سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 4/ 2001ع

مضمون --

صفحو :2

ڊاڪٽر برنير صاحب، جو شهنشاهه عالمگير جي عهد حڪومت ۾ هندستان گهمڻ آيو هو، سو پنهنجي سفر نامي ۾ شهزادي جو حليه هن طرح بيان ڪري ٿو، ”سروقد، هٿ پير متوسط درجي جا، بدن سنهڙو، چهرو گول چوڏهين جي چنڊ جهڙو- ساڄي رخسار تي ٻه ڪارا تر، اکيون ڪاريون۽ وڏيون. وار ڊگهار ڏند موتين جا داڻا۽ چپ سنهڙا سهڻا-“ ميا ٻائي روايت ڪري ٿي ته بيبي زيب النساء مسي ۽ سرمه ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. لباس هميشه سفيد ۽ سادو ڪندي هئي. رنگين ۽ ريشمي لباس کان نفرت هوندي هيس، باقي ٻانهين ۽ نوڪرياڻين کي اجازت هئي ته  ڀلي لباس فاخره زيب تن ڪن. زيور ٿورا پائيندي هئي. هڪ قيمتي موتين جو هار ڪنن ۾ ڦل  ٻيو بس.

مذهبي عقيدو اهل سنت والجماعت وارن وارو هوس، اولياءَ ڪرام ۽ بزرگان دين جا نالا ادب ۽ احترام سان وٺندي هئي. چون ٿا ته  حضرت شاهه ميان مير صاحب رحمت الله عليه  کان دست بيعت به ٿيل هئي. طبيعت جي رحيم ۽ حليم هئي، خليق ۽ شفيق به ڏاڍي هئي. غصه ۽ غصب تي غالب هوندي هئي. نوڪرياڻين سان  سهڻي  سلوڪ  سان هلندي هئي. مشاعره وقت ڪڏهن ڪڏهن شاعر گستا خانه شعر چوندا هئا تڏهن به ڪنهن تي غصو نه آندائين. بيبي صاحبه وڏي عالم دوست هئي. عالمن ۽ شاعرن کي پنهنجي طرفان انعام اڪرام ڏيندي هئي. خوشنويسن ۽ ڪاتبن کي مالا مال ڪندي هئي جي کيس ڪتابن جا نسخا لکي ڏيندا هئا. سندس عرض ڪرڻ تي بادشاهه ڪشميره ڪتابت جو دفتر قائم ڪيو هو جتان نوان نوان ڪتاب نقل ٿي زيب النساء کي پچهندا هئا، انهيءَ دفتر جو انتظام ملان محمد شفيع  الدين جي سپرد هو نماز جي پابند هئي روزانو قرآن شريف جو دور ڪندي هئي. ٻين ڪتابن جو مطالع به  ضروري ڪندي هئي. ديوان حافظ سان دلچسپي هيس، سخياڻي  به اهڙي هئي جو پنهنجي خرچ سان هر سال ڪيترن غريبن کي حج تي روانو ڪندي هئي. يتيمن، بيواهن، رنن زالن جي به پرورش ڪندي هئي. شعر وشاعري ته سندس خاص مشغله هو. پنهنجو پاڻ کي نهايت گهٽ ڄاڻندي هئي، جيئن چوي ٿي،

دختر شاهه و ليکڪن رو به فقر آورداه امزيب  وزينت بس همينم نام من زيب النسا است 

يعني آءُ آهيان ڌي بادشاهه جي مگر فقيري سان دل اٿم زيب زينت کي ڇا ڪنديس بس منهنجو نالو ئي زيب النسا آهي.

حاضر جوابي

خدا تعاليٰ بيبي زيب النساء کي حاضر جوابيءَ جي اهڙي ڏات ڏني هئي جو، مخالف جا ٺپ ئي ٺاري ڇڏيندي هئي. هت اهڙا چند لطيفا ڏجن ٿا. جن جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ مان بيبي صاحبه جي حاضر جوابيءَ جو پورو پتو پئجي سگهندو.

(1) هڪ دفعو زيب النساء طرح ڏني ته ”ازهم نمي سودز حلاوت جدا  لبم“ يعني منهنجو لبن تان مٺاڻ نٿو لهي. اِها طرح جڏهن ٻين شاعرن سان گڏ ناصر علي سرهندي وٽ پهتي، جو دل ۾ زيب النساء کي چاهيندڙ به هو تنهن هڪ ڪاغذ تي لکي موڪليو ته:

”ازهم نمي شودز حلاوت جدا لبم

شايدرسيد برلب زيب النساء لبم.“

چپن تان مٺاڻ نٿو لهي. شايد منهنجا چپ زيب النساء جي چپن سان مليا آهن. ڪيڏو نه گستاخانه جواب هو. بيبي صاحبه جي اِهو شعر والد ماجد کي ڏيکاري ته وڏو ممڻ مچي وڃي ها. مگر غصه کي روڪيندي تحمل کان ڪم وٺندي ناصر علي ڏانهن فقط هي  جواب لکي موڪليائين ته:

ناصر علي بنام علي برده پناه،

وانه بذوالفقار علي سربريد مت.“

يعني ته اي ناصر علي، توکي علي جي نالي تي پناه  ڏجي ٿي، نه ته علي جي تلوار سان تنهنجو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي ها. ڪهڙو نه عمدو ۽ سيکت  ڏيندڙ جواب هو.

(2) هڪ  بي بها آئينو جو  چين جي  فغفور، شهنشاهه هند شاهجهان کي بطور تحفه ڏنو  هو، اهو آئينه اورنگزيب عالمگير پنهنجي دختر نيڪ اختر زيب النساء  کي ڏنو هو. هڪ  ڏينهن اوچتو ٻانهي روشن ناز هٿان ڪري ڀڄي پيو. آئينه ڀڄڻ تي روشن جي واتان نڪتو ته ”ازقضا آئينه چيني شڪست“ قضا کان چين وارو آئينو ڀڄي پيو. اتي زيب النساء بيٺي هئي جنهن يڪدم چيو ته ”خوب شد اسباب خود بيني شڪست“ چڱو ٿيو جو ”پاڻ کي ڏسڻ جو سامان ڀڳو.“

(3) جڏهن لاهور ۾ چؤبر جي باغ تيار ٿي ويو، تڏهن افتتاح جي خوشيءَ ۾ جشن ملهايو ويو، انهيءَ جلسه ۾ پري پري کان مهمان آيا، انهي جلسي جي انتظام جي خاص نظرداري بيبي زيب النساء جي سپرد هئي. بيبي صاحبه جو چوڻ هو ته جنهن کي جاءِ کپي ته مون کي هڪ دم مطلع ڪري. لاهور جو گورنر عاقل خان جو زيب النساء تي دل و جان سان مفتون هو ته هن ذو معنيٰ مصرع لکي موڪليو هو:

”سنبوسئه بيسن مي خواهم“ظاهري مطلب اهو هو ته سنبوسن (کائڻ جي  شيءِ) جي خواهش اٿم، مگر خاص مطلب هي هو ته س= ٽي بوسه= چميون يعني ٽن چمين جي خواهش اٿم. جيئن ته ”رموز عاشقان عاشق بداند“ زيب النساء سندس مطلب تاڙي وئي تنهن وري جواب ۾ لکي موڪليس ته ”از مطبخ مادر طلب“ جنهن جو ظاهري مطلب هو ته اسان جي  بورچي خانه تان گهرائي وٺو. مگر اندروني طرح عاقل خان کي دندان شڪست جواب هو ته” ماءُ کان وڃي وٺ“ اهو جواب پڙهي عاقل خان جا ٺپ ئي ٺري ويا.

(4) هڪ دفعي باغ ۾ گهمڻ وئي باد صبا مرجهايل گلن کي تازو ڪري رهي هئي، بلبل جي باتين ۽ قمري جي لاتين عجب چهچٽو مچايو هو. پاڻي جون نهرون گلشن جي لطف کي دوبالا ڪري رهيون هيون،  اهڙي وڻندڙ موسم ۾ بيبي مدهوش ٿي شعر چوڻ لڳي ته:

چهار چيز ز دل غم لبرد کدام چهار

شرراب و سبزه آب رواند وروئي نگار.

ترجمو: چار شيون دل جو غم گهٽائن ٿيون

ڪهڙيون چار، شراب  ساوڪ، وهندڙ پاڻي ۽ دوست جو منهن. شعر چوندي رهندي کيس اها سڌ ئي نه رهي ته ڪو سندس والد ماجد اچي رهيو آهي. خبر تڏهن پيس جڏهن شهنشاهه عالمگير اچي مٿان بيٺس. پيءَ کي اوچتو ڏسي يڪدم شعر  مٽائي چوڻ لڳي ته:

چهار چيزز دل غم برد کدام چهار

نماز روزه تسبيح و تو به استغفار.

يعني چار شيون دل جو غم  گهٽائن ٿيون، ڪهڙيون چار؟ نماز، روزه، تسبيح ۽ توبه استغفار پڙهڻ. اهڙي في البديہ  جواب  کان شهنشاهه نهايت خورسند ٿيو.

(5) هڪ دفعي هڪ حسين مہ جبين بازيگرياڻي بانس جي لڪڙي چڙهي تماشوڪري رهي. هئي. شعرائي ڪرام موجود هئا، هڪ شاعر بازيگرياڻي جي تعريف  ۾ لب ڪشائي ڪندي شعر موزون ڪيو:

ابن العبت  بوالعجب چو ماهي پيدا است

يا تازه گلي بر سر شاخ رعنا است.

ترجمو: هيءَ عجب جهڙي گڏي آهي يا چنڊ پيدا ٿيو آهي يا  ڪنهن شاخ  تي ڄڻ تازو گل پيدا ٿيو آهي. جڏهن بيبي زيب النساء ٻڌو تڏهن چوڻ لڳي ته:

نه نه غلط است کان آفتاب محشر

برنيزه بر آمد قيامت برپا است.

يعني ته نه نه هي محشر جو سج آهي جو نيزي  پابند آيو آهي ۽ قيامت برپا ٿيندي.

(6) هڪ ڀيري شروع ۾ عاقل خان لکي موڪليس ته:

ترا اي مه جبين بي پرده ديدن آرزو دارم

 جمالت هائي هنست رارسيدن آرزو دارم.

مطلب هو ته اي سهڻا توکي بنا نقاب ڏسڻ چاهيان ٿو، تنهنجي حسن و جمال جو نظارو ڪرڻ گهران ٿو. بيبي صاحبه لکي موڪليس ته ميان جي:

بلبل از گل بگز گر در چمن بيند مرا

بت پرستي کي کند گربر همن بيند مرا

همچو بوپنهان شدم در برگ گل مانند گل

هرکه ديدن ميل دارد در سخن بيند مرا

غرض ته بيبي صاحبه حاضر جوابي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، هڪ ايراني شهزادو جو زيب النساء جو خواستگار به هو ان فرد پڙهيو ته:

مقرر ڪردن ام در دل ازين درگہ نه خواهم رفت سر اينجا، سجده اينجا، بندگي اينجا، قرار اينجا.

يعني مون پنهنجي دل ۾ پڪو پہ ڪيو آهي  ته هي در ڇڏي نه وڃبو سر به هتي (ڏبو) عبادت ۽ سجدي جو هنڌ  به هي آهي ته قرار به هت آهي بيگم صاحب هي جواب موڪليس:

چه آسان ديده زاهد، طريق عشقبازي را،

تپ اينجا، آتش اينجا، اخگر اينجا، شعله نار اينجا .

ترجمو: اي درويش ڇا تو عشقبازي کي آسان سمجهيو آهي تپ به هت به باهه ته هت ۽ ٽانڊا به هت نه اُلو به هٿ اٿئي به هت اٿئي، اها ته ٿي سندس حاضر جوابي.

پر بيبي صاحبه  تضمين ملائڻ ۾ به دنگ ڪري ڇڏيندي هئي، مشاعره ۾ طرح  ملي ته ”صبا راشرم مي آيد بروئي گل نگہ کردن“ يعني صبا کي گل ڏانهن نهاريندي شرم ٿي آيو. زيب النساء ڏسو ته ڪهڙي نه سهڻي نموني طرح ملائي. چي:

صبارا شرم مي آيد بروهي گل نگہ کردن که رحمت غجچه را وا کرد نتوانست تہ کردن

سبحان الله!

ڪنهن مصرع طرح ڏنو”در ابلق کسي کم ديد موجود“ چٽڪمرا موتي گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، بيبي صاحب چيو ته:

در  ابلق کسي کم ديد موجود

مگر اشک بتان سرمہ آلود

يعني چٽڪمرا موتي گهٽ موجود هوندا آهن. پر حسينن جا سرمي گڏيل ڳوڙها انهن جهڙا هوندا آهن.

”آتش حسرت زهجرت در دل بلبل گرفت،

 جي دل کي قابو ڪيو. انهيءَ تي بيبي صاحبه هيٺين تضمين  ملائي:

”آتش حسرت ز هجرت در دل بلبل گرفت“

 در چمن جفايش همدمي باگل گرفت“

چمن ۾ جفا جي خار گل کي قابو نه ڪيو آهي. هڪ بادشاهه طرح ڏني ته دليران را دلبري بعد مردن بيشتر، باشد، يعني دليرن جي دليري ته مرڻ کانپوءِ به زياده ٿئي ٿي، گهڻن شاعرن هن سان تضمين ملائي مگر جڏهن بيبي  زيب النساء جي ملايل تضمين بادشاهه پڙهي، تڏهن بيخود ٿي واه واه سبحان الله ڪرڻ لڳو، بيبي  زيب النساء هيئن طرح ملائي هئي:

 دليران را دليري بعد مردن بيشتر باشد

که چرم گرگ و شير افنگن پس از مردن سپر باشد.

 ترجمو: دليرن جي دليري مرڻ کانپوءِ  وڌيڪ ٿئي ٿي ڪيئن؟ بگهڙ ۽ شينهن جي دلير آهن. مرڻ کانپوءِ انهن جو چم به سپر ٿي تلوار کي روڪي ٿو، مطب ته بيبي صاحبه کي شعر و سخن ۽ حاضر جوابي ۾ خدا جي خاص ڏنل ڏات هئي.

جيتوڻيڪ اهڙا معرڪا ۽ مشاعرا روزانو ٿيندا هئا مگر پرده داري جي رسم دائم قائم هئي. ايتري قدر جو ننڍي عمر وارن نينگرن کان به پردو ڪندي هئي.

 

مشاعره

مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته بيبي صاحب جا جدا جدا شاعرن سان  مشاعرا ٿيندا هئا يا بيبي صاحبه طرح ڏيندي هئي يا ڪو ٻيو شاعر طرح موڪليندو، پوءِ  انهيءَ تي سڀڪو پنهنجو شعر ٺاهي پڙهندو هو. اهڙا ڪئين مشاعرا ٿي چڪا هئا. اسان  هت ٻن مشاعرن جو انتخاب پيش ڪريون ٿا. پڙهندڙ پڙهي بيبي زيب النساء جي شعر و سخن بابت پنهنجي راِءِ مقرر ڪري سگهن ٿا.

(1)طرح هئي ته: اگرماند شب ماند شب ديگر نمي ماند. انهيءَ طرح تي جدا جدا شاعرن جيڪي شعر چيا تن مان ڪجهه هي آهن.

زيب النساء

حجاب نو عرو سان در پر شوهر نمي ماند،

اگر ماند شب ماند شب ديگر نمي ماند،

مريض عشق او بسياسر بربستر نمي ماند،

اگر ماند شب ماند شب ديگر نمي ماند.

مطلب: نيون پرڻيل زالون پنهنجي مڙسن سان حجاب جي ڪنديون ته به پهرين رات- مگر ٻي رات نه هوندو عشق جا مريض به بستري هڪ رات هوندا. مگر ٻي رات نه هوندا (مري ويندا)

مرزا محمد علي صائب.

 مہ دو هفته هر گز بارخ دلبر نمي ماند،

اگر ماند شب ماند شب ديگر نمي ماند،

به بين بيمار الفت راکه بربستر نمي ماند،

اگر ماند شب ماند شب ديگر نمي ماند،

معنيٰ شعر جي هيءَ آهي ته چوڏهين جو چنڊ دلبر جي رخ جهڙو نه هوندو جي هوندو ته ته به هڪ رات، ٻي رات اهڙو نه ڏسبو. بره جو بيمار به هڪ رات بستري هوندو، ٻي رات نه هوندو.

ناصر علي

مسافر در سرائه ڪاروان اکثر نمي ماند

اگر ماند شب ماند  شب ديگر نمي ماند

چون ميوه پخته شد برشاخ هائه تر نمي ماند

اگر ماند شب ماند شب ديگر نمي ماند

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com