سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 3/ 2002ع

مضمون --

صفحو :8

منع ڪيل شين جو ذڪر ڇڏ ڇو جو  منهنجي ضمير جي عدالت مون تي منصفاڻا حڪم جاري ڪندي آهي، جيڪڏهن مان بيگناهه هونديس ته اها مون کي سزا کان بچائيندي ۽ جيڪڏهن ڏوهي هونديس ته ثواب کان محروم ڪري ڇڏيندي، ڏس محبت جو جلوس وڃي رهيو آهي، ۽ جواني خوشيءَ جا دهل و‎‎ڄائي رهي آهي، مون کي نه جهل پري وڃڻ ڏي ڇو جو رستي ۾ گلاب جا گل وڇايل آهن ۽ فضا مشڪ جي خوشبوءَ سان واسيل آهي. دولت جي ڪهاڻي ۽ عظمت جا قصا نه ٻڌاءِ، ڇاڪاڻ جو منهنجو نفس پنهنجي قناعت جي ڪري بي نياز ۽ ديوتائن جي عظمت ۽ بزرگيءَ جي پوڄا ۾ مگن آهي ۽ سياست جي ڳالهين ۽ اقتدار جي خبرن چارن ٻڌائڻ کان مون کي معافي ڏي، ڇو جو، ساري ڌرتي منهنجو وطن ۽ سڀ انسان منهنجا  هم وطني آهن.

شبانه سنڌي

لمحا درد ڀريا

 

 

ٿورو پاڻي ڏيندؤ منهنجي ننڍڙي کي اُڃ لڳي آهي. ريلوي اسٽيشن تي ڪنول جي ننڍڙي کي اُڃ ستايو ته هوءَ، ٿورو پري بينچ تي ويٺل هڪ شخص کان پاڻي گهرڻ هلي آئي. اهو شخص پٺيرو ويٺل هو ۽ اخبار پڙهي رهيو هو. ڀرسان ننڍڙو ڪولر رکيو هيس. هن جي آواز تي اُن شخص پنهنجو  ڪنڌ ڦيري هوڏانهن ڏٺو ته ڪنول کان ڇرڪ نڪري ويو.

سامهون وارو شخص ڪو ٻيو نه پر هن جي ڀاڄائيءَ جو عظيم ئي هو.

”ڪنول تون......؟!“ هُو حيران ٿي ويو، هن کي ائين اوچتو پنهنجي آڏو ڏسي.

”ننڍڙو روئي رهيو آهي، اُڃ لڳي اٿس. مون کي ٿورو پاڻي گهرجي.“ ڪنول ڪولر ڏانهن ڏسندي چيو.

”کوڙ پاڻي“ هن هڪدم ڪولر جو ڍَڪُ لاهي اُن مان پاڻي ڪڍي هن ڏانهن وڌايو. ننڍڙو روئي رهيو هو، ڪنول پاڻي پياريس ته چپ ٿي ويو. ۽ پوءِ هن کي مهرباني چونديءَ هوءَ پنهنجي جاءِ ڏانهن موٽي وئي. ٿورو پرتي ئي زمين تي هن جو ٿيلهو رکيو هو.

عظيم اُهو سمجهيو ته مڙسهس شايد ٽڪيٽون وٺڻ ويو آهي ۽ اِجهو موٽندو، پر جڏهن چڱي دير ٿي ويئي ۽ هوءَ اُتي اڪيلي ئي بيٺي رهي ته هو پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ ڪنول جي ڀرسان اچي بيٺو.

”سلمان ڪٿي آهي؟“ پُڇا ڪيائينس.

”هُن کي ڪم هو  ان ڪري مان اڪيلي ئي وڃي رهي آهيان. امان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي.“ ڪنول جواب ڏنو.

”تو کي ڏکيائي نه ٿيندي؟!“ عظيم، زمين تي پيل ٿيلهي ڏي نهاريندي چيو.

”نه- مان هري ويئي آهيان.“ ڪنول مختصر جواب ڏنو.

”ٽرين اڃان ليٽ آهي. بيهي ٿڪجي پوندينءَ. هُن بينچ تي هلي ويهه.“

”نه- مان هتي صحيح آهيان.“

”منهنجو چوڻ ڪر، هتي بيهڻ کان بهتر آهي ته هُتي هلي ويهه.“ جواب جو انتظار ڪرڻ بنائي هُن سندس ٿيلهو کنيو ۽ اڳتي وڌي ويو  ته مجبوراً هن کي به سندس پٺيان اچڻو ئي پيو.

بينچ تي ويهندي ڪنول پنهنجي ننڍڙي ڏانهن نهاريو ته ننڊ اچڻ سبب اُن جون اکيون پورجي رهيون هيون.

”ننڍڙي کي ننڊ پئي اچي. سولو ڪري بينچ تي سمهارينس.“  عظيم، ننڍڙي ڏانهن نهاريندي چيو.

”ها...... توهان بيٺا ڇو آهيو، ويهي رهو، نه- مان ننڍڙي کي پاڻ وٽ ئي سمهاريان ٿي.“

”نه بس- مان ائين ئي صحيح آهيان.“ هُو بيٺو رهيو.

”ائين صحيح ڪونهي، پليز ويهي رهو.“ ڪنول آسپاس موجود ماڻهن تي هڪ نظر وجهندي چيو.

۽ هُو، پنهنجو ٿيلهو ۽ ڪولر هيٺ رکي ويهي ٿو رهي.

 ”توهان ته ٻاهرئين ملڪ هليا ويا هيو نه- واپس ڪڏهن آيو؟!“ ننڍڙي کي پنهنجي ڪڇ ۾ سولو ڪري سمهاريندي ڪنول پُڇيس.

”مهينو ٿيو آهي جو موٽيو آهيان. امان ٺيڪ نٿي رهي اُن زور ڀريو ته هليو آيس. نه ته، ٻه چار سال ٻيا به لڳي وڃن ها.“

”پنج سال ته ٿي ويا هوندا توهان کي اُتي رهندي.“ ڪنول چيو.

”نه- ست پورا اُتي رهيو آهيان.“

”شادي ڪئي اَٿوَ؟“

”ڪريان ها ته خبر پئجي وڃي ها. اديءَ جي گهر ڪو نه ويندي آهين ڇا؟!“

”سلمان ۽ ادا وڏي جي پاڻ ۾ ناراضگي هلي رهي آهي. ان ڪري مان ادا وڏي جي گهر ڪو نه ويندي آهيان.“

”نالو ڇا رکيو اٿئي ننڍڙي جو .“ هُو پڇي ويٺو.

”وجدان علي“ ٻڌائيس ٿي.

”سُٺو نالو آهي. پر تو نه رکيو هوندس. توهان جي خاندان ۾ نالا مردن جي مرضيءَ تي رکيا ويندا آهن. عورتن کي اهو اختيار نه ڏنو ويندو آهي. ها نه- ائين ئي آهي نه ؟!“

 ”نه ائين ڪونهي. وجدان علي مون ئي رکيو اٿمانس. وقت سان گڏ ڪي تبديليون به ته اچي وينديون آهن. سڀ ڪجهه ساڳيو ته به رهندو آهي.“

”ها- وقت سان گڏ سڀ ڪجهه بدلجي ويندو آهي. نه بلجندو آهي ته فقط پيار. نه بدلجي سگهندو آهي ته صرف محبت. اُها پوءِ به ساڳي رهندي آهي. سال ڇا ڀلي صديون ڇو نه گذري وڃن.“ عظيم، سرد آهه ڀريندي چيو.

ڪنول، ڪجهه نه چيو. ماٺ ڪيو ويٺي رهي.

”ڇا تون پنهنجي هن زندگيءَ مان مطمئن آهين. خوش آهين تون؟!“ عظيم، بي اختيار پُڇي ويٺو.

”ها- مان بيحد خوش آهيان. خدا تعاليٰ مون کي اولاد جهڙي نعمت سان نوازيو آهي. وفادار مڙس مليو آهي. زندگيءَ سُٺي گذري رهي آهي. مان تمام گهڻي خوش آهيان.“ خوشيءَ جو اظهار ڪندي به هوءَ ڏکيري ٿي وئي ته عظيم جي دل ۾ ڪنڊو چُڀي ويو.

”سروس به ڪندي آهين ڇا؟“ پنهنجي دل جو درد لڪائي پڇيائين.

”نه-ڇڏي ڏنم گهڻو اڳ ۾. ٻارن ۽ سلمان کي ٽائيم ڏيان، گهر سنڀاليان يا سروس ڪريان ها“

”پاڻ ڇڏيئي يا ڇڏرائي ويئي؟!“ عظيم جي ائين چوڻ تي هوءَ ڇرڪي پئي ۽ پوءِ پاڻ سنڀاليندي چيائين ته،”مون پاڻ ئي ڇڏي ڏني. ڪنهن مجبور نه ڪيو هو.“ ائين چوندي نظرون هيٺ ڪري ڇڏيائين.”آئس ڪريم وٺي اَچان. کائيندينءَ؟!“

”نه، مون آئسڪريم کائڻ ڇڏي ڏني آهي.“

”ڇو، اڳ ته ڏاڍي شوق سان کائيندي هئينءَ. نه وٺي ڏيندو هو مانءِ ته ڪيئن نه ڪاوڙجي ويندي هئينءِ.“

”ڪي ڪي شيون وقت تي وڻنديون آهن وقت گذرڻ سان اُهي ئي شيون به نه وڻنديون آهن.“ هوءَ اُداس ٿي وئي.

”ڀلا لوڊو راند ڪندي آهين اڃا؟!“

”نه، ڇو جو راند کيڏڻ وارا ساٿي ئي نه رهيا آهن.“

”انهن کي ياد ڪندي آهين؟!“

”ها، ڪڏهن جي گذري ويل وقت ياد ايندو آهي ته اُهي سمورا ساٿي به ياد اچي ويندا آهن.“

”انهيءَ راند ۾ ته تون هميشه هار کائي ويندي هئينءَ، پر زندگي جي راند ۾ تون کٽي وئينءِ.  مان هار کان ڊڄندو هيس ۽ هارائي به مان ويس.“ عظيم جي اکين ۾ پاڻي تري آيو.

”هر ڪنهن وٽ جيت ۽ هار جو پنهنجو هڪ الڳ تصور هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته انسان جي جيت به هار جهڙي هوندي آهي ۽ ڪڏهن وري هارَ ٻه جيت مثل هوندي آهي.“

ٻنهي جي وچ ۾ ڪجهه لمحن جي لاءِ ماٺ اچي وڃي ٿي.

”لنڊن ۾ مون سان گڏ هڪڙو دوست رهندو هو. اُن هڪڙي ڇوڪريءَ کي دل جي گهراين سان چاهيو. پر اُن ڇوڪريءَ ساڻس فقط ان ڪري محبت نه ڪئي جو هو سندس خاندان مان نه هو. هوءَ پاڻ خوبصورت هئي ۽ مهنجو دوست سانورو ۽ بيحد سادو. اُن ڇوڪريءَ کيس اُن ڪري به نه قبوليو جو پنهنجي خاندان کي ناراض  نٿي ڪرڻ چاهيو. اُن ڇوڪريءَ کي منهنجي دوست جي بربادي منظور هئي پر پنهنجي خاندان وارن سان بغاوت  جو ته هوءَ سوچي به نٿي سگهي. پوءِ سندس شادي ٿي وئي ۽ منهنجو دوست اُن ڏک سبب هن جو شهر ئي نه پر ملڪ ئي ڇڏي آيو.“ نه چاهيندي به عظيم جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا.

”خاندان وارن سان بغاوت ڪرڻ جي لاءِ به  وڏي حوصلي جي گهرج هوندي آ، ايترو حوصلو ٿي سگهي ٿو اُن ڇوڪري ۾ نه هجي. تڏهن ئي هوءَ ائين ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي هجي.“

”ٺيڪ آ، هوءَ کڻي منهنجي دوست سان شادي نه ئي ڪري ها پر ساڻس پنهنجي پيار جو اظهار ته ڪري ها. ڇا ايترو حق به نه هو منهنجي دوست جو؟!“

”ائين به ته ٿي سگهي ٿو  نه ته اُن خاموشيءَ جو به ڪو سبب هجي ۽ ان ۾ ڪنهن جو فائدو ڏٺو ويو هجي.“

”ڇا مطلب؟!“ هُو ڇرڪي پيو.

”منهنجي هڪڙي دوست هئي. اُن جنهن کي شدت سان چاهيو اُن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري نه سگهي. کيس اها خبر هئي ته هن کي حاصل ڪري نه سگهندي. تنهن ڪري هن پنهنجي پيار جو اظهار ڪري اُن ڇوڪري جي زندگي برباد نٿي ڪرڻ چاهي. سوچيو هئائين ته اهو ڇوڪرو پنهنجي محبت کي هڪ طرفو سمجهي هُن کي وساري ڇڏيندو.“ ڪنول جون اکيون ڀرجي آيون ۽ هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

”ڪنول، ڪنهن کي حاصل ڪرڻ ۽ ڪنهن جو پيار پائڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن. زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن جي چاهت به ڪافي هوندي آهي. جيڪڏهن ملي وڃي ته. ملڻ ۽ نه ملڻ مقدر جي وس هوندو آهي. تنهنجي دوست، جيڪڏهن اُن ڇوڪريءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪري ها ته هن کان کيس حاصل نه ڪري سگهڻ وارو ڏک وسري وڃي ها ۽ هو فقط سندس پيار جي سهاري ئي سُٺي زندگي گذاري وڃي ها.“

اوڏي مهل ٽرين اچي وئي. ٻنهي  هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. عظيم اُٿيو، ٻئي ٿيلها کڻي ڪلهن ۾ وڌائين. ڪنول به پنهنجي ننڍڙي کي سنڀاليندي اُٿي. عظيم، ڪولر کڻي اڳتي وڌيو ته هوءَ به سندس پويان هلڻ لڳي. ٿورڙو اڳتي مس وڌيا ته  هڪ فقير صدا هنئي: ”مولا جوڙي سلامت رکيو. پنجن روپين جو سوال آ بابا.“ عظيم اڳتي وڌي ويو، هُن جا قدم رڪجي ويا.پرس مان پئسا ڪڍي فقير کي ڏيندي اکين مان ڳوڙها وهي آيس ته فقير حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ سنڀاليندي اڳتي وڌي وئي.


 

 

بيوٽي ڪلينڪ

قدرتي طور تي چمڪدار، نرم ۽ هموار چمڙيءَ کانسواءِ ڪو به  ميڪ- اپ اسان کي خوبصورت نه بنائيندو. ان ڪري اسان کي چمڙيءَ جي مناسب سار سنڀال لهڻ گهرجي، اسان جي چمڙيءَ جي سڀ کان اهم ضرورت آهي ان کي صاف رکڻ.. صفائي کانسواءِ چمڙي تي داغ، موهيڙا ۽ ڪارا نشان نڪري اچڻ جو خطرو آهي، جنهن جي سبب چمڙي جي جان ۽ رونق ڦڪي ڦڪي ٿي ويندي آهي.

ان کان بچڻ لاءِ ڏينهن ۾ ٽي يا چار دفعا منهن ڌوئو ۽ نرم ٽوال سان خشڪ ڪريو ۽ ڪنهن سٺي ٽانڪ سان چمڙيءَ تي تهه چاڙهيو، اهڙي نموني چمڙي جا مسام بند ٿي ويندا ۽ چمڙي مناسب رهندي.

پنهنجي اسڪن (چمڙي) مطابق مئسچسرائزڊ لڳائڻ سان چمڙي نرم، ملائم، شگفته ۽ خوبصورت نظر ايندي، رات جو سمهڻ کان پهرين چهري جو سڄو  ميڪ- اپ لاهي، عمدي قسم جي ڪلينزنگ ملڪ سان چهرو صاف ڪري  هلڪي موسچرائيزنگ  صابڻ سان منهن ڌوئي ڇڏيو.

آخر ۾ وٽامنE تي مشتمل ڪولڊ ڪريم سان پنجن منٽن تائين چهري تي مساج ڪيو، پوءِ پسيل ڪپهه سان چهرو صاف ڪيو، هي عمل اوهان جي چهري تي حيرت انگيز نکار پيدا ڪندو.

چهرو ۽ ميڪ- اپ

پنهنجي اسڪلن کي ميڪ- اپ ڪرڻ کان پهرين ڪلينزنگ، ٽوئگل ۽ موئسچرائزنگ جي ذريعي ميڪ- اپ جي لاءِ تيار ڪريو، پاڻ کي ميڪ- اپ ڪرڻ هڪ آرٽ آهي، صاف ۽ واضح اسٽيپس کي ذهن ۾ رکي پاڻ کي جاذب بنايو، صرف ڪاسميٽڪس کي ضايع ڪرڻ جو ذريعو نه بڻجو.

خوبصورتي لاءِ چيو ويندو آهي ته اها ڏسڻ واري جي نظر ۾ هوندي آهي، خوبصورتي جي تعريف وقت سان گڏ بدلجندي رهندي آهي، جيڪڏهن نٿي بدلجي ته عورت جي اها خواهش هوندي ته هوءَ خوبصورت نظر اچي ۽ ماڻهو سندس تعريف ڪن. ميڪ- اپ جي ذريعي عورتون ان خواهش جو پورائو ڪري سگهن ٿيون، حقيقت هيءَ آهي ته ميڪ- اپ ڪرڻ به هڪ وڏو فن آهي ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي مسلسل مشق ڪرڻي پوندي.

ميڪ- اپ شروع ڪرڻ کان اڳ هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي، ته اوهان پنهنجي اسڪن کي ڪلينزنگم ٽوئننگل ۽ موئسچرئزنگ سان تيار ڪيو.

ڪنسيلر

ڪڏهن ڪڏهن اکين جي هيٺيان موجود ڪارن حلقن کي لڪائڻ لاءِ ڪنسيلر جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ ڪنسيلر جو استعمال نشانن ۽ داڻن کي هلڪو ڪرڻ لاءِ به ڪيو وڃي ٿو. ڪنسيلر گهڻو ڪري اسٽڪ يا ڪريم جي صورت ۾ دستاب هوندو آهي.

پائوڊر ۽ بلشر

پائوڊر: جڏهن توهان فائونڊيشن کي چڱيءَ طرح لڳائي وٺو ان سان گڏ ئي ڪنسيلر به لڳايو. ان کانپوءِ توهان پائوڊر جو استعمال ڪريو. پائوڊر کي برش جي مدد سان لڳايو. صحيح پائوڊر جي استعمال سان هر قسم جي چهري کي هڪ شاندار فنشنگ حاصل ٿيندي آهي.

بلشر

بلشر کي اگر صحيح طرح استعمال ڪيو وڃي ته چهري ۾ خوبصورت رنگ جو اضافو ٿيندو ۽ سهڻو به  لڳندو. عام طور تي ٽن قسمن جا بلشر بازار ۾ دستياب آهن.

جيل بلشر

جيل بلشر ٽرانسپيرنٽ هوندا آهن انهن جي سٺن نتيجن لاءِ توهان ان کي موسچرائزر ۽ لائٽ فائونڊيشن تي استعمال ڪريو. جيل بلشر پائوڊر جي مٿان هرگز استعمال نه ڪريو.

ڪريم بلشر

ڪريم بلشر کي پنهنجي ڳلن جي هڏين ۽ ان جي آسپاس بيس تي لڳايو. پائوڊر ان جي مٿان لڳايو.

پائوڊر بليشر

پائوڊر بليشر ان وقت استعمال ڪريو، جڏهن پائوڊر پنهنجي چهري تي استعمال ڪري چڪيون هجو. توهان بلشر کي بلينڊر ڪنديون رهو. جيستائينا هو نيچرل نه لڳي. پرفيڪٽ ميڪ- اپ جي لاءِ بهترين آئيڊييا هي آهي ته ميڪ- اپ کي جيترو هلڪو رکي سگهو ته بهتر ڇو ته آخر ۾ توهان جو سافٽ ۽ نيچرل ڪمپليڪشن لڳندو ۽ توهان مڪمل طور تي نيچرل نظر اينديون.

اکين  جو ميڪ- اپ

اکين جي ميڪ- اپ سان توهان پنهنجي اکين کي سينگاريو، سنواريو ۽ خوشنما بنايو. اکين جو ميڪ- اپ مختلف وقتن تي مختلف نوعيت جو هوندو آهي. اکين جو ميڪ- اپ ڪندي پنهنجي سيٽنگ ۽ شيپ جو مڪمل خيال رکو. اکين جو ميڪ- اپ اگر توهان لائيٽ ۽ نيچرل ڪريو ته بهترين لڳندو. آئي ميڪ- اپ ۾ هيٺيون شيون استعمال  ٿينديون آهن.

آئي ڊيفائز/ لائنر

لائنر گهڻو ڪري پينسل جي شڪل ۾ دستياب هوندو آهي. ان کان سواءِ لائنر ليڪويڊ ۾ ڪيڪ ٽائپ شڪل ۾ به هوندو آهي. هر ٽائپ جي پنهنجي خصوصيت آهي، ان کي پنهنجي مرضي ۽ سهوليت سان استعمال ڪريو.

آئي لائنر استعمال ڪرڻ جي لاءِ توهان پنهنجي ليز(پلڪن) جي ڀرسان آئي لائنر جي مدد سان هڪ سنهي لائن ٺاهيو.

ڪجل

ڪجل ايشيائي عورتن جي اکين تي ٺهندو آهي خاص ڪري ان وقت ته نهايت نکرندو آهي جڏهن اکيون گهريون هجن.

آئي شيڊ:

آئي شيڊ جو صحيح ۽ پورو پنو استعمال اکين کي خوشنما رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

مسڪارا:

مسڪاري کي هميشه آخر ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي. مسڪاري کي هلڪي هلڪي ڪوٽ جي شڪل ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، هن ڳالهه جو خيال رکبو. جيئن پهريون ڪوٽ سڪي وڃي ته پوءِ ٻيو ڪوٽ لڳايو. عام طرح ڪارو ۽ برائون رنگ چهري تي سٺو لڳندو آهي.

لپ ميڪ- اپ

پنهنجي چپن کي توهان لپ اسٽڪ جي مدد سان هڪ منفرد لڪُ ڏيو، صحيح لپ اسٽڪ جو استعمال توهان کي خوبصورت ۽ منفرد بنائي سگهي ٿو.

اگر توهان هلڪي لپ اسٽڪ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿيون ته توهان پنهنجين اکين جو ميڪ- اپ ڊارڪ (تيز) ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان گهري رنگ جي لپ اسٽڪ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿيون ته اکين جو ميڪ – اپ هلڪو ڪريو. لپ اسٽڪ خريد ڪرڻ وقت پوري طرح اطمينان ڪريو ته ڪهڙو رنگ توهان تي سٺو لڳندو، لپ اسٽڪ استعمال ڪرڻ کان اڳ لپ پينسل جي استعمال سان توهان پنهنجي چپن کي وڌيڪ خوبصورت بنائي سگهو ٿيون، جن عورتن جا چپ سنها هجن اُهي به لپ پينسل جي مدد سان انهن کي نمايان ڪري سگهن ٿيون.

وارن جي حفاظت جا اهم اصول

نرم ۽ ملائم خوبصورت وار توهان جو توجهه گهرن ٿا:

اڄڪلهه جي دور ۾ عورت جي خوبصورتي ان جي سٺين ۽ خوبصورت وارن کان سواءِ نامڪمل تصور ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن توهان جا وار توهان جي خوبصورتي کي چار چنڊ نٿا لڳائن ته ان جو مطلب اهو آهي ته توهان پنهنجن وارن تي خاص توجهه (ڌيان) ڪو نه ٿيون ڏيو. عورتون پنهنجي وارن جي خوبصورتي ۽ واڌاري لاءِ بيشمار طريقا اختيار ڪنديون آهن، سڀني مان اهم ڳالهه  اها آهي ته وارن جو اسٽائل ڇا هجي؟ ان جو انتخاب توهان پنهنجي شخصيت جي حساب سان ڪريو، ڇاڪاڻ جو وارن جو اسٽائل نه فقط توهان جي چهري جي خوبصوري ۾ واڌارو ڪري ٿو، بلڪه توهان جي سڄي شخصيت به متاثر ڪري ٿو.

توهان کي خبر هجڻ کپي ته توهان جا وار ڪهڙي قسم جا آهن؟ ڪنهن جا وار سنها هوندا آهن ته ڪنهن جا گهاٽا جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جا وار قدرتي طور گهنڊيدار هوندا آهن، جيڪڏهن توهان جا وار گهنگهريلا آهن ته پوءِ اهي سخت به هوندا، انهن جي صحت کي برقرار رکڻ ٿورو مشڪل هوندو آهي. وارن تي موسم جو به اثر ٿيندو آهي، جيڪڏهن توهان ڪنهن گرم علائقي ۾ رهو ٿا ته يقيناً توهان جا وار ٿلها هوندا . گهنڊي وارن جا مختلف اسٽائل ٺاهڻ مشڪل هوندا آهن  ۽ جڏهن ته سڌن وارن جي سار سنڀال آسان هوندي آهي ۽ انهن جو اسٽائل ٺاهڻ به آسان هوندو آهي.

وارن جي حفاظت جا اهم اصول:

اها ڳالهه سامهون رکي ته توهان جا وار ڪهڙي قسم جا آهن: جيڪڏهن توهان ڏنل ڳالهين کي ذهن ۾ رکندو ته توهان پنهنجي وارن جي نشونما ۽ واڌ ويجهه ۾ بهتري محسوس ڪندؤ.

پنهنجي وارن سان احتياط سان پيش اچو، برش ۽ ڦڻي آهستي آهستي ڪريو.

برش يا ڦڻي سٺي ڪوالٽي واري استعمال ڪيو ۽ انهن کي صاف رکو

شيمپو ۽ ڪنڊيشنر جو انتخاب ۾ ڪرڻ وقت ڌيان کان ڪم وٺو.

پنهنجي وارن کي صاف سٿرو رکو، هفتي ۾ ٻه دفعا وارن کي ضرور صاف ڪيو.

وارن کي پنهنجي آڱرين جي مدد سان  ماش ڪريو. ائين ڪرڻ سان رت جي گردش تيز ٿيندي وار تيزي سان وڌندا.

ننڍي عمر ۾ پنهنجي وارن تي ڪيميڪل ٽريٽمينٽ جي استعمال کان پاسو ڪريو. خاص طريقن پرمنگ، بيلجنگ ۽ وارن کي رنگ ڪرڻ کان پرهيز ڪيو.

پنهنجن وارن کي سج جي تپش کان بچائڻ لاءِ ٽوپي، اسڪارف يا رئو مٿي تي استعمال ڪيو.

هفتي ۾ هڪ دفعو هلڪي گرم تيل جي وارن تي مالش ضرور ڪرڻ کپي.

ڪنڊيشنر ڪرڻ سان وارن جي حفاظت ٿيندي آهي. اهو هر قسم جي وارن لاءِ ضروري هوندو آهي، جيڪڏهن توهان وارن ۾ سٺو ڪنڊيشنر استعمال ڪنديون ته ان سان وار چمڪدار ۽ نرم ٿيندا، وارن ۾ ڦڻي ڏيڻ ۾  آساني  ٿيندي، ۽ وارن کي مٽي کان بچائي سگهجي ٿو.

جيڪڏهن توهان اشتهار  ڏسي وارن جي لاءِ شيمپو ۽ ڪنڊيشنر وٺو ٿا ته ان ۾ توهان کي ان ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو ته شيمپو ۽ ڪنڊيشنر ٻه جدا جدا شيون آهن ۽ انهن جا ڪم به الڳ الڳ هوندا  آهن. شيمپو اسان جي مٿي جي مسامن کي کوليندو آهي ۽ وارن جي صفائي ڪندو آهي، جڏهن ته ڪنڊيشنر انهن  مسامن کي بند ڪري وارن جي حفاظت ڪندو آهي، ڪنڊيشنر جو استعمال شيمپو کانپوءِ ڪيو ويندو آهي، ان لاءِ انهن تمام قسم جي شيمپو جي استعمال کان پرهيز ڪيو، جيڪي شيمپو ۽ ڪنڊيشنر گڏ هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهن، خشڪ ۽ نارمل وارن ۾ ڪنڊيشنر جو استعمال صرف مٿي ۾ موجود وارن ۾ ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن وار بي جان آهن ته پوءِ سڄن وارن ۾ ڪنڊيشنر استعمال ڪيو. جنهن ۾ سڻڀن  وارن ۾ ڪنڊيشنر ۽ ڪريم جو استعمال نه ڪرڻ کپي.

وارن کي شيمپو  ڪرڻ جو طريقو:

وارن ۾ شيمپو ڪرڻ جا چار مرحله هوندا آهن، شيمپو هڻڻ، پاڻي سان ڌوئڻ، ڪنڊيشنر ڪرڻ  ۽ وارن کي سڪائڻ ان سلسلي ۾ گهڻو ڪري غلطيون ٿينديون آهن. هڪڙو ته شيمپو جو استعمال تمام گهڻو ڪيو ويندو آهي، ٻيو ته ان کي هٿن سان تيزي سان مهٽيو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪنڊيشنر ۽ ٽوال جو وارن تي الاهي استعمال نقصانده هوندو آهي، شيمپو ڪرڻ کان اڳ وارن کي پاڻي سان آلو ڪيو ۽ پنهنجن آڱرين  سان مٿي تي مساچ ڪريو، ان کانپوءِ ٿورڙو شيمپو هٿ جي تري تي رکو ان جي گجي ٺاهي ٻنهي هٿن سان سڄي مٿي تي هڻو ۽ ٻن ٽن منٽن تائين مساج ڪيو. جيڪڏهن پهريون دفعو شيمپو هڻڻ سان گجي نه ٿي ته وار ڌوئي وري ٻيو دفعو شيمپو ڪيو. هاڻي  وارن کي ڌوئڻ جو وارو آهي، هاڻي ان وقت تائين پاڻي هڻو، جيستائين توهان کي يقين نه ٿئي ته شيمپو صحيح طرح وارن مان نڪري ويو آهي.

وارن کي جيتري قدر ٿي سگهي پاڻي هڻو.

وارن کي خشڪ ڪرڻ جو طريقو:

وارن جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته انهن کي قدرتي طرح سان خشڪ ڪيو وڃي، خاص طور تي ننڍي عمر جي ماڻهن جي لاءِ اهو عمل الاهي ضروري آهي، ڇاڪاڻ  جو ڊرائيور جي استعمال سان وار بيجان ٿي ويندا آهن وار ڌوئڻ کانپوءِ ڦڻي ڏيڻ کان اڳ ۾ ٽوال سان وارن جو پاڻي جذب ڪيو، ان دوران ٽوال کي مٿي تي مهٽڻ جي بدران هلڪي هٿ سان استعمال ڪيو. پوءِ وارن تي ٽوال ويڙهي ڇڏيو ۽ 15 منٽن تائين ڇڏي ڏيو، آلن وارن ۾ ڦڻي بلڪل نه ڏيو، وارن ۾ ڦڻي آهستي آهستي ڏيو. جڏهن وار چڱيءَ طرح خشڪ ٿي وڃن ته وري ٽوال  کي وارن تي ويڙهيو ۽ خشڪ ڪيو ۽  وري ڦڻي ڏئي قدرتي طور تي خشڪ ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيو.

جيڪڏهن توهان پنهنجن وارن جي حفاظت  جي لاءِ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندؤ ته يقينن توهان جا وار تمام گهڻا خوبصورت ٿي ويندا
 

گهريلو ٽوٽڪا

ڦاٽل کڙيون ٺيڪ ڪرڻ

نسخو: چار چمچا گلسرين جا کڻي ان ۾ هڪ عدد ليمي جي رس ۽ پيٺل ڦٽڪي هڪ چپٽي ملايو، ڏينهن ۾ ٻه دفعا پندرهن پندرهن منٽن لاءِ لڳايو، پوءِ پير ڌوئي ڇڏيو، کڙيون  صاف ۽ نرم ٿي وينديون.

 

خشڪ ۽ ڦاٽل چپ ٺيڪ ڪرڻ

اڌ چمچي پاڻيءَ ٻڪ ۾ صوف جي ٻج جا ڪجهه داڻا پيهي ماسڪ ٺاهيو، رات جو سمهڻ وقت چپن تي لڳايو، ٽن ڏينهن ۾ چپ ٺيڪ ٿي ويندا.

 

چمڙي جي حفاظت

سڙي پوڻ، زخمي ٿيڻ يا ڪنهن  به سبب چمڙيءَ تي داغ پئجي وڃن ته انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ متاثر جڳهه تي روزانو گليسرين لڳايو، ٿورن ڏينهن ۾ چمڙيءَ جو نئون تهه بنجي ويندو، جيڪڏهن زخم آهي ته اهو به جلد ڀرجي ويندو

چهري جي وارن کان نجات

هڪ چمچو ميدو، ٿوري پيٺل ڦٽڪي ۽  گلاب جو عرق ملائي، ليپ جي صورت ۾ چهري جي وارن تي لڳايو، خشڪ ٿيڻ تي مهٽي ڇڏيو، هڪ مهيني جي لڳاتار استعمال سان انهن جون پاڙون ڪمزور ٿي وينديون ۽ وار ڇڻي ويندا ۽ رنگ به نکري پوندو.

 

وارن جي حفاظت وارن کي ڇڻڻ کان بچايو

سرنهن جي تيل نيم گرم ڪريو، ادرڪ پيهي ان جو پاڻي ڪڍي نيم گرم تيل ۾ ملايو،  هڪ منٽ کان پوءِ وارن جي پاڙن ۾ مالش ڪيو، ٻه دفعا ائين ڪرڻ سان وار ڇڻڻ بند ٿي ويندا.

وارن جي لاءِ بهترين ڪنڊيشنر

گرم ۽ اٻرندڙ پاڻي ۾ ٻه وڏا چمچا ميندي وجهو  ۽ پوءِ وارن ۾ لڳايو، ڪنهن ڪپڙي يا شاپر سان مٿو ڍڪي ڇڏيو، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ وارن کي ڌوئي ڇڏيو، وارن کي  ڪنڊيشنر ملي ويندو وار خوبصورت  ڪارا ۽ ڊگها  ٿي پوندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com