سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 3/ 2002ع

مضمون --

صفحو :3

ڊايانا جون آخرين رسمون ”ويسٽ منسٽر ايبي“ ۾ ادا ڪيائون. غمزده ماڻهن جو هجوم ايڏو ته وڏو هو، جو ديول کان ٽپي، هائيڊ پارڪ ۽ هارس گارڊس پئريڊ تائين وڃي پهتو. برطانيا جي اخبارن لکيو ته 1945ع واريءَ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمنيءَ جي شڪست ۽ انگريزن جي فتح واري جشن جي هجومن کان پوءِ  هيءُ وڏي ۾ وڏو هجوم هو. ٻنهي ۾ فرق رڳو اهو هو ته اُهو خوشيءَ جو هجوم هو، ۽ هي ڏک جو. چؤطرف، درياءَ جي لهرن وانگر، ماڻهو ئي ماڻهو هئا: انهن ۾ ٻڍڙا، جوان، مرد ۽ عورتون سڀ هئا، ۽ معصوم ٻار به هئا، جي ڊايانا جي ياد ۾ پنهنجي معصوم هٿن ۾، گلدستا کڻي آيا هئا. انهيءَ کان علاوه  انهن لکين ڪروڙين اشڪبار اکين جو ڳاڻاٽو  ته ڏاڍو مشڪل آهي، جيڪي ڌرتيءَ جي گولي تي، ڊايانا جي جنازي کي ٽي. وي. جي پردي تي ڏسي رهيون هيون ۽ سندس ڏک ۾ ٽِمي رهيون هيون.

برطانوي اخبارن شاهي خاندان وارن کي خبردار ڪيو ته ”پنهنجون رسمون ۽ رواج پاسيرا ڪري ڇڏيو.“ ڳالهه هيئن هئي ته ”بڪنگهام پئليس“ وارن، ڊايانا جي وفات تي شاهي محلات کان جهنڊو لاهڻ کان انڪار ڪيو. چيائون ته .تاجدار راڻي ايليزبيٿ محلات ۾ موجود آهي. هي جهندو رڳو برطانيه جو قومي جهنڊو، ’يونين جيڪ‘ ڪونهي. تاجدار جو جهنڊو به آهي.“ پر، جڏهن پبلڪ ۽ پريس جو دٻاءُ پيو، ته نه رڳو بڪنگهام پئليس تان جهنڊو لهي ويو، پر خود راڻي ايلزبيٿ ٽي. وي تي ڊايانا جي ياد ۾ تقرير ڪري، سندس ساراهه جا ڍڪ ڀريا ۽ ماڻهن جي ڏکويل دلين  تي ٿڌو جهنڊو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

۽ اهو سيپٽمبر مهيني جو هڪ تابناڪ صبح هو، جڏهن شهزادي ڊايانا جو جنازو هڪ توب گاڏيءَ تي پوري پوري شاهي اعزاز سان کنيائون. توب گاڏيءَ کي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. ڪنگسٽن محلات کان ويسٽ منسٽر ايبي تائين مفاصلو ساڍا ٽي ميل آهي. ڊايانا جو جنازو هڪ ڪاٺ جي پيتيءَ جي تابوت ۾ هو، جيڪا ڳاڙهي ۽ سونهري شاهي جهنڊي سان ويڙهيل هئي. تابوت جي مٿان فقط ٽِي گلدستا رکيل هئا: هڪ سندس وڏي پٽ وليم جو، ٻيو سندس  ننڍي پٽ  هيريءَ جو ۽ ٽيون ڊايانا جي پيڪن واري. خاندان اسپينسر جو. اهي سڀئي ادب سان توب گاڏيءَ جي پويان پيادل پئي آيا. رستي جي ٻنهي پاسن کان،  غمزده برطانوي باشندا، قطار در قطار بيٺا هئا. توب گاڏي آهستي آهستي سندن وچ مان اڳتي هلندي رهي. چؤطرف سناٽو هو. انهيءَ سناٽي ۾ رڳو گهوڙن جي سنبن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، يا وري، رکي رکي، ماڻهن جا سڏڪا، ۽ ويسٽ منسٽر ايبي ديول ۾ ڊايانا جي ياد ۾ وڄندڙ غَمَ جا گهنڊ.- - ديول ۾ غم جا گهنڊ، ڪنهن جي موت تي ئي وڄندا آهن، تڏهن ته آمريڪا جي هاڪاري اديب هيمنگوي لکيو هو:

FOR WHOM THE BELL TOLLS

جنازي جي پهچڻ کان اڳ ئي ويسٽ منسٽر ايبي جي ديول ماڻهن سان ڀرجي ويئي هئي. انهن ۾ برطانيا جي شاهي خاندان سان گڏ ٻاهرين ملڪن مان آيل مهمانن ۾، آمريڪا جي صدر، ڪلنٽن جي گهر واري، مئڊم هـيلري ۽ دنيا جا ڪيئي مشاهير موجود هئا.

مذهبي رسمون شروع ٿيون، ته برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بلئير ڏاڍي سڪ سان ڊايانا کي خراج عقيدت پيش ڪئي. هن انجيل مقدس مان ڪي ٽڪرا پڙهيا، ۽ جيڪي چيائين تنهن ۾ پيغام اهو ڏنائين ته: ”دنيا ۾ انساني پيار جهڙي ٻي ڪا به طاقت ڪانهي. ماڻهن کي ڊايانا سان پيار هو.“

ڊايانا جي ڀاءُ ارل اسپينسر نهايت مؤثر تقرير ڪئي. چيائين ته: ”ڊايانا زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ انگلستان کان پري رهڻ لڳي، جو کيس پاپارازي  فوٽو گرافرن ۽ اخبارن تنگ ڪري وڌو هو.“ هن ڊايانا جي طلاق جي حوالي سان چيو ته، ”ڊايانا پنهنجي ڏک، اڪيلائيءَ ۽ اداسائيءَ ۾، غريبن سان پيار ڪيو، جيڪي جدا جدا سببن ڪري، سدائين ڏکن ۾ هوندا آهن. ڊايانا انهن اجڙيل گهرن ۾ همدرديءَ جا ڏيئا ٻاريا، جن ۾ مردن، پنهنجيءَ برتريءَ (MALE- CHAUVINISM) جي غرور ۾، پنهنجين عورتن کي طلاقون ڏئي، گهرن مان ڪڍي ڇڏيو هو. هوءَ ڪينسر ۽ ڪوڙهه جي بيمارن وٽ هلي ويئي. هيرن ۽ جواهرن سان مڙهيل، پنهنجا  قيمتي ڪپڙا وڪيائين ۽ سندن مدد ڪيائين. ايڊس جي مريضن سان ملي کين. آٿت ڏنائين. جڏهن کين هٿ ۾ هٿ ڏنائين، ته خود ڊاڪٽر ۽ اسپتالن وارا به وائڙا ٿي ويا. هوءَ هر قسم جي هر قسم جي تنگ نظريءَ ۽ تعصب کان پاڪ هئي. هوءَ دنيا جي ڏورانهن ڏينهن ۾ اتي به پهتي، جتي ماڻهو جنگ جي هولناڪين ڪري، زخمي ٿي، معذور ماڻهوءَ وانگر زندگي گذاري رهيا آهن. هوءَ بوسنيا ويئي، جتي ڪروشن اتان جي مسلمان باشندن تي ظلم ڪيو هو. هن اڪيلي سِر، دنيا جي خلاف، بارودي سرنگن واري تحريڪ هلائي ۽ ان کي ڪامياب ڪيو.هن غريبن جا ڳوڙها اگهيا. اڃايل ۽ بکايل ماڻهوءَ کي پنهنجن هٿن سان کاڌو کارايو. معصوم ٻارن کي پنهنجن ٻچن وانگر پيار ڪيو. ڊايانا پاڻ ته سڄيءَ زندگي هڪ غير محفوظ انسان وانگر گذاري، پر دل ۾ معصوم ٻارن وانگر ٻين سان ڀلائي  ڪرڻ جو جذبو زندهه رکيو.“

ارل اسپينسر کانپوءِ برطانيه جي مشهور موسيقار، ايلٽن جان، ڊايانا جي ياد ۾”الوداعي گيت“ ڳايو، جنهن جو عنوان هو: Good Bye! Enmglands Rose. ”انگلستان جا گلابي گُلَ، الوداع!“  سندس گيت جا لفظ دلين کي ڏاڍا ڇهندڙ هئا:

You lived your life like a candle in the wind.

تو پنهنجي زندگي ائين گذاري، جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي هجي!

And your foot-steps will always fall here,

Along Englands Greenest hills.

۽ تون سدائين هت پير رکندينءَ

انگلستان جي سڀ کان سر سبز ٽڪرين تي

ايلٽن جان جو الوداعي گيتُ ٻڌي، ماڻهن جا هيانءَ ڄڻ ته ڦِسي پيا. کليل فضا ۽ تيز هوا ۾ هزارين شمعون جلي رهيون هيون! حد نگاهه تائين، ماڻهن جي هجوم جي هٿن ۾ گلدستا هئا ۽ اکين ۾ ڳوڙها. ديول جي اندر، ڊايانا جو ننڍڙو پٽڙو هيري، سڏڪا ڀري رهيو هو. ايلٽن جان ڏک ڀرئي آواز ۾ ڳائي رهيو هو:

You Candles burned out, long before your legend will ever live.

تنهنجي زندگيءَ جي شمع سڙي ويئي، پر تنهنجون ڳالهڙيون هميشه ياد رهنديون.

You lived your life like a candle in the wind.

Like a Candle in the wind.

تو پنهنجي زندگي ائين گذاري، جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي هجي، جيئن طوفان ۾ ڪا شمع ٻرندي هجي!

 

ڊايانا جي زندگيءَ جو آخري سفر لنڊن کان ستهتر ميل پري، سندس پيڪن واري اسپينسر خاندان جي رهائشگاهه تي پورو ٿيو. اتي هڪ ننڍڙيءَ ڍنڍ ۾، هڪ ننڍي ٻيٽ تي، کيس دفن ڪيائيون. سندس قبر تي جيڪو ڪتبو هنيائون، نتهن ۾ ايلٽن جان جي لفظن ۾ کيس”انگلستان جو سونهري ٻارُ“ ڪوٺيائون.

ڊايانا جي پيڪن واري اسپينسر خاندان، سندس تدفين کان پوءِ سندس آخرين آرامگاهه تي حاضري ڏيڻ جي ماڻهن جي سهوليت لاءِ ٻه سو ٽيليفون لائينون لڳايون، پر، ٽيليفون لائينن جي کلڻ جو اعلان ٿيو، ته ستت ٽيليفون آپريٽرن اعلان ڪيو ته ”پهرئين ڪلاڪ جي اندر ئي هڪ لک ٻاونجاهه هزار ماڻهن بڪنگ ڪرائي ورتي آهي. جڏهن  اهي ڊايانا جي ابدي آرامگاهه حاضري ڏئي موٽندا، ته پوءِ ٻين کي وارو ملندو. اسان وڌيڪ ماڻهن کي في الحال وارو ڏئي ڪو نه ٿا سگهون.“ پر، جن ماڻهن کي پهرئين ڪلاڪ ۾ وارو مليو، سي به انهيءَ ٻيٽ تائين وڃي ڪونه سگهندا، جتي ڊايانا جي تربت آهي. البت، هو انهيءَ ٻيٽ ۾ سرِ سبز وڻن ٽڻن جي انهيءَ جهڳٽي جو پري کان ديدار ڪري سگهندا، جنهن جي ٿڌيءَ ڇانوَ هيٺان، ڊايانا قدرت جي هنجَ ۾ ابدي آرام ۾ آهي.

اسپينسر خاندان وارن هاڻي پنهنجي ڪمپائونڊ وال جو ٻاهريون دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي. تاهم، روزانو  بيشمار ماڻهو ڊايانا جي ياد ۾ سفيد پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ رنگ برنگي گلدستا کڻي اچن ٿا ۽ دروازي جي ڄارين ۾ چنبڙائي وڃن ٿا. ڪن گلدستن تي اهڙا ته دل کي ڇهندڙ ”الوداعي“ لفظ لکيل آهن، جن کي پڙهي اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون.

دروازي جي ڄارين ۾ جيڪي سفيد نشان نظر اچن ٿا، سي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند گلدستن جا آهن.

پاڪستان جي پهرين خاتون ميجر جنرل ڊاڪٽر شاهده ملڪ

 

 

مردن جي هن معاشري ۾، نه ڄاڻ ته ڪيتريون ئي عورتون ڪاميابيءَ جي چوٽيءَ تي پهتيون آهن. خاتون وزيراعطم، خاتون غير ملڪي سفير، اخبار جي خاتون ايڊيٽر ۽ خاتون وزيراعظم نظر اچن ٿيون ۽ موجوده حڪومت ۾ ٽي عورتون وزير آهن.

گذريل 6 ميهنا اڳ هڪ عورت کي پهريون دفعو دستاري واري جنرل جي عهدي تي فائز ڪري پاڪستان بري فوج (زميني فوج) نئين تاريخ قلمبند ڪئي آهي.

هي دلير ۽ بهادر خاتون ميڊيڪل ڪور جي ڊاڪٽر شاهده ملڪ آهي. 17 جون تي GHQ راولپنڊي جي هڪ سادي  تقريب ۾ هن خاتون جي ڪلهي تي ميجر جنرل تي رينڪ جو بيج سجايو ويو. ٽن ٻارڙن جي ماءُ، بري فوج جي 32 سال خدمت ڪرڻ کانپوءِ فخر لائق پوزيشن حاصل  ڪئي آهي.

هينئر تائين پاڪستان جي بري  فوج ۾ محاذ تي عملي جنگ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به خاتون کي ريڪروٽ ناهي ڪيو ويو. جيتوڻيڪ فوج جي ٽنهي شاخن، يعني بري، بحري ۽ هوائي فوج ۾ تمام گهڻيون عورتون ڪم ڪري رهيون آهن. فطري ڳالهه آهي ته پهرين خاتون جنرل  کي طبي شعبي مان منتخب ڪيو وڃي. ڇو ته فوج ۾ ڪم ڪندڙ بيشمار عورتون طبي ۽ نرسنگ جي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ايئن ته ڪجهه ٻين محڪمن ۾ به انهن جون تقريون  ٿيون آهن جئين ٽرئفڪ ڪنٽرول، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ محڪمه موسميات  پاڪستاني بحريه ۾ خاتون آفيسرز جهازن تي ڪم ڪري رهيون آهن. ۽ هينئر تائين مان پنهنجو پاڻ کي خوابن جي دنيا ۾ محسوس ڪري رهي آهيان. مان بلڪل حيران آهيان، پر جڏهن  مان پنهنجي ڪلهي تي لڳل بيج تي نظر وجهان ٿي ته ان وقت احساس ٿئي ٿو ته هي هڪ حقيقت آهي.“

ڊاڪٽر شاهده ٻڌايو.

”هي گمان هڪ حقيقت ۾ صرف ان لاءِ تبديل ٿي سگهيو ڇو ته جنرل پرويز مشرف هڪ دليريءَ وارو قدم کنيو آهي.“ هن چيو.

”مون کان اڳ به ڪيتريون ئي قابل ڊاڪٽر رهي چڪيون آهن، ليڪن هر ڪم لاءِ  هڪ صحيح وقت مقرر هوندو آهي، ۽ ان کي انجام ڏيڻ لاءِ هڪ صحيح  انسان جي ضرورت هوندي آهي.“

پهرين فيبري تي GHQ ۾ سليڪشن بورڊ جي ميٽنگ ٿي هئي. جنهن ۾ برگيڊيئر کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ  لاءِ لائق نالن جو انتخاب ڪرڻو هو. ان ئي ميٽنگ ۾ ڊاڪٽر شاهده ملڪ کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.  ان ميٽنگ جي صدارت چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف ڪئي هئي.

نامزد ٿيڻ وارن 132 برگيديئرز جي فهرست مان سليڪشن بورڊ ترقي جي لاءِ 27 نالا منتخب ڪيا ۽  انهن 27 نالن مان ڊاڪٽر شاهده ملڪ واحد خاتون برگيڊيئر هئي. کانئس پڇيو ويو ته توهان هن منزل تائين ڪيئن پهتو؟ ته هن پري فضائن ۾ ڏسندي چيو،

قوت الانساني، ڪوشش، سخت محنت ۽ پنهنجي شريڪ زندگي جي تعاون سان ۽ واقعي به اها قوت الانساني جي ڪوشش هئي جنهن جو کيس صلو مليو.

هوءَ اسڪول ۽ ڪاليج جي زندگيءَ ۾ هميشہ پهرين پوزيشن کڻندي رهي. 1969ع ۾ هن فاطمہ جناح ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. جڏهن ته سرجري ۾ امتيازي نمبر حاصل ڪيا ۽ هڪ گولڊ ميڊل ايوارڊ به حاصل ڪيو. ان کان پوءِ هن پنهنجي ڪيريئر کي جاري رکڻ جي  لاءِ بري فوج ۾ ملازمت ڪئي. 50 سالن جي عمر ۾ هن انتظامي امور ۾ ايڊوانس ميڊيڪل پوسٽ گريجوئيٽ ڪورس به پاس ڪيو، ان سان گڏ هوءَ پنهنجن ٽن ٻارن، ماءَ پيءُ ۽ سس جي سار سنڀال جي ذميواري نڀائڻ ۾ به اتم رهي. مطلب ته هن پنهنجي ڪيريئر جي هر شعبي ۾ امتيازي نمبر حاصل ڪيا آهن.

هينئر سندس ٽيئي ٻار ڊاڪٽر بنجي چڪا آهن ۽ سندس سس ۽ ماءُ پيءُ پنهنجي طبي  عمر تائين ساڻس گڏ رهيا.

سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ 1997ع ۾ فاطمه جناح ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي ۽ اڄڪلهه آمريڪا جي شهر واشنگٽن جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪري رهي آهي. سندس پٽ 1997ع ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج مان گرئيجويشن ڪئي ۽ هينئر هو به آمريڪا جي شهر ڊلفيا جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن  ته سڀني ۾ ننڍي ڌيءَ به گذريل ڏينهن ۾ فاطمہ  جناح ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي آهي.

سندس لاءِ سڀ کان مشڪل وقت اهو زمانو هو جڏهن سندس ٽيئي ٻار ننڍڙا هئا ۽ مڙس به بري فوج ۾ سرجن  جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. هوءَ پنهنجي شعبي ۾ اسپيشلائيزيشن ڪرڻ چاهي پئي، جو .ريڊيالاجي“ هو. پر هُن فيصلو ڪيو ته سندس اولين فرض خاندان ۽ گهر جي سار سنڀال لهڻ  آهي، ان ڪري هن اهڙي ملازمت جي چونڊ ڪئي جنهن ۾ ٿورو وقت ڏيئي سگهجي ۽ هو جنرل ڊيوٽي ميڊيڪل آفيسر ٿي وئي. اهڙيءَ طرح ڏينهن جو ٻي بجي تائين هوءَ ڪم ختم ڪري گهر پهچي ويندي هئي.

ماءُ، پيءُ ۽ سس جي باري ۾ هن ٻڌايو ته ”منهنجي لاءِ اهو سخت مرحلو هو، جڏهن اهي سڀئي تمام سخت بيمار ٿي پيا. پر وري به خدا جو شڪر آهي جو منهنجي مڙس ۽ مون سندن تمام گهڻي خدمت ۽ سار سنڀال ڪئي. ان وقت تائين، جيستائين الله طرفان کين سڏ ٿيو.

1998ع ۾، سندس والد 93 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو ۽ اڄ کان هڪ سال پهرين سندس والده 88 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويئي ۽ ڪجهه مهينا پهرين سندس سس به گذاري وئي.

ڪهڙين شين توهان جي زندگيءَ کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو؟

شادي کان پهرين ماءُ پيءُ خاص طور تي والد صاحب منهنجي لاءِ رول ماڊل رهيو ۽ شاديءَ کانپوءِ منهنجو مڙس.“ سندس پيءُ ۽ مڙس ٻئي  ڄڻا بري فوج ۾ ملازم هئا.والد.G.H.O. جي ملٽري اسٽيٽ سورس (MES) ۾ ملازم هو، جڏهن ته سندس مڙس ميجر جنرل اسد ملڪ ان وقت آرمي ميڊيڪل ڪاليج، راولپنڊي جو ڪمانڊنٽ هو. ان ڪري ڊاڪٽر شاهده ملڪ به پنهنجي ڪيريئر جو آغاز بري فوج کان ڪيو.

آخري ۽ پر زور حمايت ماءُ جي طرفان ملي. ”جنهن وقت امن هائوس جاب ڪري رهي هيس. منهنجي والده بيمار ٿي پئي هئي ۽ کيس راولپنڊي ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، اتي امان کي يونيفارم ۾ پهريل هڪ ليڊي ڊاڪٽر ڏاڍي وڻي وئي، سو پاڻ مون کي چيائين ته تون به اهڙي ڊاڪٽر ٿجانءِ. اتفاق سان ان ڊاڪٽرياڻيءَ جو نالو به شاهده هو.

پاڻ انٽرويو ڏنائين ۽ منتخب ٿيڻ کانپوءِ آرمي ميڊيڪل ڪور ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جهڙيءَ طرح پنهنجي ننڍپڻ ۾ سندس والد جو ٽرانسفر ٿيندو رهندو هو اهڙيءَ طرح هينئر شاهده به ان مرحلي مان گذرڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com