سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 3/ 2002ع

مضمون --

صفحو :4

جتي به مان ويس تمام سخت محنت سان ڪم ڪرڻو پيو. مان انهي احساس سان ڪم ڪندي هئس ته مون کي پنهنجي بهترين صلاحيتن جو استعمال ڪرڻو آهي. مون کي هڪ لمحي لاءِ به هي خيال پنهنجي دل ۾ نه آيو ته ڪو مان رينڪ  لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان.“

بهرحال!  کيس رينڪ ملندا ويا ليفٽنٽ مان ڪيپٽن، ميجر ۽ وري ليفٽنٽ ڪرنل، برگيڊيئر ۽ آخر ۾ هاڻي ميجر جنرل! پر رينڪس کان به وڌيڪ ڳالهه جيڪا سندس لاءِ فخر لائق آهي. اها آهي مريضن ۾ سندس مقبوليت. ”مون کي اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته مون جن مريضن جو علاج 20 سال اڳ ڪيو هو، اهي اڄ به مون کي ياد ڪن ٿا.“

پنهنجي ٻنهي ڀينرن سان مقابلي جي احساس دل ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو.

”اسان ٽيئي ڀينرون هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون هيونس. پهرين اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ۽ پوءِ پنهنجي ڪيريئر دوران.“

سندس وڏي ڀيڻ آمريڪا جي الابانا يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهي آهي ۽ سندس ننڍي ڀيڻ انگريزي ۾ پروفيسر ۽ پي ٽي وي جي نيوز ڪاسٽر شائسته زيد.

ميجر جنرل جي رينڪ تي ترقي وٺڻ کانپوءِ پاڻ پاڪستان بري فوج ۾ هڪ ٻيو نئون ريڪارڊ قائم ڪيو آهي. اُهي ٻئي پهريان زال مڙس جيڪي جنرل جي حيثيت سان گڏ گڏ خدمتون سر انجام ڏيئي رهيا آهن. جڏهن ميجر جنرل اسد ملڪ کان پڇيو ويو ته ”پنهنجي زال جي ترقي تي توهان ڇا محسوس ڪري رهيا آهيو؟“ ته سندس جواب هو ته ”مان  تمام گهڻو خوش آهيان.“ وڌيڪ وضاحت ڪندي ڊاڪٽر شاهده چيو ته شادي کانپوءِ پاڻ منهنجي لاءِ رول ماڊل رهيو آهي؛ پروفيشنلي به  ۽ دين جي حوالي سان به! مان مذهب ڏانهن گهڻي راغب نه هئس، پر مڙس کي  ڏٺم ته هو ڪيڏي قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو رهي ٿو مان به سندس نقش قدم تي  هلڻ لڳس.

صبح 4 بجي کان تلاوت ڪلام پاڪ ۽ نماز سان سندن ڏينهن جو آغاز ٿيندو آهي، وري هلڪي ناشتي کان پوءِ هو ٻئي چار ڪلو ميٽرن جي واڪ ڪندا 45، 7 تي هو، پنهنجي آفيسن ۾ پهچندا آهن. شام جي وقت ٻئي ڄڻا پنهنجي ٻارن سان گڏ وقت گذاريندا آهن. سندن ٻه ٻار ٻاهرين ملڪ رهائش پذير آهن. اسان گهٽ ۾ گهٽ ملاقاتون ڪندا آهيون.

هن کان پهرين ڊاڪٽر شاهده ملڪ آرمڊ آف فورسز، انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي /نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزيز راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمانڊنٽ جي عهدي تي فائز هئي. هينئر نئين رينڪ جي اضافي کان پوءِ کيس انسپيڪٽر جنرل آف هارٽ جي حيثيت سان نون ڌچئلينجن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هاڻي سندس فرض ۾ اهو به شامل آهي ته هوءَ پنهنجي انسپيڪشن ٽيم سان گڏ باقاعدگيءَ سان بري فوج جي 131 اسپتالن جو معائنو ڪندي رهي، جيڪي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ قائم ٿيل  آهن. انهن جي ڪارگردگي وڌائڻ لاءِ فوج کي مشهورا ڏيڻ ۽ نون پراجيڪٽس کي مڪمل ڪرڻ جي ذميواري سنڀالي.

پهرين خاتون جنرل کي پنهنجي عمر جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪا به جهڪ محسوس نٿي  ٿئي. ”برج هوت(Pices) سان منهنجو تعلق آهي، ۽ مارچ  1945ع منهنجي پيدائش جي تاريخ آهي. مون کي ڪنهن به ڳالهه جي پشيماني ناهي ۽ مون کي پاڻ تي ايڏو فخر آهي جو اگر مون کي ٻيو دفعو زندگي ملي ته ان کي هن زندگيءَ کان بهتر گذاري نه سگهنديس.،

 - اي قيصر

پروفيسر سحر امداد

علم بِالقَلَمِ

جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ميرَ،

مِٽي ان خميرَ، اصل هئي ايتري.

(شاهه لطيف)

جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مَلَ

مِٽي ان مُرسلَ، اصل هئي ايتري.

(شاهه لطيف)

اڄ اسان جي پياري پيغمبر ۽ هن دنيا جي ڪارڻي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي سيرت پاڪ جي ساراهه لاءِ لغت ۾ لفظ ئي ڪافي ناهن. پاڻ سڳورن جا سهڻا عمل، ارفع اخلاق ۽ سندن ڳڻن ڀريون ڳالهيون اسان عامين ۽ عاصين کي نئين دڳ لاءِ اسان جون سونهيون ٿين ٿيون. سيرت طيبه بابت برپا ڪيل هر محفل در اصل پاڻ سڳورن جو سڏ آهي ۽ سندن سڏ ورنائڻ لاءِ اسان کي قرآن پاڪ ۾ خاص طور سان تلقين ڪئي ويئي آهي. سورة النور جي 63  وين رڪوع ۾ آهي:

ترجمو: *”توهان رسول ﷺ جن جي سڏ کي اهڙو نه سمجهيو جهڙو.

هڪ ٻئي جي سڏ کي سمجهندا آهيو،

يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جي اوهان منجهان هٿ وٺي کسڪي اُٿي وڃن ٿا.

(ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو رسول ﷺجي حڪم جي مخالفت ڪن ٿا، تن کي هن ڳالهه کان ڊڄڻ گهرجي ته متان مٿن ڪا مصيبت اچي وڃي يا ڪو دردناڪ عذاب مٿن ڪري.“

ان ريت اسان کي فتني ۽ عذاب کان بچڻ لاءِ قرآن پاڪ ۾ فقط هڪڙي راهه ڏسي وئي آهي ۽ اها راهه آهي، رسول پاڪ ﷺ جن جي سڏ ورنائڻ جي راهه.

پاڻ سڳوا ﷺ جن ”حق جو پيغام“ پهچائڻ لاءِ ئي هن دنيا ۾ ”نبي الاّ خرالزمان، ڪري موڪليا ويا هئا ۽ سندن سڏ اسان لاءِ ڪو رواجي سڏ نه آهي، ڇو ته اسان انسانن کي باطل يعني ڪوڙن، برن ۽ غلط ڪمن جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان خبردار ڪرڻ لاءِ اسان جي رسول حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن کي هن دنيا ۾ موڪليو ويو هو، پاڻ سڳورن ﷺ تي قرآن مجيد نازل ڪيو ويو هو، ان ڏس ۾ ”سورة الفرقان، جي پهرين رڪوع ۾ آهي:

ترجمو:” وڏي برڪت وارو آهي (اهو الله آهي) جنهن پنهنجي ٻانهي (حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ) تي حق ۽ باطل ۾ تميز ڪرڻ وارو قرآن مجيد نازل ڪيو. انهيءَ لاءِ ته سڀني انسانن کي (باطل ۽ برن ڪمن جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) خبردار ڪري!“

”سورة الفرقان“جي مٿين رڪوع ۾ چٽي طرح ڄاڻايل آهي ته اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جيڪي الله جا پيارا  ٻانها هئا، کين هن دنيا ۾ باطل ۽ برن  ڪمن کي روڪڻ لاءِ ۽ عوام الناس کي انهن براين کان خبردار ڪرڻ لاءِ هن دنيا ۾ موڪليو ويو هو ۽ بقول مرشد لطيف جي ته پاڻ سڳورن کي جيڪي هن ڪائنات جا ڪارڻي آهن ۽ اتور آهن کين ”بري هن ڀنڀور ، کي اُجارڻ لاءِ موڪليو ويو هو:

”بُرو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اُجاريو،

لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻي هورُ،

ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پورُ،

آيو سو اُتور، جنهن ڏکيون وهاريون.“

(شاهه لطيف)

الله تعاليٰ جو محبوب مصطفيٰ جن هئا، جن جي ڪارڻ ئي هيءَ سموري ڪائنات خلقي وئي. انهن جي ”امين ۽ صادق“ هجڻ جي گواهي سندن ڪٽر دشمن به ڏيندا هئا. حق ۽ انصاف جي پاسدار، سچ ۽ صداقت جي علمبردار اسان جي نبي سڳوري جو سينو نور الاهيءَ سان منور هو، پر پوءِ به الله تعاليٰ کين عرش معليٰ جو سير ڪرايو. پاڻ سڳورن  ۽  آسمانن جو مالڪ آهي.

اسلامي تاريخ جي ڪتابن ۾ اسين سڀ بار بار اهو پڙهندا رهيا آهيون، ته پاڻ سڳورا ”اُمين“ هئا، قادر مطلق کي در اصل اهو ئي ڪرشمون ڏيکارڻ مقصود هو ته سندس آخري پيغمبر اُمي هو، ان ڪري اهو ”پيغام الاهي، آهي، جيڪو ”اقرا“ سڳورنﷺ تي الله تعاليٰ طرفان موڪليل اهو پهريون پيغام آهي جو ”اڄ“ به اوترو ئي اهم آهي، جيترو اڄ کان پندرنهن سؤ سال اڳ هو، اسان سنڌين کي ته پياري پيغمبر ﷺجي ڏسيل اها ڳالهه ته پنهنجي ڳنڍ ۾ ٻڌڻ  کپي، ڇو ته ان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آهي. مٿن ﷺ نازل ٿيو. الله تعاليٰ جي حڪم سان پاڻ سڳورن ﷺتي نازل ٿيندڙ پهريون وهي پنهنجي مفهوم ۽ مقصد ۾ نهايت اعليٰ ۽ حيرت انگيز هو:

اِقراء

هيءُ پڙهه

ان ريت الله طرفان موڪليل آخري ۽ مڪمل دين جي پيغمبر ﷺ کي الله جي حڪم سان حضرت جبرائيل عليہ السلام پڙهايو:

ترجمو: ”پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان جنهن خلقيو، جنهن خلقيو انسان کي رت جي ڦُڙي مان.

پڙهه ۽ تنهنجو رب وڏو ڪريم آهي.

جنهن علم سيکاريو قلم سان.

(۽ جنهن) انسانن کي اهو علم سيکاريو، جيڪو هو نه ڄاڻندو هو.

انسان ماڻهپي مان نڪريو وڃي (هن جو مغز ڦريو وڃي).

پنهنجو پاڻ کي محفوظ ڏسي.

”بيشڪ اسان کي رب ڏانهن ئي وري ورڻو آهي.“

اسين دنيا جي اُها سڀاڳي اُمت آهيون، جنهن جي پيغمبر ﷺ کي الله تعاليٰ کي طرفان پهريون پيغام تي اُهو موڪليو ويو ته: ”پڙهه!“ ۽ اهو پڙهڻ جو پيغام رڳو پيغمبر ﷺ لاءِ نه هو، پر سندن سموري اُمت لاءِ به هو ته:

ترجمو: ”پڙهه

ان  رب جي نالي سان جو ڪرم ڪندڙ آهي.....

اهو رب جنهن علم سيکاريو قلم سان.“

 معنيٰ ته الله سائينءَ پاران موڪليل پهرين پيغام ۾ ئي اسان تي علم جي افاديت آ شڪار ڪئي وئي ۽ پڻ اسان تي قلم جي حرمت اوجاگر ڪئي وئي،. اسان جي پياري پيغمبر جنهن اُمت جا پاڻ ”نجات دهنده“ يعني ڇوٽڪارو جي هر راهه ”علم جي واٽ، تان ئي گذري ٿي، بي علم ماڻهو انڌن جو آچار آهي.


*  سندس سڏ کي وڏي ۽ ضروري ڳالهه سمجهو ۽ هڪدم حاضر ٿيو.

 يعني جيڪي ڪوڙا بهانا ڪري هليا وڃن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com