سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 3/ 2002ع

مضمون --

صفحو :7

• لکي غلام شاهه: چڪ ڀرسان عيدو ڳوٺ ۾ شادي رات پنهنجي 16 ساله معصوم مسمات ڪنوار کي رت ۾ وپهنجاريندڙ گهوٽ ارباب شاهه پنهنجي ساٿي عبدالله شاهه سميت چڪ ٿاڻي تي پيش ٿيا ۽ ڏوهه قبوليو.

• ٽنڊوڄام: ڳوٺ عبدالوهاب گوپانگ ۾ ڪاوڙيل مڙس مير گوپانگ بندوق جا فائر ڪري 30 ساله گهر واري لعل خاتون کي قتل ڪري ڀڄي ويو، پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي.

• شهدادڪوٽ: ڳوٺ قائم فقير ۾ غلام سرور جانوري پنهنجي  پنهنجي 27 ساله زال مسمات پناهه خاتون کي ڏنڊا هڻي رتو رت ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو.

• لاهو: شيراڪوٽ جي نظامي پاڙي واري علائقي ۾ هڪ شخص پنهنجي زال جي ڪردار تي شڪ سبب کيس سندس ٻن پٽن ۽ ڌيئرن سميت خنجر سان بيدردي سان ڪهي ماري ڇڏيو.خنجر سان بيدردي سان ڪهي ماري ڇڏيو. تفصيل موجب جوابدار صادق پنهنجي زال رضيه بيبي ٻن ڌيئرن 14 ساله مهوش ۽ 12 ساله عاصما ۽ ٻن پٽن 9 ساله آصف، 7 ساله سجاد کي تيز خنجر سان ڪهي ڇڏيو، پوليس جوابدار کي پڪڙي ورتو، جوابدار موجب هن کي زال جي چال چلت تي شڪ هو.

• قاضي احمد: ڳوٺ خدابخش چانڊئي ۾ جوابدارن پنهنجي سالي علي گل چانڊئي کي ڪارنهن جي الزام هيٺ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. معلوم ٿيو آهي ته مقتول جوابدار کي ڪارنهن جي صفائي پڻ ڏني هئي، پر تنهن هوندي به هن کي قتل ڪيو ويو.

• لاڙڪاڻو: ميروخان ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن عورتن کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو، مليل ڄاڻ موجب، ڳوٺ سهپور ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي شادي شده عورت مسمات پيراڻي کوکر ۽ مسمات رحيما کوکر کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏي. فائرنگ دوران 12 سالن جو دين محمد سندس ماءُ مسمات عاليه سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

•ڪنري: مون جهنگو ۾ 22 ساله پرڻيل عورت شريمتي حليمان زال سونو ڀيل پر اسرار نموني فوت ٿي ويئي. فوتڻ جي پيءُ  منجو ۽ ماءُ  عالمان ڀيل ٿاڻي تي دانهيو آهي ته سندس نياڻي کي قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مڙس دل جو دورو پوڻ جو سبب ٻڌايو پوليس شڪ ۾ فوتڻ جي مڙس سوني کي گرفتار ڪيو.

• ديرا مراد جمالي: ضلعي نصير آباد جي علائقي پوليس ٿاڻي آر ڊي 298 جي حد ۾ پٽ فيڊر جي ڳوٺ پهلوان خان ڪنڊرائي ۾ در محمد ڪنڊرائي ڪانهن جي الزام ۾ پنهنجي نوجوان زال مسمات (ث) کي پستول جا فائر ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو.

• شڪارپور: ڳوٺ دوست واهه ڪلر ۾ نياز احمد ڪلر پنهنجي 17 سالن جي ڪنواري ڀائٽي جانل ڌيءَ مزار ڪلر جيڪا کٽ تي ستل هئي، تنهن کي ڪارنهن جي الزام ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته لعل محمد ڪلر کي ڪارو قرار ڏيئي سندن مٿان فائرنگ ڪئي جيڪو زخمي ٿي پيو.

• پنو عاقل: مبارڪپور چوڪي جي حد ۾ ڏنگڙو مائنيرو وٽ جوابدر(1) مسمات ”ر“ ۽ نوجوان ”ڀ“ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ پهريان بندوق جا فائر ڪري بعد ۾ ڪهاڙين سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو بعد ۾ بنا غسل ۽ ڪفن جي ٻنهي کي دفن ڪيو ويو.

• ميرپور ماٿيلو: ڳوٺ مياڻي مهر ۾ عبدالملڪ پنهنجي 18 سالن جي نوجوان ڀاڄائي مسمات شرمان کي ڪارنهن جو الزام هڻي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. شرمان ٻني ۾ گاهه ڪري رهي هئي ته هن کي ماريو ويو

• محرابپور: ڳوٺ ولي آباد آرائين ڀرسان وونئڻن جي فصل مان 18 سالن جي نوجوان عورت جو سسي ڪپيل لاش هٿ آيو.

• خانپور: ڳوٺ امير بخش پهوڙ ۾ فتول پهوڙ پنهنجي ساٿين سان گڏ ڪارنهن جي الزام ۾ بندوق جا فائر ڪري شمن علي ۽ پنهنجي زال مسمات گل پري کي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عورت کي بنا ڪفن جي دفن ڪيو ويو.

• موئن جو دڙو: آريجا لڳ ڳوٺ ميان اسحاق کونهارو ۾ جوابدار ڪوڙو شيخ پنهنجي نوجوان زال 30 ساله مسمات بشيران شيخ کي ڪهاڙين جا لڳاتار وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

[روزانه ڪاوش تان ورتل]

 

رپورٽ: سنڌيا شاهه

سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو.

سالياني امتحانن ۾ پاس شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب جي رپورٽ

 

30 مارچ 2002ع تي سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو ۾ سالياني امتحان ۾ مختلف پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي ويئي. هن اسڪول جي اها روايت آهي ته سالياني امتحان ۾ پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن کڻندڙ شاگردن جي همت افزائي ۽ حوصله افزائي ٿيندي آهي، پر گڏوگڏ ٻين شاگردن جي وچ ۾ هڪ صحتمند چٽاڀيٽي جو ماحول پيدا ٿيندو آهي. خاص طور سان سنڌ جي نامياري شاعره ۽ ليکڪا ۽ سنڌي شعبي جي پروفيسر سحر امداد جي پرنسپل ٿيڻ کانپوءِ هن اسڪول ۾ پڙهائيءَ جو ماحول بهتر ٿيو آهي. ٻارن ۾ چٽاڀيٽيءَ جو جذبو پروان چڙهيو آهي. ٻارن جي پڙهائي ۾ پرنسپل جي ذاتي دلچسپي جي ڪري ٽيچرز پڻ اڳئي کان وڌيڪ محنت ڪن پيون. شاگرد وڌ کان وڌ ڌيان ڏين پيا ، جنهن جي ڪري اسڪول  ۾ هڪ علم دوست ماحول جڙيو آهي. جيڪو مستقبل لاءِ هڪ سٺو سنوڻ آهي.

اِن ڏينهن ”ايوارڊ فنڪشن“ جي خاص مهمان نامياري ليکڪا ۽ ڊرامانويس محترمه نور الهديٰ شاهه هئي، اِن موقعي تي اسڪول جي پرنسپل محترمه سحر امداد حسيني، خاص مهمان محترمه سيد نور الهديٰ شاهه ۽ اعزازي مهمان پروفيسر پروين شاهه ڊائريڪٽر ويمن ڊولپمينٽ اسٽڊي کي آجياڻي طور اجرڪون پارايون ۽ خاص مهمان نور الهديٰ شاهه، ڪي- جي ڪلاس کان اٺين ڪلاس تائين ڪل 441 مختلف پوزيشن کڻندڙ ٻارن ۾ انعام ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽ ورهايا، پنهنجي خطاب ۾ سيد نور الهديٰ شاهه چيو ته ٻار مان مستقبل جا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ اديب ٿيندا. اوهين سڀاڻي جڏهن  علم جون اعليٰ منزلون طئي ڪري زندگي جي ڪنهن اعليٰ مقام تي پهچندؤ، تڏهن ممڪن آهي ته آءُ اوهان کان ڪو انعام حاصل ڪريان، ان ڪري پنهنجي سڀاڻي کي سجايو ڪرڻ لاءِ جتن ڪريو.

ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپل سحر امداد حسيني تقرير ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن اوهان جي زندگي جو هڪ يادگار ڏينهن آهي، جو اڄ سيد نور الهديٰ شاهه کان انعام وٺي رهيا آهيو، خود اسان جي اسڪول لاءِ به هڪ اعزاز آهي. اوهان کي سنڌ  جي ناميارن شخصيتن

جو مثال آڏو رکڻ کپي. ڪجهه بنجڻ لاءِ علم حاصل ڪرڻ کي

نور الهدي شاهه کان هڪ شاگردياڻي انعام وٺندي، ڀر ۾ پرنسپل سحر امداد بيٺل آهي.

اوليت حاصل آهي ۽ ان جي لاءِ لڳاتار محنت ۽ گهڻي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ئي انسان پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهي ٿو. ان محنت جو آغاز اوهان کي اڄ ڪرڻ کپي. ان موقعي تي پرائمري سيڪشن جي هيڊ مسٽريس  آپا شهناز بلوچ سيڪشن جي هيڊ مسٽريس آپا نجمه پٺاڻ ۽ اسڪول جي سمورين ٽيچرز ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي مهمانن جي رفريشمينٽ سان ٿي. جن شاگردن پوزيشنز کنيون ۽ انعام حاصل ڪيا، تن جا نالا هي آهن:

ڪلاس اٺون (پهريون نمبر)  شيخ ماريه، (ٻيو نمبر) صبحيه بروهي (ٽيون نمبر) غلام فاطمه

ڪلاس ستون: (پهريون نمبر )سحر قريشي(ٻيون نمبر) امبر برفت (ٽيون نمبر) افشين ۽ ڪنيز ليليٰ سيال

ڪلاس ڇهون: (پهريون نمبر حرا ڀٽي (ٻيون نمبر)امينه ملاح (ٽيون نمبر) اقصيٰ

ڪلاس پنجون A: (پهريون نمبر ) آفتاب (ٻيون نمبر) رقيه(ٽيون نمبر) وقار شيخ

ڪلاس پنجونB: (پهريون نمبر عمار شيخ(ٻيون نمبر) مقبول ٻٻر (پهريون  نمبر) سميعه لاڙڪ

ڪلاس چوٿون A: (پهريون نمبر) سعديه گوپانگ (ٻيون نمبر ساعره عباسي (ٽيون نمبر) صنوبر شيخ

ڪلاس چوٿون B: (ٽيون نمبر)فائزه چنا (ٻيون نمبر) مديحه شيخ (ٽيون نمبر) راحيله شيخ

ڪلاس ٽيون: (پهريون نمبر) ڪائنات ڪاڪا (ٻيون نمبر) صفيه درس (ٽيون نمبر) امان مغل

ڪلاس ٽيون B: (پهريون نمبر) عروج فاطمه (ٻيون نمبر) قريشي دلدار (ٽيون نمبر شيخ بختاور ۽ پٺاڻ مريم

ڪلاس ٻيون B: (پهريون نمبر) رابيل پٺاڻ (ٻيون نمبر) مهوش منظور (ٽيون نمبر) فيصل ڀٽي

ڪلاس ٻيون : (پهريون نمبر) صدف عرفان پٺاڻ (ٻيون نمبر) جهانگير وڳڻ (ٽيون نمبر) شاهه رخ

ڪلاس پهريون:B (پهريون نمبر) ميمڻ سنيل (ٻيون نمبر) شاهه زيب، بختاور (ٽيون نمبر) وڪاش ڪمار، خواجه شازيب، عبدالفتاح، لغاري

ڪي. جي: (پهريون نمبر) ڀرٽ زوهيب (ٻيون نمبر) ڏهراج انتظار (ٽيون نمبر) شيخ  غلام رسول

روشن ’ناز‘ ڌارجو

 

تون مون کي اڪيلو ڇڏ، مان توکي ان محبت جو قسم ٿي ڏيان، جيڪا تنهنجي روح کي تنهنجي محبوب حسن ۾ جذب ڪندي آهي، تنهنجي دل کي تنهنجيءَ شفقت جي زنجير ۾ سوگهو ٿي ڪري ۽ تنهنجا جذبا تنهنجي پُٽ سان لاڳو ڪندي آهي، مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي!

مون سان ۽ منهنجي خوابن سان ڪو واسطو نه رک ۽ صبحاڻي تائين صبر ڪر، سڀاڻ جو ڪجهه چاهيندو مون بابت فيصلو ڪري ڇڏيندو، تو نصيحتن سان پنهنجي خلوص ظاهر ڪيو، پر نصيحت هڪ ڇانءَ آهي، جيڪا روح کي حيرت جي ساوڪ  ۾ وٺي ويندي آهي ان مقام ڏانهن ان جي رهنمائي ڪندي آهي، جتي زندگيءَ مٽيءَ جيان بيٺل آهي، منهنجي دل ننڍڙي آهي مان چاهيان ٿي ته ان کي سيني مان ڪڍي پنهنجي تريءَ تي رکان ۽ ان جي اونهاين جو اندازو لڳايان  ۽ ان جي اسرارن کي پروڙيان.

ان ڪري تون پنهنجي اعتقادن جي تيرن سان ان جي نظرداري نه ڪر، ان کي خوفزده ڪري  هڏائين پڃري ۾ لڪو، رهڻ تي مجبور نه ڪر، جيسين هوءَ پنهنجي رازن جو رت نه وهاءِ پنهنجو اهو فرض نه ادا ڪري جيڪو ديوتائن هن کي حسن ۽ محبت جي آميزش سان پئدا ڪندي وقت سندس ذمي ڪيو هو. سج اڀريو ۽ بلبل هزار داستانن جيان ٻولڻ لڳي. آس ۽ منشور جون خوشبوئون فضا ۾ وکري ويون ۽ آءُ چاهيان ٿي ته ننڊ جي سوڙ مان نڪري سفيد رڍ جي ٻچن سان گهمان ان ڪري مون کي نه جهل جهنگ جي شينهن ۽ وادين جي نانگن کان مون کي نه ڊيڄار ڇو جو، منهنجو روح خوف کان ناواقف آهي ۽ ڪنهن به برائي کان وقت کان پهريائين نٿو ڊڄي. تون مون کي ڇڏي ڏي، نصيحت نه ڪر، ان ڪري جو مشڪلاتن منهنجن اکين کي کولي ڇڏيو آهي. لڙڪن منهنجن نيڻن کي چمڪائي ڇڏيو آهي ۽ غم  مون کي دلين جي زبان سمجهائي ڇڏي آهي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com