سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :17

سرٽيفڪيٽ

”اديب ڏاڍا چريا ٿيندا آهن....!!“

تنهنجا اهي لفظ ٻڌي مون کان ڇرڪ  نڪري ويو.

ڳچ وقت تائين سوچيندو رهيو هوس.

تون!ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ڊگرين جا مڙهائي

پنهنجي شڪي ۾ رکي ته ڇڏيا آهن.

شاگردياڻين کي روز سبق ڏيڻ جي لاءِ ڪاليج

ويندي آهين.....

ادب تي خوبصورت ليڪچر ڏيندين آهين ۽ انهن کي

دنيا جي اديبن جا احوال ۽ مثال ٻڌائيندي....

پوءِ شاگردياڻين کان  پنهنجي تعريف جا

سرٽيفڪيٽ وٺي ڪيڏي ته خوش ٿيندي آهين.

پر.... توکي اديب ڪونه وڻندا آهن.

جن کي .... سڏيندي  آهين.

منصور ٿلهو

 

عربيه نور

رڌڻي جي راڻي

سرتيون!

”رڌڻي جي راڻي“ جي ڪالم جي انچارج به مس عربيه نور آهي. ”رڌڻي جي راڻي“ ۾ هيل تائين جيڪي به اسان ترڪيبون ڏنيون آهن. ۽ جدا جدا قسمن جا سوادي کاڌا تيار ڪرڻ جون ترڪيبون ڏيندا آهيون. اُهي  آزمايل ترڪيبون آهن. اسان چاهيون ٿا، اوهان به ”رڌڻي جي راڻي“ جون ترڪيبون آزمائي، ”رڌڻي جي راڻي“ بنجي پنهنجي گهر  جي حڪمراني ڪريو.

انهيءَ سان گڏ گذارش آهي ته اوهان به ”رڌڻي جي راڻي“  ۾ خوشي سان حصو وٺي سگهو ٿا، اوهان پنهنجي ڪابه رڌل ”ڊش“ جي ترڪيب لکي موڪليندا اوهان جي ٿورن  سان اسان پنهنجي ڪالم ۾ شايع ڪنداسين.

-ايڊيٽر

آچار، چٽڻيون ۽ مربا

چڻن جي چٽڻي

گهربل شيون: هڪ ڪوپ چڻا، 2 ساوا مرچ، هڪ ادرڪ جو ٽڪرو، هڪ وڏو چمچو  ڌاڻن جون پتيون، 8 ڪڙهيءَ جا پتا،  اڌ ننڍو چمچو اهر، 2 سڪل ڳاڙها مرچ، هڪ وڏو چمچو تيل، اڌ ليمي جو رس.

ٺاهڻ جو طريقو: چڻن جا ڇلڪا لاهيو ۽ ٿلهو پيسيو. ادرڪ ۽ ساون  مرچن کي پيهي لئي وانگر  ٺاهيو. ڳاڙهن مرچن جا چار چار ٽڪر ڪريو. تيل  گرم ڪريو، جڏهن گرم ٿي وڃي ته ان ۾ اهر، ڪڙهيءَ جا پتا ۽ ڳاڙها مرچ ويجهو، پوءِ چڻن ۽ ادرڪ ۽ ساون مرچن جي لئي ملايو. ليمي جي رس وجهو. سنها ڪتريل ساوا ڌاڻا مٿان ڇڙڪايو.

سڪل ٿوم جي چٽڻي

گهربل شيون: 4 ٿوم جون ڳٺڙيون، هڪ وڏو چمچو جيرو،  2 وڏا چمچا سڪل ڌاڻا، هڪ وڏو چمچو گرم مصالحو، لوڻ سواد انوسار.

ٺاهڻ جو طريقو: ٿوم جا ڇلڪا لاهيو. باقي بچيل سڀ شيون ملائي سڪل پٿر تي پيهي لئي ٺاهيو پاڻي نه وجهو ڇو جو سڀ شيون سڪل آهن. هيءَ چٽڻي ڪيترن مهينن تائين هلندي آهي.

چاڪليٽ پڊنگ

گهربل شيون:  هڪ ڪوپ مئدو، هڪ ننڍو چمچو بيڪنگ پائوڊر، منو ڪوپ کير، اڌ ڪوپ کنڊ، 3 وڏا چمچا گيهه، ٿورو لوڻ، 2 چمچا  ڪاجو، ڪشمش ۽ ڪوڪو.

ٺاهڻ جو طريقو: کير ۾ کنڊ ملائي گرم ڪريو. پوءِ ان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ رکو. ڪاجو  ۽ ڪشمش جا ٽڪر تيار رکو. مئدي ۾ بيڪنگ پائوڊر ۽ ڪوڪو ملائي هڪ دفعو ڇاڻيو. گيهه ڳاري ڪري رکو سڀ شيون ملائي ڪري هڪ ڪٽوري کي گيهه لڳائي ان ۾ اڌ تائين ڀريو.  مٿان پڪو ڍڪڻ لڳايو يا بٽر پيپر ڌاڳي سان ٻڌو. ان کي اڌ ڪلاڪ تائين اوٻاريو. جيڪڏهن توهان ڪوڪو وجهڻ نه چاهيو ته وينيلا، الائچي يا  ڪوبه منپسند سواد وجهو. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جڏهن پڊنگ  ٿڌي ٿي وڃي ته پليٽ ۾ ڪڍو. چاهيو ته مٿان ڪريم يا چيريءَ سان سينگاري  سگهو ٿيون.

گجرن جو ڪيڪ

گهربل شيون: گرام کنڊ پيٺل، 200 گرام ڪوبه کائڻ جو تيل يا مکڻ، 225 گرام مئدو، 250 گرام گجرون (پتائي) 3 بيدا، ڏيڍ چمچو  مٺي سوڍا،  ٿوري ڪشمش ۽ ڪاجو، وينيلا ايسنس ۽ اڌ ڪوپ کير.

ٺاهڻ جو طريقو: گجرن کي صاف ڪري ڪدوڪش ڪريو. جڏهن توهان ڪيڪ جي ملاوٽ ٺاهڻ شروع ڪريو ته اوون (بٺي) چالو ڪريو. هڪ ٿانءُ کڻي ان ۾ پيٺل کنڊ ۽ مکڻ (يا تيل) ملائي ڪري، لڳ ڀڳ ستن منٽن تائين لڪڙيءَ جو چمچو يا کرپي کڻي چڱيءَ طرح ملايو، گولائي ۾ چمچو هلائڻ سان تيل ۽ کنڊ ڦنڊي ڪري هلڪا ٿي ويندا. پوءِ ان ۾ هڪ هڪ بيدو ڀڃي ملايو ۽ گڏوگڏ  چمچو به هلائينديون رهو ته جئن سڀ بيدا ان ۾ چڱيءَ طرح ملي  وڃن. هاڻي  ان  ۾ سوڍا ملايو. سوڍا ملي وڃڻ تي ڪدوڪش ڪيل گجرون  ۽ پوءِ مئدو ملايو. آخر ۾ وينيلا  ايسنس جا ڪجهه ڦڙا ۽ ڪشمش جا داڻا به وجهو. جيڪڏهن ملاوٽ ٿوري گهاٽي هجي ته ان ۾ اڌ ڪوپ کير به ملايو، نه ته نه. ٿوري ليمي جي رس به ملائي سگهو ٿيون.   ڪيڪ ٺاهڻ واري دٻيءَ  ۾ مکڻ يا گيهه يا تيل لڳائي ان ۾ ملاوٽ وجهو. گرم اوون ۾ ان دٻيءَ کي رکي اٽڪل  هڪ ڪلاڪ تائين جهيڻي باه تي پچڻ ڏيو.

ادرڪ جو مربو

گهربل شيون: 500 گرام ادرڪ، 250 گرام کنڊ، چاشني ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ 250 گرام کنڊ، ٻه وڏا رس وارا ليما.

ٺاهڻ جو طريقو: ادرڪ کي ڇلي ڪنهن سنهي ڪپڙي ۾ ٻڌي گرم پاڻيءَ ۾ وجهو. ان کي اڌ ڪلاڪ تائين باهه تي ڳاريو. ڳري وڃڻ کانپوءِ  پاڻيءَ مان ڪڍو. ڪپڙو هٽائي ڇريءَ سان ٽڪرا ڪريو. 125 گرام کنڊ ۾ 100 گرام پاڻي وجهي چاشني ٺاهيو. ان ۾ ٻئي ليما نپوڙي وجهو. پچي وڃڻ تي ادرڪ جا ٽڪرا ان ۾ وجهي  چاشنيءَ کي وري باهه تي رکو. جڏهن چاشني اڃا به گهاٽي ٿئي ته ٽڪرن کي ان مان ڪڍي کنڊ ۾ ويڙهيو  ۽ ٿڌو ٿيڻ تي ٿانوَ ۾ وجهو.
 

هي خط منهنجي نالي

محترمه  ادي نذير ناز

توهان جي ادارت ۾ سنڌ جي سرتين جو پنهنجو رسالو ”سرتيون“ جو پهريون پرچو نظر مان گذريو ۽ تمام وڻيو. اوهانجي ايتري محنت ۽ جاکوڙ تي اوهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ دعا ڪريان ٿو، ته سرتيون رسالو اوهانجي ادارت ۾  اڃان  به وڌيڪ سهڻي رنگ ۽ ڍنگ سان شايع ٿيندو رهندو.

ڪنهن رسالي کي ايڊٽ ڪرڻ تمام اوکو ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته اهو رسالو سَون ماڻهن جي هٿن ۾ وڃي ٿو ته سڀني وٽ ساڳيو مان لهڻي ٿو.

اوهان  جهڙيون تجريبڪار ليکڪائون ئي هن رسالي جون ايڊيٽر سونهن ٿيون.

باقي مواد، سو تمام بهترين ۽ سڀاويڪ آهي، اوهانجي  ايڊيٽوريل  کان وٺي ڀينرن جي ڪهاڻين تائين  ۽ ڀائرن جي ڪاوشن تائين سڀ شيون عقل، علم ۽ فهم واريون آهن سڀني ليکڪ ڀينرن ۽ ڀائرن کي پڻ مبارڪون هجن.

هڪ شاعره ۾ ڀيڻ نسرين نوري جي شخصيت  ۽ شاعري ڏاڍي  پسند آئي. ”بيگم زينت چنا“ واريون  يادگيريون من ۾ پيهي ويون. ادبي سماچار ۽ ادبي رهاڻيون عربيه نور محنت سان لکيون آهن ۽ رڌپچاءُ به وڻيو آهي.

اچو ته ”هي ڪتاب پڙهون“  سٺو سلسلو آهي. قمر شهباز جو ڪالم ”شاديون مراديون“ بهترين مزاحيه ڪالم آهي. مسز ممتاز ڀٽو جو ”سنڌ جوراءِ گهراڻو“ به ڏاڍو وڻيو، پر سڀني کان وڌيڪ اوهانجو لکيل رمضان جي مهانگائيءَ تي ليک پسند آيو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ سچ هيو.

ان کان سواءِ شاعري به پسند آئي. جنهن ۾ ڀينرن ۽ ڀائرن جي شاعريءَ جو سنگم هو. ٽائيٽل تي ڇپيل تصوير واري ڇوڪريءَ جو نانءُ نه لکيو اٿو، اهو لکندا ڪريو.

اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٿيندڙ ڀينرن جي تقريبن ۽ سرگرمين کي به شامل ڪريو. ماهر تعليمي ليکڪائن ۽ هوشيار ڇوڪرين جا انٽرويو ڏيو. ڳوٺاڻين عورتن  جا مسئلا به کڻو.

اوهانجو ڀاءُ

اڪبر ساگر

قابل احترام ايڊيٽر سرتيون ”نذير ناز“ صاحبه سدا سلامت رهو.

پهرين ڳالهه ته ايڊيٽر ”سرتيون“ ٿيڻ جي مبارڪ. سوچيندو هئس ته ڏسجي ايندڙ شمارو ڪهڙو ٿو اچي. توهان ته ڪاپي ڪونه موڪلي، پر  حيدرآباد  اچڻ ٿيو. بڪ اسٽال تي وڃي خاص طور خريد ڪيم. پرچو بيحد پسند آيو. ٻاهرين  خوبصورتي کان علاوه اندر مواد بهترين پڙهڻ لاءِ  مليو. ايڏي محنت ۽ جفاڪشي تي توهان کي لک مبارڪون هجن.

خاص طور تي”زندگي هڪ ناٽڪ“ ”۽ سوچون ۽ سپنا“ ۽ واجهائيندي  ورهيه ٿيا“ ڪهاڻيون پسند آيم. شاعري ۾ محترمه سلمه پنهور ۽ ثمينه ميمڻ،  فهميده سحرش ميمڻ، رجب ٻگهيو   جن جون غزلون ڏاڍيون وڻيون. سلمه پنهور جي غزل جو جواب ڪونهي. سچ پڇو ته ان غزل منهنجي دل جي ترجماني  ڪئي آهي.  توهان جو ڪالم وڻيو.  بهرحال ڪوبه بور ڪندڙ مواد ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. اميد اٿم ته ايندڙ شمارو به هن کان بهترين هوندو. هڪ اڌ غزل به موڪليان پيو اميد ته ايندڙ شماري  ۾ جاءِ ڏيندا.

پير مختيار  علي ”مختيار“

محترمه  ڀيڻ نذير ناز، شل سرتين  سان سُکي هجين!

اسلام عليڪم: عرض ته اوهان جي ادارت هيٺ سنڌي ادبي بورڊ جو سنڌي ڀينرن لاءِ خاص پرچو ماهوار  سرتيون نڪري پيو اميد اٿم ته وڌ ۾ وڌ جاکوڙ  ڪري پرچي کي وڌ کان وڌ خوبصورت ڪري ڪڍنديون. ڀيڻ ڀينرن جو ڪنٽريبيوشن لازمي  ٿي پيو ان کانسواءِ ڪوبه ڪم مڪمل نه آهي. مون کي اميد آهي ته مٿيون ڳالهيون ذهن ۾ رکي ڪري پرچي کي سنوارينديون.

خدا حافظ

اوهان جو مخلص ڀاءُ

آصف مٺياڻوي

جيجل ناز!

احترام

مانواري گُلبدن مصراڻيءَ جي وڃڻ کانپوءِ مان ذري گهٽ سرتيون، کان آسرو پلي ويو هوس.

پر، هاڻ اڳ کان به وڌيڪ آسرا آهن.  ”سرتيون“ ۾، ڇو ته اوهان اُن کي ايڊٽ ڪري رهيا آهيو.  سرتيون لاءِ اوهان جي ايڊيٽري هر طرح ڪارائتي ثابت ٿيندي.

معمول کان ڪجهه واڌاري وِٿيءَ کان پوءِ سرتيون جولاءِ- ڊسمبر 91ع جو پرچو عيدالفطر کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ مليو. پنهنجي به عيد ۾ عيد ٿي ۽ اوهان کي ٻه ٻِٽيون مبارڪون هجن،   سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ جون  ۽ عيد جون. سرتيون ۾، هن دفعي اوهان شاعريءَ ۾ منهنجون ٻه شيون ڏئي منهنجي دل وڏي ڪري ڇڏي آهي.

هڪ پاسي اوهان جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجهان: محمد سليمان پٺاڻ ”پرڏيهي“ جا جيڪي بيت ڇپيا آهن، اهي لڳ- ڀڳ سمورا لطيف سائين ۽ ٻين شاعرن جا آهن. سر سورٺ جي هن بيت مان ته صاف ظاهر آهي اهي بيت ”پرڏيهيءَ“ جا ناهن.

”چارڻ چنگ ڪُلهي ڪري رهي آيو رات،

سدا جي سيد چئي وائي ڪيائين وات.“

”پرڏيهي، اها جرئت ڪيئن ڪئي جو پراوا بيت پنهنجي نالي ڇپرايائين!؟ جيڪڏهن ”پرڏيهي“ جي اها دعويٰ آهي ته اهي بيت سندس آهن ته غلط آهي ۽ جن ٻين شاعرن جا آهن ته هن کي ڄاڻائڻ کپندو هو، ته هي بيت فلاڻن فلاڻن شاعرن جا آهن، اڳتي لاءِ اهڙا ادبي هاڃا ”سرتيون“ جي پليٽ فارم تان نه ٿيڻ گهرجن.

هڪ تجويز هيءَ به آهي ته: سرتيون ۾ ڇپجندڙ مواد بابت جيڪي رايا اصلاحي/ تنقيدي خطن جي صورت ۾ پهچن. اُهي ضرور ڇپجڻ گهرجن. ائين ليکڪن کي پنهنجي چڱاين/ مٺاين جي سُڌ پوندي.

اوهانجو

آثم ناٿن شاهي

جواب: ڀاءُ اهي شعر شاهه جا چونڊ شعر هئا.

قابل احترام

ادي نذير ناز

اميد ته خيريت سان هونديون

ادي اڄ اوهان جو خط مليو، الاهي ساتريون مهربانيون، نئون سرتيون اچي ويو آ، سچ پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، جيڪو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ بيهجي ويو هو، ان کي اوهان جاري ڪيو، ان لاءِ اوهان کي لک لک مبارڪون، وڌيڪ تبصرو ”سرتيون“ پڙهي پوءِ ڪنديس.

ادي مان  توهان ڏانهن بيت موڪليا هئا. ساڳئي خط ۾ جنهن جو اوهان اڳئين ڀيري جواب به موڪليو هو، پر خير اگر هيٺ مٿي ٿي ويا، وري به شابس هجيو ته توهان ٻڌايو ته سهي، مان هي ٻيو مواد موڪليان پئي اميد ته جواب جي مهرباني ڪندا، اوهانکي به هر ڀيري تڪليف پئي ڏيان، پر ادي مون لاءِ ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ کانسواءِ هن دنيا ۾ شايد ڪا ٻي پناهه  گاهه ناهي، اميد ته تڪليف معاف ڪندا ۽ جواب جي مهرباني ڪندا.

مهرباني

شاهده تارا ڀٽي

مانواري  سانئڻ، نذير ناز

اسلام عليڪم

سڀ کان پهريائين سنڌي ادبي بورڊ پاران جاري  ٿيندڙ سنڌ جي سرتين لئه ٽه ماهي رسالي ”سرتيون“ جون ادارتي ذميداريون سنڀالڻ تي واڌايون قبول هُجن. ”سرتيون“ جو نڪور پرچو مطالعي هيٺ آيو. مجموعي طور مواد جي چونڊ بهتر هئي ۽ اوهان جي ذوق جي آئينه دار پڻ، نون ليکڪن/ ليکڪائن جي لکڻين کي چڱي  جاءِ ڏئي اوهان سٺي روايت جو بنياد رکيو آهي. هونئن به ساهتي سفر جي انهن پانڌيئڙن کي همٿائڻ جُڳائي.  چڱو ٿيندو جيڪڏهن ”سرتيون“ ۾ ڪجهه نواڻ آندي وڃي مثال طور رنگين صفحن جي شروعات، عالمي ادب مان چونڊ، زندگيءَ جي  مختلف پيچرن ۾ جاڳرتا  جي جوت جلائيندڙ، باهمت سرتين سان ڳالهه ٻولهه وغيره.

منهنجي خيال ۾ ”سرتيون“ رسالو ڀينرن جو رسالو آهي ۽ مٿس پهريون  حق به سندن آ پر تنهن هوندي به هڪ ”وائي“ موڪلي رهيو آهيان جيڪڏهن مناسب سمجهو ته ايندڙ شماري  ۾ جاءِ ڏجو. اوسيئڙو رهندو.

مخلص

امر اقبال

مانواري ڀيڻ

نذير ناز

ادي، ”سرتيون“  جو نئون پرچو نظر مان گذريو. ايڊيٽنگ ۾ اوهان جو نالو پڙهي نهايت خوشي ٿي.

اسان کي اميد آهي ته پنهنجي ادبي خدمتن جي حوالي سان هينئر به هڪ رسالي ۾ ڀرپور ڪم ڪنديون ۽ عورتن لاءِ نڪرندڙ هن رسالي کي اڃا به معياري ۽ عام ڪرڻ ۾ پنهنجون سرگرميون صرف ڪندو.

اسان جي دعا آهي ته جيئن به هلي پر ”سرتيون“  هلندو رهي ڪڏهن بند نه ٿئي

دعاڳو: علي عابد

مانواري ايڊيٽر صاحبه

اميد ته توهان خوش  باش هوندو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com