سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 3/ 2002ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 3/ 2002ع

گلبدن جاويد

عورتن جي ترقي لاءِ نوان پروگرام

موجوده حڪومت عورتن جي ترقيءَ لاءِ ڪيترائي نوان پروگرام شروع ڪيا آهن، جن ۾ بيواه عورتن کي ننڍن قرضن جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. غريب عورتن لاءِ ووڪيشنل سينٽر کوليا پيا وڃن ته جيئن هو مالي طرح مضبوط ٿي سگهن. سياست ۾ عورتن کي اڳتي آندو ويو آهي، ته جئين قانون سازي، چونڊ ۽ فيصلا ساز ادارن ۾ سندن نمائندگيءَ کي يقيني بنايو وڃي. عورتن جي انساني حقن جي واڌاري لاءِ قدم کنيا ويندا. قانون، سهوليت، شعور ۽ جاگرتا ذريعي عورتن کي تشدد کان بچائي، کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ضلعي کان وفاقي سطح تائين حڪومتي مشينري کي سرگرم ڪري، عورتن جي تعليمي ادارن ۾ فني وسيلا پيدا ڪري، عورتن لاءِ قومي پاليسي جوڙي ويندي.

موجوده حڪومت جا عورتن جي ترقيءَ لاءِ اهي قدم هڪ سٺي شروعات آهي، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انهن سڀني ڳالهين تي هيٺئينءَ سطح تائين واقعي به عمل ٿئي ٿو؟ ڇو ته قرض حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪن جا جيڪي شرط لاڳو آهن، اهي هر عورت پورا نٿي ڪري سگهي، سو، حقيقت ۾ کيس ڪجهه به هڙ حاصل نٿو ٿئي. ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته اُنهن شرطن کي وڌيڪ آسان بنايو وڃي.

ووڪيشنل ڪاليجن ۾ سکيا دوران جيڪو مٽيريل استعمال ٿئي ٿو اهو ايترو مهانگو هوندو آهي،  جو ڪا به غريب ڇوڪري ان کي حاصل ڪري نٿي سگهي، البت معاشي طور مستحڪم خاندانن جون ڇوڪريون انهيءَ مان لاڀ حاصل ڪن ٿيون ۽ غريب رهجيو وڃي!

حقيقت ۾ ڳالهه هي آهي ته جيستائين هيٺين سطح تائين سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ جو مظاهرو نه ڪيو ويندو، تيستائين عورتون مستفيد نه ٿي سگهنديون، سو، حڪومت جي فيصلن کي سچائيءَ ۽ خلوص دل سان عمل ڪري، سماج جي سڀني مفني رخن ۽ غربت ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو آڻجي.  جيڪو رب العالمين ۽ رحمة العالمين جو پڻ حڪم آهي، ۽ زندگيءَ جو حاصل مقصد به اهو ئي آهي.

مبارڪباد:

اسان تازين چونڊن ۾ ڪامياب قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي مڙني ميمبرن خاص طرح خواتين ميمبرن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ کين عرض ٿا ڪريون ته هو عورتن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.-گ. ج

غلام رباني آگرو

ڊايانا

 

تواسي که محوِ سخنِ گسترانِ پيشيني

مباش منکرِ غالب که در زمانه تست.

-         غالب

مرد ۽ عورت انساني نسل جا هڪجهڙا فرد آهن، پر مشرق توڙي مغرب جي اڪثر ملڪن ۾، ايامن کان وٺي ”مرد جي برتري،(MALE CHAUVINISM) وارو معاشرو قائم آهي.

مشرقي ملڪن ۾ اهڙو ڪو به ڪونهي، جنهن جي دعويٰ هجي ته ان ۾ عورت کي مرد جي برابر حق حقوق حاصل آهن. هن صديءَ ۾، ڪن سوشلسٽ مشرقي ملڪن سو عورتن کي مردن جي برابر تصور ڪري، کين مردن واريون ساڳيون ذميواريون، ساڳيون رعايتون ۽ ساڳيا حق حقوق ڏنا هئا. اهڙن ملڪن ۾ مکيه مثال چين جو آهي، جيڪو انساني آباديءَ جي لحاظ کان به دنيا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. پر، اتي به سوشلسٽ نظام جي بنياد وجهندڙ، چيئرمين مائوءَ،  جيئن ئي اکيون ٻوٽيون ته سندس مخالف طاقت ۾ آيا، ۽ سندن پنهنجن لفظن ۾ ”کليل درن ۽ دروازن واري پاليسي، (OPEN DOOR POLICY) اختيار ڪيائون. (ان جو هڪ سبب ته شايد اهو هو ته مغربي سرمايه دار ملڪن جو سدائين سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ملڪن تي الزام هوندو هو ته اوهان وٽ ماڻهن کي آزادي ڪونهي. ملڪ کي چوڌاري لوهي ڪوٽ(IRON CURTAIN) ڏئي ڇڏيو اَٿوَ.)

چيئرمين مائوءَ جو خيال هو ته عورت جڏهن معاشي لحاظ کان پنهنجن پيرن تي بيهندي، ته مرد جي غلاميءَ مان نجات حاصل ڪندي. سو، پنهنجيءَ حڪومت ۾، عورتن جا ريشمي ويسَ وَڳا مٽائي، کين مردن جهڙو سادو سودو لٽو ڪپڙو پارائي، روزگار سان لائڻ جو حڪم ڏنو هئائين ۽ چيو هئائين ته ”مرد ۽ عورت، سماج جا هڪجهڙا فرد آهن. کين برابر تصور ڪرڻ گهرجي.“

چيئرمين مائوءَ جي زماني ۾ عورتون مردن وانگر محنت مزوري ڪنديون هيون. چين جي گاديءَ، بيجنگ ۾، مردن وانگر ڊبل- ڊيڪر بسون هلائينديون هيون. وڏين هوٽلن ۾ لفٽون هلائينديون هيون. جاين جي اڏاوت ۾ مردن سان گڏ، سرون، سيمينٽ ۽ پٿر ڍوئينديون هيون. ڪي هوٽلن ۾ بيئرر جو ڪم ڪنديون هيون، ته ڪي مئنيجر جو عهدو هلائينديون هين. ڪي آفيسن ۾ ڪلارڪي ڪنديون هيون، ته ڪي وڏيون عملدار هيون. بلڪه وزير به هيون. انهيءَ صورتحال نيٺ رنگ لاتو. عورتون پنهنجن پيرن تي بيٺيون، ته منجهن خود اعتمادي پيدا ٿي. مٿانئن مرد جي بالادستي ختم ٿي.

انهيءَ زماني ۾، مغربي سرمايه دار ملڪن جي سوشلسٽ ملڪن جي خلاف جيڪا پروپئگنڊا ٿيندي رهندي هئي، تن ۾ هڪڙو الزام اهو به هنيو ويندو هو، ته اتي ”عورت جي عصمت“ ختم ٿي ويئي آهي. هر سوشلست  ملڪ ڄڻ ته“ هڪ وڏو قحبه خانو ٿي ويو آهي.“

انهيءَ پروپئگنڊا جو اسان جي ملڪ ۾ به اثر ٿيو. هڪ مذهبي پارٽي ته انهيءَ معاملي ۾ خاص طرح پيش هئي. مون کي ٻه دفعا چين وڃڻ جو موقعو مليو. پهريون دفعو چيئرمين مائوءَ جي وفات کان ڪجهه عرصو پوءِ ويس. جاٿي ڪاٿي چيئرمين مائوءَ  جي پاليسيءَ جو اڃا اثر هو. سڄي ملڪ ۾ ڪنهن به عورت کي چپن تي لپ اسٽڪ ۽ منهن تي پائوڊر ڪو نه ڏٺم. هر هنڌ عورت سادي لباس ۾ هئي. حرام جو ڪا عورت اک  مٿي کڻي مرد ڏي نهاري. هونئن ته ساڻن گڏجي ڪم ڪار ڪنديون هيون. کل ڀوڳ به ڪنديون هيون. پر، بريءَ نظر سان ڪير  ڪنهن کي ڪو نه ڏسندو هو. اهو نظارو ڏسي، مون کي ته خلافت راشده وارو زمانو ياد اچي ويو.

ٻئي دفعي چين ويس ته ”کليل درن ۽ دروازن واري پاليسي“ تي عمل شروع ٿي چڪو هو. انهيءَ جي نتيجي طور، چين ۾ جيڪو نئون سماجي رنگُ نمايان ٿيو هو،  تنهن ۾ عورت وري اڳوڻي روايتي نظام ڏانهن موٽي رهي هئي. کيس ريشمي ويس وڳا پائي، چهري کي رنگ ۽ روغن مکي، اکين ۾ ڪجل جا ليڪا ڪڍي، ”گڏي “ ٿيڻ سيکاريو پئي ويو. مغربي معاشري ۾ ته خوبصورت عورت کي هونئن به ڪوٺيندا ئي آهن:” گُڏي“ (DOLI). جيڪا عورت گُڏي ٿيندي، تنهن کان جيڪا سوڀ ٿيندي، سا سمجهڻ ڏکي ڳالهه نه آهي. سو اڳتي هلي، خود سرڪاري اطلاعاتي ذريعن، ملڪ  ۾ هڪ طرف ”معاشي آسودگي“ جون خبرون ڏنيون، ته ٻئي طرف ڪن ”گناهن“ جي وڌي وڃڻ جو به کليل لفظن ۾ اعتراف ڪيو ، جن ۾  مرد جي ”جنسي عياشي“ لاءِ عورت جو ”استحصال“ (EXPLOITION)  سر فهرست هو.

مسلمان ملڪن جي دعويٰ آهي ته اسلامي تعليم موجب عورت کي جيڪي حق حقوق حاصل آهن، سي ڪنهن به ٻئي معاشري ۾ کيس ڪو نه مليا آهن. حضور صلعم جن اسلام جو عالمگير پيغام ۽ انقلاب آندو. معاشري جي ڪايا پلٽ ٿي ويئي.

اسلامي تعليم اها آهي ته انسان بُرن ڪمن کان پاڻ بچائي. ڀلا ڪم ڪري. جيڪڏهن ائين ڪندو، ته کيس ٻيءَ حياتيءَ ۾، بهشت ملندو. گويا، اسلامي تعليم موجب انسان لاءِ وڏي ۾ وڏو انعام بهشت آهي. قرآن ڪريم جا اصل لفظ هي آهن:

جيڪي ماڻهو ايمان وارا هوندا، ۽ نيڪ ڪم ڪيا هوندائون، تن  کي (اي پيغمبر خوشخبري ٻڌاءِ، ته توهان لاءِ بهشت ۾ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان واهه و هندا هوندا. انهن جا ميوا دنيا جي ميون وانگر ئي هوندا، (پر ذائقي ۾ وڌيڪ). جڏهن (بهشت ۾ رهندڙَ) ڪو ميوو کائيندا، ته چوندا ته هن  کان اڳ دنيا ۾ اسان کي اهڙا ئي ميوا ملندا هئا...... انهن ماڻهن لاءِ بهشت ۾ پاڪيزه زالون هونديون، ۽ هو هميشہ اتي رهندا.[ترجمو: سورة البقره- 2، آيت 20]

جڏهن عربستان ۾ دين اسلام آيو، تڏهن اتي ”مرد جي  برتري“ (MALE CHAUVINISM) وارو تصور پنهنجي عروج تي هو. عورتن کي هيٺانهون، هيڻو ۽ ڪمتر  سمجهيو ويندو هو. سو، نياڻين کي ننڍي هوندي ئي زندهه دفن ڪيو ويندو هو. انهيءَ وحشتناڪ ماحول ۽ معاشري ۾، عورت جو مانُ مٿانهون ڪرڻ لاءِ حضور جن فرمايو ته ”بهشت ماءُ جي  پيرن هيٺان آهي.“ سندن انهيءَ فرمان جو مطلب وڃي اِهو بيٺو، ته انسان پرهيزگاريءَ جي ڀرپور زندگي گذارڻ کان پوءِ، جنهن وڏي ۾ وڏي انعام  جي سَڌ ڪري سگهي ٿو، سو به عورت جي قدمن هيٺان پيو آهي.

افسوس آهي ته اڄڪلهه ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ ”اسلامي تعليم، تي عمل ڪو نه ٿو ٿئي. ان سلسلي ۾، شايد،  اسان جي ماضيءَ جي تاريخ به ڪجهه ڌانڌلي آهي. حضور جن جي وصال کان پوءِ، خلافت رراشده واري زماني ۾ اسلامي تعليم تي عمل ڪيو. پر، پوءِ واري زماني ۾ ڪي ويرا آيا، جڏهن انهيءَ تعليم تي عمل ٿيو، مثلاً عمر بن عبدالعزيز واريءَ خلافت جو زمانو. تاريخنويس جو چوڻ آهي ته جيئن ئي امير معاويي جو اقتدار تي قبضو ٿيو ته ”اسلامي خلافت“ کي ختم ڪري، ”شخصي حڪومت“ قائم ڪيائين. سندس انهيءَ ڪارنامي ڪري، اسلامي تعليم جي روح کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.

شام جو ملڪ مسلمانن رومين کان فتح ڪيو هو، سو شام جي رسم، رواج ۽ آئين ۾ رومي انگ نمايان هو. امير معاويي، اسلامي خلافت کي ”بادشاهي قالب“ ۾ وجهي، پنهنجيءَ گادي ءَ جي هنڌ دمشق کي به رومي طرز جو هڪ عيش عشرت وارو شهر بنائي ڇڏيو. سندس جانشين به سندس تقليد ڪندا رهيا. صوبن جا والي جيڪي ”فاروقي دور“ ۾ اُن جا ڪپڙا پائيندا هئا، سي حرير ۽ - ديبا جون عبائون پائڻ لڳا. جڏهن خود امير معاويي جو پٽُ، يزيدُ تخت نشين ٿيو، ته ملڪ ۾ شراب نوشيءَ ۽ فسق ۽ فجور ڏاڍو زور ورتو. هڪ دفعي، يزيد، نشي ۾ جهومندي، نماز پڙهي. سندس زبان تي هڪ شعر هو:

انا المسموم ماعندي، بترياق ولاراقي،

ادر کاساً و ناولها الايا ايها السّاقي.

يزيد جو اهو شعر سندس هڪ قصيدي جو مطلع آهي. حافظ شيرازيءَ انهيءَ شعر جي ٻي مصرع ڦيرائي، پنهنجي غزل جي مطلع طور استعمال ڪئي آهي، ۽ انهيءَ سان ئي پنهنجي ديوان جو آغاز ڪيو آهي:

الايا ايهّا الساقي، ادرکا ساً وناولها

که عشق آسان نمود اول، ولي افتاد مشکلها.

معاويي جي اقتدار ۾ اچڻ سان جمهوريت ختم ٿي. حسب تعصب وارو نظام شروع ٿيو. اموي خليفن جو آغاز ٿيو. اموي خليفا پاڻ کي عجم جي ماڻهن کان مٿانهون  سمجهندا هئا، پر سندن جانشين، عباسي خليفن عجم جو انگ ۽ رنگ اختيار ڪيو. سندن درٻار ۾، ايراني شهنشاهيت جون جهلڪون نظر اچڻ لڳيون.

عباسي خليفن، دمشق جي بدران، بغداد کي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. بغداد جو بنياد، عباسي خليفي منصور وڌو هو. هارون الّرشيد جي زماني ۾، ان جي آبادي تقريباً ويهه لک هئي. واپاري مال جي خريد و فورخت لاءِ جدا جدا بازارون هيون. اسلام انساني غلاميءِ کي ختم ڪرڻ جي تعليم ڏني هئي، پر بغداد ۾” سوقص النخاس“ نالي هڪ بازار هئي، جتي ايشيا ۽ يورپ جا غلام ڇوڪرا ۽ عورتون وڪامنديون هيون. انهيءَ بازار ۾ اٺ ئي پهر واپار هلندو هو. عورتن جي خريداريءَ ۾ جن ڳالهين تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو، سي هيون سندن سونهن ۽ جسماني عضون جون خوبيون. سندن دلال کين اهڙي سکيا ڏيندا هئا، جو هو پاڻ ئي پنهنجن خريدارن سان اکيون اکين ۾ ملائي، بي حجاب ڳالهائينديون هيون، ۽ پنهنجون خوبيون شعر ۾ بيان ڪنديون هيون.

عرب امارات ۾، هن وقت سڀ حڪمران مسلمان آهن. عام خلق جي وڏي اڪثريت به لمانت جي آهي، پر اتي هن زماني ۾ به ڪن هنڌن تي، قديم زماني وانگر، خوبصورت عورتن جي پڙِي لڳندي آهي! عورت چوپائي جانور وانگر وڪامندي آهي.

خود اسان جي ملڪ ۾ به ڪٿي ڪٿي عورتون وڪامنديون آهن. ڪي ماڻهو، جيئن پئسن تي ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون خريد ڪندا آهن، تيئن عورتون به خريد ڪري، پرڻبا آهن.

در حقيقت، ڪيترن اسلامي ملڪن ۾ عورت ۽ گگدام جانور ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونهي. ان جو هڪ مثال افعانستان آهي، جتي هاڻي عورتن کي بنيادي حقن کان ئي محروم ڪري ڇڏيو اٿن. سڄيءَ دنيا انهيءَ انڌير تي احتجاج  ڪيو آهي، پر اتان جي حڪومت جو خيلا آهي ته اها عين اسلامي تعليم تي عمل ڪري رهي آهي!


* . تون، جيڪو گذري ويل ماڻهن جي سخن ۾ محو آهين،

غالب جو انڪري منڪر نه ٿيءُ، جو تنهنجي زماني ۾ پيدا ٿيو.

*   مان ته زهر جو ماريل آهيان. مون ٽ نه ترياق  آهي، نه ڪو جهاڙ- ڦوڪ وارو،

او ساقي، مون کي شراب جا پيالا ڀري پري پيار

*  تفصيل لاءِ ڏسو “البرامکه: خليفه هارون الرشيد عباس کي نامور وزراء يحييٰ، فضل او جعفر برمکي کي مفصل سوانح عمري.“ مصنف: مولانا محمدعبدالرزاق ڪانپوري نفيس اڪيڊمي، ڪراچي، سن اشاعت 1961ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com