هوندا) ميوو به پڪو ته شاخ ۾ نه بيهندو جي هڪ رات ڏسبو ته ٻي  رات نه ڏسبو.

نعمت خان عالي

هلال عيد چون ابروئي آن دلبر نمي ماند

اگر ماند شب ديگر نمي ماند

معنيٰ عيد جو چنڊ پهرين رات کڻي محبوب جي ڀرون جهڙو هجي، مگر ٻي رات نه هوندو.

مشاعره (2)

زيب النساء بيگم

برفگن از شمع رويت اي مہ خوبان نقاب

تا بصد منت نهد پرپائي تو سر آفتاب

در فراقت زندگاني چون کنم يارب به بس

غم قوي محنت فزون دل ناتوان جا نم خراب

کامراني گر کني مخفي نمائي عمر خويش

گريه بيحد، ناله بيحد، سينه بريان، دل ڪباب،

مير ناصر علي

بسکه حنست ريخت درپيمانئه حيرت شراب

چون شفق برروء گردون مانند نور آفتاب

پر دل ريشم نمک از خنده پاشيدن چرا

مرغ آتش خواره درآتش نخواهد شد ڪباب

پرده هائي ديد خواهم از ميان برداشتن

مٿيان شعر پڙهو ۽ پروڙيو، اوهان کي پوريءَ پر پتو  پوندو، ته بيبي زيب النساء پنهنجي هم عصر شعراغ ڪرام ۾ بيشڪ نشانبر هئي.

 

(هلندڙ)

نصير مرزا

پورٽريٽ آف لينڊي

خورشيد بيگم آف ڀٽ شاهه

هيءُ مان هئس جو سنڌ جي نامور لوڪ فنڪارا ۽ ٿيئيٽر آرٽسٽ خورشيد بيگم آف ڀٽ شاهه واريءَ کي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ کولڻ تي... ۽ هُن جي وري رڙو رڙ پئي پيئي..... ڇڏ مرزا ڇڏ...! مٽِي وجهه ماضيءَ تي...... هاڻي پيريءَ ۾ ڪهڙا ويهي پراڻا دفتر کوليان ۽ ڪهڙا ويهي گهاو اُکيليان؟

ڇو امان......؟ ڇو ٿي لڪائين....؟ اڄ ته صاف صاف  چئي ڏي.... ۽ خورشيد بيگم ڀٽ شاهه واريءَ جي ڀرسان ويٺل سرائيڪي ڪافين جهڙي سانوري رنگت واري، هن جي نياڻيءَ ’نغمہ ناز‘ ڀڙڪو کاڌو: چئي ڏي امان ته تون ڪا اهڙي تهڙي نه! مير..... جي نڪاح ٻڌي زال آهين ۽ تون جي کڻي ڀلا ٿيئيٽر جي آرٽسٽ رهي آهين ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ مان ته ميراڻي آهيان، ميراڻي! يعني نغمه ناز ٽالپر  آف ميرواهه گورچاڻي. اعليٰ نسب ۽ تخم بالا..... ۽ خورشيد بيگم ڀٽ شاهه واري، جنهن ريڊيو حيدرآباد تان ڪڏهن هيءُ مزاحيه لوڪ گيت رڪارڊ ڪرايو هو:” ڀت به پٽڙو، چاڪ به ناهيان.“

اُها ٻارن جي جهنجهڻي جهڙو ٽهڪ ڏيئي کلي پئي هئي ۽ لال بازار وارين مخصوص ماين وانگر نڪ کي موڙو ڏيندي ۽ هٿ ڇنڊيندي چيائين: ”آئي هاڻي ماٺ ڪر.... تخم بالا ۽ اعليٰ نسب جي ڌيءَ.... ۽ تخم....؟ چيائين: ذات پنهنجي ملاح....... ۽ باقي اهو نالو خورشيد بيگم ريڊيو ۾ آڊيشن وقت پير اسحاق جان سرهندي رکيو. ڏئي حيدر.....! (۽ اهو ئي ’ڏئي حيدر‘وري مردن جهڙي کڙي تڙي آواز واري هن ڪوئل رنگ گائڪا خورشيد بيگم جو تڪيو ڪلام هو.) چيم: چڱو ڀلا، هاڻي رڳو ايترو ٻڌايو ته ڪٿي ۽ ڪهڙي ٿيئيٽر  ۾ هيروئن جو پارٽ ڪندي، مير صاحب آف ميرواهه گورچاڻي اوهان تي اڪن ڇڪن هو!

نٽ کٽ نغمه ناز، جنهن ماءُ جو ڦڪڙا اڃا آڳهرو مون اڳيان ڦاڙيو هو، چيائين:”آئي ڳنڍ کڻي کول امان.....! صاحب منٿون  پيو ڪريئي......! اچانڪ خورشيد بيگم آف ڀٽ شاهه، ڀٽائيءَ جي باغ ۾ بيٺل املتاس جي پيلن گلن جهڙا ٽهڪ ڇاڻيا ۽ شرمائيندي چيو: صاحب! هاڻي پنجونجاهه ورهين جي ڄمار ۾، وچ بازار ۾ بيهي ڪهڙو ڦورو  ڦوهلجي؟ ڪهڙيون ويهي عزت ماب مير صاحب جون رسواريون ڪريان؟ بس ايترو لکي ڇڏ ته منهنجي پنجن ٻارڙن جو پيءُ، وڏو زميندار هو. ٽالپر خاندان هو. ’ڏئي حيدر!‘

ڀلا ننڍپڻ ۽ جواني ديواني ڪٿي گذاريو؟ چيائين: اکيون کوليم ته ڀٽائي بادشاهه جي درگاهه اکين اڳيان هئي. جواني ٿيئيٽرن جي بلي هئي ڪڏهن سکر ته ڪڏهن ملتان، ڪڏهن ٺٽي ۾، ته ڪڏهن کارو ڇاڻ.... چيم: جتي ڪٿي مداح ته هزارين ٽڪرايا هوندا؟ پاڻ  کي بابا...... هن اکين تي قسم کڻڻ وانگر هٿ رکندي چيو.... مولا بڇڙائي کان پاڻ کي بچايو آهي. جتي ڪٿي!’ڏئي حيدر!‘

چيم: ٿيئيٽرن جا ڪي نالا جن ۾ اوهان پارٽ ڪيو!....... ابا وڏي سروس آهي پنهنجي، خورشيد بيگم پن جي ٻيڙي دکائيندي چيو......... ’سنڌ‘’پنجاب‘، ’سرحد‘.... بس سڄو پاڪستان پيرن هيٺيان سمجهه..... ڪئي ڪردار ۽ گهڻائي ٿيئيٽر هئا، مثال طور:’حيدري ٿيئيٽر‘، ميان، فرزند  وارو لڪي سرڪس‘، ناٽڪ ليليٰ مجنونءَ ۾ آئون ليليٰ ٿيس.’هير رانجها‘ ۾ ’هير‘ ٿيس.....سهڻي ميهار ۾ سهڻيءَ جو پارٽ ڪيم. سلطانه ڊاڪوءَ ۾ سلطانه...... ان وقت سئنيما ٻهراڙين ۾ هئا ڪو نه.... ڳوٺ ڳوٺ ۾ پيا اهي کيل تماشا ڪبا هئا، ميلن ملاکڙن ۾ به منڊلي  ٻاونجاهه کيل پيا هلندا هئا، گهڻائي پاپڙ ويليو ويٺي آهيان صاحب! هاڻي ته، زمانا ٿيا اهو ڪم، ڇڏي ڏنو ئي ٿئون!

ڀلا ان زماني جي ڪن ٻين  همعصر هيروئنن جو احوال ڏيو؟

ڪئي هيون: ’زرينه پاڪستاني‘....’نور بانو‘..... شميم آرا‘’حور بانو‘ (پنجاب واري)‘ ’مس ڪٽاري‘ .....’بلو‘......ڪي ته انهن مان اڃا برابر کڙيون تڙيون آهن.باقي هڪ اڌ واقعي ڪا مري کپي به ويئي آهي. اهڙين گذاري ويئلن مان زيب عاقلي صاحب جي نياڻي’نجمه شاهين‘ به آهي، جنهن فلم ’جيجل ماءُ‘ ۾ ڪم به ڪيو هو.

ڀلا هي جو ريڊيو تي اوهان جا مشهور گيت آهن، ’پائلي‘.....”ڪاٿي ڪونج، ڪاٿي ٻچا، ڪاٿي گل ڪوماڻا“....... ”ڀت به پٽڙو چاڪ به ناهيان.......“ ’هڏڪي‘ وغيره. اهي لکيا ڪنهن؟

لکياسين پاڻ، ٻيو ڪير لکندو صاحب! ڏئي حيدر!

اڙي هان.....اهي سڀ توهان پاڻ.........؟ مطلب ته بذات خود......؟ چيائين: مطلب صاف پيو آهي ته، سنڌي سماج لوڪ گيتن جي هيرن جواهرن سان ڀريو پيو آهي. ڪا سِٽ ڪٿان، ڪا سٽ ڪٿان! مالها تيار! مون وٽ ته گنج ڀريا پيا آهن. جهاتي اندر ۾ پائيندي ته.....مرزا مان سمنڊ آهيان لوڪ گيتن جو..........! وري منهنجو عشق به اٿئي لوڪ گيتن سان..... سڄو ڏينهن پنهنجي خيال سان..... ڳنڍ ٽوپ ڪندي، سٽون جوڙيندي ويندي آهيان. پٽڙو ارشد، ڏهون مهينو پيٽ ۾ هو جو رلڪا ٺاهيندي، ’پائلي لوڪ گيت جوڙيم ۽ ريڊيو تي وڃي رڪارڊ  ڪرايو هئم. اجهو رات، نئون ڪلام جوڙيو اٿم:

سوني سڳي وارا

روڊ بلاڪ آ.

هارلاڏل جو مان

لاڙؤن آڻايان

ناسي وڳي وارا

روڊ بلاڪ آ.

ارشد پٽڙو........ پيٽ ۾ هو ته ’پائلي‘ گيت لکيو هئم. هاڻي جواڻ آهي. ڀلو مستري آهي. ٺاهوڪو جوان ٿيو آهي ته، اُن تي وري سهرو ٺاهيو اٿم:

ارشد پائي آيو،

چرلو ستار تي

هيري جواهر تي....

خورشيد بيگم، جيڪا هاڻي ملنگ مولائي عورت بنجي ويئي آهي، پڇيو مانس: ٿيئيٽرن واري دورن ۾ ته چؤطرف اوهان جي بلي بلي هوندي هئي. هي ريڊيو وارن کي ڪٿان لڳا، اوهان؟ چيائين، ريڊيو تي مون کي کنيو قادر بخش ملاح...... مون واري ٽالپر صاحب جو پڳ مٽ يار هو. پر ريڊيو ۾ اچڻ جو به هڪ وڏو قصو آهي.... چيم ته، پوءِ اُهو به کولي ٻڌايو نه! چيائين: ايوب واري مارشل لا به پوءِ آئي. آئون ان کان اڳ ٽالپر  صاحب سان پرڻي هئس. سندس نڪاح ٻڌي ٿيس ته  مير صاحب ٿيئيٽرن ۾ فنڪاري بند ڪرائي. فنڪاري جو بند ٿي ته پاڻ ته صاحب ٿي پياسين بيمار!

ٽالپر صاحب جو ڏٺو ته وڃي پئي هٿن مان، سومرندي.....جهرندي...لاچار..... قادر بخش ملاح سان ڳالهه چوريائين...... ملاح صاحب چيو: ”ڳالهه به بس ايتري!“ ڀاڀيءَ کي وٺي آءُ ته ريڊيو ۾ ٿو کڻانس.... پوءِ پهريون گيت رڪارڊ ٿيو:” ايڏا نه ڪر ناز، جاني! ايڏا نه ڪر ناز، ماريل آ تنهنجي انداز......“ ته بس بلي بلي ٿي وئي. پوءِ ’پائلي‘ رڪارڊ ٿيو.”پاڻي ڀريندي مون کي آئي هڏڪي“.پوءِ لاليلم لالڻ جو مان لاڙئون آڻايان..... هيرو موتي جڙايان. ڀرت ڀريندي مون کي آئي هڏڪي...... اهو گيت، عابده پروين واري ور غلام حسين شيخ رڪارڊ ڪيو ۽ ان جي وچ وچ ۾ ’هڏڪي‘ ريڊيو جي ڊائريڪٽر سڪندر بلوچ ڏني هئي. ڏئي حيدر!

سنڌ کي ايڏا مشهور ڪلام اوهان جو ڏنا ته ڪهڙو قدر ٿيو اوهان جو؟

”قدر....... نه ٿيو صاحب! جو ٻيو ته ٺهيو، ڀٽ شاهه جي پڙ ۾ ويٺا آهيون، پر ميلي جي سرڪاري محفل ۾ڳائڻ لاءِ ڪو نه گهرائين. دل تي ان پڙ ۾ ڳائڻ لاءِ گهڻو ئي ٿي چوي، پر ماڻهوجو نٿا چاهين! اسان ته بابلا! ڀٽائيءَ جا غلام آهيون......  هن ته ڪتا به نوازي ڇڏيا آهن...... سو ادا اڙي! ميلي ۾ گهرائڻ لاءِ وڃي ڪنهن کي منٿ ڪريون....... اهو دل نٿي مڃي. حقدار آهيون، سروس به وڏي آهي. سڃاڻن به سڀ ٿا. پر اکيون پوريو ويٺا آهن.... ڏسو صاحب! فنڪار آهي مائيڪ سان....... مائيڪ کان پري؟ معنيٰ ڇٽو. مُئل، وسري ويل!“

”هاڻي ڏسو فوزيه سومرو ۽ تاج مستانيءَ کي سپورٽ ملي ته چڙهي ويون نه؟ پاڻ هيڏا ڀلا ڀلا ڪلام ڳايا پر اُتي. بدنصيبي اهڙي جو پاڙي جو ميڙو به ڪو نه ملي ڳائڻ لاءِ! ڇا هي جو، طبيعت اهڙي آهي جو چاپلوسي پڄي ڪو نه پاڻ کان. پير کي کڻندا آهن خليفه...... ۽ پاڻ خليفا رکون ئي ڪو نه. ڏئي حيدر!“

ڀلا ڀٽائيءَ  سان ڪا شڪايت؟ خورشيد بيگم ٻئي هٿ ڪنن تي رکيا.”توبهه صاحب! ڀٽائي سان شڪايت! هر گز نه! هن ته نوازي ڇڏيو آهي. مون نڀاڳيءَ کي. پي پي پي دور ۾ پنج سال ڪائونسلر رهي آهيان ڀٽ شاهه جي........ طمع مان ڄاڻون ڪو نه. رب گهڻوئي  ڏيئي ڇڏيو آهي. ڀٽ شاهه ۾ ريلوي ٽيشڻ جيڏو ته منهنجو گهر آهي، ڏوهٽن پوٽن جو به ولر اٿم. گنج آهي.“

چيم، ڪو دلچسپ واقعو! ڪا مزي جهڙي ڳالهه......؟ چيائين:” ميلو هو نوراني سرڪار جو...... جيئي شاهه جبل ۾ شاهه...... نوراني نور، هر بلا دور، دود ڪا دود، پاني ڪا پاني، جيئي شاهه نوراني......“ بنا فل اسٽاپ جي، خورشيد بيگم پنهنجي رنگ ۾ روان هئي، چيائين اُتي ميلي ۾ وڏو وزير عبدالله شاهه چادر چاڙهڻ آيو هو. ڀرسان ويٺل هئاسين......  ڪنهن ڪن ۾ سُس پُس ڪيم: آئي! صاحب کي درخواست ڏي. چيم، باهه ڏيئي ساڙ درخواست کي. عبدالله شاهه کي ڇو ڏيان؟ درخواست ڏينديس ته پنهنجي نوراني سرڪار کي....... هنن کي ڏئي ڇا ڪنديس؟ ڇا ملندو هنن کان! ڏئي حيدر!

چيم: بس، باقي هڪڙو سوال........ چيائين ڀلي پڇو. چيم: ٽيشڻ جيڏي گهر ۾ ٻارن جو ولر سنڀاليندي، ڪنهن گهڙيءَ مرحوم مير صاحب جي ياد ڪڏهن ايندي اٿو؟ بس ان سوال تي خورشيد بيگم آف ڀٽ شاهه ڪي گهڙيون ته ڪڇي ئي ڪانه.........پوءِ ٿورو ترسي، کليل  دريءَ ڏانهن نهاريائين ۽ لطيف سرڪار جي گنبذ جيڏو ٿڏو شوڪارو ڀري، چپ ٿي ويئي ۽ مون ڏانهن خالي خالي نگاهن سان ڏسندي ئي رهي.....۽ بس ان موڙ تي گفتگوءَ جو سلسلو به جهڙوڪر پنهنجو پاڻ پڄاڻيءَ کي پهچي ويو ۽ مون به کڻي ماٺ ڪئي جو اُن کان پوءِ هن کان ڪجهه پڇڻ آکڻ جي همٿ مون ۾ به ڪٿي هئي؟ ۽ سچي ڳالهه آهي ته خورشيد بيگم وٽ مير صاحب جي ياد ۾ گونگن ڳوڙهن ڳاڙڻ ۽ مون کي ٻڌائڻ لاءِ هاڻي وڌيڪ ڪجهه بچيو به ته ڪو نه هو. سو بس انهي ڊگهي چپ تي هيءَ گفتو به جهڙو ڪر ختم ٿي ويئي: پنهنجو پاڻ.........!

(خورشيد بيگم تازو 5- محرم الحرام 1421ع تي وفات ڪئي، کيس ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪيو ويو.)
[”خيمي ۾ شام“ تان ورتل]

راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل

ڪنهن زماني ۾ ڪاٺيا واڙ جي گرنار قلعي ۾، هڪ مشهور راجا، راءِ ڏياچ جي نالي سان رهندو هو. هڪ ڏينهن سندس ڀيڻ ڪنهن نجوميءَ وٽ پٽ لاءِ دعا ڪرائڻ وئي ۽ چيائينس ته:”خدا کان دعا گهر ته مون کي پٽ ٿئي.“ نجوميءَ دعا گهري چيائينس:” سانئڻ! توکي ڌڻي پٽ ته ڏيندو، پر راءِ ڏياچ جو سر هن جي هٿان ويندو.” شهزاديءَ کان رڙ نڪري وئي ۽ نجوميءَ کي چيائين ته ‎:”شال مون کي اهڙو پٽ نه ٿئي، جو منهنجو ڀاءُ جو خوني ٿئي!، نجوميءَ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو ته: .جيڪي مون ٻڌايو، اهو اوس ٿيندو.“ ڀلا نجوميءَ جو قول ڪيئن ٿو ٽري؟ هڪ سال اندر شهزاديءَ کي پٽ ڄائو. ڀاءُ جي سر جي بچاءُ سانگي راڻيءَ پنهنجي ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري سنڌو نديءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته پاڻيءَ جا جانور ڳڙڪائي ڇڏيندس. مگر ڪنهن به واڳونءَ جي اک پيتيءَ تي نه چڙهي ۽ پيتي هن وڏي مهراڻ ۾ سلامتيءَ سان ترندي اچي اجمير پهتي. جتي انيراءِ جهڙي وڏي راجا راڄ ٿي  ڪيو.

جڏهن  نجوميءَ کي ٻار سان ڪيل ويڌن جي سڌ پئي ، تڏهن هو راجا انيراءِ جي ملڪ ويو ۽ ڪنهن جن چارڻ کي وڃي اها پيتي ڏسيائين. ٻئي زال مڙس پيتي درياءَ مان گهلي ڪڍي ويا ۽ وڃي کولي ڏٺائون. مائي جڏهن ڏٺو ته پيتي اندر سهڻو پٽ پيو آهي، تڏهن خوشيءَ وچان رڙ نڪري ويس ۽ ٻار کي پيتيءَ مان ڪڍي پنهنجو پٽيلو ڪري نپائڻ لڳي. چارڻ جي زال چيو ته :” جيتوڻيڪ هي هينئر ننڍڙو آهي، مگر  ڪنهن ڏينهن وڌي وڏو ٿيندو ۽ اسان کي اسان جي محنت ۽ نپائڻ جو عيوضو ڏيندو.“ مڙس به اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ٻار کي کڻي گهر آيا ۽ نالو ٻيجل رکيائونس. ٻار جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو ته هن کي پنهنجا گڏهه گهوڙا چارڻ لاءِ ڏنائون. ٻيجل روزانو انهن کي جهنگ ۾ چارڻ لاءِ ڪاهي ويندو هو ۽ واٽ تان ويندي چارڻ سرندي تي اهڙي ته مٺو ڳائيندو هو جو هرڻ بيهي هن جو ساز سڻندا هئا. هڪ ڏينهن ٻيجل اهڙِ هنڌ اچي پهتو، جتي ڪن شڪارين هرڻ جو شڪار ڪيو هو. انهن هرڻ کي انهيءَ هنڌ بچائي کائي ان جا آنڊا وڻ جي ٻن ٽارين تي اڇلي ڇڏيا هئا. آنڊن ۾ اهڙو اسرار هو جو جڏهن ڏکڻ جو واءُ ٿي لڳو ته انهن مان هڪ اهڙو آواز ٿي نڪتو جو هرڻ ۽ ٻيا جهنگلي جانور انهيءَ سريلي آواز کي ٻڌڻ خاطر ان وڻ ويجهو ڪنڌ نمائي اچي وهندا هئا. جڏهن ٻيجل اهو آواز ٻڌو ۽ ان سڄي راز جي خبر پيس، تڏهن مئل هرڻ جا آنڊا کڻي پنهنجي سرندي ۾ وجهي، ڪمان ڪڍي ويهي وڄائڻ لڳو. جهنگلي هرڻ ته اڳيئي انهن پراسرار آنڊن جي سريلي آواز تي اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا، مگر هاڻي ته پکي به آسمان تان لهي اچي ولر ڪري ويٺا، جيستائين هن جو راڳ جاري رهندو هو، تيستائين هن کان پري نه ٿيندا هئا. اهڙيءَ طرح هو هنن جانورن کي پنهنجي ساز سان ڪاهيندو جهوپڙي ۾ وٺي ايندو هو ۽ کين جيڪو به هرڻ کائڻ لاءِ کپندو هو سو جهلي وٺندا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻيجل سرندو بند ڪندو هو ته هڪدم پکي آسمان ڏانهن  اڏامي ويندا هئا ۽ جانور پنهنجي غارن ۽ ٻيلن ۾ موٽي ويندا هئا. چارڻ پنهنجي گوديلي پٽ جي حرفت ۽ هوشياريءَ تي بيحد خوش هو. هن دل ۾ سوچيو ته سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا  هرڻ اسان کان ڦاسندو هو ته پاڻ کي خوش نصيب سمجهندا هئاسين،  مگر هي نينگر ته جنهن مهل وڻي جهلي ٿو اچي. هي سچ پچ هڪ سوغات آهي، جا قدرت اسان کي ڏني آهي. ٻيجل جي راڳ ۽ سرندي جي هاڪ پکڙجندي وئي، تان جو چارڻ بنا ڪنهن وقت جي  هن لاءِ  هڪ سهڻي ڪنوار هٿ ڪري ڏني. جنهن سان هن ڳچ وقت خوشيءَ جو گذاريو.

جنهن وقت ٻيجل ڄائو، ان ساڳئي وقت راجا انيراءَ کي اڳي ئي سَٺ ڌيئر هيون، سو هن  ڌيءُ ڄمڻ تي هن کي ايڏي ڪاوڙ لڳي جو ٻارڙيءَ کي پتيءَ ۾ وجهي سون جي ٿيلهي پاسي کان رکي، پيتيءَ کي سنڌو نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. پيتي درياءَ ۾ لڙهندي اچي هڪ ڳوٺ ۾ نڪتي، جو راءِ ڏياچ جي هٿ هيٺ هو ۽ جتي رتن ڪنڀر رهندو هو، ڪنڀر اها پيتي  ڏسي ورتي ۽ پاڻيءَ مان ڪڍي  ٻاهر ڪيائين. صندوق مان ننڍڙيءَ کي ڪڍي گهر کڻي ويو ۽ سورٺ نالو رکيائينس. جيتوڻيڪ رتنو، راءِ ڏياچ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، مگر راجا انيراءِ جو لاڏلو هوندو هو ۽ هميشه هن جي دريا ٻار ۾ حاضري ڀريندو هو.

هڪ ڏينهن  رتني، راجا کان ٻن مهينن جي موڪل وٺي پنهنجي ڳوٺ ويو، جتي هن جا ڏينهن تمام مزي ۽ خوشيءَ ۾ گذريا، ايتري قدر جو چار مهينا گذري ويس، ان کانپوءِ، هن کي پٺيان جي يادگيري پئي ۽ هاڻي موٽڻ جو سانباهو ڪيائين. سندس زال کيس چيو ته: ”منهنجا سائين! راجا توهان کي ڪڏهن به انهيءَ موڪل کان وڌيڪ ترسڻ جي ڏوهه لاءِ معاف نه ڪندو ۽ مان سمجهان ٿي ته توهان موت جي منهن ۾ ٿا وڃو.“ مگر رتني جواب ڏنو ته:” ڪجهه به ٿئي، مان ضرور ويندس. مون هڪڙو ڏوهه ڪيو آهي، ٻيو ڏوهه نه ڪرڻ گهرجي.“

راجا انيراءِ، رتني جي  ٻن مهينن کانپوءِ موٽي نه اچڻ تي سخت ناراض ويٺو هو ۽ پنهنجي دربانن کي چئي ڇڏيو هئائين ته جڏهن رتنو درٻار ۾ اچي ۽ مون وٽان ٿي موٽِي ته هن کي هڪدم ماري ڇڏجو. جيئن رتنو راجا انيراءِ جي محلات ۾ پهتو ته ان جي دربانن هن کي سلام نه ڪيو ۽ نه وري هميشه وانگر عزت سان هن کان گهوڙو ورتائون. رتنو محلات ۾ داخل ٿي راجا جي حضور ۾ پهتو، مگر راجا کي رتني جرئت سان چيو ته :”اي راجا! توهان ڇو اهڙي طرح مون کان منهن موڙيو آهي؟“بادشاهه غصي مان جواب ڏنو ته : ” تو  وعدو ڪيو هو ته ٻن مهينن ۾ موٽي ايندس ۽ تون چار مهينا رهي آيو آهين؟” رتني وراڻي ڏني ته: ”راجا! انهيءَ کان اڳ جو مون کي ڏوهي ٺهرايو، منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌو.“ راجا ڪاوڙ مان چيو ته: .ڀلا ٻڌاءِ تو کي ڇا چوڻو آهي؟“ رتني عرض ڪيو ته: ”اي سائين! مون کي وڏي ڌيءَ آهي، ،مان ان لاءِ ور جي ڳولا ۾ آهيان، ۽ اڃان  ڪامياب نه ٿيو آهيان.“ تنهن تي راجا چيس ته: ڇو نه مون سان هن کي پرڻائين.“ رتنو اهڙو ته خوش ٿيو جو هڪدم رضا مند ٿي راجا جي گهوڙي تي سوار ٿي سورٺ کي،جيڪا ڇوڪري هن سنڌو درياءَ مان لڌي هئي، وٺي اچڻ لاءِ روانو ٿيو. هن جي اڳيان شاهي دربانن جو دستو سوار ٿيو جو دُهل شرنايون زور سان وڄائيندا هليا، جو سارو آسمان گونججي رهيو هو. جڏهن هي ٽولي راجا راءِ ڏياچ جي سرحد تي پهتي ته رتني، انيراءِ جي دربانن کي چيو ته پٺتي موٽو.” جيڪڏهن توهان ائين سوار ٿي هليا ۽ دهل وڄائيندا رهيا ته راجا ڏياچ سمجهندو ته توهان هن تي ڪاهه ڪرڻ آيا آهيو.“ انهي ڪري دريان پٺتي موٽي ويا ۽ رتنو اڪيلو پنهنجي سر گهر ويو ۽ سورٺ جي شادي راجا انيراءِ سان طئه ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ ڏياٽين جو سرگس گهٽين مان گهمايائون. ان وقت راجا ڏياچ گرنار قلعي پنهنجي محلات جي هڪ دريءَ وٽ ويٺو هو ۽ جڏهن هن ڏياٽين جو اهو سرگس ڏٺو، ته پنهنجي نوڪر کي انهيءَ سرگس جي سبب معلوم ڪري اچڻ لاءِ موڪليو. نوڪر خبر آندي ته رتنو پنهنجي ڌيءَ جي شادي، راجا انيراءِ سان ڪري رهيو آهي. راجا رتني کي سڏائڻ جو حڪم ڏنو. نوڪر رتني کي وٺي آيا. راجا پڇيس ته: ”تو پنهنجي ڌيءَ مون کي ڇو نه ڏني؟“ تنهن تي رتني وراني ڏني ته: ”مان غريب  ۽ توهان راجا! مون کي اهو خيال ڪيئن اچي ته توهان منهنجي نياڻي قبول ڪندا. راجا ڪجهه دير ويچار ڪرڻ کانپوءِ چيو ته: ”بس هاڻي هوءَ منهنجي زال ٿيندي. مان راجا انيراءِ کي سمجهي رهندس.“ اهي لفظ چئي، هن پنهنجا چوبدار موڪيا ته سورٺ کي وٺي آڻي محلات ۾ حاضر ڪن.

ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن راجا انيراءِ کي خبر پئي ته راجا ڏياچ، سورٺ کي کڻائي ويو آهي، تڏهن وڏو لشڪر ڪٺو ڪري گرنار قلعي تي حملو ڪيائين. مگر جڏهن هن قلعي تي گهيرو ڪرڻ چاهيو ته ڪامياب نه ٿي سگهيو. ڇا ڪاڻ ته توبون قلعي جي اوچين ديوارن جي مٿان وڃي نه سگهيون ۽ گهڻي  نقصان سهڻ کانپوءِ دل شڪستو ٿي اجمير موٽيو. مگر هن جي دل ۾ راجا ڏياچ جي خلاف  غصي جي باهه جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڀڙڪي رهي هئي. هن پنهنجا قيمتي جواهر ٿالهه ۾ وجهي پنهنجي هڪ ٻانهي کي ڏنا ته سڄي شهر ۾ گهمائي ۽ اعلان ڪري ته هي جواهرن جو ٿالهه انهيءَ کي ملندو، جيڪو راجا ڏياچ جو سر اجمير ۾ آڻي ڏيندو.

جڏهن اُهو  چارڻ جي ڳوٺ ۾ پهتو ته ان وقت سندس زال اُهو هيرن جو ٿالهه ٻانهي کان وٺي،  پاڻ وٽ رکيو، جڏهن ٻيجل گهر آيو ۽ زال جي انهيءَ عمل جي خبر پيس ته ڏاڍي ڪاوڙ لڳس ۽  چيائين ته: ”بدبخت، تو هي ٿالهه ڇو وٺي رکيو؟“ تو مون کي هڪ اهڙي جوکائتي ڪم تي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي، جو جيڪڏهن نه ٿو وڃان ته راجا انيراءِ جا ماڻهو اچي اسان کي ماري ويندا ۽ اسان جي ڳوٺ کي ڦري ناس ڪري ڇڏيندا.“

ائين چوڻ کانپوءِ ٻيجل پنهنجو سرندو کنيو ۽ ان کي اڇين ڪوڏين جي لڙهه ۾ ٻڌائين. ان کانپوءِ  اڇي پوشاڪ پهري پيادو گرنار ڏانهن راهي ٿيو، جڏهن شاهي قلعي جي ويجهو پهتو تڏهن ڌڻيءَ کان دعا گهريائين ته:”اي مالڪ  منهنجي هي دعا قبول ڪر ته مان راجا راءِ  ڏياچ کي پنهنجي ساز سان اهڙو ته موهيان، جهڙو مان پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو جانورن ۽ پکين کي موهيندو آهيان!“ پوءِ ته هن اهڙي سوز مان اهو سرندو وڄايو جو شهر جا ماڻهو ڊوڙندا ٻاهر گهٽين ۾ نڪتا ۽ هن کي خيرات آڇڻ لڳا. مگر هي ڪجهه نه پيو وٺي ۽ ساري رات سرندو وڄائيندو رهيو. شهر جا ماڻهو هن جو پاسو وٺي ويهي رهيا، ڇو ته هنن جي اکين ۾ ننڊ تيسين ڪا نه آئي. جيسين ٻيجل تنبور جي تارن کي گز پئي هنئين.

ٻئي ڏينهن  صبح جو، هن حيرت جهڙي فقير جي خبر راجا ڏياچ جي ڪن تي پهتي. شام جو راجا، ٻيجل لاءِ هڪ پالڪي موڪلي ۽ حڪم ڪيو ته سندس محلات ۾ اچي. راءِ ڏياچ بيخود ٿي، هن کي  پنهنجي ملڪ مان، سندس پسند مطابق ڪنهن به ڳوٺ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، مگر هن ڌوڻي انڪار ڪيو. جڏهن صبح ٿيو،  تڌهن ٻيجل شهر جي ٻاهر وڻ هيٺان وڃي ڪي گهڙيون آرامي ٿيو. وري راجا، انهيءَ شام جو رراجا راءِ ڏياچ هن کي سڏايو، ڇو ته  ڏياچ به هن ڇوڪري جي ڦندم اهڙو ڦاٿو هو، جهڙو جهنگ جي جانورن ۽ پکين کي ڦاسائي وٺي بيرحميءَ سان ختم ڪندو هو.

اُها رات ۽ ٻيون ٽي راتيون لڳاتار راجا ڏياچ موهت ٿي انهيءَ طلسمي ساز کي پئي ٻڌو، آخر چيائين:”مڱڻهار، گهر، جيڪي گهرڻو اٿي ئي ۽ مان توکي سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ انهيءَ جواب لاءِ ٻيجل اڳ ۾ ئي رٿ رٿي هئي، سو صدا هڻندي چيائين: ”اي راجا، منهنجي گهر فقط تنهنجو سِر آهي.“ راجا ڇوڪري جي ڄار ۾ اهڙو ڦاٿو هو جو هن جو پاڻ ڇڏائڻ هاڻي محال هو. هن ٻيجل کي پنهنجا قيمتي ويس وڳا، پنهنجا محلات، پنهنجا گهوڙا وهٽ، پنهنجا خزانا وغيره سڀ آڇيا، پر ٻيجل رڳو  نه ڪار ۾ ڪنڌ پئي ڌوڻيو ۽ پنهنجو سرندو کڻي وڄائيندو ٿي رهيو. جيئن ئي هن ساز راجا جي ڪنن تي گهرو پوندو ٿي ويو ته سندس دل ٻڏڻ ٿي لڳي. ٻيجل کي يقين هو ته راجا سندس راڳ جي ڦندي مان ڇٽي ڪو نه سگهندو ۽ هاڻي هن ۾ اها جرئت ڪا نه رهي هئي جو ٻيجل کي نااميد ڪري. ڇوڪرو مڱڻهار محلات ۾ تڪي پيو ۽ هر روز شام جو بي پرواهيءَ سان بادشاهه جي ڪمري ۾ داخل ٿي، بنان چوڻ جي پاڻمرادو ساز ڇيڙيندو هو. آخر ڪار راجا چيس ته:”اي  ٻيجل، منهنجو سر تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندو؟ مون کي اهڙي شيءَ انعام ڏيندي شرم ٿو اچي. منهنجو خزانو وٺ وڃي موج مزا ڪر.“  پر ٻيجل ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو ته: ”مون کان دان پڇيو اٿو، جو مون توهان کي ٻڌايو آهي. توهان هاڻي پنهنجو وچن ڪئين نه پاڙيندا. آخر زندگي عزت کانسواءِ  ڪهڙي  ڪم جي؟ انهيءَ ڪري  پنهنجو وچن پاڙيو، ان ۾ ئي  توهان جو نالو هميشه قائم رهندو ۽ جيڪڏهن قول نه پاڙيندا ته پوءِ ڀل کڻي حياتي ڪجهه سال بقاء ڪري، پر توهان جو مان ۽ شان ته هينئر ئي ختم ٿي ويندو.“ راجا  کي جواب سمجهه ۾ ئي نه آيو. ڇاڪاڻ ته ٻيجل جي ساز هن جي عقل ۽ سمجهه ۾ ئي نه آيو، ڇا  ڪاڻ ته ٻيجل جي ساز  هن جي عقل ۽ سمجهه تي پردا وجهي ڇڏيا هئا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن پکين ۽ جانورن کي موهت ٿي ڪيائين.راجا بيوس ٿي هن کي ٻڌندو رهيو. ۽ٻيجل هن جي ڀر ۾ بيهي پنهنجي جادوءَ جو ڄار راجا کي مضبوطي سان ويڙهيندو ٿي ويو.

 آخرڪار راجا ڏياچ  راڻيءَ سورٺ کي چيو ته ٻيجل مان هن جي جند آزاد ڪري. راڻيءَ ٻيجل لاءِ  پالڪي موڪلي ۽ راجا وانگر هن به ٻيجل کي اُچا وڳا ويس، هيرا جواهر ۽ هاٿي آڇيا. مگر ٻيجل هڪ به نه مڃي ۽ چيائين ته ”راجا مون کي وچن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ کي پورو نه ڪيائين ته راجا نه رهندو.“

جڏهن ڏياچ کي خبر پئي ته سورٺ ٻيجل کي مڃائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آهي، تڌهن هن پنهنجي ماءُ راڻي خاتونءَ وٽ ويو ۽ چيائينس ته ”هاڻي مان ڇا  ڪريان؟ جيڪڏهن هن کي پنهنجو سر ٿو ڏيان ته توکي، پنهنجي راڻين کي، بادشاهت ۽ شان شوڪت کي ڇڏڻو پوندم. پر جيڪڏهن ائين نه ڪيم ته هو مون کي وچن پوري نه ڪرڻ جا  طعنا ڏيندو ۽ هن قسم کنيو آهي ته ساري دنيا ۾ منهنجي خواريءَ جي خبر پوندي. راڻي خاتوءَ جواب ڏنو ته: ”منهنجا پٽ! آخر حياتي ڇا لاءِ آهي؟ اها هڪ خسيس شيءِ آهي ۽ ڪنهن کي  خبر ناهي ته اها ڪيترو هلندي. تو کي اهڙو اٻهرو وچن نه ڪرڻ کپندو هو. پر جنهن صورت ۾ هاڻي ڪري ويٺيو آهين ته پوءِ توکي اهو پورو ڪرڻو پوندو ته جيئن تنهنجو نالو هميشه لاءِ قائم  رهي.“ راجا غمگين ٿي پنهنجي ڪمري ۾ موٽي ويو، اُنهيءَ شام جو ٻيجل آيو ۽ اچي سرندو وڄايائين. راجا نااميديءَ ۾ اُٿيو ۽ پنهنجي تلوار کي ڪڍي هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي سسي لاهي رکيائين. ٻيجل سسي کڻي، پنهنجي سرندي کي ڪڇ ۾ ڪري، اجمير ڏانهن راهي ٿيو، جتي راجا انيراءِ رهندو هو.

ٻيجل جي ڪارنامي جي خبر سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي پهچي چڪي هئي، سو جڏهن راجا انيراءِکي خبر پئي ته هو اجمير کي ويجهو پهتو آهي، تڏهن پنهنجي ماڻهن کي موڪليائين ته هن کي ماري سندس ملڪ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين، ۽ پوءِ رڪو ڪري چيائين ته  ”جيڪڏهن جي سڀني کان مٿانهون جو راجا راءِ ڏياچ به هن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو، جيڪڏهن آءُ هن کي اجمير ۾ اچڻ جي اجازت ڏيندس ته مون کي به ماري ڇڏيندو. ۽ پوءِ راجا انيراءِ جي سپاهين ٻيجل کي پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍي ڇڏيو، هن کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ٻيهر ملڪ ۾ موٽي آيو ته کيس جان کان جدا ڪيو ويندو.

آخر ٻيجل پنهنجي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجي زال کي ساڻ ڪري موٽي گرنار روزانو ٿيو، هو جيئن ئي شهر جي ويجهو ويو، ته هن ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ڏٺو، جيڪي شهر جي ٻاهر اچي گڏ ٿيا هئا. پڇا تي معلوم ٿيس ته راجا ڏياچ جي زال سورٺ ڏاگهه ٿي چڙهي سستي ٿي ٿئي. هن  اهو نظارو پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن ڏٺو ته سورٺ هڪ وڏي چکيا تي چڙهي، جا هن لاءِ تيار ڪرائي وئي هئي. ان کانپوءِ راڻي خاتو به سندس پاسي چڙهي بيٺي ۽ ٻنهي راڻين پنهنجي ماڻهن کي چکيا کي ٻارڻ لاءِ چيو. ٻيجل کي سخت پيشمانيءَ اچي گهيرو ڪري. هن ڏٺو ته سندس ئي ڪري راجا ڏياچ جي گهر تي ڪيڏي نه مصيبت اچي ويئي ۽ پوءِ جيئن باهه جا اُلا مٿي اڏاڻا، هي ڌوڪيندو ويو ۽ وڃي پاڻ کي باهه ۾ اڇلايائين. هيءُ حال ڏسي ٻيجل جي زال سمجهيو ته راجا انيراءِ جي جواهرن واري ٿالهه وٺڻ ڪري هن کي پنهنجي مڙس کي موت جي منهن ۾ ڏنو هو. ان ڪري سخت ارمان ٿيس ۽ درد وچان هن به پاڻ کي باهه جي اُلن ۾ کڻي اُڇليو.

اليکڪڻ: ڪنڪيڊ/ خديجه خانم دائود پوٽو سنڌ جون لوڪ آکاڻيون کان ورتل!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com