سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :18

وڌيڪ احوال ته سنڌي ادبي بورڊ پاران نڪتل سرتيون باقاعدگيءَ سان پڙهندي آهيان. هي رسالو سنڌي عورت جي گهٽيل ٻوساٽيل جذبن جي اظهار جو بهترين ذريعو آهي. ان ۾ شامل سڄو  مواد ساراهڻ جوڳو آهي.

مان به ان ڀيري همت ڪري ٻه مضمون موڪلي رهي آهيان ان آس ۽ اميد سان ته توهان پاران ضرور مانائتي موٽ ملندي. جيڪڏهن توهان پاران حوصله افزائي ٿي ته انشاالله قلمي سهڪار  به جاري  رهندو. پنهنجي تصوير  به اماڻيان پئي. مضمون تصوير سان گڏ شايع ڪندا ته مهرباني. بهتر موٽ جي آسائتي.

نسرين الطاف

پياري ڀيڻ نذير ناز

سرتين جي انهي مُندر ۽ مڌر ايڊيٽري ۽ عاليشان نئي اجرا تي مبارڪ پڻ عيد جون مبارڪون.

امام زادي وساڻ

 

محترمه نذير ناز

خوش هجو شال

عيد جي خوشين ڀريي ڏينهن تي اوهان عيد واڌايون قبول ڪندا. ٽماهي ”سرتيون“ (جولاءِ- ڊسمبر 1991ع) کي خوبصورتي سان سهيڙڻ تي واڌايون.

ساٿ سلامت

ناصر ساريو

 

ڀيڻ نذير ناز ايڊيٽر سرتيون

ڀيڻ اوهان کي مبارڪ هجي سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ جي. مون تازو پرچو پڙهيو آهي. جيڪو توهان جي سرواڻيءَ ۾ نڪتو آهي. اميد ٿو ڪريان ته توهان ساڳي جذبي ۽ چاهت سان سرتيون رسالو ڪڍنديون رهنديون. سرتيون رسالي ۾ ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهيم ڏاڍو مزو آيو.

اوهان جو ڀاءُ

لياقت علي بلوچ

*

ڀيڻ نذير ناز!

توهان جي ادارت هيٺ نڪتل ”سرتيون“ نظر مان گذريون. ورتل ڪوششون سٺيون آهن. اُميد ته توهان جي محنت ۽ ذهانت ”سرتيون“ کي ويتر سونهن بخشيندي.

توهان جو ڀاءُ

غلام حسين رنگريز

محترمه ڀيڻ نذير صاحبه

اسلام عليڪم

اُميد ته خيرت سان هوندا.

”سرتيون“ (3-4، جلد 2)، ”اعزازي طور“ پهتو، مهرباني ٻين رسالن جيان ”سرتيون، ۾ به مواد  شايع ٿيندو رهي ٿو ۽ پڙهندڙ پسند ڪن ٿا. اها خدا جي مهرباني آهي. ڀيڻ گُلبدن به رسالي لاءِ  وڏي محنت ڪئي هئي. مگر توهان جي ادارت ۾ هي پهريون پرچو سچ پچ شانائتو ۽ ”ڄاڻ جي کاڻ“ پيو لڳي. خدا توهان کي اورچائي  جو اڃا  به ڦل ڏيندو. انشاالله جلد ”سرتيون“  بين الاقوامي رسالن جي صف  ۾ شامل ٿيندو!

منهنجون دعائون توهان سان گڏ

اوهانجو ڀاءُ

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

 

پياري ڀيڻ نذير ناز

زندگي ۾ ڇانيل دُکن کي مات ڪري مرڪ جا روشن ڪرڻا پکيڙيندا رهو.

پهريان اوهان کي منهنجي ۽ منهنجي امڙ مما پاران دل جي اٿاهه گهرائين سان ههڙي سهڻي رسالي جي ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪون قبول ڪندا. پياري! ادي سرتيون سچ پچ  سرتين جي لائق آهي. هي رسالو به  ڀينرن لاءِ بيحد سهڻو ۽ سوچن کي اجاگر ڪرڻ جهڙو رسالو آهي، خاص ڪري ٽائٽل ۽ ان ۾ ڪهاڻيون شاعري ۽ مضمون پنهنجو مٽ پاڻ آهن پر اوهان جي شاعري نه هئڻ جي برابر آهي اميد ته آئنده شماري  ۾ا ها کوٽ نه محسوس ڪرائيندا.

پياري ادي: اوهين هن رسالي ۾ ٿورو طنز مزاح به شامل ڪندا آهيون ۽ مزاحيه تحريرون سٺيون شامل ڪندا آهيو، آءٌ تحرير موڪلي رهي آهيان. آءٌ ڪا  وڏي رائٽر ڪونه آهيان. بس امر جي سٺي رهنمائي  ڪري لکندي آهيان پوءِ الائي  اهي ڪيئن هونديون آهن اهي ته وڌيڪ پڙهندڙ ٻڌائي ٿا سگهن، هونئن منهنجي (امڙ) به تمام سٺي ۽  چوٽي جي رائٽر آهي، مون کي فخر آهي ته مون کي تمام سٺو ماحول  ۽ پيار ڪرڻ وارا والدين ۽ ڀيڻ ڀائر آهن، خاص ڪري گهر ۾ ادبي ماحول.

پياري ادي خطن واري  صفحي کي ٿورو وڌائي خط ڪجهه گهڻا شامل ڪري مزاحيه جواب ڏيئي ڪجهه ته مرڪ پکيڙيو، اوهان جي سٺي موٽ ملڻ تي اوهان سان قلمي سلسلو جاري رهندو ۽ ها سچ مون وٽ هڪ پياري  ماڻهوءُ جو انٽرويو به رکيل آهي ڇاپڻ لاءِ چئو ته تصويرن سميت موڪلي ڏيان ۽ هي مختصر پر مزاحيه تحرير  حاضر آهي.

اميد ته تمام اوڻاين سميت قبول پوندي.

فقط نياز مند

اوهانجي پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ

جهتيال نُور ناز سنڌو

مانواري  ڀيڻ نذير ناز صاحبه

توهانجي محنت ڪاوش، جدوجهد کي اسين سلام پيش ڪيون ٿا جو اڪيلي سر ٻه رساله ”سرتيون“ ۽ ”ناري پيا ڪڍو. سرتيون به تمام گهڻو پسند آيو، پر اڃا  سرتيون رسالي ۾ شاعريءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏيو. اهڙي شاعري جن مان اسانجو سماج ڪجهه پرائي سگهي. اڄ ڪلهه جيڪي نرمل نارين سان ظلم انياءَ،  ڪنياءَ پيل، ڌوڌ ٿين ٿا،  خاص ڪري اهڙي لکڻين کي وڌيڪ ترجيح ڏيو.

باقي مون وٽ ڪهاڻيون،  شاعري مضمون ميڊيڪل مضمون،  مطلب ته منهنجو اوهان ڀينرن سان قلمي سهڪار جاري رهندو.

سدائين گڏ

اوهانجو ننڍو ڀاءُ

زاهد ميراڻي

ڀيڻ نذير ناز!

احوال ته

سرتيون جي ايڊيٽر ٿيڻ تي توهان کي مبارڪون  هجن.

تازو ڊسمبر 1991ع وارو پرچو  پڙهڻ کانپوءِ اها پڪ ٿي هن رسالي ۾ توهان پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آندو آهي. رسالي ۾ ڪهاڻيون  ۽ شاعري جنهن ۾ ابراهيم سنڌيءَ جو شعر پسند آيو. آزاد نظم اثر وارا هئا ۽ ڪهاڻين ۾ ممتاز عباسي جي پسند آئي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ۽ ادب جي کيڙ ۾ توهانجي جاکوڙ ڪنهن کان ڳجهي ڪانهي. اميد ته هن نئين فرض کي ادب جي ڪارج  واسطي نڀائيندا رهندا.

منصور ٿلهو

 

محترمه ڀيڻ نذير ناز صاحبه

محترمه! جيئن ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جو اوهين سرتيون رسالي جون ايڊيٽر ٿيون آهن. مان پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي ادبي اداري طرفان لک لک بار مبارڪ باد پيش ڪيان پيو. اميد ته اوهان جي ڪاوشن سان سرتيون رسالو عروج ماڻيندو.

دعاگو: عبدالخالق ”عبد“

 

مانواري ايڊيٽر! ٽه- ماهي سرتيون

اوهان منهنجي شاعري سرتيون جي تازي پرچي ۾ ڇاپي. ان لاءِ اوهان جا احسان، يقين ته ڪونه هئم ته منهنجي تخليق سرتيون ۾ ڇپبي ڇاڪاڻ جو اڳ  ڪڏهن به سرتيون ۾ منهنجي شاعري نه ڇپي آهي، هاڻ ان مان ظاهر ٿيو ته اوهان جي ايڊيٽر ٿيڻ سان نون تخليقڪارن کي فائدو رسندو جيڪا نه صرف اوهان پر نون تخليق ڪارن جي پڻ ڪاميابي آهي. توهان جي اچڻ سان پرچي ۾ ڪافي خوبيون پڻ نظر اچن پيون جيڪو صرف اوهان جي محنت جو ثبوت آهي.

”مير“ منظور  راجھپر

محترمه ڀيڻ نذير ناز!!

ڀيڻ جولاءِ- سيپٽمبر واري شماري ۾ اوهان کي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ سوچيم ته ڀيڻ کي خط لکي مبارڪ ڏيان، منهنجي پاران، اوهان کي ”سرتيون“ جي ايڊيٽر ٿيڻ تي کور ساريون مبارڪون! مان اوهان ڏانهن پهريون دفعو خط لکي ۽ مواد موڪلي رهي آهيان  اميد ته مون ڳوٺاڻي ناري جي همت افزائي ڪندو ۽  منهنجو مواد ”سرتيون“ ۾ شامل ڪندو  ته اڳتي به مان شوق چاهه سان اوهان ڏانهن خط لکنديس، ۽ اوهان جي شڪر گذار رهنديس ۽ هاڻي ”سرتيون“ ۾ شامل ڪهاڻين طرف:

ڪهاڻين ۾ شگفته شاه، فرزانه شاهين مڱڻيجو، فهميده سحرش ميمڻ، صنوبر سيد وينا شرنگي، ممتاز عباسي ۽ عزيز ڪنگراڻي جون ڪهاڻيون تمام گهڻيون پسند آيون، شاعري ۾ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ،“ ادل سومرو، آثم ناٿن شاهي، رجب ٻُگهيو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، مستور بخاري، سميع ڪنڌر، جاويد سوز هالائي، سلميٰ پنهور، شمع الطاف، پير مختار علي، عادل سخيراڻي، امداد حسيني  ثمينه ميمڻ،  فهميده سحرش ميمڻ، شبانه لنجار، پرهه روبينه سومرو جي شاعري تمام گهڻي وڻي.

۽ آخر ۾ دعا آهي ته هميشه خوش هجو ۽ آباد هجو!!

اوهان جي ڀيڻ

فضه غزل ڪاظمي

هي شعر وڻي ٿو

*روزينه ناز نيو جتوئي

نه ڪاتيءَ نه ڪانهن، نڪو ڏوهه قلم جو،

انگ اُتيئي لکيو، جت  نه رَسي  ٻانَهن،

ڪنهن کي ڏيان دانَهن؟ قضا قَلَمُ  وَهائيو.

(شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه)

*

 

*سيد النساءَ شاهه بخاري

قربائتي انسان جي سلامي به ڪبي

پاجو  هئي محبوب اڏامي به ڪبي

مغرور اڳيان حسد نه ڪبو ختم پنهنجو

عزت جو ڪري ان جي غلامي به ڪبي.

(مخدوم جميل الزمان)

*

 

*شهناز شاهي: حيدرآباد

مون ته چاهيو آهي، سهڻا توسان گڏ زنده  رهان

۽ وري توسان مران، هي ڏئي رهي آ دل صدا

منهنجون خوشيون توکي ۽ تنهنجا ملن سڀ غم مونکي

نيٺ هڪڙي ڏينهن منهنجي هي دعا ٻڌندو خدا.

(مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“)

*

 

*علي محمد قبراڻي: ٻيراڻي سانگهڙ

جهڙا هئم ڪالهه، اڄ نه اهڙا سپرين،

نه ڪو کِلڻ خوشيءَ جو، نڪا  چلڻ چال،

منهنجي مداين جي، ڪنهن ڳجهي سڻاين ڳالهه

”حمل“ ڏکئي حال، سڀڪو منهن مٽي ويو!

(حمل فقير)

*

 

*سعيد ميتلو- لاڙڪاڻو

منهنجا لڙڪ سوالن وانگي

تنهنجا ٽهڪ جوابن وانگي

توکان وڇڙي دل تي گذريو

هر پل دوست عذابن وانگي

(اياز گل)

*

 

*رشيده لغاري- ٽنڊو ڄام

توکان  ڏور زندگي گذري

سورَ ئي سورَ زندگي گذري

(بلبل کورواهي)

*

 

 

*طاهره سومرو-  حيدرآباد

محمد مصطفيٰ تي آسرو ”انور“  جو آ هردم،

شفاعت  هو ڪندو منهنجي، نه ان ۾ شڪ گمان آهي.

(انور هالائي)

*

 

*زيب النساءَ  پاٽولي- بدين

منهنجي نيڻن کي تنهنجو غم گهرجي

تنهنجي دامن کي چشم نم گهرجي

پاڻ ٻئي هڪ ٻئي جا حاجتمند

پاڻ کي هڪ ٻئي جو دم گهرجي

(شبير هاتف)

*

 

*زاهده ٿيٻو- ميهڙ

محبت چيز آ ڪهڙي، وفا آهي ته ڇا آهي

اهو مفهوم  سارو، انتظارن کي ته سمجهايو

ڪري وعدا وفائن جا، وري پاسو ڪرڻ ڪهڙو

ڇڏي پاسو وڃن جي تن فرارن کي ته سمجهايو

(نذير ناز)

*

 

*ٽينا عبدالله- حيدرآباد

اسان ته عمر گذاري، ڏکن جي اونده ۾،

ڪو انجمن ۾ اوهان جي، ڏيو به ٻاريندو.

*

*سنڌو پنهور: سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شورو

تنهنجي ياد جيڪر يار هجي ها

ته پل ۾ وساري ٻيو ڪم ڪرڻ لڳان ها

پر هيءَ ته ساهه جي ڏوري آهي

جنهنجو  ٻيو ڇيڙو منهنجي هٿن ۾ نه آهي

(پشپا ولڀ)

*

 

*ناهيد سولنگي- مورو

ڪيئن ڪريان ڪنهن به ريت

منهنجي من کي چين نه آهي

هي گلابي رُت ڇڏي، مونکان

رسي ويا منهنجا گيت

(شيخ اياز)

*

 

*امينه سومرو- دادو

جهڙو سندر سپنو هو ڪو

اک کلڻ سان ساٿ ڇڏي ويو

نيري نڀ هيٺان هر ماڻهو،

ڪيڏو  آ وکريل لوڪو

(نياز پنهور)

*

 

*صنم عباسي- لاڙڪاڻو

وفا پئي واٽ تا ويئي جهلي سس وٺي آيس.

جو اُن کي واٽ ويندي ئي وفادارن ڏسي ورتو.

(امين فهيم)

*

 

*قرة العين عباسي- لاڙڪاڻو

گولا تنهنجي گهوم، گرمي، سردي شاهدي،

جڳ جهجيري جهوم، عاشوري  يا عيد تي.

(استاد بخاري)

*

 

*برکا پنهور- ڄام شورو

مان تنهنجي جهانجهر هان جيڪا

چپ ٿي ويندي تو ڇوڙيو جيئن

سنسان هوا سوساٽ ڪندي

تو مون سان ناتو ٽوڙيو جيئن

(شيخ اياز)

*

 

*فريده شاهه- حيدرآباد

هوا ۾ آڱريون ڦيرائي بس،

تنهنجو نانءُ لکي ٿا ڇڏيون،

الائي ڇا ٿا چوندا وتن هو اسان کي،

سچي ڳالهه  منهن تي چئي ٿا ڇڏيون.

(بخشڻ مهراڻوي)

 

اعجاز لطيف- ڄام شورو

يادون جاڳيون سپنا  جاڳيا،

اکڙين اندر ڳوڙها جاڳيا،

اڃا سوچيو هيوسين کلڻ جو،

اوسي پاسي سڏڪا جاڳيا.

(سائينداد ساند)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com