سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :2

”شاهه جي رسالي“ جي مستند معياري متن جي تڪميل بعد اڳتي قدم

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

13- جون (آچر)2005ع تي ”شاهه جي رسالي جي مستند معياري متن“ بابت PTV جي زير ترتيب پروگرام ۾ گفتگو ڪندي محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري آخر ۾ راقم کان هي سوال پڇيو ته ”شاهه جي رسالي جي مستند معياري متن جي اشاعت بعد وڌيڪ تحقيق جي سلسلي ۾ اوهان ڇا سوچيو آهي؟“ ان سوال جو مختصر جواب ڏنو ويو، پر ضرورت محسوس ٿي ته آءٌ هن اهم سوال جو وڌيڪ تفصيلي جواب لکان ته جيئن اڳتي قدم وڌائڻ لاءِ راهه روشن ٿئي.

’شاهه جي رسالي جو مستند معياري متن‘ ڏهن جلدن ۾ شايع ٿيو، جن مان پهريان ست ۽ ڏهون جلد جدا جدا ڇپيا ۽ اٺون ۽ نائون هڪ ئي جلد ۾ 1999 ۾ شايع ٿيو. ان کي پنج سان گذري چڪا. ان کان اڳ يا پوءِ عالمن، اديبن، ۽ ادبي ادارن مستند معياري متن بابت ڇا لکيو ۽ مون انهيءَ عرصي ۾ ڇا ڪيو. ان جو مختصر طور ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو.

’شاهه جي رسالي جي مستند معياري متن‘ بابت تحقيق ۽ اشاعت جو سلسلو هڪ وڏي عرصي تائين ٽيٽيهه سال کن هليو ۽ ان عرصي ۾ سڀني ادارن، عالمن ۽ اديبن ان تحقيق جي تعريف ڪئي. هن وقت تائين انهن مان گهڻا سڄڻ اسان کان جدا ٿي چڪا آهن. مستند معياري متن جي اشاعت بعد هن وقت تائين تنقيد ۽ تقابلي واري صورت ۾ جيڪو مواد شايع ٿيو آهي، تنهن مان ٽن جو ذڪر ضروري آهي: هڪ ٻانهي خان شيخ جو تيار ڪيل شاهه جو رسالو ، ٻيو محمد حسين ڪاشف جو ڪيل تجزيو ۽ ٽيون ناسف علي شيراز جو ”معياري متن جلد اول“ بابت لکيل تنقيدي مقالو.

ٻانهي خان شيخ وارو ٽن جلدن ۾ رسالو:

ٻانهي خان جي گڏ ڪيل بيتن ۽ واين وارو رسالو جلد پهريون سن 2000ع ۾، ۽ ٻيو ۽ ٽيون جلد 2001ع ۽ 2002ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان ڇپيا. هن اشاعت جو عنوان آهي: ”شاهه جو رسالو- شاهه جو گهڻي کان گهڻو نج ڪلام“، مگر مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ”نج“ ڪلام سان گڏ روايتي بيتن واري گهڻائي شامل آهي. جلد ٽئين جي مهاڳ ۾ ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر فهميده ميمڻ طرفان وضاحت ٿيل آهي ته ”محترم ٻانهي خان شيخ، گنج واري نسخي ۾ شامل بيتن کان سواءِ شاهه جي راڳاين جي ورثي ۾ آيل ڪيترن بيتن کي  شامل ڪيو آهي.“ جلد ٻئي مهاڳ ۾ وڌيڪ تفصيل سان وضاحت ڪيل آهي ته ”شيخ موصوف پاڻ پنهنجي مقدمي ۾ ڄاڻايو آهي ته هن شاهه جي رسالي جا گهڻو ڪري سڀ ڇاپي ۽ قلمي نسخا ڀيٽڻ کان سواءِ گنج شريف کي بنياد بڻائي هي رسالو مرتب ڪيو اٿس ۽ هن جون پڙهڻيون يا اُچار گهڻو ڪري گنج واريون رکيون اٿس…‘ شيخ صاحب انهن کي ٻين سڀني کان وڌيڪ معتبر ۽ مستقل ٿو سمجهي، پر ڪن جاين تي انهن کي ناموزون ڄاڻي اڃا به ڪن قديم نسخن واريون پڙهڻيون اختيار ڪيون اٿس. گنج کان سواءِ، ڪجهه بيت ۽ وايون ڪن ٻين قلمي نسخن مان به کنيون اٿس. (ڪي بيت ۽ وايون وري) شاهه جي راڳ جي ڄاڻو فقير ابراهيم خاصخيليءَ جي يادداشت مان ورتيون اٿس، ۽ جن بيتن ۽ واين ۾ دائري مٿان (صحيح) جو نشان آهي، اُهي ٻين رسالن ۽ گنج ۾ ڪونه آهن ۽ ميين محمد ۽ اُن جي ڀاءُ ميين حسين جي (1304) لکيل رسالي وارا بيت آهن جن کي هو مستند ٿو سمجهي.“

هن وضاحت مان ظاهر آهي ته هي ايڊيشن نه فقط شاهه جي مستند ۽ معياري ڪلام لاءِ مرتب ڪيو ويو ۽ نه ئي ان کي پرکڻ، پروڙڻ لاءِ تحقيق جا ڪي مڃيل اصول اختيار ڪيا ويا. ’شاهه جي نج ڪلام‘ هئڻ لاءِ ڪي به ثبوت ڏنل ناهن. گنج ۽ ميين محمد ۽ ميين حسين وارا رسالا ڀٽ تي رکيل هئا، سي شيخ صاحب ڏٺا جو پاڻ به اتي جو باشندو هو. مگر انهن ٻن رسالن کان وڌيڪ قديم ٻيا رسالا جن  لاءِ چيل آهي ته انهن جون قديم پڙهڻيون اختيار ڪيائين انهن جا نالا ڏنل ناهن. ظاهر آهي ته شيخ صاحب سندس پنهنجي ڄاڻ ۽ پسند موجب گنج ۽ ميين محمد ۽ ميين حسين جي رسالي جا بيت معتبر تسليم ڪيا، پر ڪٿي انهن جي بدران به ٻيا کنيائين، ۽ پڻ راڳاين فقيرن کان ٻڌل روايتي بيتن کي مستند سمجهيائين. شيخ صاحب وانگر ٻيو ڪو صاحب به پنهنجي ڄاڻ موجب ڪن قلمي يا ڇاپي رسالن کي بنياد بڻائي، ٻيو مواد شامل ڪري، رسالي جو نئون ايڊيشن تيار ڪري سگهي ٿو، پر اهو ’مستند ۽ معياري متن‘ ٿي نه سگهندو.

محمد حسين ڪاشف جو ڪيل تجزيو:

محمد حسين ڪاشف مانائتو مفڪر ۽ استاد پهريون اديب آهي، جنهن ’رسالي جي مستند معياري متن‘ جي اشاعت هلندي، ان جي اهميت ۽ افاديت کي محسوس ڪيو ۽ ان تي تنقيدي نگاهه سان قلم کنيو. سن 1996ع ۾ سندس پهريون مقالو ”شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح“ ٽه-ماهي مهراڻ ۾ ڇپيو. ان وقت معياري متن جا چار کن جلد شايع ٿيا هئا. ٻيو مقالو ”شاهه جو رسالو-شاهه جي ڪلام جو اڀياس“ جي عنوان سان جلد ڏهين جي شايع ٿيڻ تي لکيائين. بعد ۾ ٻانهي خان شيخ جي رسالي وارن جلدن بابت ”ٻانهون خان شيخ ۽ سندس مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جو جائزو“ لکيائين، جنهن ۾ پڻ“ ”مستند معياري متن“ جو ذڪر ڪيائين.

انهن مقالن ۾ ڪاشف صاحب جو ڪيل تجزيو علمي تنقيد جي لحاظ سان معياري آهي. سندس تنقيد ۾ اعليٰ فهم ۽ ادراڪ سان گڏ توازن آهي، ۽ سندس پهريان ٻه مقالا ’معياري متن‘ جي صحيح مطالعي ۽ پختي ادبي ڄاڻ جو ثمر آهن. ڪن جاين تي سندس اخلاقي  ۽ تنقيدي راءِ به ڏنل آهي، پر ان ۾ ”معياري متن“ جي ڪنهن طرح به ڪا تنقيد آهي. ڪاشف صاحب ”معياري متن“ جي تياريءَ ۽ تڪميل لاءِ بنان ڪنهن وڌاءَ جي صحيح طور تي داد ڏنو آهي، جنهن لاءِ آءٌ ممنون آهيان. سندس تبصري ۾ سمايل اعليٰ  فڪري وضاحتن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو، پر هت سندس انهن خيالن ۽ راين کي روشن ڪرڻو آهي، جيڪي شاهه جي رسالي جي معياري متن جي پرک  پروڙ سان تعلق رکن ٿا-اهي هي آهن:

ڪاشف صاحب پنهنجي تفصيلي مطالعي بعد جيڪا اهم راءِ قائم ڪئي آهي سا اها آهي ته رسالي جي معياري متن لاءِ ڪيل تحقيق ”پنهنجي نوعيت جي معياري“ تحقيق آهي، جنهن سان ”شاهه جي ڪلام“ ۽ ”رسالي جي ڪلام“ ۾ فرق واضح ٿيو آهي، ۽ ”شاهه جو ڪلام“ هر لحاظ سان پوري پيش بنديءَ ۽ پرک پروڙ جي اعليٰ اصولن موجب مرتب ٿيو آهي.

پيش بندي: ڪاشف صاحب جي خيال ۾ ”معياري متن“ جي صحت، اهميت ۽ افاديت جو راز هن تحقيقي ڪشالي جي لاءِ ڪيل ”پيش بندي“ ۾ آهي. اڳواٽ ڪيل فڪري تياري ۽ تنظيم جي ڪري تحقيق ۽ تصنيف جا سڀ لوازمات پورا ٿيا آهن، جنهنڪري ”معياري متن“ پنهنجيءَ جاءِ تي برقرار آهي: جزوي اختلافن جي ڪري ان جي هيئت ۽ صورت ۾ فرق نٿو اچي. سندس ڄاڻ موجب ڊاڪٽر بلوچ طرفان ”رسالي جي تحقيق ۽ شرح جي سلسلي ۾ اها وڏي پيش بندي محسوس ٿئي ٿي…سندس علمي تحقيقاتي پيشڪش جي مقابلي ۾ اڃا تائين ٻي ڪا رٿ ادبي دنيا ۾ نه آئي آهي جيڪا فڪر جي ڦرهي جي انهيءَ فرق کي ظاهر ڪري.“

پرک ۽ پروڙ جا اصول: جيئن ”معياري متن“ جي تحقيق ۾ اختيار ڪيل اصولن جي مدنظر، ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته شاهه صاحب جي بيتن کي صحيح طور تي سڃاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪي اصول هئڻ گهرجن، جن جي آڌار تي پرک ۽ ڀيٽ بعد راءِ ڏني وڃي. پر اسان وٽ ائين نه ٿيو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر تحقيقي شيءِ کي ان قسم جي سوچ رکندڙ صاحب نامڪمل تصور ڪن ٿا. جڏهن انهن کان اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته لطيف جي ڪلام جي پرک لاءِ ڪهڙا معيار هئڻ گهرجن؟ ته ان جو وٽن ڪو مصدقه جواب نه هوندو آهي.“ (ص27)

سرن ۾ گڏيل بيتن کي جدا ڪري موضوع مطابق سنواري رکجن، جيئن معياري متن ۾ ڪيو ويو آهي. اها هڪ ”نئين ۽ اهم ڳالهه آهي ته جيئن سرن جي بيتن ۾ جيڪو اختلاف جو سلسلو آهي ان کي صاف ڪجي.“ (ص27)

اختلاف راءِ کي دليلن سان پيش ڪرڻ ضروري آهي. معياري متن ۾ ڪيل تحقيق سان جيڪڏهن ”ڪٿي ڪو به اختلاف آهي ته ان کي اسان کي علمي صورت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، دليل جواب دليل هئڻ گهرجي.“ (ص32)

ڪاشف  صاحب جي راءِ ۾، معياري متن ۾ بيتن جي شرح ۽ سمجهاڻي ايترو ته عام فهم، گهڻ رخي ۽ تفصيلي آهي جو اها هر اٽڪ ۽ مونجهاري کي دور ڪري ٿي. ”شرح ۽ معنيٰ طريقه ڪار، اختلاف راءِ کي وجود نه ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ هڪ عالم جي شايان شان عمل آهي.“ (ص 32)

هن هيڏي وڏي ڪم ۾ ڪن سهون جو ٿي وڃڻ انساني فطرت جي تقاضا آهي. اهڙين ڪن جزوي ڳالهين کي ڊاڪٽر صاحب جي عمداً (ارادي طور) راءِ قرار ڏيڻ منهنجي خيال ۾ صحيح نه آهي. ڊاڪٽر بلوچ ڪٿي به اها دعويٰ ڪا نه ڪئي آهي ته جو ڪجهه پيش ڪيو ويو آهي اهو حرف آخر آهي.“ (ص 31)

نتيجي طور سندس راءِ ته معياري متن ۾ ڪيل تحقيق جيڪڏهن تحقيقي اصولن مطابق صحيح آهي ته پوءِ اسان کي انهيءَ کي قبول ڪرڻ گهرجي، يا تحقيق جي سلسلي ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ڪي ڪارگر ۽ بهتر اصول آهن ته اهي اسان کي پيش ڪرڻ گهرجن.“ (30)

ٻانهي خان  شيخ وارن جلدن تي تنقيد ڪندي، ڪاشف صاحب هڪ اهم ڳالهه رسالي جي معياري متن تيار ڪرڻ جي لوازمات بابت ڪئي آهي. يعني ته اڳتي ڪو به اديب جيڪڏهن رسالي جي معياري متن تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته کيس لازمي طور تحقيقي مواد پيش ڪرڻو پوندو. ”(ڊاڪٽر بلوچ جي) ڪيل تحقيقي ڪم بعد منطقي ۽ اصولي طور تي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن بعد جيڪو به صاحب شاهه جي ترتيب جو ڪم ڪري، ان لاءِ لازم آهي ته پنهنجي پيش ڪيل مواد کي اختلاف/اتفاق راءِ سان بيتن جي پڙهڻين ۽ مواد جي ڀيٽ ڏيڻي آهي.“

ناسف علي شيراز جو تحقيقي جائزو:

ناسف علي شيراز جو مقالو ٽه-ماهي مهراڻ (سيارو 2004ع) ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن مستند معياري متن جي پهرئين جلد کي پڙهڻ بعد پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي. مقالي جو عنوان آهي ”شاهه جو رسالو معياري متن: جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو.“

شيراز هن وقت تائين شاهه جي رسالي تي ٿيل ڪم جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر بلوچ (منهنجي) ڪم کي گهڻو  ساراهيو آهي ۽ پڻ واضح ڪيو آهي ته هي هڪ وڏو مشڪل ڪم هو، جنهن کي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪيو ويو آهي، باوجود ان جي جو ”مستند متن پهرئين جلد کي مرتب ڪرڻ وقت 46 قلمي نسخا ۽ 10 ڇاپي رسالا ڪتب آندا ويا آهن. ايتري ساري مواد مان بيتن کي الڳ ڪرڻ، انهن کي ڀيٽڻ ۽ ترتيب ڏيڻ هڪ نهايت اوکر ڪم هو.“ (ص23) هن صاحب ڪيل تحقيق جون وڏيون خوبيون بيان ڪيون آهن. لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر صاحب جي اٿاهه محنت ۽ نمايان عظمت جو قائل ٿيڻو ٿو پوي. مقدمي وارو حصو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. متن ۾ بيتن جي معنيٰ ۽ پڙهڻي پڻ اهميت جوڳي آهي. پر سڀني کان اهم حصو سمجهاڻيءَ وارو آهي، جنهن ۾ هر بيت تي تفصيلي بحث ڪيل آهي .ان طرح رسالو هر لحاظ سان معياري ۽ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“ (ص23)

موصوف جي هيءَ راءِ قدردانيءَ ۽ سنجيدگيءَ جو مظهر آهي، ۽ آءٌ ذاتي طور تي سندس انهن مانائتن لفظن لاءِ ممنون آهيان. مگر اڳتي مقالي ۾ جيڪو تنقيد جو رخ اختيار ڪيل آهي، سو هن تعريف  جي نفي ڪري ٿو. هو صاحب معياري متن جي صحت ۽ اهميت کي ناقص ڄاڻائيندي ان جي بدران هڪ ٻئي وڌيڪ بهتر معياري متن جي تقاضا ڪري ٿو. سندس تجزيي موجب، معياري متن جي ”ايترين خوبين هوندي ان ۾ ڪي جهول به رهجي ويا آهن جن تي نظر وجهڻي آهي، ڪي خال به رهجي ويا آهن جن کي ڀرڻو آهي.“ هن پنهنجي مقالي ۾، انهن جهولن ۽ خالن کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو.

مقاله  نگار معياري متن تي (ڊاڪٽر بلوچ جي) ڪيل تحقيق کي هن ڪم جي اڃا شروعات  يا آغاز سمجهي ٿو، جنهن جي تڪميل اڳتي هلي ٿيندي. ان سلسلي ۾ سندس زوردار دليل اهو آهي ته ”ڪا به تحقيق حرف آخر ناهي.“ سندس خيال ۾، معياري متن مرتب ڪرڻ وقت ذور به ڌيان نه ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ سندس وضاحت ته ”رسالي جي بيتن تي ان وقت ذرو به توجهه ڏجي ها ته رسالي جو وڌيڪ بهتر ۽ معياري متن منظر عام اچي ها.“ (ص 23) پر ائين ڪونه  ٿيو. انهيءَ ڪري پاڻ هن مقالي ۾، ايندڙ تحقيق لاءِ راهه همراهه  ڪرڻ جو سوچيائين ته جيئن اڳتي هلي ٻيا محقق وڌيڪ معياري متن تيار ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ سندس تصديق ته ”اڃا به ڪي ڌاريان بيت ۽ وايون معياري متن جي سر ڪلياڻ يمن“ ۾ موجود آهن، جن جو ذڪر هن مقالي ۾ ڪجي ٿو. جڏهن به ڪو ٻيو محقق رسالي جو نئون ڇاپو شايع ڪندو ته انهن ڌارين بيتن ۽ واين کي مدنظر رکندو ته جيئن رسالي جو بهتر ۽ معياري متن شايع ٿي سگهي.“ (ص23). ظاهر آهي ته مقاله نگار پنهنجين پيش ڪيل تجويزن ترميمن کي معياري متن ۾ ڪيل تحقيق کان وڌيڪ وزندار سمجهي ٿو ۽ پڻ ايندڙ تحقيق لاءِ ضروري سمجهي ٿو ته جڏهن به ڪي محقق رسالي جو وڌيڪ معياري متن مرتب ڪن ته سندس هن مقالي کي مدنظر رکن. ”ايندڙ محقق جڏهن شاهه جي رسالي جو متن نئين سر ترتيب ڏيئي شايع ڪندا ته هن مقالي مان گهڻو فائدو حاصل ڪندا.“ (ص24)

جنهن ’بهتر معياري متن‘ ڏانهن سندس ويچار ويو آهي، ان ۾ شاهه جي رسالن ۾ آيل بيتن کان سواءِ ٻين ڪتابن ۾ آيل بيت جيڪي شاهه جا سمجهيا ويندا، سي پڻ داخل ڪيا ويندا. اهڙن ٻين ڪتابن مان هن خاص ٽن ڪتابن جا نالا ڏنا آهن_هڪ ڪتاب حڪايت الصالحين، ٻيو ڪتاب هرگنيو ۽ ٽيون ليلي رچنداڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي نظم جي تاريخ“. پهرين ٻن مان ڪافي بيت پڻ چونڊي ڏنا ويا آهن جو سندس خيال ۾: ”اُنهن ٻنهي ماخذن ۾ شاهه جا ڪيترائي معياري بيت قلمبند ٿيل آهن جيڪي ٻين ماخذن ۾ ڪونهن، انڪري حڪايات الصالحين ۽ هرگنيو مان سر ڪلياڻ ۽ يمن جا معياري بيت هيٺ ڏجن ٿا، جن کي ايندڙ مولف رسالي جي معياري متن ۾ شايع ڪرڻ وقت ذهن ۾ رکندا ته جيئن رسالي جو وڌيڪ معتبر ڇاپو شايع ٿي سگهي“ (46). ان سلسلي ۾، مقاله نگار اڃا ٻيا وڌيڪ بيت پنهنجي ٻئي مقالي ۾ ڏيندو (ص47). ظاهر آهي ته اهڙو رسالو موجوده معياري مستند متن کان نرالو هوندو، ڇاڪاڻ جو ان ۾ شاهه جي رسالن کان سواءِ ٻين ڪتابن مان کنيل بيت به شامل هوندا. ان جي برعڪس، موجوده معياري متن جو بنياد فقط شاهه جي رسالن ۾ آيل بيتن تي ئي آهي، ۽ رسالا به اهي جيڪي اڳ جا ۽ وڌيڪ معتبر آهن.

ڪهڙن قلمي يا ڇاپي رسالن مان ٻيو ڪهڙو بنيادي مواد هوندو، جنهن ۾ ٻاهرين ڪتابن وارا بيت شامل ڪري بهتر معياري متن تيار ڪيو ويندو، ان بابت وضاحت ڪيل ناهي پر هن مقالي ۾ مقاله نگار جي پنهنجي اختيار ڪيل طور طريقي مان گمان نڪري ٿو ته موجوده معياري متن ۽ ان جي پويان هر بيت بابت جيڪو تفصيل يا تحقيقي سمجهائڻي ڏنل آهي تن کي سامهون رکي، ردبدل ڪري، نئون متن تيار ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ اهڙو ڪارنامو هڪ ته تصنيف ۽ تحقيق جي بين الاقوامي اصولن ۽ معيارن جي برعڪس هوندو، جو ڪنهن ٻئي جي تحقيق کي پنهنجو ڪيو وڃي، ۽ ٻيو ته ان طرح هر لکندڙ موجوده متن ۽ بيتن بابت ڏنل سمجهاڻين کي بحث مباحثي هيٺ تيار ڪندو. انهيءَ ڪري ڪوبه هڪ جامع معياري متن تيار ٿي نه سگهندو.

مقاله نگار جو خيال آهي ته ”رسالي جو ڪڏهن به ڪو جامع ۽ معياري متن شايع ٿي نه سگهندو.“ (ص24) ڇاڪاڻ جو ”شاهه جي هٿ اکر لکيل ڪو به قلمي نسخو موجود ڪونهي.“ سندس اها راءِ اختلافي آهي ۽ شاهه  جي ڪلام تي هميشه لاءِ غير معياري رهڻ جو پاڇو وجهي ٿي. حقيقت ۾ رسالي جو ٻيو ڪومعياري متن انهيءَ ڪري ممڪن نه ٿيندو جو ان جو مواد موجوده معياري متن ۽ ان ۾ ڪيل تحقيق ۾ ڦيرگهير تي هوندو.

سرڪلياڻ ۽ سريمن جي ڪن بيتن جي حوالي سان مقاله نگار جيڪا تنقيد ڪئي آهي سا مـِٺن لفظن ۾ نهايت ڪڙي تنقيد آهي: ”نهايت ڪڙي“ انهيءَ ڪري جو ان ۾ هڪ ته بحث مباحثي واري بي نتيجي ڇڪتاڻ آهي، جو ڄڻ تنقيد خاطر تنقيد آهي؛ ٻيو ته دليلن جو بنياد سندس پنهنجي ڪيل تحقيق بدران گهڻيءَ حد تائين معياري متن ۾ ڏنل تفصيل ۽ سمجهاڻين جي اُٿل پٿل تي آهي؛ ٽيون ته مقاله نگار گهڻيءَ حد تائين پنهنجي ذاتي راءِ کي اهميت ڏني آهي. ان سلسلي ۾ هيٺ سندس ويچارن ۽ دليلن جي وڌيڪ وضاحت ڪجي ٿي. هت اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته هن توضيح جو مقصد مقاله نگار جي تحقيقي ڪوتاهين يا علمي اوڻاين کي چمڪائڻ ناهي، پر انهن اصولن ۽  معيارن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻو آهي، جيڪي رسالي جي معياري متن مرتب ڪرڻ لاءِ ضروري آهن. بيشڪ شيراز صاحب هن مقالي لکڻ لاءِ ڪافي مطامعو ڪيو آهي ۽ ڀُلن چُڪن ڳولڻ ۾ وڏي محنت ڪئي آهي، جنهن لاءِ کيس آفرين هجي.

تحقيق جو سڀ کان پهريون اصول اهو آهي ته ان ۾ لکندڙ جي پنهنجي ذاتي راءِ کي دخل نه هجي، پر هن مقالي ۾ پيش ڪيل خيالن جو مدار گهڻي ڀاڱي مقاله نگار جي پنهنجي راءِ تي آهي. ان سلسلي جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو: معياري متن سرڪلياڻ داستان_1 ۾ بيت نمبر 5 ”تون چَو الله هيڪڙو، ٻي وارج مَ وائي“ وارو بيت ٽن سٽن سان ڏنل آهي. اعتراض آهي ته اهو بيت گنج رسالي ۾ ٻن سٽن سان آهي ۽ ٻيو ته آخري سٽ هڪ ٻئي بيت ۾ به آهي. ان اعتراض بعد بنان ڪنهن خاطر خواهه دليل جي پنهنجي ذاتي راءِ ته:

”تون چئه الله هيڪڙو واري فقري سان شروع ٿيندڙ ٽيئي بيت شاهه جا ڪونهن. اُهي يا ته ڪن ٻين سالڪن جا چيل آهن، يا سبب اهو آهي ته شاهه کي شاهه عبدالڪريم جي چيل: ”تون چو الله هيڪڙو“ واري بيت جي خبر هئي، جو اهو بيت سڀني رسالن ۾ موجود آهي. شاهه انهن بيتن کي ڏسي پنهنجي طرز تي وحده لاشريڪ لہ واري کنڌيءَ جا بيت چيا، يعني خدا هڪ آهي، تون چو الله هيڪڙو. شاهه جڏهن وحده لاشريڪ لہ چيو ته پوءِ، تون چو الله هيڪڙو واري فقري سان بيت نه چيا هوندا.“ (ص25)

هن قسم جي راءِ رکندڙ ڪو به صاحب شاهه جي رسالي جي معياري متن قائم ڪرڻ لاءِ صحيح رهنمائي ڪري نه سگهندو.

معياري متن جو بنياد شاهه جي رسالي ۾ شامل بيتن تي آهي ۽ نه ٻين ڪتابن ۾ آيل بيتن تي. تنقيدنگار کي اهو اصول ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ها، پر ائين نه ٿيو آهي. مثلاً معياري متن سرڪلياڻ داستان_1 ۾ بيت نمبر 5 هيٺين ٽن سٽن سان آهي

(جيئن اوائلي دور جي رسالن ۾ آهي، تيئن):

وحده لاشريڪ لہ، جان تون چئين ايئن،

تان مڃ محمد ڪارڻي، نـِرتئون منجهان نينهن،

تان تون وڃئو ڪيئن، نائـِين سر ٻئن کي.

اعتراض آهي ته هي بيت جيتوڻيڪ اوائلي دور جي رسالن ۾ ائين ٽن سٽن سان آهي پر ڪتاب حڪايات الصالحين ۾ ٻن سٽن سان آهي، ۽ اها پڙهڻي به سمجهائڻيءَ هيٺ ڏيڻ گهرجي ها جيڪا نه ڏني ويئي آهي. مقاله نگار جي وڌيڪ راءِ ته ”تان مڃ محمد ڪارڻي“ واري وچين سٽ پوءِ جي وڌايل آهي (يعني ته شاهه اها نه چئي هوندي).

معياري متن ۾ رکيل هي بيت ۽ وائيءَ جي پڙهڻيءَ بابت، جدا جدا رسالن جي پڙهڻين جي ڀيٽ سان سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ان سمجهاڻيءَ ۾ ڪنهن نئين کوجنا سان اضافو ڪري سگهي ٿو، پر ساڳئي مواد ۾ رد بدل ڪرڻ سان نه علمي ڄاڻ وڌندي ۽ نه معيار قائم ٿيندو. پر مقاله نگار جي تنقيد جي مدار گهڻي حد تائين معياري متن ۾ شامل بيتن بابت ڏنل ڀيٽ ۽ سمجهاڻيءَ مان ورتل ڄاڻ تي آهي. ڪن ٿورن معقول اشارن کان سواءِ، سندس گهڻا اعتراض سڀ بي نتيجي ۽ اجايا آهن، جن کي دليلن سان رد ڪري سگهجي ٿو. پر مقصد مقاله نگار سان مناظرو ڪرڻ ناهي. البت ايترو چئي سگهجي ٿو ته سندس مقالي ۾ علمي تحقيق جا معيار قائم نه رهيا آهن. سندس تنقيد ’هيئن ڇو ٿيو‘ تائين محدود ناهي، پر’هيئن نه ٿيو‘ کان وٺي ’هيئن ٿيڻ گهرجي‘ تائين پهچي ٿي.

موجوده معياري متن، ڪافي سوچ سمجهه بعد، ڪن تحقيقي اصولن مطابق مرتب ڪيو ويو آهي. مقاله نگار، عمداً ارادتاً يا پنهنجي راءِ کي هر حالت ۾ مٿانهون ڪرڻ واري جذبي هيٺ، پنهنجن تنقيدي بيانن ۾ ڪنهن نه ڪنهن تحقيقي اصول جي مخالفت ڪئي آهي. معياري متن لاءِ هڪ اهم اصول اهو اختيار ڪيو ويو ته بيتن ۽ واين ۾ سمايل شاهه صاحب جي فڪر کي سامهون رکجي، ۽ ان فڪر جي مختلف راهن کي روشن ڪرڻ لاءِ (ٻين لوازمات کي برقرار رکندي) ساڳئي موضوع، معنيٰ ۽ مفهوم وارن بيتن کي يڪجاءِ ڪجي، ۽ سرن توڙي داستانن ۾ بيتن جي ترتيب پڻ ان اصول موجب قائم ڪجي. اڳين رسالن جي مؤلفن پڻ پنهنجي ڄاڻ موجب اهو اصول آڏو رکيو، جنهنڪري جدا جدا موضوعن وارا جدا جدا سر نروار ٿيا. باوجود اُن جي، انهن ڪي ساڳئي مفهوم ۽ معنيٰ وارا بيت يا داستان ڪن جدا سرن هيٺ رکيا، خاص طرح ڪلياڻ، يمن، آسا، سري راڳ، سامونڊي ۽ سسئيءَ جي سرن ۾ اهڙا بيت گڏيل آهن. معياري متن مرتب ڪرڻ وقت وڏي احتياط سان، وڏي غور بعد، ڪن ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم وارن بيتن کي ڪنهن داستان کي هڪ سر مان کڻي ٻئي ۾ آندو ويو. نه معلوم مقاله نگار، معياري متن ۾ اختيار ڪيل ان اصول جي اهميت ڪيتري قدر سمجهي آهي. هو ساڳئي مفهوم وارن بيتن کي يڪجاءِ ڪرڻ کان وڌيڪ ’ساڳين تُڪن‘ وارن بيتن کي يڪجاءِ ڪرڻ ڏانهن مائل آهي. سريمن داستان_6 جي بيتن جي تربيب بابت پنهنجي راءِ ڏئي ٿو ته: ”اٿئي سڌ سُرڪ جي“ فقري وارا بيت لاڳيتو رکجن ها. سندس خيال ۾ هن داستان ۾ بيتن جو سلسلو ٽٽل آهي، ڇاڪاڻ جو ”ڪافي ساڳين تُڪن وارا بيت اڳ پوءِ ڪيا ويا آهن.“ (ص43). معياري متن ۾ ڪلياڻ ۽ آسا جي سرن ۾، معنيٰ مفهوم ۽ فڪر جي لحاظ سان ڪن بيتن کي يڪجاءِ ڪيو ويو آهي، پر مقاله نگار جي راءِ ۾ سر ڪلياڻ داستان_3 جا بيت جيڪي ”سر آسا مان کنيا ويا آهن تن جو سر ڪلياڻ سان ڪو تعلق ڪونهي.“ (ص29) ظاهر آهي ته تعلق هئڻ يا نه هئڻ بابت، هو پنهنجي راءِ کي معياري متن جي محقق جي راءِ کان مٿانهون سمجهي ٿو.

مقاله نگار پنهنجي مجروح احساس جو ذڪر ڪيو آهي ته: ”معياري متن لاءِ ذهن ۾ اهو خيال هو ته اهو ڌارئين ڪلام کان پاڪ هوندو“، پر ائين ناهي. سندس اهو ڇرڪ، معياري متن متعلق هڪ وڏي ڪوتاهي جو تاثر پيدا ڪري ٿو. البت ان تاثر کي هلڪي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته مواد جي گهڻائيءَ سببان ڪي ڌاريان بيت ”ڏسڻ کان رهجي ويا آهن جن تي ٻيهر غور ڪرڻو پوندو.“ (ص24_25). اهڙن بيتن بابت مقاله نگار جيڪا آگاهي ڏني آهي سا غور طلب آهي ته جيئن معلوم ٿئي ته ڪيترا ’ڌاريان‘ بيت سرڪلياڻ ۽ سريمن ۾ اچي ويا آهن. صورتحال هيءَ آهي ته: معياري متن، سر ڪلياڻ ۽ سريمن ۾ جملي 319 بيت وايون شامل آهن، جن مان مقاله نگار 52 کن بيتن کي پنهنجي تبصري هيٺ آندو آهي. انهن 52 بيتن مان به ٻين سڀني بابت مقاله نگار جا ڪي ٻيا اعتراض آهن، باقي ڏهه بيت کن صحيح ٻين سالڪن (قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه  عنايت وغيره) جا آهن جيڪي ڀُل ۽ سَهَو کان ان وقت جلد-1 ۾ ڇپجي ويا آهن. جيتوڻيڪ پوءِ معياري متن جلد 8/9 ۾ گهڻا درست ٿي ويا. بهرحال جلد 8/9 جي اشاعت بعد، فقط ڪي ٻه ٽي بيت ٻين سالڪن جا ڀُل کان ڇپيل رهجي ويا آهن. سوچڻ گهرجي ته 319 بيتن ۽ واين جي ذخيري ۾ ٻن ٽن ٻاهرين بيتن هئڻ جي بناء تي معياري متن جهڙي وڏي تحقيقي ڪارنامي ۾ شڪ پيدا ڪرڻ مان ڪهڙو مقصد حاصل ٿيو! ٺاهڻ ڏکيو آهي_ ڊاهڻ سولو آهي.

شيراز صاحب، باوجود پنهنجي پياري زبان ۽ مٺن لفظن جي، ڪن جاين تي البت هٽي، معياري متن جي خامين ڳڻائڻ بدران ڊاڪٽر بلوچ جي خامين کي زير بحث آندو آهي، مثال طور هيٺ وضاحت ڪجي ٿي:

_پنهنجي هڪ اعتراض ۾ شيراز صاحب انڪشاف ڪيو آهي ته معياري متن جي هڪ بيت ۾ ڊاڪٽر بلوچ اصلوڪو لفظ ڪاٽي پنهنجي طرفان ٻيو لفظ وڌو آهي. اها هڪ وڏي ’چارج‘ آهي، جنهن سان محقق توڙي معياري متن تي اعتماد مجروح ٿئي ٿو. بيت هيءُ آهي، جيڪو معياري متن سرڪلياڻ جي داستان_4 جوبيت نمبر 24 آهي:

عاشق معشوقن جو، وٺي ويهج گهٽُ،

جو ورچي ڇڏئين، محبت سندو مَٽُ.

ڪري سـِر جو سَٽُ، پيج ڪي پيالـِيون.

شيراز صاحب تنقيد ڪئي آهي ته: ”سڀني رسالن ۾ وچين سٽ ۾ لفظ محبت جي جاءِ تي موکي لکيل آهي. محبت جي مٽ سان تشبيهه ڏيڻ شاهه جي شان وٽان ناهي. اصل ۾ عاشقن معشوقن جي کنڌيءَ وارا بيت موکيءَ ۽ متارن جي قصي سان تعلق رکن ٿا، جن مان موکيءَ جي نالي وارا بيت ڊاڪٽر صاحب ڌارين بيتن ۾ شمار ڪيا آهن، باقي هن بيت ۾ موکيءَ جو لفظ ڪٽي، ان جي جڳهه تي محبت جو لفظ پنهنجي طرفان داخل ڪيو ويو آهي، نه ته اصل ۾ صحيح لفظ موکي آهي. هن بيت ۾ موکيءَ جي مٽ ڏانهن اشارو آهي نه ڪي محبت جي مٽ ڏانهن.“ (ص31)

هن تقيدي عبارت وارو هڪ هڪ جملو درستيءَ لائق آهي، ڇاڪاڻ جو صحيح ناهي. هن بيت لاءِ معياري متن جلد_1 ۾ 305 ۽ 306 صفحن تي تفصيلي سمجهاڻي ڏنل آهي، جنهن ۾ جن رسالن جي پڙهڻي ’مَٽ‘ آهي تن جا نالا ڏنل آهن. وڌيڪ نتيجي طور ڄاڻايل آهي ته مختلف رسالن مان ٻيءَ سٽ جون ٽي پڙهڻيون نڪرن ٿيون: ”موکيءَ سندو مٽ“، ”ميخاني جو مٽ“ ۽ ”محبت سندو مٽ“، پر جيئن ته هن بيت جو موضوع عاشق معشوق آهي ۽ نه موکي ۽ متارا، انهيءَ ڪري ”محبت سندو مٽ“ پڙهڻي وڌيڪ موزون آهي. ايتري وضاحت هوندي ائين چوڻ ڊاڪٽر بلوچ لفظ ”موکي“ ڪٽي ان جاءِ تي ”محبت“  لکيو آهي، غلط بيانيءَ جي برابر آهي.

_مقاله نگار پنهنجي هڪ اعتراض ۾ ائين پڻ ڄاڻايو آهي ته ڊاڪٽر بلوچ رسالي جي بيت ’ڌاريان‘ قرار ڏيئي جدا ڪيا آهن. اهو صحيح ناهي، ڇاڪاڻ جومعيار متن واري رٿا ۾ هڪ خاص تحقيقي اصول مدنظر رکيو ويو ته شاهه جي رسالن ۾ شامل ٻين سالڪن جي ڪلام کي ’ڌاريو‘ قرار ڏيئي ڪڍڻو ڪونهي، پر اهو هڪ قيمتي سرمايو آهي جنهن کي سانڍڻو آهي. انهيءَ ڪري ٻين عارفن ۽ سالڪن جي سموري ڪلام کي سهيڙي سنواري صحيح صورت ۾ سهڻي ترتيب سان جلد_10 ۾ رکيو ويو آهي. پر مقاله نگار جي سمجهه موجب اهو ڪلام ڌاريو قرار ڏيئي جدا ڪيو ويو ۽ پڻ ٻيو ڪلام بنان سبب جي خارج ڪيو ويو. لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر صاحب رسالي مان ڪيتروئي ڪلام ڌاريو قرار ڏيئي رسالي جي جلد_10 ۾ جمع ڪيو آهي، پر ان سان گڏ شاهه جا ڪيترائي معيار بيت پڻ خارج ڪري ڇڏيا آهن. مثلاً سريمن جو آخري داستان جيڪو سڀني رسالن ۾ موجود آهي، سو بنان ڪنهن وضاحت جي خارج ڪيو ويو آهي.“ (ص45)

هن عبارت مان غلط بيانيءَ ۽ الزام تراشيءَ جي بوءِ اچي ٿي، جنهن تي افسوس ٿئي ٿو. اها راءِ مقاله نگار جي پنهنجي علمي لياقت ۽ تنقيدي صلاحيت کي به هلڪو ڪري ٿي. معياري متن مرتب ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل تحقيقي اصول موجب، شاهه جي رسالن ۾ شامل بيتن مان ڪوبه بيت ڌاريو سمجهي خارج نه ڪرڻو هو؛ جلد_1 جي مهاڳ ۾ اهڙي وضاحت موجود آهي. ٻين سالڪن جي ڪلام کي ’ڌاريو‘ نه پر ”رسالي جو ڪلام“ قرار ڏنو ويو آهي. مقاله نگار کي قدر ڪرڻ گهرجي ها ته اهو مانائتو نالو معياري متن لاءِ ڪيل تحقيق کان اڳ موجود نه هو. وڌيڪ سندس ائين چوڻ ته سر يمن جي آخري داستان کي معياري متن مان بنان سبب جي ڪڍي ڇڏيو ويو آهي، تنهن لاءِ وضاحت ڪجي ٿي. سريمن جي آخري داستان جو موضوع  سچن عاشقن ۽ پتنگن واري تمثيل آهي. بمبئي ڇاپي ۾ اهو داستان نمبر نائون آهي، جنهن جي آخر ۾ ديوان حافظ جو فارسي غزل وائيءَ طور ڏنل آهي. بمبئي ڇاپي ۾ پتنگن جي تمثيل وارا بيت جملي ڏهه آهن، ۽ اڳين رسالن ۾ انهن کان گهٽ آهن. معياري متن لاءِ ڪيل تحقيق وقت، مختلف رسالن مان ان موضوع وارا سڀ بيت سامهون رکي ڀيٽيا ويا، جن مان ٻارهن بيت جيڪي معيارن تي پورا هئا، سي سرڪلياڻ جي داستان_4 ۾ سچن عاشقن واري موضوع سان ملائي رکيا ويا آهن. اهي سڀ بيت معياري متن جي جلد_1 توڙي جلد 8/9 ۾ موجود آهن. مقاله نگار کي جيڪڏهن نظر نه آيا آهن ته اها سندس ڀُل آهي ۽ پنهنجي ان ڀُل مان کيس ٻئي جي ڀُل چُڪ کي به سهپ ۽ صبر سان ڏسڻ گهرجي_جنهن کان سندس هي مقالو گهڻي ڀاڱي خالي آهي.

مٿئين تجزيي جي روشنيءَ ۾ نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته مقالي ۾ مقاله نگار جي پنهنجي راءِ کي فوقيت ڏنل آهي. سندس ڌيان معياري متن ۽ ان جي مرتب ڪندڙ تي وڌ ۾ وڌ تنقيد طرف آهي. وڏي ڳالهه اها ته موجوده معياري متن، جيڪو گهڻي مطالعي بعد خالص علمي تحقيق جي اصولن مطابق مرتب ڪيو ويو آهي، ان کي ايترو ته ناقص ۽ نامڪمل ڀانيو ويو آهي، جو ان جي بدران ”ٻئي بهتر معياري متن“ جي تياريءَ جي زوردار ترغيب ڏني ويئي آهي. البت ان لاءِ ايندڙ محققن کي جيڪي ڏس ڏنا ويا آهن، سي علمي تحقيق جي اعتبار کا نه فقط ناڪافي آهن، بلڪ تحقيقي اصولن جي منافي آهن.

معياري متن جي اشاعت بعد اڳتي قدم:

مستند معياري متن جي اشاعت بعد اڳتي ڇا ڪجي، ان بابت معياري متن تي ڪم هلندي به سوچيو ويو هو، پر هر ڪم پنهنجي مداءَ تي نبرندو آهي. پهرين جلدن جي شايع ٿيڻ تي ڪي ڀُلون چُڪون نظر آيون، جيڪي پريس لاءِ مواد نقل ڪرڻ وقت يا پروفن پڙهڻ وقت مواد جي ڏي وٺ سببان ٿيون، جوڪي بيت جيڪي ’رسالي جي ڪلام‘ ۾ رکڻا هئا، سي ’شاهه جي ڪلام‘ واري متن ۾ ڇپجي ويا ۽ ڪن بيتن جي پڙهڻين يا زير زبرن ۾ چُڪون ٿي ويون. پر جيئن ته اهي ڀُلون چُڪون اداري نه پر اتفاقي هيون ۽ ٻئي طرف تحقيق ۽ ڇپائيءَ وارو هلندڙ ڪم وڌيڪ ڌيان طلب هو، انهيءَ ڪري تصحيح جي ڪم کي في الحال ملتوي ڪيو ويو. البت جلد ستين جي اشاعت وقت (1998ع) هڪ مختصر صحت نامو جلد_7 جي آخر ۾ ضميمي طور ڏنو ويو ته جيئن پڙهندڙ کي معلوم ٿئي ته هي مسئلو زير غور آهي. ان کان پوءِ  وڌيڪ درستيون اڳتي ڪم هلندي جلد 8/9 ۾ شامل ڪيون ويون. باوجود ان جي شروع کان آخر تائين، رسالي جي ڪلام واري جلد 10 سميت، سڄي ڇپيل مواد کي تفصيلي مطالعي هيٺ آڻي، ضروري اصلاح ۽ اضافن جو ڪم آئيندي لاءِ ملتوي رهيو. رسالي جي معياري  متن جي تياري ۽ اشاعت واري رٿا، جيڪا لوڪ ادب ۽ جامع سنڌي لغات جي ٻن رٿائن وانگر ويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ علم جي تحقيق ۽ تدوين جي سلسلي ۾ ٽين وڏي رٿا هئي، سا 1999ع ۾ جلد 8/9 جي ڇپجڻ سان پوري ٿي. ان رٿا جي پوري ٿيڻ تي مون ضروري سمجهيو ته سڀ کان اول آءٌ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڇپيل مواد جي تصحيح جو ڪم هٿ ۾ کڻان؛ ڇاڪاڻ جو جامع لغات جي پهرئين جلد جي اشاعت بعد باقي مواد جو مسودو (ڊرافٽ) مون کي ڏيکارڻ ۽  ايڊٽ ڪرائڻ کان سواءِ ڇاپيو ويو هو ۽ سوچيو ته اهو جيڪڏهن هاڻي درست نه ٿيو ته ڇپجي ويل غلط الفاظ ۽ غلط معنائون هميشه لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي کاتي ۾ لکجي وينديون. انهيءَ ڪري پويان پنج سال گهڻي ڀاڱي انهيءَ ڪم ۾ صرف ٿيا ۽ لغات جي آخرين پنجين جلد جي تصحيح ۽ اضافن جو ڪم هاڻي وڃي پورو ٿيو آهي.

بهرحال هي به هڪ قرض هو جو ادا ٿيو ۽ ان ادائگي بعد هاڻي ٻين علمي مشغلن ۽ تحقيقي مسئلن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيئي سگهجي ٿو. ذهن ۾ گهڻيون ڳالهيون آهن، پر وقت ٿورو آهي. آڳاٽي اسلامي دور کان وٺي سنڌ ۾ تعليم جي اوسر، عالمن ۽ استادن جي عظمت ۽ تعليمي ادارن ۽ تعليم جي تاريخ کي روشن ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌ ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي گمنام گوشن تي تحقيق جي ضرورت آهي. لوڪ ادب سلسلي جا رهيل موضوع تحقيق طلب آهن؛ آزاديءَ کان پوءِ ملڪ جي نظام تعليم جي رخن، راهن ۽ خاص طرح سنڌ جي تعليمي مسئلن تي سوچڻ ۽ لکڻ جي ضرورت آهي؛ سنڌ ۾ راڳي جي روايت ۽ موسيقيءَ جي انفراديت توڙي ٻين هنرن ۽ هنرمنديءَ جي شاندار روايت کي روشن ڪرڻو آهي. گذريل سالن جي وڏي عرصي ۾، مون انهن موضوعن ۽ مسئلن تي ڪجهه نه ڪجهه پئي سوچيو ۽ لکيو آهي ۽ انهيءَ ڪري وڌيڪ سوچڻ ۽ لکڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. خواهشون ته ڪنهن جون به پوريون نه ٿيون آهن، پر تنهن هوندي به ڪوشش جاري رهندي. ماضي ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ها پررنڊڪون پيون ۽ ڪم رهجي ويا. هاڻي جنهن دور ۾ آهيون تنهن ۾ به ڪو وڏو ڪم ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ جو پنهنجن کي پنهنجن مسئلن حل ڪرڻ جي نه توفيق آهي نه  ڳڻتي، ۽ نه ڪنهن سڄاڻ جي ڪيل ڪم بعد ان ڪم کي وڌائڻ يا ان مان فائدي حاصل ڪرڻ جي سرت ۽ صلاحيت! اڪثر ٺاهڻ کان وڌيڪ ڊاهڻ وارا آهن. انهيءَ ڪري اڪيلي سر ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ في الحال عقلمندي به انهيءَ ۾ آهي  ته جيڪي ڪجهه پاڻ ڪري سگهجي ان تي اڪتفا ڪجي.

انهيءِ اصول تي عمل ڪندي، في الحال شاهه جي سوانح ۽ رسالي جي معياري متن جي تنقيح ۽ توضيح جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي ۽ ان کي ٻين هلندڙ مشغلن جي ڀيٽ ۾ اهميت ڏني وئي آهي. هي مضمون به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. شاهه جي سوانح جي هڪ اهم موضوع تي گهڻو اڳ شروع ڪيل تحقيق کي پڻ پورو ڪيو ويو آهي ۽ ”شاهه عبداللطيف جي سوانح بابت وڌيڪ تحقيق ۽ معلومات“ جي عنوان سان مقالو شايع ٿي چڪو آهي.

معياري متن جي تنقيح ۽ تڪميل:

’معياري متن‘ بابت وضاحت جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي نوعيت ۽ اهميت کي صحيح نموني ۾ سمجهي سگهجي. شاهه جي رسالي جو معياري متن، رسالي جي محنت ۽ مطالعي بعد، تحقيقي اصولن ۽ تنقيدي معيارين مطابق مرتب ٿي چڪو؛ ان ۾ ردبدل لاءِ گنجائش ڪانهي. ان جو بنياد ”شاهه جي رسالن ۾ شامل“ بيتن ۽ واين تي رکيو ويو ۽ رسالا به اهي جيڪي اڳين ڄاڻو فقيرن ۽ ڪاتبن لکيا. رسالن ۾ شامل هر بيت ۽ وائيءَ جي اختلافي پڙهڻين کي ڀيٽي، هڪ معياري صحيح پڙهڻي قائم ڪئي وئي. رسالن ۾ ٻين سالڪن ۽ شاعرن جي ڪنهن به بيت کي ’ڌاريو‘ ڪري ڪڍي نه ڇڏيو ويو، پر اهڙن سڀني بيتن کي ’رسالي جو ڪلام‘ جي صحيح نالي سان جلد_10 ۾ سنواري رکيو ويو. ڇهن تنقيدي معيارن جي پرک سان ’شاهه جي ڪلام‘ کي رسالي جي ڪلام‘ کان الڳ ڪيو ويو. سرن جي ترتيب کي، ’رسالن جي روايت‘ سان گڏ، شاهه جي ذاتي مشاهدن ۽ فڪر جي ارتقاء جي لحاظ سان قائم ڪيو ويو. سرن جي داستانن ۽ داستانن ۾ بيتن جي ترتيب کي اوائلي دور جي ’رسالن جي روايت‘ سان گڏ- موضوع ۽ مفهوم جي اعتبار سان قائم ڪيو ويو. هاڻي جيڪڏهن انهن احتياطن ۽ امتيازن کان آجو ٿي، تحقيقي اصولن کي ترڪ ڪري، بيتن جي پڙهڻين يا ترتيب ۾ ردبدل ڪري ٻيو نئون متن تيار ڪيو ويندو ته اهو محض متن هوندو پر معياري متن نه هوندو!

شايع ڪيل معياري متن تحقيق جي سڀني لوازمات کي پورو ڪري ٿو، انهيءَ ڪري اهو قائم رهندو. ان کي نه رد ڪري سگهجي ٿو، نه بدلائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو هن کان پوءِ ڪي اهڙا قلمي رسالا ملڻ مشڪل آهن، جون نئين متن لاءِ انهن مان مواد ملي. اهڙا محقق به ملڻ مشڪل آهن جيڪي رسالي جو نئون معياري متن تيار ڪري سگهن، جن رسالن جي ڄاڻو فقيرن سان ڪچهريون ڪري ڄاڻ حاصل ڪئي هجي، يا جن کي اڳيان رسالا دستياب ٿيا هجن، جن کي هنن پڙهيو ۽ سمجهيو هجي، يا جن سنڌي ٻوليءَ جي لغات تي ايتري تحقيق ڪئي هجي، جو رسالو جي بيتن ۽ واين ۾ آيل انوکن لفظن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ ۽ مفهوم جي کين پوري پروڙ هجي.

انهيءَ ڪري موجوده متن کي بنياد بڻائي وڌيڪ تحقيق ڪرڻي آهي. البت ان کي ڀُلن  چُڪن جي اصلاح سان سنوارڻو آهي، ۽ ڪنهن رهجي ويل بيت يا وائيءَ کي شامل ڪري، مواد جي لحاظ سان متن جي تڪميل ڪرڻي آهي. وڌيڪ وضاحت خاطر، جيڪر انگريزي زبان ۾ چئجي ته هر مرحلو Updating and Finalizing  يعني آخري سوڌ سنوار ۽ تڪميل وارو آهي. هن مرحلي، وغيره ۾ ڇاپي جون غلطيون درست ڪرڻ؛ ڪن بيتن ۽ واين ۾ جيڪڏهن ڪي ناقص پڙهڻيون آهن ته انهن جي تصحيح ڪرڻ؛ ’شاهه جي ڪلام‘ جا ڪي بيت جيڪڏهن ’رسالي جي ڪلام‘ جا ڪي بيت ’شاهه جي ڪلام‘ ۾ اچي ويا آهن ته انهن کي صحيح جاين تي بيهارڻ؛ ۽ ڪي بيت يا وايون جيڪڏهن ڇاپي ۾ رهجي ويون آهن ته انهن کي معياري صورت ۾ شامل ڪرڻ. اهو هڪ وڏيءَ محنت وارو ڪم آهي، جيڪو شروع ڪيو ويو آهي، پر ان جي پوري ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. انهيءَ ڪري اها رِٿ ويچار هيٺ آهي ته معياري متن جو ٻيو ڇاپو سُروار ڪري شايع ڪجي ته جيئن ٿورو ٿورو ڪم نبرندو وڃي، ۽ پڻ باقي رهيل سرن جي تنقيح ۽ تڪميل لاءِ رهنمائي ٿيندي رهي.

شاهه جي ڪلام جا ترجما ۽ ترجماني:

جيئن ته معياري متن شايع ٿيڻ سان هڪ وڏو بنيادي ڪم پورو ٿي چڪو آهي، تنهنڪري وڌيڪ ڪم لاءِ قدم وڌائي سگهجي ٿو. اڳ شاهه جو پنهنجو ڪلام جدا صورت ۾ موجود نه هو. معياري متن جي شايع ٿيڻ بعد اها صورتحال باقي نه رهي آهي ۽ شاهه جو پنهنجو جملي ڪلام صحيح صورت ۾ وڌيڪ مطالعي ۽ تحقيق لاءِ موجود آهي. سنڌ جا اعليٰ تعليمي ۽ ثقافتي ادارا ان سلسلي ۾ پنهنجون رٿائون عمل ۾ آڻي سگهن ٿا ۽ پڻ لياقت وارا استاد ۽ صلاحيت وارا نوجوان مختلف موضوعن تي تحقيق ڪري سگهن ٿا. سڀ کان اول ٻن خاص رخن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ’هڪ شاهه جي ڪلام کي ترجمن ذريعي سولو ڪري سمجهائڻ‘ ۽ ٻيو ’شاهه جي ڪلام ۾ سمايل فڪر کي علمي دنيا آڏو پيش ڪرڻ‘.

هن وقت تائين گهڻي ڀاڱي شاهه جي ڪلام بابت سنڌيءَ ۾ لکيو ويو آهي. شاهه جي ڪلام کي اردو ۾ ترجمي ڪرڻ جون ابتدائي ڪوششون ٿيون آهن، پر ملڪ جي ٻين زبانن: پنجابي، بلوچي، پشتو، براهوئي وغيره ۾ اڃا خاطر خواهه شروعات به نه ٿي آهي.

ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريون ضروري قدم آهي شاهه جي بيتن جي شعر واري صورت کي معياري سنڌي نثر جي صورت ۾ آڻڻ، ڇاڪاڻ جو شاهه جي لفظن ۾ سمايل معنيٰ ۽ مفهوم واري خوبيءَ کي سنڌي نثر ۾ وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ ادا ڪري سگهجي ٿو. شاهه جي ڪلام جي اهڙي نثري ترجماني، ڪلام کي صحيح طور تي سمجهڻ ۽ ٻين زبانن ۾ صحيح صورت ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ رهنما ثابت ٿيندي.

معياري متن تيار ڪرڻ وقت مون محسوس ڪيو ته شاهه جي بيتن ۽ واين کي صحيح طور تي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته صحيح معنيٰ ۽ مفهوم وارو سنڌي ترجمو به شامل هجي. ان مقصد خاطر، معياري متن جي جلد پهرئين ۾ شامل سر ڪلياڻ ۽ سريمن جي بيتن ۽ واين کي مون پنهنجي ڄاڻ موجب نثر واري مثالي صورت ۾ آندو ۽ ان نثري ترجمانيءَ کي بيتن ۽ واين جي سامهون رکيو ته جيئن اصل ڪلام کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. پهرئين جلد جي ڇپجڻ بعد گهڻن سڄڻن ان کي ساراهيو ۽ جملي سرن ۾ اهڙي نثري ترجماني شامل ڪرڻ جي صلاح ڏني. هي وڏو ڪم هو: ان کان اڳ معياري متن جي تڪميل ضروري هئي ۽ ان کي ترجيح ڏني ويئي معياري متن جي اشاعت بعد هاڻي ان کي پورو ڪرڻ ضروري آهي.

سنڌي ۾ نثري ترجماني جي تڪميل بعد ان جو اردو ۾ ترجمو ڪيو وڃي، پر عبارت توڙي مفهوم جي لحاظ سان اهو ترجمو معياري هجي. اردو ۾ اها مثالي ترجماني، شاهه جي ڪلام کي ٻين ملڪي ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي. اهڙيءَ طرح انگريزيءَ ۾ ’نثري ترجماني‘ غير ملڪي ٻولين ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي.

شاهه جي ڪلام کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي سلسلي جو اعليٰ مرحلو شاهه جي ڪلام ۾ سمايل فڪر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو آهي. آخر ۾ اهوئي وڏي اهميت وارو موضوع آهي، جيڪو مستقبل ۾ محققن جي لاءِ هڪ وڏي خزاني جي ڳولا جو باعث رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com