سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :12

گيت

ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
ڪوڙي جڳ ۾ مورک انسان
ڇو ٿو ڳنڍين تون سڱ سياپا
جنم جنم جا ساٿي  سارا،
ڌار ٿي ويندئي دوست دلارا،
ويندءِ ڇڏي سڀ لڳ لاڳاپا،
 

ڇو ٿو ڳنڍين تون......

غزل

ڪنهن سان ڪنهنجو ساٿ نه رهندو،
خالي هٿين هتان هرڪو ويندو،
ساٿ ڇڏيندا جيءَ جياپا!
 

ڇو ٿو ڳنڍين تون.....

                                               

خواب جي دنيا خواب ٿي ويندي،
خاڪ جي هستي  خاڪ ٿي ويندي،
ڪنهن کي ڏيندين پوءِ ڏک ڏوراپاٰ
 

ڇو ٿو ڳنڍين تون.....

                                               

منهنجي جنون جو حال، بهارن کان پڇي ڏس،
سانوڻ جي دلفريب، نظارن کان پڇي ڏس.
 

ڇو بيقرار آهيان، مون کي خبر نه آ،
فرقت جو حال درد جي، مارن کان پڇي ڏس.
 

ڏينهن رات روئان پيئي، سندي انتظار ۾،
يقين جي نه اچيئي ته، ستارن کان پڇي ڏس.
 

طوفان عشق کان ڀڄڻ، منهنجو محال هو،
منهنجي ٻڏڻ جو حال، ڪنارن کان پڇي ڏس.
 

پنهنجي ئي دل جي باهه، جلايو آ اي مِٺا،
سينو سڙي ٿيو خاڪ،  شرارن کان پڇي ڏس.
                            

هو جمالو

هو جمالو.... وه وا جمالو!

منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو....

جيڪو کٽي آيو خير سان، هو جمالو....

جيڪو لڙي آيو لاڙ کان، هو جمالو....

جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾، هو جمالو....

جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾....

جنهن جا وار گُهنڊيدار لا هو جمالو....

جنهن جون اکيون رب رکيو لا هو جمالو....

جنهن جا چپ ماکيءَ مپ لا، هو جمالو....

جنهن جا ڏند دلبند،لا هو جمالو....

جنهن جا هٿ مينديءَ رتڙا، هو جمالو....

جنهن جا پير  پنج سير، لا هو جمالو....

هو جمالو....واه وا جمالو!

 

محبتي ميهار جيون، دل اندر دونهيون،
آڻئو وجهي آر ۾، لهائو لُوهيون،
جي ساهڙ جيون سُونهيون، سِير سِراڙو تنکي.

(شاهه)

مضمون

انٽرويو وٺندڙ: ناهيد ميمڻ

هڪ ملاقات ڊاڪٽر درِشهوار سيد سان

ماڻهو سڀ نه سهڻا

ڊاڪٽر دِرشهوار سيد سائين کي سائين جي- ايم سيد جي نياڻي هئڻ جو شرف حاصل آهي. پر سندس نالو ذاتي طور تي به ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. پاڻ پهرين سنڌي مسلمان خاتون آهي، جنهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه تي پي- ايڇ ڊي جي ڊگري لنڊن جي ايلمبرگ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. ان سان گڏوگڏ علمي ادبي سرگرمين ۽ سوشل ڪمن ۾ پڻ پيش پيش رهيون آهن. ڊاڪٽر صاحبه سنڌ جي نياڻين لاءِ مثال آهي. پاڻ سنڌي نارين جي جاگرتا ۽ سهائتا لاءِ گهڻو ڪم ڪيو اٿن ۽ سندن مشن جاري آهي.

هڪ ڏينهن جڏهن مان يونيورسٽي جي سيمينار ۾ ويٺي هيس ته ٻڌم ته ڊاڪٽر درِشهوار کي شاهه لطيف چيئر جو دائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي،  تنهن تي  مون کي تمام گهڻي خوشي حاصل ٿي. مون کي اوڏي مهل اهو خيال اوچتو آيو ته ڇو نه مان پنهنجي ڀينرن کي ڊاڪٽر درِشهوار سيد سان ملاقات جي سوکڙي پيش ڪيان. ڇاڪاڻ جو پاڻ ايڏي وڏي ليڊر جي نياڻي هئڻ جي باوجود سياست ۾ حصو  نه ورتائين، پر علم ادب جي خدمت سان گڏوگڏ پنهنجي سمورين  ڪاوشن  ۽ محنتن  کي سنڌي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ صرف ڪيو اٿائون. ٻيو وري جو پاڻ سيد گهراڻي  مان ٿيندي به اعليٰ تعليم  ڪيئن حاصل ڪيائون، سو اهو سڀ سوچي ساڻن ملاقات جي لاءِ ٽائيم  ۽ ڏينهن وٺڻ  لاءِ مان  پنهنجي استاد سان گڏ ويس. مهربان  ڊاڪٽر صاحبه جن پنهنجي شفقت ۽ ميٺاج سان ڳالهائيندي مون کي ڏينهن ۽ ٽائيم ڏنو. مان سندس سهڻي سلوڪ  کان متاثر  ٿئي بنا نه رهي سگهيس. مقرر ڏينهن تي سندن اجازت وٺي ۽ انٽرويو شروع ڪيم

سوال: اسان و ٽ سنڌ ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ جو شعور اڃان نه وڌيو آهي ۽ خاص  طور تي سيد ته نياڻين کي پڙهائين ئي ڪونه ، پوءِ  توهان  ڪيئن تعليم حاصل ڪئي؟

جواب: ڊاڪٽر  صاحبه: اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته اڃا اسان وٽ ٪80 عورتون تعليم حاصل ڪري نه سگهيو آهن. ڇاڪاڻ جو  ان ۾ فيمليءَ جو وڏو  هٿ ٿئي ٿو.

منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته گهر جو وڏو جيڪر ان ۾ دلچسپي وٺي،  ته پوءِ ڪابه ان ۾ رڪاوٽ پيش نٿي اچي سگهي. بلڪل ائين مونسان به ٿيو  ۽ منهنجي تعليم ۾ بابا  سائين نه  رڳو دلچسپي ورتي. بلڪ ڪري به ڏيکاريو. بابا مون کي ابتدائي تعليم ڏياري پوءِ ڪراچي موڪلي ڇڏيائين. جتي مان سينٽ جوزف اسڪول ۽ ڪاليج  مان پڙهيو  ۽ پوءِ  ڪراچي يونيورسٽي ۽ پوءِ وري Abroad  ويس.

سوال:ڪجهه هُتي  جي تعليم ۽ تحقيق  متعلق ٻڌايو؟

جواب:داڪٽر صاحبه:  هتي ۽ هُتي جي تعليم ۽ تحقيق ۾ گهڻو فرق آهي. پر جيڪي هتان جا شاگرد خاص ڪري پڙهڻ وڃن ٿا، هي هتي تمام گهڻي محنت ڪن ٿا پر انهن ۾ جيڪي پارٽ ٽائيم جاب ڪن ٿا. اهي پڙهائيءَ کي پورو وقت نٿا ڏين. مون کي اتان جي M-A ائين لڳي جيئن ٻيهر الف- ب کان شروع ڪيو ويو هجي.

اتي استاد  موضوع (Topic) ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ پندرهن ويهن ڪتابن جي نالن جي لسٽ به ڏيندا هئا، جيڪي پندرهن  ڏينهن ۾ پڙهي اچي بحث ۾ حصو وٺڻو پوندو هو. نه ته ڪو ليڪچر۽ نه وري ڪي نوٽس ملندا هئا.

سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي. ٽي  مهينا ڪلاسز ٿيندا هئا. اسان جو سڄي سال ۾ ٻه چار ڪتابن مس پڙهندا آهيون، سو اسان جي لاءِ ته اها تمام وڏي ڳالهه هئي،  رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهندا هئاسين. تحقيق اتي انٽر کانپوءِ يڪدم شروع ٿي وڃي ٿي. منهنجو پنهنجو مشاهدو اهو آهي ته هتي جيڪا اسائنمنٽ يا ٿيسز لکي وڃي ٿي هڪ ته ان جي ڊيگهه به تمام گهٽ هوندي آهي، ته ٻيو وري تحقيق تمام گهٽ هوندي آهي. نقل جي ڀرمار هوندي آهي.

سوال: توهان پهريائين ڪراچي يونيورسٽي جي پاڪستان  اسٽڊي جي شعبي سان منسل  هو. هينئر توهان شاهه لطيف چيئر سان وابسته  آهيو،  توهان جي ان باري ۾ ڇا راءِ آهي؟ ڪجهه ان تي روشني وجهو.

جواب:ميڊم: پاڪستان اسٽڊي جي مان شاگرد ئي ڪانه هيس. مون پهرين M-A فلاسافي ۾ ان کانپوءِ مان اعليٰ تعليم لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويس South Asian Study  ۾ هسٽري جو به هڪ پيپر هو. خير جڏهن مان پاڪستان آيس ته مان پنهنجي استادن سان ملڻ ڊپارٽمينٽ ۾ ويس. جتي انهن مون کي اها صلاح ڏني ته مان يونيورسٽي  جوائين ڪريان. تنهن تي مون چيو ته ڪا ويڪنسي به آهي. مون کي ٻڌايو ويو ته فلاسفي ڊپارٽمينٽ جي شعبي ۾ ڪو آپريٽو  ٽيچر جي سيٽ خالي آهي. في الحال توهان اتي ئي جوائين ڪريو. سو مان به اپلاءِ ڪيو. جڏهن  ته منهنجا مٽ  مائٽ ان ڳالهه تي ٿورو گهڻو ناراض ٿيا. مان جيڪا Ph.D ڪيل آهيان ان جي باوجود ڪو آپريٽو ٽيچر جي جاب ڪيان.  مون چيو  ته مون کي تجربو حاصل ڪرڻو آهي. وري ڇهن مهينن کانپوءِ  مون کي پاڪستان اسٽڊي ۾ جاب ملي.

حقيقت  ۾ مون Ph.D ڪئي شاهه لطيف تي ۽ مون کي ڪم به شاهه لطيف تي ئي ڪرڻو هو. منهنجي بابا جي به شديد  خواهش هئي ته مان جاب وغيره نه ڪيان پر  گهر ويهي شاهه لطيف تي ڪم ڪيان.مون ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي ته گهر ويٺي ماڻهو سست ٿيو پوي ۽ پوءِ ڪو به ڪم ڪرڻ جي لائق نٿو رهي. مون سوچيو ته سنڌي ڊپارٽمينٽ سان وابسته ٿيان پر جيئن ته اتي ڪا سيٽ وغيره خالي نه هئي سو مان پاڪستان اسٽڊيءَ ۾ ويس. اتان وري مون کي شاهه لطيف چيئر آندو ويو. جتي ڊاڪٽر اياز قادري جن پهرين دائريڪٽر  هئا ۽ هاڻي Adviser Professor  جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. هينئر مان شاهه لطيف چيئر جي دائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي آهيان.

مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته پاڪستان  ۾ سڀ کان پهرين مسلمان سنڌي خاتون مان آهيان، جنهن شاهه لطيف تي Ph.D ڪئي. هن کان اڳ ٻاهرين ملڪ مان پهرين  ڪنهن به نه ڪئي هئي پر پوءِ ڪجهه ٻين به ڪئي آهي. انڊيا مان ڪجهه ماڻهن  ڪئي آهي پر 84ع تائين ڪنهن به نه ڪئي هئي.

سوال: شاهه لطيف چيئر ۾ توهان  کي ڪهڙن مسئلن ۽ مونجهارن کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ توهان جو ڪو نئون  پروگرام  رٿيل آهي ان بابت ڪجهه ٻڌايو؟

جواب: شاهه لطيف چيئر ۾ مان جيئن آئي آهيان تيئن ئي مون کي اها مسئلن ۽ مونجهارن سان پُر ملي آهي. جڏهن مان اها جوائين ڪرڻ ويس تڏهن خبر ملي ته شاهه لطيف چيئر وٽ فنڊس بلڪل نه آهن. پهرين ڪجهه فنڊس مليا. جڏهن سنڌ گورنمينٽ اها قائم ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ وري 1989ع ۾ فيڊرل گورنمينٽ ڪي ٻه لک رپيا ڏنا هئا، جيڪي هيل تائين  ڪم آيا آهن ۽ هاڻي ته شاهه لطيف چيئر وٽ ايندڙ وقت ۾ ملازمن جي پگهار جيترا پئسا  به  ڪونه  آهن. شاهه لطيف  چيئر کي نه ته  يونيورسٽي وارا ئي پاڻ سان گڏين ٿا ۽ نه وري ڪا گورنمينٽ ئي ڪو پيسو ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ گورنمينٽ جو ڪو واسطو ئي نه رهيو آهي جو اها ان جي پرگهور  لهي. اها ته ان کي قائم ڪري ئي ماٺ ڪري وئي آهي. سو مان  جڏهن کان آئي آهيان تڏهن کان وٺي انهن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهيان ۽ان ڪوشش ۾ آهيان ته شاهه لطيف چيئر  کي يونيورسٽيءَ  وارا پاڻ سان انڪلوڊ ڪن. ان لاءِ مختلف ماڻهن  سان ملاقاتون ڪري رهي آهيان ۽ انهن کي بار بار چوان پئي ته شاهه لطيف  چيئر جي Survival جو سوال آهي ان لاءِ ڪجهه ڪريو.

سوال: توهان جو لاڳاپو جيئن ASWA سان به آهي ته ان تنظيم جي قائم ڪرڻ جا ڪهڙا سبب هئا؟

جواب: اسان جي تنظيم کي پنجاهه سال اڳ قائم ٿيڻ  کپندو هو. اها اسان جي بدقسمتي  آهي جو اسان وٽ سياست جو گهڻو زور رهيو آهي  ۽ سماجي  ڪم بلڪل نه هئڻ جي برابر  ٿيا آهن. جڏهن ته ٻاهرين ملڪن توڙي پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ گهڻيون ئي سوشل  تنظيمون ڪم ڪن پيون،  پر اهي سنڌ جي ڳوٺن کي بلڪل اڻپورو وقت ڏين ٿيون. خاص ڪري ڳوٺن جي عورتن  لاءِ ته انهن  وٽ ڪو به پروگرام نه آهي. مون جڏهن ڪراچيءَ مان ايم- اي پئي ڪئي، تڏهن اتي جي ماحول کي ڏسي اهو خيال ڪيم ته ڇو نه اسان به پنهنجي ڳوٺاڻين عورتن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه  ڪريون. سو اهو خيال مان پنهنجي تعلق وارن تائين پهچايو ته جيئن ڪو ڪم شروع   ڪري سگهون وري خيال پختي ارادي ۾ تڏهن بدلجي ويو. جڏهن مان حيدرآباد ويس ۽ اتي جي  سنڌي عورتن کي ڏٺم.

جڏهن وري مون کي ٻاهر وڃڻ جو موقعو مليو تڏهن ڏٺم ته اتي ڪئن نه پنهنجن عورتن لاءِ ڪم ڪيو وڃي ٿو. اتي ڪيترائي ادارا آهن جيڪي رڳو عورتن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته ڄڻ اتي جي عورتن لاءِ گهڻا ادارا آهن جيڪي انهن لاءِ ڪم ڪن ٿا. اتي ڀلي ڪنهن به عورت کي گهر مان ڪڍيو وڃي ٿو. اها دربدر نٿي ٿئي پر ان کي ڪونه ڪو ادارو ڪم اچي وڃي ٿو. سو مان ٻاهران موٽي اچڻ کانپوءِ سن 1985ع ۾ پنهنجي ڳوٺ سن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪم شروع ڪري ڇڏيو پوءِ وري اهو وڌايوسين ته جيئن ان ڪم ۾ رڳو اسان جي فيملي نه پر ٻيا به شريڪ ٿين.

سوال: هن وقت تائين توهان جي تنظيم ڇا ڇا ڪم ڪيو آهي؟

جواب: هيل تائين اسان اڃا پنهنجي سڀني پروجيڪٽن تي ڪم نه ڪري سگهيا آهيون. هن وقت تائين جيڪي قدرتي مسئلا پيش آيا آهن  انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان همت ٻڌي بيٺا آهيون. جيئن ڪجهه وقت اڳي ٿر ۾ ڪارو ڏڪار پيو هو اسان ان لاءِ ڪم ڪيوسين  ان کانپوءِ وري ٻوڏ ٺٽي ۽ سجاول ۾ آئي هئي اتان جي رهاڪن لاءِ بروقت مدد کڻي وياسين ۽ وري  هاڻي جيڪي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ  ۾ ڪلور ٿيا آهن انهن ۾ به اسان پهرين پهتا هئاسين. جڏهن  ته ڪيتريون ئي تنظيمون سوچي رهيون آهن. پر سگا وارن سان گڏ اسان اڳ پهتاسين.  اتي اسان نه صرف انهن ماڻهن جي مدد ڪئي پر انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ به پروگرام ٺاهياسين. جنهن ۾ انهن پڻ اسان جو ساٿ  ڏنو ۽ پاڻ چيائون ته اسان کي  پينو نه ٺاهيو سو اسان به انهن کي گاڏا وٺي ڏناسين ۽ انهن ۾ ڪنهن کي ميوا ته وري ڪنهن ۾ ڀاڄيون رکي ڏنيوسين ته جيئن اهي وڪرو ڪري گهر هلائين. پوءِ ڪجهه وقت   کانپوءِ اسان ڏٺوسين ته اهي وري ڪجهه اڳيان وڌيل هئا ۽ انهن ننڍيون ننڍيون ڪئبنون کولي ڇڏيون هيون.

سوال: ڇا توهان  جي تنظيم ڪراچي جي ڳوٺن جي عورتن لاءِ به ڪي قدم کنيا آهن؟

جواب: اسان ڪراچيءَ جي ويجهو ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ وڃڻ شروع ڪيو آهي. جنهن ۾ اسان  جي ڪوشش اها رهي آهي ته نه رڳو اتي جي رهاڪن جي مدد ڪريون، بلڪه انهن ۾ شعور به آڻيون. ٽن سالن کان مسلسل وڃي رهيا آهيون. اسان جا ماڻهو غربت جي ڪري ايڏا ته مجبور آهن جو هو چاهين ٿا ته هر وقت اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ڏنو وڃي. ٺلهين ڳالهين سان سندن پيٽ نٿو ڀرجي سگهي: سو تنهن ڪري اسان به خالي ڳالهيون نه ڪندا آهيون ۽ نه وڃي ڊگهيون ڊگهيون تقريرون ڪندا آهيون بلڪه انهن جي ڀلائيءَ لاءِ مختلف ڪم ڪرڻ ۾ پيش پيش هوندا آهيون جيئن نبيل گبول ڳوٺ ۾ اسان جي چوڻ تي پنجاهه نياڻيون پڙهي رهيون آهن. انهن کي اسان هر طرح سپورٽ ڪيون پيا. جنهن ۾ ڪپڙا، ڪتاب، سوئيٽر بوٽ وغيره. اهڙي طرح ديهه مسنوارن ڏانهن ميڊيڪل ٽيم وٺي ويندا آهيون. سياري ۾ گرم ڪپڙا ۽ عيد برات تي ٻارن لاءِ نوان لباس ۽ کاڌي پيتي جون شيون کنيون وڃون.  ان سان ائين ٿئي ٿو جو اهي به سمجهن ٿا ته انهن جي سنڀال ڪرڻ وارا موجود آهن. هو پنهنجي ڏکن ۽ سورن ۾ اڪيلا نه آهن.

سوال: ”اسوا“ توهان ڪيئن هلائي رهيا آهيون ان ۾ ڇا سرندي وارا ماڻهو توهان جو ساٿ ڏين ٿا يا نه؟

جواب:”اَسوا“ کي ٺلهن هٿن تي نه نٿو هلائي سگهجي. سو ان لاءِ اسان مختلف پروگرام ترتيب ڏيندا آهيون. ائين خالي ته ڪير پائي پيسو به ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهن ڪري اسان ڪي ”نمائشون Exhibitions ڪرايون جن ۾ ڳوٺاڻين عورتن کان گهرو هنر جا ڪيترائي نمونا ٺهرايون جن مان رڳو اسان نفعو نٿا واپرايون پر انهن کي پورهئي جو عيوضو ڏيندا آهيون. ڪڏهن ميوزڪ پروگرام ڪندا آهيون. جنهن ۾ سوينيئر ڪڍندا آهيون، جنهن لاءِ اشتهار پڻ ملندا آهن. اهڙي طرح ”اسوا“ All Sindh Womens Association هلي رهي آهي.

رهي ڳالهه سرندي وارن جي ساٿ ڏيڻ جي ته اسان سنڌين ۾ ڀلائي جي ڪمن جي شايد عادت ئي ڪانهي. خاص طور تي پنهنجي مدد پاڻ جو جذبو ته بلڪل ناپيد آهي. اسان چڱي ڪم ۾ خرچ ڪرڻ جي جاءِ تي پنهنجي وڏائي، ڏيک، عياشي ۽ فضول خرچي ۾ اڏائڻ ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪندا آهيون. سو اهڙي هلت هلڻ وارن مان ڀلا. ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. پر ان جي باوجود ڪجهه ميمبرس خواتين جي پهچ ڪم اچي ويندي آهي. جيئن اشتهار وٺي ڏيڻ يا ڪنهن پروگرام کي ڪامياب ڪرائڻ وغيره.

اسان جي هڪ اها به بدنصيبي آهي، جو اسان ۾ اڳيان وڌي اچڻ جو جذبو بلڪل سرد آهي جنهن ۾ ذرو به جوش يا گرمي نه آهي. اها بي حسي جهڙي شهر وارن ۾ تهڙي ئي ڳوٺ وارن ۾ بدرجه  اتم موجود آهي.

اسان جا ڳوٺاڻا پاڻ کي اڃا تائين نماڻا، اياڻا ۽ هيڻا سمجهن ٿا. هر وقت سندن آرزو اها رهي آهي ته ڪير ٻيو اچي سندن مدد ڪري ۽ هو هٿ  تي هٿ رکيو ويهي رهن. سو اسان جي اجتماعي طور تي اها خواهش رهي آهي ته هو پاڻ ۾ اڳيان وڌڻ جو جذبو ۽ جوش پيدا ڪن ۽ پنهنجي تقدير بدلائڻ جي پاڻ هر ممڪن ڪوشش ڪن.

سوال: هيستائين ”اسوا“ جون شاخون ڪهڙن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ڪيون ويون آهن؟

جواب: اسان جون شاخون هيٺين شهرن  ۽ ڳوٺن ۾ مثلن: ڪراچي، حيدرآباد،نوابشاهه، سن، ٽنڊوآدم، ڀاڻوٺ وغيره ۾ آهن. ٻين ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ قائم ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. ڪيترن ماڻهن به خواهش ڏيکاري آهي ته سندن شهر يا ڳوٺن ۾ اسوا  جي شاخ کوليون. انهن لاءِ اهو ته نه آهي جو رڳو شاخ کولي وري ماڻهو نهاري به نه سگهي ته اتي ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن  ۽ ڪيئن ڪبا.

سوال: اسوا جو خاص مقصد ڪهڙو رهيو آهي ۽ ان جي مقصد جي پورائي لاءِ عام شهري ڪهڙي ريت ڪم ڪن ٿا؟

جواب: ”اسوا“ جو اصل ۽ خاص مقصد سنڌي عورت ۾ سجاڳي آڻڻ آهي ۽ ٻه اهم پروجيڪٽ  اٿس. Health and education جن تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. رهي ڳالهه عام شهريءَ جي ڪم ڪرڻ جي ته جڏهن اسان ڳوٺن ۾ وڃون ٿا ۽ انهن کي غفلت مان سجاڳ ڪندي چئون ٿا ته بابا  توهان پنهنجن نياڻين کي تعليم ڏياريو ته هو مون کي ته ذاتي طور گهڻي عزت سان نوازين ٿا، پر منهنجي چيل ڳالهه جي باري ۾ چون ٿا ته ”جيجان اها اسان ۾ روش (رواج) ڪانهي. ڪجهه وري اهو چون ٿا ته کين ڇوڪرن کي پڙهائڻ جي طاقت ڪانهي ته ڇوڪرين کي ڪٿان پڙهايون. سو اهڙن گهرن جي نياڻين توڙي پٽن جي پڙهائيءَ جو جوڳو بندوبست ڪريون.

حيدرآباد ۾ جيڪي تازو فساد ۽ خون خراب ٿيا انهن ۾ دربدر Displace ٿيڻ وارن مان اسان 100 ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جن وٽ جيڪا شئي  کٽل هئي سا انهن کي وٺي ڏني ويئي، جنهن ۾ سوئيٽر، بوٽ ۽ ٻيو سامان شامل هو. هاڻي اسان جي ايسوسيئيشن جي ڪوشش جاري آهي ته اسان سنڌي نياڻين لاءِ هڪ هاسٽل ڪراچي شهر ۾ ٺهرايون. جنهن ۾ ڳوٺن کان آيل اهي نياڻيون جيڪي علم پرائڻ، جاب ڪرڻ يا وري ڪا ٽريننگ وٺڻ اچن انهن کي گهر جهڙو ماحول ۽ تحفظ فراهم ڪري سگهجي. ان ۾ هڪڙو سيڪشن ٻارن لاءِ به هجي. سو ان هاسٽل جي لاءِ اپروچ Approach وارن تائين وڃون پيا. ڪجهه پهتل ماڻهن سان به رابطو  رکيو اٿئون ته جيئن هو به اسان جي مدد ڪن. ان هاسٽل کي قائم ڪرڻ سان اهو ٿيندو جو سنڌي ڳوٺاڻي  ۽ شهري عورتن جو پاڻ ۾ لاڳاپو وڌندو ۽ سنڌي عورتن لاءِ به هڪ محور ٺهي پوندو. جنهن جي گرد گهمڻ سان ان جي علم ۽ شعور ۾ واڌارو ايندو.

سوال: ان تنظيم ۾ سنڌي عورتن جي دلچسپي ۽ ڪارڪردگي ڪيئن ۽ ڪيتري رهي آهي؟

جواب: ان تنظيم سان سنڌ جي عورتن جي دلچسپي تمام گهڻي رهي آهي، شروع ۾ ته ڪي ان ڳالهه تي ڇرڪيا. خاص طور تي شهر جا ماڻهو؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ منهنجو هجڻ تي کين اهو سمجهڻ تي مجبور پيو ڪري ته اها جيئي سنڌ جي وومين شاخ آهي. پر پوءِ جڏهن گذريل سال اسان  پنهنجي سالياني تقريب ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي Invite ڪيو ۽ هن به شرڪت ڪئي ته پوءِ ڪيترن ماڻهن جي ذهن مان اها ڳالهه نڪتي. ڪن ته وري اهو به سمجهيو هوندو ته شايد ان ۾ به ڪو Political سياسي فائدو هوندو. پر اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي مان پاڻ اهو چيو ته اسان سنڌ جي سماجي ڀلائي لاءِ هڪ سنڌ جي نياڻي کي گهرايو اٿئون. نه وري ڪنهن سياسي ليڊر کي گهرايو اٿئون. سو موٽ ۾ محترمه بينظير ڀٽو به اهو چيو ته ”هن وقت جڏهن سنڌ ۾ سياست جو دؤر دورو آهي. هر هنڌ سياسي ڇڪتاڻ لڳي پئي آهي. هر ڪو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي سان وابسته آهي. ”پر سلام آهي اسوا کي جنهن سنڌ جي ڀلائي آڏو رکي، سنڌ جي تمام عورتن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي آندو. محترمه بينظير جي اچڻ جو اسان جي تنظيم کي اهو فائدو ٿيو جو عام ۽ خاص جي ذهن تان هڪ غلط تاثر مٽجي ويو.

سوال:  پنهنجي ڪلچر کي ماڻهن ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ توهان ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟

جواب: ڊاڪٽر  دارشهوار يڪدم چيو ته مثلن ڇا؟ ٿوري وضاحت ڪيو؟

سوال: مان پنهنجو سوال ٻيهر ڪيو ته جيئن اسان جا ماڻهو شهر ۾ رهڻ جي ڪري پنهنجي ٻولي کي ۽ پنهنجي ڪيترين سٺين روايتن کي ڇڏي رهيا آهن. سو توهان جي ان باري ۾ ڇا راءِ آهي ۽ توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟

جواب: ها توهان جو اهو بلڪل صحيح چوڻ آهي. اها ڳالهه اڄ ڪلهه جي نه آهي پر ڪافي عرصو اڳ اهو ماحول ٿي ويو هو. ايتري قدر جو مان توهان کي پاڻ سان پيش آيل هڪ واقعو به ٻڌائيندي هلان ته جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ويس Ph:D جي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ ته اتي  مون کي ڊاڪٽر هاليپوٽي چيو ته ”بابا توهان کي سنڌي لکڻ پڙهڻ اچي ٿي؟“ تنهن تي مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ جواب ڏنم ته ”ڊاڪٽر صاحب توهان اها ڳالهه ڪيئن چئي جڏهن ته مونکي سنڌي لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ تمام چڱي نموني اچي ٿي. سو توهان اهو ڪيئن پيا چئو.“ تنهن تي ڊاڪٽر صاحب چيو ته ”وڏا ماڻهو چوندا آهن ته سنڌي لکو ۽ پڙهو پر پاڻ انهن تي عمل نه ڪندا آهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com