سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :9

هڪ ڏينهن ”هو“ پنهنجي اسڪوٽر تي ڪنهن ڪم سانگي رسالا روڊ وڃڻ لاءِ مين روڊ تي آيو ته ماڻهن جا حشام ڏٺائين. ويجهو  وڃڻ تي خبر پيس ته هڪ ڪتو ٽرڪ هيٺان اچي مري ويو آهي. ”هن“  ان ڪتي جي منهن ۾ چتائي ڏٺو  ته ڏسندو ئي رهجي ويو. دک وچان فقط ايترا لفظ وات مان نڪتس: ويچاري گگدام!

ٻئي ڏينهن تي ان ڪتيءَ جو فقط ٻچو آيو، ويڳاڻو، ويچارو ۽ غمگين چهرو کڻي سندس ممتا جو خزانو جو لٽجي ويو هو!

شازيه شيخ

سرڪاري گانء

ڪنهن هڪ تعلقي ۾ ايماندار  عملدار آيو. تنهن ايندي ئي تعلقي جي سڀ کان وڏي ڌنار (گوال) کي گهرائي حڪم ڪيو ته، ”صبح شام منهنجي گهر ٻه ٻه لٽر کير ڏئي وڃج!“

عملدار جيترو وقت رهيو تيستائين ڏنار  نيم موجب انکي کير ڏيندو رهيو. تنهن  کانپوءِ جيڪو عملدار  آيو هو، پهرئين عملدار کان پڻ وڌيڪ ايماندار هو. تنهن ڌنار کي، جيڪو کير ڏيندو هو تنهن ۾ ملاوت لڳي. تنهن ڪري يڪدم تنهن ڌنار کي گهرائي چيو، ”سڀاڻ کان تون گانءَ کي منهنجي بنگلي تي آڻي ڪري ٻڌي وڃ ۽ صبح شام اچي کير ڏهي ڏج!“

ٻئي ڏينهن کان ڌنار صبح  شام سندس بنگلي تي وڃي گانءَ ڏهي ڏيڻ لڳو. ان جي بدلي ٿيڻ کانپوءِ جيڪو عملدار آيو اهو ته پهرئين ٻن عملدارن کان پڻ وڌيڪ ايماندار هو. هو رهيو تيستائين خوب ڍؤ ڪري کير پيتائين. پوءِ جڏهن بدکي ٿيس تڏهن ٻئي سامان سان گڏ هو گانءَ پڻ موڪلڻ لڳو.   اهو ڏسي ڌنار يڪدم ڊوڙي ڪري سندس پير پڪڙي ورتا.

”سرڪار، کير ته توهان صاحبن جوئي آهي. کپي  اوترو  پيئو. پر سائين.... گانءَ نه.....“

”صاحب لوڪ! معنيٰ؟ توکي چوڻو ڇا آهي؟“ عملدار جا ڀڙون چڙهي ويا.

”صاحب لوڪ معنيٰ سرڪار، سائين!

”گانءَ، جو کير ڪير پيئي ٿو؟ عملدار وري پڇيو.“

”سرڪار!“ ڌنار عاجزي سان چيو.

”۽ گانءَ رهي ڪٿي ٿي؟“

”سرڪار جي بنگلي تي سائين!“

”داڻو پاڻي ڪٿان ملي ٿو انکي؟“

”سرڪار وٽان حضور!“

جا شئي سرڪار جي هٿ ۾ اچي  ٿي، جنهن جي سار سنڀال ۽ داڻو پاڻيءَ جي سنڀال سرڪار ڪري ٿي، اهو ڇا چئجي ٿو؟“ عملدار کل روڪي پڇيو.

”سرڪاري حضور!“ ڌنار هن ڊگهي آڏي پڇا سبب خوب گهٻرايل نظر آيو.

عملدار گنڀير آواز ڪري چيو، ”ياد رکج، هن کانپوءِ سرڪاري مال تي ڪڏهن به قبضو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪج، نه ته جيل جي هوا کائڻي پوندئي.“

۽ ٻئي پاسي منهن ڪري صاحب گانءَ کي ٽرڪ ۾ چڙهايو.

اُڀر چنڊَ! پَسَ پِرين، تو اوڏا، مُون ڏُورِ،
سَڄڻ سُتا ولههَ ۾، چوٽا ڀَري ڪُپور،
پيرين آئون نه پُڄڻي، ٻاٻلُ ڏئي نه ٻور،
جنهن تي چڙهي سور، سنجهي سَڄَڻ سِيٽيان.

(شاهه)

شــــــاعــــري

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ڪافي

لکين لڙڪ لوڪان لڪي مون وهايا
مگر درد دل جا نه ڪنهن کي ٻڌايا
سوا صبر جي ٻيو ڀلا ڇا ڪيان ها
سندس سور غيرن کي ڪئن مان چوان ها
هئا هُن  جا تڏهين مون سيني سان لايا
سدا دل جو آئينو چهرو ٿيو ٿي
تڏهن  مون کان هر ڪنهن پڇي ۽ پڇيو ٿي
نٽائي وري مون سندس ڳڻ ٿي ڳايا
سوين سور منهنجي اندر مان ٿي اڀريا
سندس ياد ۾ سي نشانبر ٿي نسريا
مون جاڳي سڀئي راتئون کائي کپايا
نئين سج نوان درد پيدا ٿيا ٿي
سندس پارَ جا پور پلپل پيا ٿي
ننڍن مان وڏا ٿيا مون ويهي نپايا
سڄڻ کي ڇو ايڏا وڇوڙا وڻن ٿا
اسان کي وڇوڙا نه توڙا وڻن ٿا
ڪندي راتئون گذريون خدايا خدايا
پيو رحم شايد ڪو محبن مِٺن کي
اچي پيار ڪيائون تسلي ٿي تن کي
عجيبن جي آئي ٿئا لايا سجايا
اي طالب ٿيو مولا حامي هڪل ۾
چڱو جو ملئو محب هن ئي مهل ۾
جڏي هاڻِ جي پي پريان پنڌ پڇايا

 

ڪافي

آهي تنهنجو قسم تنهنجو  آهيان  صنم
مان تولءِ ورتو  يار جنم
تنهنجي دردن جو درمان به مان
تنهنجي عشق سندو ارمان به مان
 

تنهنجي سڪ به مان ۽ سور به مان
تنهنجي نرت به مان ۽ نور به مان
 

تنهنجي شوق  جو آهيان شينهن به مان
تنهنجي ڪاري رات جو ڏينهن به مان
 

مان سڪ جي ئي سيپارن ۾
مان آهيان سندءِ اڇنگارن ۾
 

تنهنجا لڙڪ به مان ۽ لاڳ به مان
تنهنجا بخت به مان ۽ ڀاڳ به مان
 

تنهنجو نينهن به مان ۽ ننگ به مان
تنهنجي عشق جو آهيان انگ به مان
 

تنهنجو رنگ به مان ۽ ڍنگ به مان
منهنجا ٻهڳڻ  تنهنجو ٻنگ به مان
 

تنهنجي جاني مٺا تعمير به مان
تنهنجي سهڻا سڄڻ تقدير به مان
 

تنهنجي سورن جو سامان به مان
تنهنجو منهنجي دم سان آهي دم
 

تنهنجي پرت به مان پور به مان
تنهنجي ذهني زخم جو مان مرهم
 

تنهنجي محبت وارو مينهن به مان
تنهنجي مان ئي خوشي ۽ مان ئي غم
 

مان تنهنجي پيارا پارن ۾
مان لڇڻ پڇڻ  تون درد الم
 

تنهنجي آڳ به مان ۽ واڳ به مان
تنهنجي پيرن جو پرين آهيان پدم
 

تنهنجو ورهه به مان ونگ به مان
مان تنهنجو سر تون ان جو قسم
 

تنهنجي درد جو دلبر دنگ به مان
تون گام سڄڻ  مان نقش قدم
 

تنهنجي پيارا پرين تدبير به مان
تون لوح سندم مان ان جو قلم
 

تون طالبُ تنهنجو مان مولا
مان سِرٿيس ۽ تون ڳولا
پَڪ ڄاڻ ته آهيان ئي تولا
مان مظهر تون ان سان باهم

ڪافي

ڪنهن سانولڙي جو خواب آهيان
ڪن جذباتن جو جواب آهيان
 

مان ڪنهنجون طلبون  تمنائون
ڪنهن روح جي رمز ۽ راز آئون
 

ڪنهن جي آهيان اميد ۽ آس به مان
ڪنهن جي عشق جي اڃ  اداس به مان
 

ڪنهن جي اندر جا ارمان به مان
ڪنهنجي دردن جا درمان به مان
 

ڪنهنجي نرمل نوري نگاهن ۾
ڪنهنجي آهن ۾ ڪنهنجي داهن ۾
 

ڪنهن ذهن جي سوچ ويچار ٿيس
ڪنهن دلبر جو ديدار ٿيس
 

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ لکان
پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ ٻڌان
 

جنهنکي ڪنهن سوچئو ۽ نه ڪنهن سمجهئو

جنهنکي ڪنهن نه لکئو  ۽ ڪهن نه پڙهئو

 

مان ڪنهنجي دل جون تقاضائون
ڪنهن حب جو هڪڙو حجاب آهيان
 

ڪنهنجي پيار جي آهيان پياس به مان
ڪنهنجي شوق جو آءٌ شراب آهيان
 

ڪنهنجي سڪ وارا سامان به مان
ڪنهنجي برهه جو آءٌ باب آهيان
 

ڪنهن ڪاري رات جي راهن ۾
ڪنهن  دنيا ۾ ڪمياب آهيان
 

ڪنهن دل ۾ خود مختار ٿيس،
ڪهن محبت جو مضراب آهيان
 

پنهنجي پاڻ کي پاڻهي پاڻ پڙهان
پنهنجو ناطق پاڻ ڪتاب آهيان
 

جنهنکي  ڪنهن نه ڏٺو ۽ ڪنهن نه ٻڌو
تنهن نوري رخ جو نقاب آهيان
 

ڪنهنجو طالبَ اڄ مطلوب ٿيس
ڄاڻي مولا مان مرغوب ٿيس
ڪنهن محبت سان منسوب  ٿيس
ڪنهنجي چاهه جو لُبِ لُباب آهيان

جميل الزمان ”جميل“

غزل

دنيا ۾ جيڪو ٿئي ٿو وفادار وڌ ۾ وڌ،
سوئي ته هوندو آهي خطادار وڌ ۾ وڌ.
 

جيڪو ڊگهيري پير سوڙ سارو دوستو!
والله  تنهن کي چئبو سمجهدار وڌ ۾ وڌ.
 

ساقي مون کي نگاهه شناسائي ٿي کپي،
طلبيو اهو شراب اٿم پيار وڌ ۾ وڌ.
 

ماه منير ڪهڙي هتي همسري ڪندو،
روشن ڏسان ٿو روز رخ يار وڌ ۾ وڌ.
 

دل ۾ خوشيون ٿا خوب  سنڀالي رکون مگر،
هوندو غمن سان آهي سروڪار  وڌ ۾ وڌ.
 

مون ڏي نظر کڻي ۽ تبسم عطا ڪري،
مون کي بنائي ويو هو پرستار وڌ ۾ وڌ.
 

چوڏينهن جي رات، ماه درخشان جي شڪل ۾،
ڪو سنگدل ٿيئي ٿو نمودار وڌ ۾ وڌ.
 

ميزان قلب ۾ تون ذرا  پاڻُ پنهنجو تور
شايد ”جميل“ هوندين گنهگار وڌ ۾ وڌ.

آثم ناٿن شاهي

مورو (لوڪ گيت)

پکي ته ڪارو ڪانءُ،
آهيان  تنهنجي بانهي آنءُ،
سُهڻا! مورو ڳايان پئي،
تو لئه مورو ڳايان پئي!

 

 

 

 

 

پکي ته سُهڻو مورُ،
تون هين، منهنجي من جو چور،
ڇورا! مورو ڳايان پئي،
تو لئه مورو ڳايان پئي!.

 

پکي ته پيارو ڳيرو،
اڄ تون مون وٽ هڪڙو ڀيرو
ساجن! مورو ڳايان پئي،
تو لئه مورو ڳايان پئي!

 

 

 

 

 

پکي ته ڪانئر/ ڪنگُ،
تولئه ڦٽڪي پيو انگُ انگُ
پرينئڙا! مورو ڳايان پئي،
او جاني! مورو ڳايان پئي!

 

پکي ته هڪڙو  هنجهه،
مان هان تو ۾، تون مون منجهه
جيڏا! مورو ڳايان پئي،
ڍولڻ! مورو ڳايان پئي!

 

 

شيرل نيڪ سروري

غزل

اڄ رات آ سهائي
هر جاءِ روشنائي

 

 

 

اچڻي آ گل بدن هت
مون دعوت ڪري گهرائي

 

بل بل ته باغ ۾ پئي
مٺڙي ورائي وائي

 

 

 

هيءُ دور ويو خزان جو
هيڪر  بهار آئي

 

ڪهڙو سبب حسينا
هيڏي تو دير لائي

 

 

 

تون جي قلم جي راڻي
مان پڻ هان ليکڪائي

 

سرتيون جي شان مون کي
هيءَ شاعري لکائي

 

 

 

مهتاب جهڙي چهري
چانڊاڻ ‎ آ مچائي

 

گم ٿي ويئي جا نوري
سا اکڙن ۾ مون لڪائي

 

 

 

پوشاڪ سنڌ توکي
سونهين گهڻو ٿي سائي

يادُن ۾ تنهنجي منهنجي
بيحد  گهڻي گهڻائي

 

 

هڪ نيڪ وار ڊگهڙا
ٻــــــي  قـــد ۾ پـــڻ ســـوائي

 

 

گلڙا گلاب جهڙا
تن ۾ ڪمي نه ڪائي

 

نذير ناز

غزل

اوهان جي وساريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟
نه ساريو، سنڀاريو،  اوهان جو ڇا ٿيندو؟
 

اچو ها ته دلڙي به خوش ٿي پوي ها،
نٿا جي نهاريو اوهان جو ڇا ٿيندو؟
 

نڪي اُڀ ڪرندو، نڪا ڌرتي ڌٻندي،
اُهو ڪجهه ويچاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟
 

اسان پيار جو قول هر ڪوئي پاريو،
اوهان جي نه پاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟
 

لکيم خط گهڻي ئي پر جواب  ئي نه آيو،
اها دل ٿا ڌاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟
 

اسان جي رقيبن، حريفن  سان گڏجي،
ٿا گهاريو، گذاريو، اوهان جو ڇا ٿيندو؟
 

اسان لئه وڇوڙو وڏي ڳالهه ڪانهي،
ڇڏي ”ناز“ پارو،  اوهان جو ڇا ٿيندو؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com