سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري- مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون جنوري- مارچ 1992ع

نذير ناز

پنهنجي مڙني سرتين لاءِ

”سرتيون“ جي سوکڙي حاضر آهي. هن کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ اوهان ڀينرن ۽ ڀائرن جو ساٿ ۽ سهڪار به شامل آهي.

ٻيو ڪجهه محسوس  ٿئي نه ٿئي، قرب ۽ سڪ جي سهڪار  ۾ رچيل اوهان جا ايترا سارا خط، جن ۾ بورڊ ۾ منهنجو اچڻ، ”سرتيون“ جي ايڊيٽر ٿيڻ جي خوشي جو اظهار ۽ مبارڪباد سمايل آهي. مون کي ته هاڻي واقعي ناز ٿيڻ لڳو آهي، پنهنجي پاڻ تي. ايڏي چاهت، مون ناچيز تي، ايڏو اعتماد. حقيقت ۾ انهيءَ مبارڪباد جا مستحق محترم قبلا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن آهن.

سنڌي عورتن لاءِ ”سرتيون“  جو اجراءُ تمام وڏي ڳالهه آهي. سنڌي ادب جي تاريخ قبلا سائين جو هي ا قدام سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. قبلا سائين جو سنڌي ادب سان، پنهنجي ٻوليءَ سان بي انتها عشق آهي. ماڻهو جيستائين پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي حال جي سيني ۾ رکيل لازوال حسن ۽ حقيقت کي محسوس نه ڪندو، تيستائين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندو. اسان جو سنڌي ادبي بورڊ قبلا سائين جي رهنمائي ۾ سنڌي ادب، ثقافت، سنڌ جي عوام جي رهڻي ڪهڻي جي ڀرپور نمائندگي ڪري ٿو. ادب ۽ ثقافت جو بچاءُ ان جي آبياري، دراصل سنڌي عوام جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي جٽادار اڏاوت جو بچاءُ آهي.

ان ڪري اسان سڀني جو گڏيل فرض آهي ته سنڌي ادب ۽ ثقافت جي حفاظت ۽ واڌ لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌي قبلا سائين جي نقش قدم تي هلون، ڪجهه پرايون، ڪجهه حاصل ڪريون. قبلا سائين جن جون خدمتون ادب ۾ سج جيان روشن آهن. انهن روشن ڪرڻن سان اسين پنهنجي حال ۽ مستقبل کي روشن ڪيون.

”سرتيون“ رسالو ڀينرن لاءِ ان ڏس ۾ وڏي وک آهي. ان ڪارائتي وک کڻندڙ جي شاندار سهڪار ڪندڙ اديبن، دانشورن، اهل قلم ڀينرن ۽ ڀائرن کي مبارڪباد ڏيان ٿي. ”سرتيون“ جي ڪاميابي ۽ سونهن ۾ رڳو منهنجو نه بلڪه اوهان ڀينرن ۽ ڀائرن جو پگهر ۽ نور شامل آهي. اسين انهن معصوم نياڻين جي انهن جذبن جو به قدر ڪريون ٿا، جن سڪ سان پنهنجون لکڻيون اسان کي ڏياري موڪليون، پر ”سرتيون“ ۾ پنهنجي شرڪت جو اهم احساس ڏياريو آهي.

”سرتيون“ ۾ گهڻو ڪري اسان نئين لکندڙ ڀينرن کي موقعو ڏنو آهي. ممڪن آهي انهن ڀينرن جي لکڻين ۾ اڃا اها پختگي نه آئي هجي، پر وقت جي دز نيٺ به مٽيءَ مان شهڪار جوڙيندي آهي. هن دؤر جو ڪوبه وڏو نالو سدائين کان اهڙو ناهي رهيو، وڏا اديب، شروعات ۾ ائين ئي ڪچو ڦڪو لکندا آهن. ڄمندي ڄام ڪير ٿو ٿئي. ان لحاظ کان جي نوان ليکڪ شروعات ۾ غلطيون نه ڪندا ته اصلاح ڪيئن حاصل ڪندا. هن واري سندن همت افزائي لاءِ خطن ۾ تنقيدي جائزو ضرور لکجو. انهيءَ ڏس ۾ اسان انهن نين ڀينرن جي دل سان آجيان ڪيون ٿا. مان انهن سڀني لکندڙن جي تمام گهڻي ٿورائتي آهيان، جن پنهنجي سمجهه ۽ پرخلوص سچن جذبن سان سهڪار ڪندي ”سرتيون“  جي سٿ ۾ اچي شريڪ ٿيا آهن. اميد ته اهو ساٿ سدائين سلامت رهندو ۽ وڌيڪ مضبوط  ٿيندو.

اوهان سان سدائين گڏ- نذير ناز
لَڙَ مَ، لاڙائو ٿيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿ
سِجُ سامُهون مُنهن ۾، متان ڪرئين ڪَٿَ
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِج ڳالهه مِڙين.

(شاهه)

 

ڪهاڻيون

مريم مجيدي

اَڻڀو ڍوڍو سڻڀي آس

سڪينه جو اچڻ هونئن ته هر وقت جو هوندو هو، پر هر مهيني جي پهرين يا بي تاريخ جي شام تي جڏهن سندس هٿ ۾ هڪ ننڍڙي ڪاپي ۽ بال پين هوندي هئي ته ان وقت سندس چال ۽ مرڪ ٻئي بدليل هونديون هيون، ڀروسي واري وک ۽ شانت مک کي ڏسندي منهنجي من کي به آنند ايندو هو ته هن پنهنجي تمنا جي پورائي لاءِ ڪيڏي نه رٿابندي رٿي آهي. هوءَ هر مهيني پنهنجي رکيل ڪاميٽي جا پئسا مائي نيامت وٽ پهچائڻ کانپوءِ بنا دير  جي ڪاپي کڻي سڌي مون وٽ هلي ايندي هئي، ته جيئن اُن تي ويسيءَ جو نمبر ۽ مهينو وغيره لکائي، ڪنهن به قسم جي ڀُل جي امڪان کي باقي نه ڇڏي. ائين ڪندي  بال پين کان وٺي ڪاغذ ڪاري ڪرڻ وارا اکر به پاڻ مهيا ڪندي هئي سواءِ مهيني جي نالي جي، جيڪو وري آءُ پنهن جي پاران پاڻ هلندڙ مهيني مطابق لکي ڇڏيندي هُيس. هن ڀيري به ڪاپي وڌائيندي چوڻ لڳي ”پيسا ٻه سؤ روپيه- مهينو، اهو...... جيڪو هجي اهو.“

”آڪٽوبر“ مون لکندي وراڻيو.

”ها“ اهو ۽ ويسي ڏني ستين.“

مون سندس اُچاريل اکر لکي پين معمول مطابق وچ ۾ ڏيئي نوٽبڪ بند ڪري ڏانهس وڌائيندي نهاريو ته مون کي سندس مُنهن تي اڳ جيان مرڪ بدران هلڪي ڪاوڙ جا آثار نظر ايا جنهن سندس سانوري رنگ کي اڃا به ڪي قدر گهرو ڪري ڇڏيو هو. ان کان اڳ  جو آئون هن کان ڪجهه پُڇان،هُوءَ پاڻمرادو شروع ٿي ويئي.

”ڏس ته مائي نيامت بنهه ڪم ڪريو بيٺي آهي، هروڀرو چوي ٿي ته مون ستون نمبر ويسي ڏيڻي ڪونه ڪئي هئي. مون به گهڻو ڳالهايو پر منهن تي مڃائي ويئي“ هوءَ  يڪساهي چوندي وئي.

”مون مسڪين سان ناحق ٿي ڪري، صفا ڪا  بيمان آهي مائي.“

”ڏيڻا ته کيس اڳ پوءِ  آهن، پوءِ بي ايماني ڪهڙي.“ مون کيس ٿڌي ڪرڻ لاءِ چيو. ”متان کيس ويسر ٿي هجي.“

”نڪو“ هن نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”ويسر ڪٿان آئي، نيت کراب ٿي آهيس.“ هُن ڪاپي کي مضبوطي سان جانڪيندي چيو.

”هن وٽ سڀ لکيو پيو آهي ميمبرن جا نالا نمبر سڀ. هاڻ ته مورڳيان ٺڳي ۾ ڪاهي پئي آهي. هائو، ڏيڻي هوندس ڪنهن پنهنجي کي تڏهن ڦري وئي“ هن مسئلي جو مُنڍ ڳولي لڌو.

”ڇا ڪريان؟  ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو! منهن جي توبهان رڳو هي خير جي پوري ٿئي. چوي ٿي ڏهين تنهنجي آهي.“

هوءَ لاچار لفظن ۾ وکريل ويچار ورجائيندي ويئي.

”توکي به ته رڳو ٽي. وي وٺڻي آهي، پوءِ ڇاٿيو هينئر نه سهي به ٽي مهينا اڳتي آهن پوئتي ڪونهي.“ مون سندس ٽي. وي خريدڻ واري اُٻهري آس کي ڄاڻي ٻُجهي لنوايو.

”سو ته بروبر پر......“ هوءَ ڪجهه هٻڪي پر اُمالڪ سندس مُهانڊي تي ڪاوڙ بدران ٻيو رنگ ٻهڪڻ لڳو. هوءَ بنا ڪڇڻ جي هڪ هٿ ۾ ڪاپي سوگهي ڪري ٻيو هٿ مٿي کڻي اڳيان جهلي آڱر تي آڱوٺو رکي ڪجهه ڳڻڻ لڳي، ”عرس آهي نه.“

ائين لڳو ڄڻ پنهنجو پاڻ کان پڇيو هجيس، پر هُن جون نگاهون مون تي هيون. ان ڪري مون رڳو ڪنڌ ڌوڻ  سان هاڪار ڪئي.

مرڪندي چوڻ لڳي، ”ڌڻي مڙيئي چڱي ڪندو، اڳوپو ٻئي ڪم هيڪاندا ٿيا.“

مون ڏانهس ڏٺو ڄڻ پڇندي هجان، ”ٻئي ڪم ڪهڙا؟“

”اڳي ٻئي ٻار ٿڌا ڄايا هئا. سو هن دفعي پنجين مهيني کان وٺي سائين احمد شاهه کان پيالا لکايو پئي پيان. خير جو هي ستون مهينو هلي پيو.“

مون کي سمجهه ۾ اچي ويو. ”سڪينه تون پنهن جو علاج ڪنهن ڊاڪٽرياڻي کان ڇونٿي ڪرائين متان...... “ مون ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هن ڏانهن ڏٺو.

”ويسي  رکڻ کان ته جيڪر اهو پيسو تون پاڻ تي لائين ته چڱو.“ ڳالهه ڪجهه دل سان لڳيس،  ڇو ته هاڻ سندس چهري تي گنڀيرتا اُڪري آئي هئي.

”چوين ته سچي ٿي پر آءُ پيالا پيان پئي، سائين جي دعا سان ٻار چُري پُري پيو ۽ وري ڪا تڪليف به ڪونهي. بس الله مالڪ آهي.“ هُن توڪل ڏيکاري.

”تڏهن به احتياط ڪر. هيڪر ڊاڪٽرياني کي ضرور ڏيکار.“

”ايترا پئسا ڪٿان اچن؟“

”هي جا ڪاميٽي رکين ٿي سو.“

”تڏهن ڪا کبر ٿورو  هئي. هاڻ ته وٿي ڪونه وجهبي نه“

هن ٿڌو شوڪارو ڀريو.

”سڄو مهينو رُکو کائون نه ٻوڙ نه ٻاڙي، مون ته سوپاريون کيئڻ به ڇڏي ڏنيون، پوءِ به پورت ڪانهي. پيٽ آهي ته ڪپڙو ڪونهي، ڪپڙو وٺون ته لنگهڻ ڪڍڻو پوي.“

هن جائزو پيش ڪيو.

”پيٽ، ڪپڙو، ڏيتي ليتي، دوادرمل سڀ. ڀلا تيرهان سؤ مان ڇاٿو ٿئي! تنهن مان ب ٻه سؤ اُڪا وڃن ويسي ۾ وري مهانگائي به ته پُور ڪري ڇڏيا آهن.“

”تڏهن به ٽي. وي جي پچر نٿي ڇڏين.“

مون سمجهائيندي چيو. هن وٽ به سداوارو جواب هڪيو تڪيو موجود هو، سو ٺهه پهه چيائين.

”کبر ڪونهي، ڪڏهوڪي اميد سانڍي آهي. وٺنديس ضرور گريبن لاءِ ڪاري به ملوڪ پر اهو ڏينهن ٿئي شل“ هن پاڻ کي پرچائيندي وري ڳالهائڻ ۾ شروع ٿي ويئي.

”هو اهي پيسا ڪو خوشي مان ڪونه ٿو ڏي، سونهن قسم ڏيڻ کان پو مس مس ته وڃي ڪو راضي ٿيو هو.“ هن مڙس جي شڪايت ڪئي.

”جيڏي مهل ٿو پيسا ڏي مهڻا ڏيو ڏيو هينئون ئي اڌ ڪريو ڇڏي ٿو. پر آءُ به آهيان نرڄي سو سڀ سهيو به ڳال تان نٿي لهان.  مئي دل به ڪونه ٿي مڃي.“ هوءَ يڪساهي چئي وئي.

آءُ ماٺ ٿي ويس ۽ هوءَ هلي ويئي. مون کي خبر هئي ته سمجهائڻ سڀ اجايو ٿيندو. جيڪا مڙس جا مارون موچڙا کائي به نه مڙي هئي اها سمجهائڻ سان ڪٿي ٿي سمجهي. سندس گهر واري کي به بنهه لاچار ٿي هر مهيني ٻه سو روپيا ڪاميٽي ڀرڻ لاءِ قبول ڪرڻا پيا هئا. هو هڪ مقامي اسڪول ۾ پٽيوالو هو ۽ درزڪو ڪم به چڱو موچارو ڄاڻندو هو. اڪثر مهيني جي پوين تاريخن جي پورائي لاءِ ڪنهن درزي وٽ ويهي ٻه ٽي ڪپڙا سبي، ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي ڇڪي تاڻي وڃي مهيني جي پورت ڪندو هو.

سڪينه جون به پنهن جي ليکي ستون مهينو گذرڻ تي مصروفيتون وڌي ويون هيون. هن کي هڪ وقت ٻه تياريون ڪرڻيون هيون. جتي هوءَ ننڍڙا چولا، چڊيون، ٻنڌڻا ۽ رلڪا ٺاهڻ ۾ رُڌل هوندي هئي، اتي هن کان پنهنجو شوق به نه وسريو هو. هن ٽي. وي رکڻ لاءِ پورهئي تي پوتين تي آرون ڪڍي پيسو پيسو گڏ ڪري واڍي کان صندلي نما هڪ ٽيبل به جوڙائي ورتي هئي، ته ان سان گڏ ٽيبل پوش ۽ ٽي. وي ڪور به ٺاهي ورتو هو. هٿن سڄي ته هوءَ شروع کان هئي سو انهن تي ڪشميري جا گل ڀري آر سان ڇيڙا ڪڍي بنهه بنائي ڇڏيو هئائين ۽ نائين مهيني جي پوري ٿيڻ تائين هُن اهي سڀ ڪم اُڪلائي گهر جي آڳر کي راڳو ڏيئي، پڇنڊين کي به چيڪي مٽيءَ جو پوچو هڻي سينگاري ڇڏيو هو، مطلب ته هن ٻن اوسيئڙن کي پنهن جي اورچائي ۾ ائين اُڻي ڇڏيو هو، جو کيس انتظار ڪرڻ جو عذاب به وسري ويو هو ۽ جڏهن واندي ٿي ساهه مس پٽيائين ته ٻئي وقت هيڪاندا اچي مڙيا.

ٽن ڏينهن جي ساندهه سورن کان پوءِ  دائي دهلجي جواب ڏنو. مقامي اسپتال جي نرس نااميد ٿيندي ٻار جي پيٽ ۾ مري وڃڻ جو انديشو ڏيکاريو. هاڻ هن جي اکين ۾ پڻ آس جا ڏيئا جهڪا ٿيڻ لڳا هئا، تڏهن هن راضپو ڏنو ۽ سندس گهر وارو مائي نيامت کان ڏهين ويسي کڻي کيس وڏي اسپتال کڻائي ويو، جتي آپريشن کانپوءِ رڳو سندس حياتي بچي سگهي هئي.

اڄ هُوءَ گهر موٽي آئي هئي. سندس اُجهاڻل نيڻن ۾ ڏک جون ڏياٽيون جهرڪي رهيون هيون، سندن هنج ۽ ٽي. وي رکڻ لاءِ ٺهرايل صندلي ٻئي اُٻاڻڪا هئا.

ثريا سوز ڏيپلائي

ميراث

”هي ڏس ڀاڀي شارو.......!“

زينوءَ شهربانو کي مخاطب ڪندي چيو، ”منهنجي بيبيز جا عيد لاءِ ورتل فراڪز سينڊلز ۽ ميچنگ ساڪس،..... ۽ ها، ربن ۽ ڪلپ وغيره ته توکي ڏيکاريم ئي ڪونه.......“

زينوءَ ڪپڙن ۽ جُتين توڙي ٻين آرائشي شين جو ڍير شهربانوءَ اڳيان رکندي چيو ۽ جواب ملڻ کان اڳ وري ڳالهائيندي، پٽاڙ شروع ڪري ڏنائين!

”ڪيئن آهن؟ منهنجيون فرينڊس، منهنجي ڪيل شاپنگ کي ڏاڍو ”لائيڪ“ ڪنديون هيون ۽ چونديون هيون ته ”جينا، تنهنجي ”چوائس“ شاندار آهي!“ زينب فاخرانه انداز سان شهروءَ ڏانهن نهاريندي چيو ۽ وري به جواب ٻڌڻ کانسواءِ بيگ مان مختلف شيون ڪڍي ڏيکارڻ لڳي.

”هي ڏس......!“

”هي ڏس.....!“

”هي ڏس......!“

پندرهن ڏينهن ٿيا هئا اهي لفظ ٻڌندي، هاڻ ته شهرو صفا بيزار پئي ٿي. اڄ ته زينوءَ اصل حد ڪري ڇڏي هئي، جيترا ڪپڙا ۽ جوئيلري، ٽنهي نينگرين لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ لنڊن مان وٺي آئي هئي، سا ڏيکارڻ سان گڏ پاتائين به پئي، نه فقط پاڻ، پر پنهنجين نينگرين سان به اهڙي ئي جُٺ ڪئي هئائين..... نينگريون ويچاريون ٻار، ڪڇڻ کان قابو!

مٿان وري ماءُ جو جوش  ڏٺائون پئي، سو اڄ ته اصل ڇُٽڻ جي ڪا واٽ ئي ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. اهو سلسلو سندن لنڊن مان موٽي اچڻ کانپوءِ شروع ٿيو هو ۽ ٻن هفتن گذرڻ کان پوءِ به زور  شور سان چالو هو.

ٽي سال اڳ سرڪار طرفان ولي محمد کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ، اسڪالرشپ تي لنڊن موڪليو ويو هو، تنهن وري ترت پنهنجي زال ۽ نياڻين کي به گهرائي ورتو. زينو ته قرآن پاڪ  پڙهڻ کانپوءِ اکر به پڙهيل ڪونه هئي، نڪوئي ڳوٺ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جو ڪو بندوبست هو، تنهن کي مُڙس لنڊن گهرايو، سا پاڻ کي الائجي ڇا سمجهڻ لڳي. ولي محمد جي دوست جي گهر واريءَ جي صلاحن ۽ مشورن سان، پاڻ کي ۽ نينگرين کي ”ٽيپ ٽاپ“ ڪري وڃي لنڊن پهتي ۽ پوءِ لنڊن جي هوائن مٿس اهڙو ته اثر ڪيو، جو پاڻ ته زينب مان ڦري ”جينا“ ٿي. پر پنهنجن ٽنهي نينگرين کي بالترتيب ”رشيدان“ مان ”رشي.“ ”جميلان“ کي ”جِمي“ ۽ ”حنيفان“ کي ”هني“ ڪري موٽي آئي.

ڳوٺاڻي ماحول ۾ وَرَ جو نالو به ڪونه وٺن، پر زينب  پاڻ جو ”جينا“ ٿي ته مڙس کي به ”ولي“ سڏڻ لڳي ۽ صاحب جو اضافو ڪري، هروڀرو به ذڪر ڪرڻ لڳي. ٿوم مان ڦري،  اصل زعفران ٿي پئي هئي، سمجهيائين ائين پئي، ته نڪو جهڙس، نڪو جيڏس!!

ٽن سالن ۾ اصل نمونوئي بدلجي ويو هئس.

”مڙسهنس ته وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهيو، پر زينوءَ ۽ نينگرين کي مائٽن ۾ ڇڏيائين،  جيسين شهر ۾ گهر ملي. مٿان وري عيد به هئي ويجهي سو کيس ائين ڪرڻ مناسب لڳو وٽن ته گهر اڃان ڪونه هو پر شهرو پنهنجي گهر ۾ هوندي سوندي پڻ ڄڻ بي گهر ٿي پئي هئي.

ڏينهن رات لنڊن جي ذڪر، ٿڌا ڪمرا، ٿڌي گاڏي، لنچ، ڊنر، بريڪ فاسٽ ڊيلي گيٽس، ويلڪم پارٽي، ان قسم جون ڳالهيون ۽ اُن سان گڏ، ”اٽينڊ ڪرڻ جو پرابلم، ٽائيم جي شارٽيج، ٽينشن، ٿينڪس گاڊ“ قسم جي لفظن شهروءَ کي ته اصل ڇتو ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينهن ته اصل حد ٿي ويئي. زينوءَ کان گهڙي گهڙي ”ٽينشن“ لفظ ٻڌي، ڪڪ ٿيندي آخرڪار وات مان ڪُڇي ته:

”آخر اهو ”ٽينشن“ آهي ڇا!، جنهن کڻي رت روليو آهي..... مرڳو ئي ڦاٿاسين.....“! ”جي ڀاڀي شارو... توهان مون کي ڪجهه چيو.....؟“ هَڪي ٻَڪي ٿي زينوءَ پڇيو. شهروءَ وراڻيو.

”ادي، شارو به ڪو نالو آهي، سنئون سڌو شهربانو چئو، نه ته رڳو ڀاڀي به ٺيڪ آهي..... باقي شارو! هونهه!“ ”پر ڀاڀي..... ”شهر بانو“ ته صفا آئوٽ آف فيشن ٿو لڳي...... ”شارو“ بلڪل ماڊرن نالو آهي...... توهان به ڪجهه ته پاڻ کي سڌاريو......

”زمانو ڪيڏو نه ”چينج“ ٿي ويو آهي!“

زينا ڏاڍي سنجيدگيءَ سان سمجهائيندي چيو:

شهربانو ته ڀاڄائي هئي پر سندس ڳالهين ته ماءُ، پيءُ ۽ ڀاءُ کي به مُنجهائي ڇڏيو هو!

ويچارا سادا سُودا ڳوٺاڻا ماڻهو، ڏُٿ ڏهاڙي آڻڻ ۽ چاڙهڻ وارا، سي ڇا ڄاڻن انهن اُبتين سبتين ڳالهين مان. اچي لوهه ٿيا هئا...... پاڻ ته ڪڇڻ کان قابو هئا، پر ننڍن ڇوڪرن اصل آڏي پُڇا ڪري ڪري تپائي ڇڏيو هو. ٻئي ڇوڪر هڪ ٻئي کان زور هئا، مَن ۾ مَتل مانڌاڻ لاهڻ لاءِ ڪڏهن ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کان ٿي پڇيائون، ته آخر ”پڦي زينو ڪيڏانهن ويئي هئي.“؟

”ههڙا ويس وڳا ڇو ٿي پائي؟“

”ڪهڙي ٿي کِٽ- مٽ ڪري؟“

”ڇا ٻاهران سڀئي ائين مٽجي ايندا آهن؟“

”آخر ڇو؟“

”آخر ڇو؟“

”آخر ڇو؟“

ڪڏهن وري ماءُ ۽ پيءُ جو ٿي مغز تپايائون...... پر اِن ”آخر ڇو؟“ جو جواب ته هنن مان ڪنهن وٽ ڪونه هو!

اچي انهن لفظن تي ڇيهه ڪندا هئا ته ”اَبا..... بچو شال..... اسان کي ڪهڙي خبر..... پنهنجي پُڦيءَ کان ئي وڃي پُڇو.....!“

يا وري ائين به ٿيندو هو. جو ڪنهن ڏکئي مرحلي ۾ شهربانو جو سڏ، ڄڻ سندن ”بند خلاص! ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو، جيڪا وري زينوءَ جي ”ٽينشن“ وارين ڳالهين کان بيزار ٿي، عافيت انهيءَ ۾ ئي سمجهندي هئي، ته ڳالهه ڦيرائي، پر مزو تڏهن ٿيندو هو جڏهن شهربانو اڪثر ٻارن کي سڏ ڪري، ڇوڪرين لاءِ شئي گهرائيندي هئي ۽ زينو جيڪا هاڻ ”آنٽي جينا“ هئي، سا منهن ڦٽائي چوندي هئي.

”واٽ نان سينس!!“

هي به ڪي شيون آهن کائڻ جون! ”بيبيز“ جي ”هيلٿ ڊائون“ ٿي ويندي!

ڇوڪرا ويچارا ماٺڙي ڪري..... ويهي رهندا هئا ۽ ورتل شيون وجهندا هئا کيسن ۾.....!

اصل مزو تڏهن مچندو هو، جڏهن ٽاڪ منجهند جو آنٽي  جينا“ ڪمرو بند ڪري، پنهنجي ليکي، ”بيبيز“ کي سُمهاري پاڻ به سمهي رهندي هئي، پر ماءُ جي اک لڳندي ئي ٽئي ڇوڪريون، پير، پير ۾ پائي، دري کولي، پاسي تي بيٺل، مامي جي پُٽن کان، اهڙيون شيون کڻي کائينديون هيون، جيڪي سندن ماءُ ”هيلٿ ڊائون“ ٿيڻ جي ڊپ کان اصل کائڻ نه ڏي ها!!

ائين ٽينشن ۾ گهڙيون گهاريندي،  عيد به ويجهي پهتي ۽ عيد جي رات گل محمد به ساهرن سان عيد ملهائڻ حاضر ٿيو، هن ڀيري شهر ۾ گهر جو بندوبست به ڪري آيو هو ۽ عيد جي ٻئي ڏينهن ٻار وٺي وڃڻ جو پروگرام به ٺاهي ڇڏيو هئائين. ساهرن سُٺي آڌرڀاءُ ڪئي هئس، مرد ته ڪمائڻ ۽ خرچن جي پورائيءَ ڪرڻ ۾ ئي لڳا پيا هئا، پر هيلَ شهربانوءَ لاءِ معاملو چڱو ڏکيو هو، زينوءَ ۽ ٻارن جي خوشامند ڪندي، خرچ ۾ واه جو واڌارو آيو هو، پر شهربانوءَ، ”ڻياڻي چئن ڏينهن جي مزمان“ رهي ڪيترا ڏينهن رهندي.“ جي مصداق، جيڪي نٿي پُڳيس، سو به خيال ۾ رکيائين ٿي. مَن ۾ البت پنهنجي ڇوڪرن جي عيد لاءِ ڪپڙن لٽن جو اُلڪو هئس، جيڪو مڙسهنس اهو ٻڌائي لاهي ڇڏيو ته  ”وٺي، سبرائڻ لاءِ ڏنا اٿم، عيد رات ملندا:“

آخر عيد جي رات به خير سان اچي پهتي، گهر ۾ چهچٽو لڳو پيو هو، زينوءَ مڙسهنس جي آندل سامان جو ڍير کڻي مائٽن اڳيان رکيو هو، سڀني لقاءُ پئي ڏٺو، نيٺ زلزلو ڪريو شهربانوءَ مٿان، جڏهن خوشيءَ ۽ فخر ۾ سرشار، زينوءَ چيو

”ڀاڀي شارو..... تون به ته ڏيکار نه..... ڇوڪرن جا ڪپڙا!!“

زينو جند ڇڏي نه..... نيٺ شهرو ڏاڍي سانت واري نموني سان اُٿي ۽ اندران وڃي، ڪپڙا کڻي آئي، ڇوڪرا به سانتيڪا ٿيو ويٺا هئا..... بلڪل ماءُ جي هدايت مطابق!

شهروءَ ڪپڙا کوليا.... اڇي رنگ جي کاڌيءَ مان ٺهيل شلوار ۽ پهرياڻ.... تن تي خدا ڄاڻي ڪڏهن شهرو ڀرت به ڀريو هو ۽ گڏ سنڌي ڀرت واريون ٽوپيون به هيون، جن تي ٽڪون جڙيل هيون. لالٽين  جي پُوري پُني سوجهري تي به ريشم سان ڀريل ٽڪون جهومر لائي بيٺيون هيون. سڀني اڳيان ڪپڙا کولي رکندي ڏاڍيءَ سانت سان شهرو چيو.

”ادي زينو.... هيءَ اٿئي اسان مسڪينن جي ميراث!“

زينوءَ پنهنجي نينگرين  جي قيمتي ۽ فيشن ايبل پوشاڪن جي ڍير ڏي نهاريو....... کيس  ائين پئي لڳو ڄڻ ڪجهه پرايو هجي.....!

پنهنجي ميراث تي ڀاڀي شهرو، سينگاري، سنواري سڀن آڏو رکي ڄڻ چمڪندڙ ماضيءَ کي ايندڙ وقت جي ميراث جي علامت طور پڌرو ڪيو هو!

ڪيرت ٻاٻاڻي                         (سنڌي لوڪ ڪهاڻي)

سُور، تپ، موت ۽ فيلسوف

آڳاٽي زماني ۾ هڪڙو فيلسوف رهندو هو.هن کي سئر سفر جو ڏاڍو شوق هوندو هو. هڪ ڏهاڙي اهي خيال پيس ته دنيا جو سفر ڪري اچان. پاڻ سان هڪ گودڙي ۽ هڪ ڏنڊو کڻي الله توهار ڪري واٽ ورتائين ۽ شاهي سڙڪ تان هلندو ويو. ڳچ پنڌ ڪري آيو ته منهن سامهون ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺائين. اهو شخص جڏهين ويجهو پهتو، ته آداب بجا آڻي اچي فيلسوف سان گڏيو. خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ نئين آيل شخص پڇيو، ”پير مرد ڪريو  خبر، ڪيڏانهن پنڌ پيا آهيو؟“

فيلسوف وراڻي ڏني، ”دنيا جي گشت تي دل ڇڪ ڏني آهي.“

”ته پوءِ مونکي به ساڻ وٺي هلو،“ نئين آيل شخص چيو.

”ابا، تون ڪير؟ دنيا جو سفر ڏاڍو آڻانگو آهي. ڪئين ويا وري نه موٽيا.“

”قبلا! مونکي ”سوُر چوندا آهن. منهنجي دل ۾ به هي جهان ڏسڻ جي اُڪير آهي. مون تي نوازش ڪريو.“

”اَبا جيڪا تنهنجي مرضي، ٻه ته ٻارهن،“ فيلسوف چيو.

فيلسوف ۽ سور گڏجي اڳتي وڌيا. هنن اڃا ڪجهه پنڌ مس ڪيو، ته کين ٽيون شخص گڏيو. نئين شخص ويجهو اچڻ تي سلام ڀرين، جنهن جو  جواب فيلسوف ۽ سور کيس ڏنو ۽ خير جون خبرون  چارون پڇيون. جڏهن خير جون خبرون چارون پوريون ٿيون، ته نئين سڄڻ پڇيو، ”ادا ڪيڏانهن ڪاهه ڪئي اٿو؟“

فيلسوف کيس چيو، ”دنيا جي سفر تي روح ريلو ڏنو ته هي ادو به اچي گڏيو آهي. ”ٻه ته ٻارهن“ چئي نڪري پيا آهيون.“

”ته پوءِ هن بندي سان به کڻي قرب ڪريو ۽ پاڻ سان ڇڪيو هلوس.“ نئين شخص چيو.

”پر ابا تنهنجو نالو ڪڄاڙو آهي؟ سفر جا سور ۽ سختيون ته بيشمار آهن،“ فيلسوف پاٻوهه مان چيو.

”ياران موت عيد برابر،“ جتي اوهين اتي مان به سور سهندس. باقي منهنجو نالو سو آهي ”تپ“ مونکي به پاڻ سان کڻي همراهه بڻايو.“

”ڀايڙا! جتي ٻه اتي. ٻڌ سندرو، ٿي اڳيان،“ فيلسوف هڪل ڏني. ٽيئي يار وکون کڻندا اڳتي اُسهيا. ڳپل پنڌ لنگهي آيا ته سامهون ڪنهن شخص تي نظر پين. جڏهين اهو شخص نزديڪ اچي سهڙيو، تڏهن يار ڏاڍيون ڀاڪيون پائي گڏيس. حال احوال ڏنائين ورتائين. تنهن تي نئين آيل شخص سوال ڪيو، ”مهربان، هيءَ ٽه – ياري ڪهڙي پار ڏانهن سنڀري آهي؟“

”دل ڪيو هو سئر سفر تي، ته هي ملنگ يار به واٽ ويندي اچي گڏيا آهن ۽ مون سان گڏ کڻي کڙي کنئي اٿن. هاڻي ته صحبت ٺاهيو پيا وڃون. فيلسوف فرمايو.

”سڄڻ پوءِ ته هن بندي کي به کڻي ٽه- ياريءَ ۾ داخل ڪريو. چوياري تهائين ڀلي. وايون ڪافيون ڳائيندا هلون.“ نئين دوست چيو.

”سفر جا پنڌ ۽ پيچرا اڻانگا، ڪشت ۽ ڪشالا جهجها، سو ادا خواهه مخواه تون به اسان وانگر ڦاهو نه ڦڪ. پر ٻيو ته ٻڌ، تون پاڻ ڪير؟“

”مالڪ مونکي سڏين  موت. توهين ڪنهن به قسم جو اُلڪو نه ڪريو. آءٌ به اوهان جهڙو. چوندا آهن پڪل ماني ڇڏجي ، پر ياري نه ڇڏجي.“

”ته پوءِ ڀاءُ ٿي اڳڀرو. وڌي واڙي لڳي ڀاڳ.“  فيلسوف چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com