سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :3

قاضي قادن جو رسالو

(تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)

ناسف علي شيراز

قاضي قادن (وفات: 958هه/1551ع) سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو ”سرواڻ شاعر“ آهي. ”بيان العارفين“ ۾ آيل سندس ست بيت سنڌي اساسي ادب ۾ اهم مقام رکن ٿا. شاهه عبدالڪريم (1538-1663ع) قاضي قادن جا جيڪي ست بيت پنهنجن مديرن آڏو پڙهيا، سي تصوف ۽ وحدانيت جي عميق نقطن جي نشاندهي ڪن ٿا. هڪ طرف اُنهن بيتن ۾ ساڃاهه ۽ صوفي مت، انسان دوستي، خودشناسيءَ جا اشارا ۽ تصوف جا ڳوڙها مسئلا بيان ڪيل آهن ته ٻئي طرف ڪي بيت مغالطي وارا به آهن، جن جا جواب شاهه ڪريم ۽ سنڌ جي ٻين سالڪن ڏنا آهن. قاضي قادن جي بيتن کي پوريءَ ريت اُهي ئي سمجهي سگهن ٿا، جن تصوف ۽ وحدانيت جو گهرو مطالعو ڪيو هجي. قاضي قادن جا اِهي ست بيت ”بيان العارفين“ تائين محدود رهيا ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين ائين سمجهيو ويو ته فقط اِهوئي ست بيت قاضي قادن جو ڪلام آهن.

1978ع ۾ هند جي نوجوان سنڌي اديب هيري ٺڪر، راڻيلا مَٺ ۾ رکيل سـِکن جي گرنٿ ”سنتون ڪي واڻي“ مان قاضي قادن جا 118 بيت هٿ ڪري سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڀارت (دهلي)  مان شايع ڪيا . هيري ٺڪر جي ڇپايل ڪتاب تي ٽماهي ”مهراڻ“ جي شمارن 4/1978ع ۽ 1/1979ع ۾ سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جامع روشني وڌي ۽ ڪن بيتن کي قاضي قادن جو نه ڄاڻايو. ان سان گڏ ”مهراڻ“ ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ تنوير عباسيءَ جا تفصيلي مقالا شايع ٿيا، جن پڻ قاضي قادن جي ڪلام  تي روشني وڌي. ڊاڪٽر نواز علي شوق جو مقالو ”اڻ لڀ سنڌي بيتن جو ذخيرو“ ”مهراڻ“ 4/1991ع (لوڪ ادب نمبر) ۾ شايع ٿيو. اُن مقالي ۾ ڏنل بيتن مان ڪن بيتن متعلق وضاحت ڪندي لکيائين ته ”اُهي قاضي قادن جا آهن ۽ سنتون ڪي واڻي ۾ پڻ موجود آهن.“ اهڙيءَ طرح قاضي قادن جي بيتن متعلق تحقيق جو شروع ٿيل سلسلو جاري رهيو.

قاضي قادن جي بيتن متعلق انهيءَ تحقيقي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ سنڌ جي مانائتي ۽ سڄاڻ جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جونالو وڏي مانَ وارو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي اساسي ادب سان وڏا ڀال ڀلايا آهن ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي سالڪن جو ڪلام معياري متن، حاشين ۽ سمجهاڻين سميت سُوڌي ۽ سنواري پيش ڪيو آهي، جن ۾ شاهه لفظ الله قادريءَ جو رسالو، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش لغاريءَ جو رسالو، حمل فقير جي ڪليات، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، صوفي صديق فقير جو ”راڳ نامو“ ۽ سڀني کان وڌيڪ اهم شاهه لطيف جي رسالو (10 جلد) وڏي اهميت رکن ٿا. انهيءَ سموري مثالي تحقيقي ذخيري ۾ مستقبل جي تحقيق ڪندڙن لاءِ تمام گهڻو بنيادي مواد موجود آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجن ٿورن ۾ واڌارو ڪندي، وڏي جاکوڙ ڪري هندستان مان سکن جي ٻين گرنٿن مان قاضي قادن جا وڌيڪ بيت هٿ ڪيا. اُن کان علاوه ڇهن ٻين قديم ماخذن مان پڻ بيت هٿ ڪري 1999ع ۾ ”قاضي قادن جو رسالو“ (سنڌالاجي) شايع ڪيو، جيڪو تحقيقي مواد جي لحاظ کان نهايت اهميت وارو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو اهو پورهيو وڏو جس لهڻي، جنهن جي جيتري به ساراهه ڪجي اُها گهٽ آهي. سندن اهو علمي ڪشالو سنڌي اساسي شاعريءَ جي کوجنا ڪارن لاءِ هڪ اهم ۽ بنيادي ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.

قاضي قادن جي بيتن متعلق اُن سڄي تحقيقي مواد لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڏهه ماخذ ڪم آندا آهن، جن مان ڇهه ماخذ (تذڪره قطبيه، تذڪره گلزار ابرار، بيان العارفين، شاهه جو رسالو، حڪايات الصالحين ۽ خزانةالمعرفت) ”سنڌ جي روايت وارا“ آهن ۽ چار ماخذ (جيپور گرنٿ 6، جيپور گرنٿ_4، ورهد سڪل ۽ سنتون ڪي واڻي) ”دادو ديال جي روايت وارا“ آهن. رسالي کي ڊاڪٽر صاحب ٽن ڀاڱن ۾ ورڇيو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ قاضي قادن جي حياتيءَ جو احوال، بيتن جي ماخذن جون روايتون ۽ قاضي قادن جي بيتن جي فڪر تي بحث ڪيل آهي؛ ٻئي ڀاڱي ۾ بيتن جو متن ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي؛ ۽  آخري ڀاڱي ۾ مختلف ماخذن جو پڙهڻيون جيئن جو تيئن ڏنيون ويون آهن. اُنهن سان گڏ بيتن جون ’سڌريل پڙهڻيون‘ پڻ ڏنيون ويون آهن، ته جيئن هن وقت جي پڙهندڙن کي پورو فائدو حاصل ٿئي ۽ هو بيتن کي بهتر نموني سمجهي سگهن.

”قاضي قادن جي رسالي“ جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ٽماهي ”مهراڻ“ 3/2000ع) ۾ اُن متعلق ٻه تبصرا شايع ٿيا: هڪ تبصرو محترم نياز همايونيءَ جو ۽ ٻيو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو. ٻنهي تصبرن ۾ رسالي متعلق ڄاڻ ته ڏني ويئي آهي ۽ ڪي بيت مثال طور پڻ ڏنا ويا آهن، پر ٻنهي صاحبن مان ڪنهن به قاضي قادن جي بيتن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ نه ڪئي آهي. اُن جي برعڪس گجرات (احمدآباد) مان شايع ٿيل ڪتاب ”سنڌي نظم جي تاريخ“ ۾ ليلارام رچنداڻي صاحب، باب ٻارهين ۾ قاضي قادن جي بيتن تي گهڻي روشني وجهندي چڱو بحث ڪيو آهي. هن صاحب  هندوستان جي سالڪن جي بيتن جي ڀيٽ قاضي قادن جي بيتن سان ڪئي آهي، ۽ ڪن بيتن متعلق ٻڌايو آهي ته ”سنتون ڪي واڻي“ وارا ڪي بيت ٻين سالڪن جي ڪلام ۾ پڻ موجود آهن ته ڪي بيت وري ڪن فارسي شاعرن جي بيتن جو ترجمو آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مرتب ڪيل قاضي قادن جو رسالو پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي اهميت وارو آهي، پر اُن سان گڏ اُن ۾ ڪي بيت ٻين سالڪن جا به اچي ويا آهن، جن جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن اُنهن بيتن متعلق وڌيڪ ڄاڻ ۽ خيالن جو اظهار ڪري سگهجي. ڪا به تحقيق حرف آخر ناهي. اڄ جيڪي اسين لکون پيا، سڀاڻي ان ۾  تبديلي اچي سگهي ٿي. نيون تحقيقون ٿينديون رهنديون ۽ آڳاٽن خيالن تي نون خيالن جا اهڃاڻ ظاهر ٿيندا رهندا ۽ ائين تحقيق جو سلسلو جاري رهندو.

قاضي قادن جي بيتن متعلق به تحقيق جو سلسلو جاري رهندو ۽ نون بيتن جي لڀجڻ تي پراڻن بيتن جي ڇنڊڇاڻ ٿيندي رهندي. هن مقالي ۾ قاضي قادن جي بيتن تي وڏي ادب سان بحث جي ڪوشش ڪيل آهي. ڪن بيتن متعلق اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اُهي ڪن ٻين سالڪن جا بيت آهن، ته ڪن متعلق اِهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪن اڳين سالڪن جي بيتن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن، ته ڪي بيت وري ڪي فارسي شاعرن جي بيت جو ترجمو آهن. مون ڪوشش ڪري سڀني بيتن متعلق حوالا ڏنا آهن ته جيئن اصل ماخذن جي خبر پوي ۽ ٻيو ڪو صاحبِ علم اُنهن ماخذن مان وڌيڪ  فائدو حاصل ڪري سگهي.

قاضي قادن جي بيتن لاءِ پرک جا معيار:

قاضي قادن جي بيتن کي پرکڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب ٽي معيار رکيا آهن: (1) ٻولي (2) اسلوب بيان ۽ (3)قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل فڪر. انهن ٽنهي معيارن ذريعي ڊاڪٽر صاحب، قاضي قادن جا بيت دادو ديال وارن ماخذن مان الڳ ڪيا آهن.

(1) بيتن جي ٻولي

بيتن لاءِ پهريون معيار قاضي قادن جي بيتن جي ”ٻولي“ آهي، جيڪا 15 صدي عيسويءَ ۾ بکر جي آسپاس ڳالهائي ويندي هئي، جنهن ۾ سرائڪي ٻوليءَ جي گهڻي آميزش آهي. ”سنتون ڪي واڻي“ وارن بيتن ۾ ڪي بيت سرائڪي ٻوليءَ ۾ چيل آهن، ته ڪن تي پنجابي، ملتاني ۽ لهندا جو اثر ڇانيل آهي، ته ڪي بيت وري راجسٿاني لهجي ۾ چيل آهن، جن تي مقامي راجسٿاني ٻوليءَ جي محاورن ۽ لهجن جو گهڻو اثر نظر اچي ٿو. اُن جو هڪ سبب اهو به آهي جو اُهي بيت دادو ديال جي چيلن مقامي لهجي ۾ پئي پڙهيا، جنهن جي ڪري بيتن جي اصلوڪي سنڌي ساخت ئي تبديل ٿي ويئي. رچنداڻي صاحب قاضي قادن جي بيتن جي ’ٻولي‘ متعلق لکي ٿو ته:

”بيان العارفين وارن ستن بيتن ۽ هاڻوڪن 112 بيتن ۾ ڪم آيل ٻولي جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته چڱوئي فرق نظر ايندو. اُنهن 112 بيتن جي ٻولي ملتاني، سرائڪي، لهندا وغيره گڏيل ٻولي ٿي نظر اچي. ڪيترائي لفظ ۽ محاورا اهڙا آهن، جيڪي شيخ فريد، ڪبير ۽ نانڪ وغيره جي بيتن ۾ به ملن ٿا…“

(”سنڌي نظم جي تاريخ“، ص259)

ٻولين تي ٻاهرين لهجن جو اثر هڪ ”قدرتي عمل“ آهي. اُن عمل ۾ ٻاهرين ٻولين جا لفظ مقامي ٻولين ۾ شامل ٿين ٿا ۽ پنهنجي اصلي شناخت وڃايو ڇڏين ۽ پوءِ سالن جي استعمال سان انهيءَ مقالي جا لفظ بڻجيو پون. قاضي قادن جي بيتن تي به اُهوئي ساڳيو عمل رهيو آهي، جو اُهي بيت ٻاهرين ساڌن ۽ سنتن پڙهيا جو اُنهن جي ٻولي سنڌيءَ جي بجاءِ راجسٿاني، پنجابي، ملتاني، لهندا وغيره هئي. اهوئي سبب آهي جو قاضي قادن جي بيتن تي ٻين ٻولين جو قاضي قادن جي بيتن تي ٻين ٻولين جو اثر نظر اچي ٿو. مثلاً: سالورو=ڏيڏر، اگچو=اڌ، ۽ کڙ=گاهه لفظن تي راجسٿاني ٻوليءَ جو اثر آهي. اپني نويڙ، نال، وتيي، دي، تنهين، مين، تسان، اڳون، وغيره لفظن تي وري سرائڪي جو اثر نظر اچي ٿو. قاضي قادن ڪي لفظ وري ’جمع واري صورت‘ ۾ چيا آهن، جيئن پاڻيچيان، ٻيڙيان، الان، پنان، ڄڀان، مهان، دانهان وغيره. قاضي قادن جي بيتن ۾ آيل ڪي لفظ اُن وقت يا اُن کان اڳ جي سالڪن جي بيتن ۾ پڻ ملن ٿا، جن ۾ شيخ فريد، گرونانڪ ۽ ڪبير جا نالا اهم آهن، جنهن مان طاهر ٿئي ٿو ته قاضي قادن کي اُنهن سالڪن جي بيتن جي ڄاڻ هئي. هن اُهي ساڳيائي لفظ پنهنجن بيتن ۾ استعمال ڪيا آهن ته ڪن لفظن جي کهڙت به ساڳي رکي آهي. اهڙن بيتن جا ڪجهه مثال رچنداڻي صاحب جي ڪتاب مان هيٺ ڏجن ٿا:

(1) مانهه=۾، منهنجي

جا ڪارڻ جگه ڍونڍيان، سو تو گهٽ ئي [مانهه].

(ڀڳت ڪبير)

فريدا خالق خلق ۾، خلق وسي رب [مانهه]. (شيخ فريد).

جي من [مانهه] سي نانهه، جي ناهه سي ڏسڻ گهڻا.

(قاضي قادن)

 

(2) نانهه=ناهن

پرده پوي آ ڀرم ڪا، تاتي سوجهت [نانهه]. (ڀڳت ڪبير)

مندا ڪسي نون آڳيئي، جان تس بن ڪوئي [نانهه].

(شيخ فريد)

جي من مانهه سي [نانهه]، جي نانهه سي ڏسڻ گهڻا.

(قاضي قادن)

(3) ڪپر=دريا

بيري نون [ڪپر] ڪيا ڪري، جي پاتن رهي سچيت.

(شيخ فريد)

وان لهرين گڏيو، [ڪپر] ڪين ڪندوءِ. (قاضي قادن)

(4) مٽي کاءِ

گهيلا روح نه جان، اي سر ڀي [مٽي کاءِ]. (شيخ فريد)

ته پيو پاتال ۾، هوند [مٽي کاءِ]. (قاضي قادن)

(5)راڌي=فصل پوکيل زمينَ

اک راهيندء رهه گئه، اک [رادهي] گئه اجاڙ. (شيخ فريد)

ڪيهي سادي هيٺ ۾، [راڌي] اجاڙين. (قاضي قادن)

(6)ساڄا = آسودو، خوش، سُکيو، سڄو.

دوپڙان ڪي بيچ ۾، [ساڄا] رهيا نه ڪوءِ (گنج، ص 440)

(ڀڳت ڪبير)

ڀڳا [ساڄا] نه ٿئي، من موتاهلُ ڪَچُ. (قاضي قادن)

(7) ماڻڪ=موتي

جيها دامن دهراپيا، سي [مانڪ] لبهين. (شيخ فريد)

پسندا سيئي، [ماڻڪ] اکڙين سين. (قاضي قادن)

 (8) توتو=تون

[توتو] ڪريندي جو موءِ، موءِ ڀي تو تو ڪرن. (شيخ فريد)

[تو تو] تڏهن ڪرين، لڳندءِ، ڳر ڦند جيئن. (قاضي قادن)

(9) پوٽلي=پوتڙي، ڳوٿري، ٿيلي

سيس چڍائي [پوٽلي] لي جات نه ديکا ڪوئه. (ڀڳت ڪبير)

بنهه اٺائي [پوٽلي] ڪٿي ونجان گهت. (شيخ فريد)

پلاڻيندو [پوٽلي] مٿي ڪرندوئي ڪير. (قاضي قادن)

(10)دُني=دنيا، جڳ، سنسار

جان تون کهٽن ويل، تان تون رتا [دني] سيون. (شيخ فريد)

[دني] ڪسونڀي رنگ جيون، ويندوئي واٽي. (قاضي قادن)

دين گنوايو [دني] سنگه، دني نه چالي ساٿ. (ڀڳت ڪبير)

(11) سائين=وڏو، خدا کي مخاطب ٿيڻ

بار پرائي بيسنا [سائين] مجهي نه دي. (شيخ فريد)

جني سچ سنسار سان، سوجي [سائين] ساڻ هوءِ.

(قاضي قادن)

 

سائين سو سانچا رهو، [سائين] سچ سهاءُ، (ڀڳت ڪبير)

(2) بيتن جو اسلوب بيان

قاضي قادن جي بيتن جو اسلوب  بيان نهايت ئي وڻندڙ ۽ ترنم وارو آهي. جيتوڻيڪ سندس بيتن تي قدامت جو رنگ چڙهيل آهي، تڏهن به بيتن ۾ ٻين ٻولين جي لفظن جي آميزش جي ڪري نواڻ ۽ جدت نظر اچي ٿي. بيتن ۾ شاعرانه صنفن ۽ ادبي عبارتن جو به سٺو امتزاج شامل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب بيتن جي اسلوب بيان متعلق لکي ٿو:

”سندس اسلوب بيان ۾ هڪ خصوصيت ۽ خاص خوبي اها آهي جو بيت جي پهرين سٽ ۾ سمايل معنيٰ ۽ خيال جي وڌيڪ تصديق ٻي سٽ ۾ ٿيل آهي. ٻي سٽ ڄڻ پهرين سٽ جو جواز ۽ جواب آهي. قاضي قادن جي اڪثر بيتن ۾ اها خصوصيت نمايان آهي. سندس بيتن کي سڃاڻڻ لاءِ اها به هڪ ڪارگر پرک آهي…“ (”قاضي قادن جو رسالو“،ص 58)

قاصي قادن جي دَور ۾ عام طرح بيتن جي سٽاء ’درهي‘ (يعني ٻنهي سٽن جي آخر ۾ قافيا) واري صورت ۾ هئي. سنڌي بيتن جي قافين جي ان ابتدائي ساخت يا بيهڪ ۾ قاضي قادن وڏي تبديلي آندي ۽ بيتن جي ٻنهي سٽن ۾ آيل قافين کي پنجن مکيه صورتن ۾ ظاهر ڪيو.

(1) دوهي واري صورت، جنهن ۾ سٽن جي آخر ۾ قافيا اچن.

(2) پهرين سٽ جي وچ ۾ قافيو ۽ ٻي سٽ جي آخر ۾ قافيو اچي، يعني اڌ سورٺو ۽ اڌ دوهو.

(3) پهرين سٽ جي آخر ۾ قافيو ۽ ٻيءَ سٽ جي وچ ۾ قافيو اچي، يعني اڌ دوهو ۽ اڌ سورٺو.

(4) سورٺي واري صورت، يعني ٻنهي سٽن جي وچ تي قافيا اچن.

(5)ٻنهي سٽن جي وچ ۽ آخر ۾ قافيا! اچن، يعني صنعت موشحات.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب قافين جون مکيه صورتون لکيون آهن، جڏهن ته قاضي قادن جي بيتن جي قافين ۾ پنجين صورت به موجود آهي، يعني صنعت موشحات جنهن ۾ قافيا سـِٽن جي وچ ۾ آخر اچن ٿا. قاضي قادن جي بيتن کي سڃاڻڻ لاءِ اها صنعت به هڪ وڏي اهم پرک آهي، جنهن سان قاضي قادن جي بيتن کي آسانيءَ سان سڃاڻي سگهجي ٿو.

(3) بيتن ۾ سمايل فڪر

قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن جي ”فڪر“ کي سنڌ جي پوين سالڪن پنهنجن بيتن ۾ ورجايو ۽ اُن جي عارفانه فهم کي وڌيڪ کولي سمجهايو. قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل صوفياڻو ۽ عارفاڻو فڪر قاضي قادن کان اڳ جي سنڌي سالڪن جي بيتن ۾ نظر نٿو اچي. البته سندس فڪر ۾ سمايل صوفياڻي ۽ فڪري تحريڪ جو اثر سنڌ جي سالڪن کان علاوه سنڌ کان ٻاهر جي سنتن ۽ ساڌن تي گهڻو ٿيو، جنهن ۾ دادو ديال جونالو سرفهرست آهي. ڊاڪٽر صاحب  لکي ٿو ته ”قاضي قادن جي دَور يا اُن کان ٿورو پوءِ جي ڪجهه سالڪن جو ڪلام دستياب ٿيو آهي، پر انهن جي ڀيٽ ۾ قادن جو ڪلام وڌيڪ عارفاڻو، اعليٰ ۽ اُتم آهي.“ (قاٰضي قادن جو رسالو، ص 61). قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل فهم ۽ فڪر کي ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ تفصيل ۽ سهڻي نموني سان سمجهايو آهي، جنهن لاءِ رسالي جا 59 کان 66 تائين صفحا ڏسڻ گهرجن.

قاضي قادن جي بيتن متعلق تحقيق تڏهن مڪمل ٿيندي جڏهن رجب جي لکايل گرنٿ مان سنڌي بيت هٿ ڪري ڇپايا ويندا. اُنهيءَ کان سواءِ دادو ديال وارن ماخذن ۾ ڏنل شيخ فريد جي بيتن کي پڙهيو ويندو ته جيئن شيخ فريد ۽ قاضي قادن جي بيتن جي ڀيٽ ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. هيرو ٺڪر اڄڪلهه شيخ ڀرڪيي جي ڪلام تي ڪم ڪري رهيو آهي. اُن ڪلام جي ڇپجڻ کان پوءِ قاضي قادن جي بيتن متعلق وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿي سگهندي. ان کان علاوه پير صدر الدين جي دوهن کي پڙهيو ويندو ته جيئن ٻنهي سالڪن  جي بيتن جي ڀيٽ ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿئي. اُنهن ماخذن جي شايع ٿيڻ کان پوءِ ئي قاضي قادن جي بيتن جا رخ وڌيڪ روشن ٿيندا ۽ سندس بيتن جي فڪري اوسر کي آسانيءَ سان سمجهي سگهبو.

هن مقالي ۾ قاضي قادن جي رسالي ۾ آيل بيتن تي تفصيلي گفتگو ڪيل آهي. اُن کان علاوه دادو ديال وارن ماخذن ۾ ڏنل بيتن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيل آهي. تنهن کان سواءِ شاهه جي رسالي ۾ ڏنل ڪن بيتن متعلق به ٻڌايو ويو آهي ته اُهي قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق چيل آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته قاضي قادن جا هجن. قاضي قادن جي بيتن متعلق مون کي جيڪا ڄاڻ حاصل ٿي سگهي آهي. سا پيش ڪئي اٿم. اميد ته ايندڙ محقق قاضي قادن جي بيتن متعلق وکون اڳتي وڌائيندا ته جيئن قاضي قادن جي بيتن متعلق گهڻي کان گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.

(الف) قاضي قادن جي بيتن جي جائزو

قاضي قادن جي رسالي ۾ ڪن ٻين سالڪن جا بيت پڻ اچي ويا آهن، جن جو تفصيل وارذڪر هيٺ ڪجي ٿو:

(1) حمد: سائينءَ جي ساراهه

ڊاڪٽر بلوچ صاحب باب پهرين ۾ ڪل ست بيت ڏنا آهن. پهرئين جو جواب خواجه محمد زمان ڏنو آهي. بيت نمبر ٻيو شيخ فريد جي بيت جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. اهو ترجمو قاضي قادن ڪيو آهي يا ڪنهن ٻئي اُن لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. باقي پنج بيت قاضي قادن جي اسلوب بيان مطابق ۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.

بيت-1

اَسين ٻانهان تُون ڌَڻي، پاڻو پاڻ هـِي ڄاڻُ،

مَنڊي تُر ميزاڻُ، ليکو ڪَندِين ڪَنِ سين.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 69)

هي بيت ڊاڪٽر صاحب ’حڪايات الصالحين‘ جي پڙهڻيءَ مطابق ڏنو آهي. جيتوڻيڪ هن بيت جي ٻولي سنتون ڪي واڻي وارن بيتن مطابق ناهي، پر اُن جي باوجود هي بيت قاضي قادن جي فهم فڪر ۽ اسلوب بيان مطابق آهي. اڻلڀ سنڌي بيتن ۾ هن جي پڙهڻي ڪجهه مختلف آهي. حڪايات الصالحين مان اصل بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

اَسين ٻانهان تُون ڌَڻي، تُون پاڻهن ڄاڻُ،

سَندي تُرِ ميزَاڻُ، ليکَو ڪَندِين ڪَنِ سان.

(اڻلڀ سنڌي بيت، ص 123)

قاضي قادن جي هن بيت کي سنڌ جي هڪ ٻئي عارف خواجه محمد زمان کولي سمجهايو آهي. خواجه صاحب جو بيت هيٺ پيش ڪجي ٿو:

پَل پَل پوءِ پَچارَ، مُلڪَ ۾ ميثاقَ جي،

ڪَکَ پَنَ ڪَنِ اِقرارُ، اَسين ٻانها تُون ڌَڻي.

(ابيات سنڌي/بيت:29،ص 78)

مٿئين ٻنهي بيتن ۾ فقرو ”اَسين ٻانها تُون ڌَڻي “ آيل آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته خواجه صاحب کي قاضي قادن جي اُن مغالطي واري بيتن جي خبر هئي، جو اُن جو جواب ڏنو اٿس ۽ ساڳيو ئي فقرو بيت ۾ ورجايو اٿس. خواجه صاحب جو بيت قاضي قادن جي بيت جو ڄڻ ته جواب آهي.

(2) وحدت ۽ ڪثرت

ڊاڪٽر بلوچ صاحب مٿئين عنوان هيٺ هن باب ۾ ڪل ست بيت ڏنا آهن. بيت پهرئين جي مصرع دادو ديال وارن ماخذن ۾ مختلف ڏنل آهي. يبت 2، 3، ۽ 5 شاهه عبدالڪريم جا آهن ۽ اُنهيءَ جا ئي سمجهڻ گهرجن. باقي بيت قاضي قادن جي فهم فڪر ۽ اسلوب بيان مطابق آهن.

بيت-1

تون چَئه اللهُ هيڪَڙو، وائي ٻـِي مَ وارِ،

سوئـِي ڏِيو ِٻارِ، جو نه اُجهامي ڪَڏِهين،

(قاضي قادن جو رسالو، ص 75)

مٿئين بيت لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته هن بيت جي پڙهڻي شاهه جي رسالي مطابق آهي ۽ آڳاٽن رسالن مان صرف ٺٽ رسالي ۾ موجود آهي. بيت جي پهرين سٽ شايد ڪنهن ٻئي سالڪ جي آهي ۽ ٻي سٽ قاضي قادن جي بيت جي آهي. شاهه جي رسالي ۾ ڪافي بيت اهڙا آهن، جن ۾ هڪ سـِٽ ڪنهن هڪ سالڪ جي چيل آهي ته ٻي سـِٽ وري ڪنهن ٻئي سالڪ جي. اهڙي چند بيتن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

مثال-1

ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين،

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.

(معياري متن، سريمن، 5: 21، ص141)

هن مثال ۾ پهرين سٽ قاضي قادن جي بيت جي آهي ته ٻي شاهه عبدالڪريم جي بيت جي آهي. هي بيت ڪافي عرصي تائين شاهه صاحب ڏانهن منسوب رهيو ۽ ائين سمجهيو ويو ته شاهه لطيف جي بيت شاهه ڪريم جي بيت تي تتبع ڪيو آهي. اڃا تائين اسان جا ڪيترائي عالم اهوئي سمجهن ٿا ته هي بيت شاهه جو آهي.

مثال-2

ويهه مَ وساري، پڇا ڪر مَ پنڌ جي،

نرمل نهاري، هلندن تان نه هٿ ڪيو.

(گنج، سرسسئي، ص 140)

هي بيت شاهه جي رسالي جي تقريباً سڀني نسخن جي سُر سسئيءَ ۾ آهي ۽ بيت کي شاهه ڏانهن منسوب ڪيو ويو آيو. هن بيت جي پهرين سٽ خواجه محمد زمان جي بيت جي آهي، جنهن تي ڪنهن فقير ٻي سـِٽ ملائي.

مثال-3

سَر ۾ پکي هيڪڙو، پاريرين پنجاهه،

رکي جن الله، وار نه ونگو تن جو.

(گنج، سر ڪارايل، ص 837)

هي بيت شاهه جي سالي ”گنج“ ۾ ڏنل آهي ۽ مولفن هن بيت کي شاهه ڏانهن منسوب ڪيو آهي. جڏهن ته هن بيت جي پهرين سٽ شيخ فريد جي بيت جو سنڌي ترجمو ٿيل آهي ۽ ٻي سٽ ميين شاهه عنات جي بيت مان کنئي ويئي آهي.

مثال-4

سانڀارا سيئي، تون جنين جو طالبو،

من پريان ڏيئي، پگهيو پاڻ ڳري.

(گنج، سر سهڻي، 368)

”گنج“ ۾ هي بيت به شاهه جو ڪري ڏنو ويو آهي. هن بيت جي پهرين سٽ ميين شاهه عنات جي هڪ بيت ۾ موجود آهي ته ٻي سٽ شاهه عبدالڪريم جي بيت جي آهي. شاهه عبداللطيف ائين ڪو نه ڪيو هوندو جو مختلف سالڪن جي بيتن جون سٽون کڻي بيت جوڙيا هوندا. اهو ڪم مختلف راوين جو آهي، جو جن اُهي بيت پڙهيا، جن کي جيئن مليا اُنهن اُئين ئي بيان ڪيا. اهوئي سبب آهي جو مختلف سالڪن جا بيت رسالي ۾ گڏجي ويا آهن.

مٿين ڪجهه مثالن مان اها ڳاهه صاف ظاهر ٿي ته رسالي لکڻ وقت مختلف فقيرن بيت پيش ڪيا، پوءِ جن کي جهڙي طرح ياد هئا سي اُنهن بيان ڪيا. ڪن وري غلطيءَ کان ڪنهن هڪ سالڪ جي ســِٽ وري ٻئي سالڪ جي بيت سان ملائي پڙهي. اهڙيءَ طرح پڙهڻين ۾ فرق پڻ ظاهر ٿيو. رسالي جي متن وارو بيت به سڄو قاضي قادن جو ڪونهي. پهرين سـِٽ ڪنهن ٻئي سالڪ جي آهي ته ٻي سـِٽ قاضي قادن جي بيت جي آهي. ٿي سگهي ٿو ته پهرين سٽ شاهه عبدالڪريم جي چيل هجي. سنتون ڪي واڻي مان قاضي قادن جي بيت جي اصل پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي، جنهن ۾ پهرين سٽ مختلف ڏنل آهي.

اَکر ٻيا وسار، الف، اڳيون ئي ياد ڪر،

سوئي ڏيو ٻار، جو نه اُجهامي ڪڏهين.

(سنتون ڪي واڻي/ ب: 7، ص 224)

بيت-2

تون چَئهُ اللهُ هيڪَڙو، وائي ٻـِي مَ سـِکَ،

سَچو اَکرُ مَنَ ۾، سوئـِي لـِکيو لـِکُ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 75)

هن بيت کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. حقيقت ۾ هي بيت شاهه عبدالڪريم جو آهي، جيڪو سندس رسالي جو پهريون بيت آهي. ڊاڪٽر صاحب شايد فقري ”تون چئه الله هيڪڙو“ جي آڌار تي قاضي قادن جو ڪري سمجهيو آهي. شاهه جي رسالي ۾ ”تون چئه الله هيڪڙو“ واري فقري سان شروع ٿيندڙ ٽي بيت ڏنل آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

 

تون چئه الله هيڪڙو، وائي ٻي وسار،

تن ۾ تند تنوار، سدا سپرين جي.

(بمبئي ڇاپو/واصف، سرڪلياڻ، ص 3)

(2)

تون چئه الله هيڪڙو، ٻي وساري ڇڏ،

او تان تو سين گڏ، سڄڻ ساهه پساهه ۾.

(بمبئي ڇاپو/واصف، سرڪلياڻ، ص 3)

(3)

تون چئه الله هيڪڙو، ٻـِي وارج مَ وائي،

سکج تون سائي، جيڪا مُڪي سڄڻين.

(گنج، سرڪلياڻ و جمن، ص 193)

مٿيان ٽيئي بيت ”تون چئه الله هيڪڙو“ واري فقري سان شروع ٿين ٿا، ته پوءِ ڇا ائين چئبو ته اِهي سڀيئي بيت قاضي قادن جا آهن؟ يا وري شاهه عبدالڪريم جا آهن؟ ائين ڪونهي. بيتن جي ٻولي، لفظن جو تڪرار، اسلوب بيان، فهم فڪر ٻڌائي ٿو ته هي ڪهڙي سالڪ جو بيت آهي. قاضي قادن جي بيتن جي ٻولي پري کان ئي پڌري آهي. مٿيون بيت ٻوليءَ جي آڌار تي به قاضي قادن جو ڪونهي ۽ نه وري دادو ديال وارن ماخذن ۾ آهي. هي بيت شاهه عبدالڪريم جو ئي آهي ۽ اُن جو ئي ڪري سمجهڻ گهرجي. ها اگر ڪيئن ٻئي مستند ماخذ مان پڪي خبر پوي ته هي بيت قاضي قادن جو آهي ته پوءِ ڀلي اُن کي قاضي قادن جي بيتن ۾ شمار ڪجي. في الحال اسان وٽ ٻيو ڪو اهڙو ماخذ ڪونهي جنهن جي آڌار تي چئجي ته هي بيت قاضي قادن جو آهي.

(نوٽ: مٿيان ٽيئي بيت معنيٰ ۾ ساڳيا آهن، صرف لفظن جو تڪرار آهي. مثلاً ’ٻي وارج م وائي‘، ’ٻي وائي وساري ڇڏ،‘ يا ’وائي ٻي وسار‘ ۾ ڪهڙو فرق آهي. ٽنهي تڪن جي معنيٰ ساڳي آهي، صرف لفظن جي ڦير گهير آهي).

بيت-3

وائي ٻي مَ ڀُلُ، مروئُان موران پَکَڻان،

بـِالله سَندو سَڄڻين، هُو هُلاچو هُلُ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 76)

شاهه عبدالڪريم جي هن بيت کي به ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جو ڪري ڄاڻايو آهي، ۽ جواز ۾ اکرن جي جمع واري خاصيت ڏانهن اشارو ڪيو آهي. هن بيت ۾ لفظ ’پکڻان‘ ئي صحيح آهي. قاضي قادن جي ٻوليءَ اکر ’پکڻان‘ ٿيندو. اُن کان علاوه هن بيت ۾ لفظ ’سڄڻين‘ لکيل آهي، جڏهن ته قاضي قادن جو ٻوليءَ مطابق ’سڄڻان‘ هئڻ کپي. ’سڄڻان‘ لکڻ سان بيت ۾ اُها سهڻائي نه رهندي. هي بيت شاهه عبدالڪريم جو آهي، جيڪو سندس رسالي ۾ پڻ موجود آهي. اگر ڪنهن ٻئي ماخذ مان خبر پوي ته پوءِ ڀل اُن کي قاضي قادن  جو قرار ڏجي. في الحال اسان وٽ ٻيو ڪو ماخذ موجود ڪونهي، جنهن جي آڌار تي چئي سگهجي ته هي بيت قاضي قادن جو آهي.

بيت-4

ايڪ قَصرَ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين سَهسين کـِڙڪيَان،

جان ئي ڪَرِين پَرک، تان ئي سَڄڻَ سامُهان.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 77)

هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن ۾ آهي ۽پڻ شاهه جي تقريباً  سڀني نسخن ۾  ڏنل آهي. جيپور گرنٿ-4 جي مطابق هيٺئين پڙهڻي بيهي ٿي:

ڪوڙين سهسين کڙڪيان، انيڪ سر، در لک،

تان ئي سڄڻ سامهان، جان ئي ڪرين پرک.

جيپور گرنٿ-4 واري پڙهڻي ۾ قافيا آخر ۾ آيل آهن ۽ بيت دوهي جي صورت ۾ ڏنل آهي. ان خيال کان چئي سگهجي ٿو ته هي بيت قاضي قادن جو ئي آهي. جيپور گرنٿ-4 واري پڙهڻيءَ ۾ ’ڪروڙ‘ جو لفظ ’لک‘ کان پهرين آيل آهي، جيڪو انگن جي لحاظ کان صحيح ڪونهي، انڪري ڊاڪٽر صاحب واري پڙهڻي وڌيڪ ترجيح واري آهي. شاهه جي رسالي ۾ هي بيت ”يڪه قصر“ واري فقري سان شروع ٿئي ٿو، جڏهن ته دادو ديال وارن ماخذن ۾ ”عين قصر“ لکيل آهي. جيپور گرنٿ-4 ۾ ”انيڪ سر در لک“ لکيل آهي. اها پڙهڻي وڌيڪ موزون ۽ ترجيح واري آهي جو ”ايڪه قصر“ ۾ هڪ شيءِ ڏانهن اشارو آهي جيڪو بيت کي محدود ڪري ٿو. اُن جي ڀيٽ ۾ ”انيڪ-سر“ وارو فقرو محدود ڪونهي بلڪ اُهو مختلف شين ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو، جنهن سان بيت ۾ وڌيڪ فصاحت ۽ بلاغت پيدا ٿئي ٿي. قاضي قادن جو هي بيت صنعت موشحات جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ قافيا سٽن جي آخر ۽ وچ تي آيل آهن.

بيت-5

سوئـِي هيڏان، سوئـِي هوڏان، سوئـِي سو وَسي،

تنهين سندي سوجهري، سوئي سوپَسي.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 78)

ڊاڪٽر صاحب هن بيت جو ماخذ صرف شاهه جو رسالو ڄاڻايو آهي، جڏهن ته هي بيت بيان العارفين ۾ ٻه دفعا آيل آهي: هڪ بيت نمبر 15 ۽ ٻيو 55. ڊاڪٽر صاحب هن بيت متعلق وضاحت ڪندي لکيو آهي ته هي بيت دوهي جي صورت ۾ هجڻ ڪري قاضي قادن جو آهي. اهو سبب ڪجهه صحيح نٿو لڳي. شاهه عبدالڪريم جي رسالي ۾ ڪيترائي بيت دوهي جي صورت ۾ ڏنل آهن، ته پوءِ ائين ڪونه چئبو ته اُهي سڀيئي بيت قاضي قادن جا ٿيا. جيستائين ڪنهن ٻئي ماخذ مان خبر پوي تيستائين هي بيت شاهه عبدالڪريم جو ئي سمجهڻ گهرجي.

(3) رسمي علم ۽ حقيقي فهم

هر باب هيٺ ڊاڪٽر صاحب اٺ بيت ڏنا آهن. بيت نمبر 2 صنعت موشحات جو عمدو مثال آهي، جنهن ۾ قافيا سٽن جي وچ ۾ ۽ آخر ۾ آيل آهن. بيت نمبر 5 شاهه عبدالڪريم جو آهي ۽ اُن جي رسالي تان ورتو ويو آهي. بيت نمبر 6 فارسيءَ جي ڪنهن شاعر جي بيت جو ترجمو آهي، جيڪو قاضي قادن ڪيو آهي يا ڪنهن ٻئي سالڪ، اُن متعلق تحقيق جي ضرورت آهي. باقي بيت قاضي قادن جا نظر اچن ٿا.

بيت-1

ڪَنزُ، قُدُورِي، ڪافـِيہُ، جي پَڙِهي پَروڙين سَڀ،

ڪَر مَنڊي ما ڪوڙي کوہَ ۾، پيئي ڪَڇي اَڀ.

(قاصي قادن جو رسالو، ص 83)

هن بيت جا ماخذ شاهه جو رسالو ۽ بيان العارفين آهن. هي بيت ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جيڪو اصل ۾ شاهه عبدالڪريم جو بيت آهي. فقري ”ڪنزُ، قُدُورِي، قافـِيہُ“ هيٺ ٻين سالڪن به بيت چيا آهن، ته پوءِ ڇا اُهي سڀيئي بيت قاضي قادن جا چئبا؟ ائين ناهي بيتن جي ٻولي ۽ اسلوب بيان ٻڌائي ٿو ته هي بيت ڪهڙي سالڪ جو آهي. مثلاً هيٺيون بيت شاهه جي رسالي جي معياري متن ۾ موجود آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب شاهه لطيف ڏانهن منسوب ڪيو آهي.

سٽرون پڙهه ساڃاءِ جون، ڪن قدوري ڇڏ،

وان تني جي سڏ، جني سانگ نه ساهه جو.

(معياري متن، سريمن، 11:5، ص 137)

ڊاڪٽر صاحب هن بيت متعلق وضاحت ڪندي سمجهاڻي واري حصي ۾ صفحي نمبر 520 تي ”ٺٽ“ رسالي مان هڪ بيت ڏيندي لکيو آهي ته ”ٺٽ“ رسالي ۾ مٿئين بيت جي پڙهڻي گهڻي مختلف آهي. ”ٺٽ“ رسالي مان بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

ڪنز قدوري ڇڏ، سٽرون پڙهه ساڃاءِ جون،

چڙهه تني جي مڏ، جي ستي ڏين شراب جي.

(سريمن، جلد-1/سمجهاڻي، ص 520)

ڊاڪٽر صاحب سمجهاڻي واري حصي ۾ ائين ڪونه لکيو آهي ته ”ٺٽ“ رسالي جو اهو بيت ڪهڙي سالڪ جو آهي اصل ۾ ”ٺٽ“ رسالي وارو اهو بيت خواجه محمد زمان جو آهي، جيڪو ’ابيات سنڌي‘ ۾ پڻ ڏنل آهي. ’ابيات سنڌي‘ مان خواجه صاحب جو اصل بيت هيٺ ڏجي ٿو:

اکر پڙهه عشق جو، ڪنز قدوري ڇڏ،

چڙهه تني جي مڏ، جي ستي ڏين شراب جي.

(ابيات سنڌي: ب-71، ص 130)

جيستائين ڪنهن ٻئي ماخذ مان خبر پوي، تيستائين ايندڙ محقق مٿئين بيت کي قاضي قادن ڏانهن منسوب نه ڪندا.

بيت-2

ڪَنزُ، قُدُوري، ڪافـِيہُ، ڪـِي ڪينِ پـِڙهيامِ،

سوپاڙه ئي ڪو ٻيو، جان ئـِي پـِرين لَڌامِ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 83)

هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن _جيپور گرنٿ-6/3، سنتون ڪي واڻي /3، ورهد سڪل /3 ۽ جيپور گرنٿ-3/4)، ۾ ڏنل آهي. اُنهن سان گڏ بيت گلزار ابرار، بيان العارفين ۽ شاهه جي رسالي ۾ پڻ موجود آهي. هي بيت ڪنهن اڳئين سالڪ جي فارسي بيت جو سنڌي ترجمو آهي. رچنداڻي صاحب هن بيت متعلق لکي ٿو:

 ”قادن جي ٺهرايل بيتن وري ڪي بيت اهڙا به آهن، جن جي معنيٰ اُن دور کان اڳ يا اُن ئي دَور جي ٻين شاعرن جي چيل بيتن جي معنيٰ سان ٺهڪي ٿي اچي. مثال طور سنڌ جي ادبي تاريخ ص 43 تي هڪ پارسي بيت هن طرح ڏنل آهي:

در کنز قدوري قافيه، نتوان يافت خدارا،

سيپاره دل بين که، به از اين کتابي نيست.

(”سنڌي نظم جي تاريخ“، ص 260)

رچنداڻي صاحب جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته قاضي قادن جو مٿيون بيت سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڏنل فارسي بيت جو سنڌي ترجمو آهي. هي ترجمو قاضي قادن ڪيو آهي يا ڪنهن ٻئي سالڪ، تنهن لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

(4) علت ۽ عادت

”علت ۽ عادت“ عنوان هيٺ ڊاڪٽر صاحب پنج بيت ڏنا آهن. بيت نمبر 1 ۽ بيت نمبر 2 سنڌ ۾ پهاڪي طور پڻ چيا وڃن ٿا. بيت نمبر 3 ۽ 5 تي پنجابي ٻوليءَ جو گهڻو اثر نظر اچي ٿو ۽ ٻيئي بيت شڪ گاڏاڻا آهن. بيت نمبر 4 شاهه عبدالڪريم جو به ٿي سگهي ٿو. اُنهن سڀني بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

بيت-1

علتَ وڃيس ئي نا، عادت ڪڏهين نه جاءِ،

اُٺ ڪڻڪين ڇَڏيو، چُڻ جُواسا کاءِ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 87)

هي بيت دادو ديال وارن ٽنهي ماخذن (جيپور گرنٿ 6/65، سنتون ڪي واڻي /65 ۽ ورهد /61) ۾ ڏنل آهي. قاضي قادن جا ڪجهه بيت اهڙا به آهن، جيڪي چوڻين طور پڻ ڄاڻايا وڃن ٿا. اُنهن بيتن متعلق رچنداڻي صاحب لکي ٿو ته:

”اُهي چوڻيون سندس چيل آهن يا اُن زماني ۾ رائڃ هيون يا اُهي چوڻيون سندس زماني کان به اڳ رائج هيون، اُن متعلق رايو ڏيڻ ڏکيو آهي.“ (ص197)

هي بيت مٿين ماخذن کان علاوه ’گلقند‘ جي مؤلف پڻ ڏنو آهي، جنهن جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:

عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،

اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، تو به ڪنڊا چُڻ چُڻ کاءِ.

موزون پڙهڻي

عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،

اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چونڊي کاءِ.

(راقم)

قاضي قادن واري بيت تي پنجابي ٻوليءَ جو اثر نظر اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اها ساڳي چوڻي پنجاب اندر پڻ رائج هجي ۽ اهو بيت پنجاب جي ڪنهن سالڪ جو هجي.

بيت-2

توڙي وحي رُومَ، ناهه نَصيبُون اڳرو،

ماني متي توم، جئن جو لکيو چـِٺي ۾.

(قاضي قادن جو رسالو،ص 88)

هي بيت جيپور گرنٿ-6 (109)، سنتون ڪي واڻي (109) ۽ ورهد سڪل (106) ۾ ڏنل آهي. مٿين ماخذن کان علاوه هي بيت پهاڪن جي مشهور ڪتاب ’گل شڪر‘ جي مؤلف پڻ ڏنو آهي، جيڪو پهاڪي طور پڻ مشهور آهي. اهو پهاڪو يا چوڻي قاضي قادن جي آهي يا سندس زماني کان اڳ جي آهي، تنهن لاءِ تحقيق جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر صاحب جو پڻ اهو رايو آهي ته بيت ۾ سمايل خيال مشهور پهاڪي وارو آهي. (ص 88) رچنداڻي صاحب پڻ ساڳي ڳالهه لکي آهي:

”اهي چوڻيون سندس چيل آهن يا اُن زماني ۾ رائج هيون يا اهي چوڻيون سندس زماني کا به اڳ رائج هيون، اُن متعلق رايو ڏيڻ ڏکيو آهي.“ (ص 197)

اصلي پهاڪو، جيڪو سنڌ ۾ اڳيئي رائج آهي، تنهن جي پڙهڻي ’گل شڪر‘ جي مؤلف هيٺينءَ ريت ڏني آهي:

توڙي وڃي روم، ته به هي نصيبان اڳرو،

ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيي لوح قلم ۾.

(گل شڪر)

ورهد ۾ مٿئين بيت جي پڙهڻي ڊاڪٽر صاحب جي مٿي ڏنل پڙهڻيءَ کان ڪجهه مختلف آهي. ورهد جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

ناهي نصيبو اگرو، توڙي وڃن روم،

لکي لوح قلم ۾، سوئي ماني ٿوم.

(ورهد سڪل /106، ص 265)

گل شڪر ۽ ورهد ۾ ڏنل بيت جي پڙهڻي گهڻي حد تائين ملي ٿي. ان کان علاوه ورهد واري پڙهڻيءَ ۾ قافيا ٻنهي سٽن جي آخر ۾ آهن، جيڪا سنڌي بيت جي آڳاٽي صورت آهي. تنهن کان سواءِ گل شڪر واري پڙهڻيءَ ۾ لفظ ”نصيبان“ لکيل آهي، جيڪو قاضي قادن جي ٻوليءَ ۾ آيل لفظن جي ’جمع واري خاصيت‘ مطابق آهي. بيت جي صحيح، صاف ۽ سُڌريل پڙهڻي هيٺينءَ طرح بيهندي:

ناهي نصيبان اڳرو، توڙي وڃي روم،

لکيي لوح قلم ۾، ماني مٿي ٿوم.

(راقم طرفان ڏنل پڙهڻي)

بيت-3

ڪَڍي ڪاڄُوراءِ، جَني ٻج نه  پوکيو،

راهون روُح رُچَنديُون، تَني کي ڪـياءِ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 89)

هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن ۾ ڏنل ڪونهي. ڊاڪٽر صاحب هي بيت حڪايات الصالحين تان ورتو آهي، جتي اُن جي پڙهڻي ائين ئي آهي. ڊاڪٽر صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته هن بيت جو فڪري موضوع قاضي قادن وارو آهي. هن بيت ۾ حرف تجنيس جو به سهڻو استعمال ٿيل آهي. هي بيت قاضي قادن جي فڪر کان وڌيڪ شاهه عبدالڪريم جو لڳي ٿو. مٿئين بيت وارو ساڳيو ئي موضوع شاهه عبدالڪريم جي هيٺئين بيت ۾ موجود آهي.

سڄڻ جان سهو، ته ڪر روح رچنديون،

سندو ڪاٺ ڪهو، ڀتوئي ڀر سهي.

(شاهه ڪريم جو رسالو/ب: 49، ص85)

فقرو ”روح رچنديون“ قاضي قادن واري بيت ۾ به موجود آهي ته شاهه ڪريم به اهو فقرو استعمال ڪيو آهي. اُن کان علاوه شاهه  لطيف پڻ ساڳيو فقرو پنهنجي بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. شاهه لطيف جو بيت هيٺ پيش ڪجي ٿو:

جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،

آيل ڍولي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.

(10- قلمي نسخا، ص 268)

سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. شيخ اياز جا به سهسين سهڻا بيت چيل آهن، جن ۾ ڪيترن ئي جهونن سنڌي لفظن جي جهلڪ نظر اچي ٿي. اياز صاحب اهي لفظ وڏي خوبصورتيءَ ۽ برجستگيءَ سان بيتن ۾ استعمال ڪيا آهن. سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ پڻ ساڳيوئي فقرو نهايت وڻندڙ انداز ۾ آيل آهي:

ڇرئي پاڻي ۾، توسان روح رچنديون،

عمر وهاڻي ۾، ڇا ڇا مون آ ساريو.

(مهراڻ نمبر1/1997ع، ص 9)

راقم به ساڳيوئي فقرو بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي:

(1)

توسان ڇرئين هوائن ۾، ڪيم روح رچنديون،

تنهنجي انهن ادائن ۾، ساري عمر گذاريم.

(2)

ازل هاڻ توسان، ٿين روح رچنديون،

حياتي نه مون سان، ڪڏهن ڪو نڀايو.

(ناسف علي)

(5) سورهيائي ۽ خود اعتمادي

مٿئين عنوان هيٺ ڊاڪٽر صاحب ڇهه بيت ڏنا آهن. بيت نمبر 4 شاهه ڪريم جو آهي ۽ اُن جي رسالي تان کنيل آهي، باقي بيت قاضي قادن جي اسلوب  بيان مطابق آهن.

بيت-1

جي اُترِ جي لاههِ، سَڄڻ سَڀَ، پَرکئا،

ري پنهنجي کَٽـِئي، سُڀَرُ ٻري نه باهِ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 93)

هي بيت شاهه عبدالڪريم جو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جو ڪري ڄاڻايو آهي. جواز ۾ لکيو اٿس ته لفظ ”لاهه“ قاضي قادن جي ٻوليءَ جو آهي. ڊاڪٽر صاحب اُن کان علاوه ٻي ڪابه وضاحت نه ڪئي آهي. مٿيون بيت دادو ديال وارن ماخذن ۾ ڪونهي، جيستائين ڪنهن ٻئي ماخذ مان خبر پوي، تيستائين هي بيت شاهه ڪريم جو سمجهڻ گهرجي.

(6) تُر هي سندي تات

هن باب هيٺ ڊاڪٽر صاحب 9 بيت ڏنا آهن. بيت نمبر 1 ٿوري فرق سان شاهه جي رسالي ۾ ڏنل آهي. بيت نمبر 2 ٿوري ڦير گهير سان پير صدر الدين جي دوهن ۾ پڻ شامل آهي. بيت نمبر 4 گرونانڪ جي گُرٻاڻيءَ ۾ موجود آهي. بيت نمبر 6 ۾ لفظ ’ٻوهٿ‘ جي معنيٰ ڊاڪٽر صاحب ’وڏي ٻيڙي‘ يا ’غوراب‘ لکي آهي. اها معنيٰ بلڪل صحيح ’وڏي ٻيڙي‘ يا ’غوراب‘ لکي آهي. اها معنيٰ بلڪل صحيح آهي. رچنداڻي صاحب پڻ اها معنيٰ ڏني آهي. بيت نمبر 8 حڪايات الصالحين تان ورتل آهي ۽ صنعت موشحات ۾ چيل آهي. بيت نمبر 9 جي ٻي سٽ تي ميين عيسي ۽ شاهه لطيف جا بيت تضمين ٿيل آهن. انهن سڀني بيتن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

بيت-1

جان جان ڪَنڌِيَ ڪانہَ، تان تون تُرهي تاتِ ڪرَ،

ڪَپَرَ سَندِي دانہَ، مَتِ اوچتي اُلَهي.

(قاضي قادن جو رسالو،ص 96)

هي بيت دادو ديال وارن ٽن ماخذن (جيپور گرنٿ-6/84، ورهد سڪل/84 ۽ سنتون ڪي واڻي /84) ۾ ڏنل آهي.بيت جي ٻولي قاضي قادن جي بيتن سان ملي ٿي ۽ چئي سگهجي ٿوته هي بيت واقعي قاضي قادن جو ئي آهي. مٿين ٽنهي ماخذن کان علاوه هي بيت ٿوري ڦير ڦار سان شاهه جي رسالي جي ڪن نسخن ۾ پڻ موجود آهي. جتي وچ واري بيت تي تتبع ڪيو آهي. شاهه جي رسالي ’گنج‘ مان بيت جي پڙهڻي هيٺ ڏجي ٿي:

جان ڪي ڪنڌي ڪانهن، تان تاڻي ٻڌج ترهو،

هٿ پريان جي هٿ ۾، ٻي کي ڏج م ٻانهن،

سنڌي ڪپر دانهن، ڪہ تو ڪني نه سئي.

(گنج، سرود سهڻي، ص 317)

هن بيت جي آخري سٽ جو فقرو ”ڪہ تو ڪني نه سئي“ شاهه کان اڳ واري ٻوليءَ جو فقرو آهي. ان خيال کان به چئي سگهجي ٿو ته شاهه جي رسالي وارو بيت متان قاضي قادن جو نه هجي، جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي.

بيت-2

سَنجهي سـِبـِي تُرهڙو، غافلَ ڇو نه وِڌوءِ،

جَڏهـِين لَهرِين گُم ٿـِئين، تڏهين سَنڀاريوءِ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 97)

هي بيت دادو ديال وارن ٽنهي ماخذن (جيپور گرنٿ-6/84 ۽ سنتون ڪي واڻي/84) ۾ ڏنل آهي. قاضي قادن جو هي بيت تمام سهڻو چيل آهي، جنهن ۾ غافل ناکئي کي نصيحت ڪيل آهي ته غفلت ڪرڻ سان نقصان ٿئي ٿو. هرڪو ڪم پنهنجي وقت تي ڪرڻ گهرجي. ٻئي ڏينهن جي لاءِ اُن ڪم کي رکي نه ڇڏجي، نه ته سواءِ نقصان جي ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. جيڪي ماڻهو پنهنجو ڪم وقت تي ڪن ٿا، اُهي ئي زندگيءَ جي سفر ۾ هميشه ٻين کان اڳڀرو ۽ سرخرو رهن ٿا.

قاضي قادن هي بيت شايد پير صدرالدين جي هيٺئين بيت کان متاثر ٿي چيو آهي، جنهن ۾ پڻ غافل ناکئي کي ساڳي نصيحت ڪيل آهي. ٻنهي بيتن ۾ لفظن جو ٿورو فرق آهي، باقي معنيٰ ۾ ٻئي بيت ساڳيا آهن. پير صدرالدين جي بيت جي ٻولي مان خبر پوي ٿي ته 14 صدي عيسويءَ جي سنڌي ۽ موجوده دور جي سنڌيءَ ۾ ايڏو ڪو خاص فرق ڪونهي. اها ڳالهه تعجب جوڳي آهي:

تانگهي مٿي ترهو، تاڻي تو نه ٻَڌوءِ،

جڏهن لهرين لوڙهيوءِ، تڏهن ٿو سنڀارين.

(پير صدرالدين)

قاضي قادن ۽ پير صدرالدين جي بيتن کان متاثر ٿي شاهه لطيف به ساڳي معنيٰ ۾ بيت چيو. اُن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب کي اڳين سالڪن جي بيتن جي خبر هئي، جو هن به اُنهن بيتن ۾ سمايل فڪر کي ورجايو ۽ اُنهن جي فهم فڪر کي کولي سمجهايو. گنج مان شاهه لطيف جو بيت هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ پڻ نصيحت جو عنصر شامل آهي:

تانگهي ۾ تاڻي، ٻنڌ پنهنجو تُرهو،

اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو.

(گنج، سر سويراڳ، ص276)

بيت-3

جان تُون تارُو پاڻ، تان ڀـِي پُڇ تارُنِ ڪَلَ،

تان تون ڪَنا سُڄاڻَ، وڃي ڪَپَرَ آهـِلِي.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 98)

هي بيت دادو ديال وارن ٽنهي ماخذن (جيپور گرنٿ-6/87، سنتون ڪي واڻي/87 ۽ ورهد سڪل/85) ۾ ڏنل آهي. دادو ديال وارن ماخذن کان علاوه هي بيت سـِکن جي ڪتاب ’گُرٻاڻي‘ (تکاري ڇنت، محلا پهلا، ٻارهان ماها) ۾ پڻ آيل آهي. ڊاڪٽر صاحب سنتون ڪي واڻي ۾ آيل لفظ ”تلگان ڪَلَ“ جي بجاءِ ”تارن ڪَلَ“ لکيو آهي، جيڪو ئي صحيح لفظ آهي. ڊاڪٽر صاحب جو هن بيت متعلق تجزيو بلڪل صحيح آهي ته جيڪڏهن تون پاڻ تارون آهين ته به تون انهن هوشيار تارن کان پڇ، جيڪي اڳيئي اُن ميدان مان ٿي آيا آهن، يا جن اُن ميدان ۾ پڻ ملهايو آهي. رچنداڻي صاحب لکي ٿو ته هي بيت ’گُرٻاڻي‘ ۾ پڻ آيل آهي، جتي اُن جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:

جي ٿون تارُون پاڻ، تا هو پُڇ تڙن ڪَلَ،

تا هو کري سُڄاڻ، وڃان ايني ڪپري.

(سنڌي نظم جي تاريخ،ص 267)

ورهد سڪل ۾ هن بيت جي پڙهڻي هيٺينءَ طرح آهي:

جي تون تارون پاڻ، تو وي پُڇ تارن ڪَلَ،

تون ئون وي گهڻا سڄاڻ، وڃي ڪپري آهليا.

(ورهد/85،ص 261)

ورهد ۽ گرٻاڻيءَ واري پڙهڻي گهڻي حد تائين ملي ٿي، جڏهن ته گرٻاڻي وارو بيت سنتون ڪي واڻي ۽ ورهد کان پهرين جو لکيل آهي. رچنداڻي صاحب هن بيت متعلق لکيو آهي ته سنتون ڪي واڻيءَ ۾ ڏنل اکرن ”تلگان“، جنهن جي معنيٰ ’اُنهن کان‘ آهي، سو ڪنهن به سنڌي ڊڪشنري ۾ ڏنل ڪونهي. البت اهو لفظ ٿوري ڦير ڦار سان شاهه صاحب جي هڪ بيت ۾ ڏنل آهي:

انڌي وڇون، ڪنڌي وڇون، تنگئا لهي نه تکَ.

(سنڌي نظم جي تاريخ، ص 268)

هو اڳتي لکي ٿو ته ”تنگئا“ جي معنيٰ گربخشاڻيءَ مطابق ”گهيڙ“ يا ”گهاٽ“ آهي ۽ اهو لفظ قاضي قادن بيت ۾ آيل لفظ ”تلگان“ يا ”تلگئا“ سان گهڻو ملي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته ”تلگان“ لفظ ”تنگئا“ جي بگڙيل صورت هجي. اگر اهو تسليم به ڪجي ته به اهو لفظ قاضي قادن جي بيت ۾ ڪا معنيٰ نٿو ڏيکاري. (رچنداڻي، ص 268).

رچنداڻي صاحب جي مٿئين بيان مان خبر پئي ته اصل لفظ ”تارن ڪَلَ“ آهي، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ مطابق پڻ ساڳيوئي آهي. گرٻاڻيءَ ۾ هن بيت متعلق اهو ڪونه ٻڌايو ويو آهي ته هي ڪو قاضي قادن جو بيت آهي. ٿي سگهي ٿو ته هي بيت گرونانڪ جو هجي يا ڪنهن ٻئي سنڌي سالڪ جو يا قاضي قادن جو به ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. اهو تسليم ڪجي ته گرٻاڻيءَ ۾ ڏنل اهو بيت قاضي قادن جوئي آهي ته پوءِ شايد گرٻاڻيءَ ۾ ڏنل ٻيا سنڌي بيت به قاضي قادن جا ٿي سگهن ٿا.

بيت-4

جي سو سُڃاتوءِ، جو سَرَ سندو پاتَڻي،

وَڃُ لَهرِين گءڏِيو، ڪَپَرُ ڪين ڪَندُوءِ.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 102)

هي بيت دادو ديال وارن چئني ماخذن ۾ ڏنل ڪونهي. ڊاڪٽر صاحب هي بيت حڪايات الصالحين مان ڏنو آهي، جتي اُن جي پڙهڻي ائين ئي آهي. ڊاڪٽر صاحب هي بيت ”سر“ ”ڪپر“ ۽ ”پاتڻي“ لفظن جي آڌار تي قاضي قادن جو قرار ڏنو آهي. هن بيت جي ٻي سٽ ميين عيسي ۽ شاهه لطيف جي بيتن ۾ پڻ آيل آهي. ان کان علاوه آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”هرگنيو“ جي هڪ بيت ۾ پڻ هيءَ سـِٽ موجود آهي. ٽنهي ماخذن مان بيت هيٺ ڏجن ٿا:

 

ميون عيسو

ڪريم ڪارڻ جي ٿيي، ته عالم سڀ سندوءِ،

وان لهرين گڏيو، ڪپر ڪين ڪندوءِ،

پاڻان پيرين سو پوندوءِ، بحر برابر نڪڻين.

(ميين عيسي جا سنڌي بيت/ب: 24، ص 37)

شاهه لطيف

جي تون ٿئين الله جو، ته عالم سڀ سندوءِ،

من لہ المولي فلہ الڪل، پرين پاڻ راتوءِ،

ڪپر ڪين ڪندوءِ، وان لهرين گڏيو.

(گنج، سرسامونڊي، ص 292)

هر گنيو

ڪپر ڪين ڪندوءِ، وَنءُ لهرين گڏئي،

مئي مٽي مهراڻ ۾، اُٿي ساهڙ سندوءِ،

سو ترت ترهو تار ۾، ڪنهن ڏانءِ پرين ڏيندوءِ،

ميهر سو ملندوءِ، اڳيان سنڀوڙو سيڻاهه سين.

(هرگنيو، ساهڙ ۽ سهڻي، ب: 21،ص 150)

 

مٿيان ٽيئي بيت هڪ ٻئي کان مختلف آهن، سواءِ هيٺينءَ سٽ جي، جيڪا ٽنهي بيتن ۾ ساڳي آهي:

ڪپر ڪين ڪندوءِ، وان لهرين گڏيو.

لڳي ٿو ته قاضي قادن جي بيت جي اها سٽ اُن وقت ڪا تمام گهڻي مشهور هئي، جو سڀني سالڪن اُن تي بيت چيا آهن. ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سنڌ جو پهريون ”طرحي مشاعرو“ آهي، جنهن ۾ ”مصرع“ تي سنڌ جي ٽن وڏن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب قاضي قادن جي بيت لاءِ ماخذ صرف حڪايات الصالحين ڄاڻايو آهي، جڏهن ته اُن سـِٽ تي چيل ٽي ٻيا بيت، ٽن مختلف ماخذن ۾ پڻ موجود آهن. شاهه لطيف جي بيت جي پهرين سـِٽ شيخ فريد جي هيٺئين بيت جي ٻي سـِٽ جو سنڌي ترجمو آهي. شيخ فريد جو هيٺيون بيت آدگرنٿ کان ٻاهر ڏنل بيتن ۾ شامل آهي.

آپ سنوارين مين ملين، مين  مليا سُک هوءِ،

جي تون ميرا هو رهين، سڀ جگ تيرا هوءِ.

(7) کاهوڙي

هن باب ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻه بيت رکيا آهن. بيت نمبر 1 شاهه عبدالڪريم جو آهي ۽ اُن جي رسالي ۾ موجود آهي. بيت نمبر 2 شاهه لطف الله قادريءَ جو آهي، جيڪو سندس رسالي ۾ پڻ موجود آهي. هن باب ۾ رکيل ٻئي بيت قاضي قادن جا ڪونهن.

بيت-1

ڏيهه ڏِهائين ناهِ جتي پيرُ نه پَکِيان،

تـِتي کاهوڙيان، وَرَ ڏيئي وَڻَ چُونڊيا.

(قاضي قادن جو رسالو، ص 104)

هن بيت جا ماخذ شاهه جو رسالو ۽ بيان العارفين آهن. ڊاڪٽر صاحب شاهه عبدالڪريم جي هن بيت کي قاضي قادن جو ڄاڻايو آهي ۽ لفظ ”پکيان“ ۽ ”کاهوڙيان“ جي آڌار تي بيت کي قاضي قادن ڏانهن منسوب ڪيو آهي. گنج ۾ لفظ ”پکيان“ جي جاءِ تي ”پکڻان“ لکيل آهي، جڏهن ته لفظ ”پکيان“ ۽ ”کاهوڙيان“ صحيح سمجهيو وڃي ته پوءِ هي بيت قاضي قادن جو ٿي سگهي ٿو.

’گنج‘ ۾ سر کاهوڙي هيٺ هن بيت سان لاڳيتو هڪ ٻيو بيت به ڏنل آهي، جيڪو ٿي سگهي ٿو ته شاهه عبدالڪريم جو هجي ۽ قاضي قادن جي بيت جو جواب هجي. گنج مان بيت هيٺ ڏجي ٿو:

سڪيا سينهن گهمن، جتي پير نه پکڻين،

تتي کاهوڙين، ور ڏيئي وڻ چونڊيا.

(گنج، سرکاهوڙي، ص 504)

ٻنهي بيتن جي مالڪيءَ جو مسئلو تمام ڏکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته شاهه عبدالڪريم  اهو بيت قاضي قادن جي چيل بيت جي جواب ۾ چيو هجي يا اهو بيت شاهه لطف الله قادريءَ، شاهه ڪريم جي بيت تي تتبع ڪيو هجي. يا ٿي سگهي ٿو ته ٻيئي بيت قاضي قادن جا هجن، جو ٻنهي بيتن ۾ فقرو ”ور ڏيئي وڻ چونڊيا“ آيل آهن. بهرحال انهن ٻنهي بيتن معتلق ڪا حتمي ڳالهه چئي نٿي سگهجي.

(8) گهاتو

گهاتو عنوان هيٺ ڊاڪٽر صاحب متن ۾ پنج بيت رکيا آهن. بيت نمبر 1 تذڪره قطبيه ۾ ڏنل آهي ۽ لاڙجي پاسي جي ڪنهن سالڪ جو چيل ٿو لڳي. بيت نمبر 3 شاهه جي رسالي جي مختلف نسخن ۾ مختلف سٽن سان ڏنل آهي ۽ شڪ گاڏاڻو آهي. بيت نمبر 4 ۽ 5 شاهه عبدالڪريم جا آهن ۽ اُن جي رسالي ۾ موجود آهن. باقي بيت قاضي قادن جا نظر اچن ٿا ۽ سهڻي ترتيب سان رکيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com