سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :15

ڪَلاچـِي

سانول

در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. پنا ۽ پين بيڊ سائيڊ ٽيبل تي رکي ساگر در کوليو. سامهون سونا بيٺي هئي. اُهوئي ڪنول مُک. ڳل تي ڊمپل. ري ڪجل ڪارا نيڻ. بنان لپ اسٽڪ گلابي چپ. ڀونر ڪارا وار…! ”اندر اچڻ لاءِ نه چوندؤ؟“ سونا جي آواز تي ساگر ڄڻ ڪنهن سندر سپني مان جاڳيو. ”ها، هڪڙو منٽ!“ در کليل ڇڏي هو ڪمري ۾ ويو. ٽڙڪ ٽڙڪ ٽڙڪ…سڀئي بٽڻ آن ڪري سڀ بتيون ٻاري سونا کي سڏيائين…سونا اندر ايندي ئي بيڊ تي پيل ساگر جا ڪپڙا کڻي هينگ ڪري ڪٻٽ ۾ رکيا. ايش ٽري کي ڊسٽ بن ۾ خالي ڪري، سائيڊ ٽيبل تي رکيائين ۽ سائيڊ ٽيبل تي پيل ٽـِڙ پکڙ پنا کڻي بيٺي بيٺي پڙهڻ لڳي ۽ پڙهندي پڙهندي بيڊ تي ويهي پڙهڻ لڳي. ’اهڙو ڇا لکيل آهي، انهن پنن ۾؟‘ هـِن سوچيو. هوءَ انتهائي محويت سان پنا پڙهي رهي هئي ۽ هـِي انتهائي محويت سان کيس ڏسي رهيو هو. ٻنهي جي محويت کي سائيڊ ٽيبل تي پيل فون جي گهنٽيءَ ٽوڙيو. سونا رسيور کڻڻ کان سواءِ، ٽيليفون سيٽ کي هٿ ٻڌي چيو ”اچان ٿي اچان!“ ۽ پنا سائيڊ ٽيبل تي رکي اُٿي بيٺي، ”پڪ نوريءَ جي فون هوندي!“ فون جي گهنٽي لڳاتار وڄندي رهي. نيٺ رسيور کڻڻو پيس، ”بس نڪران پئي.“ رسيور ڪرئڊل تي رکيائين، ”اسين هيٺ پئي ويونسين، ڪمري جا چاٻـي رِي ايڪٽيويٽ ڪرائڻ لاءِ، سو توهين به پنهنجي ڪمري جي چاٻي ڏيو ته…!“ ۽ ساگر کيسي مان چاٻي ڪڍي سونا ڏانهن وڌائي. چاٻي-ڏيندي وٺندي-آڱرين آڱرين کي ڇهي ورتو ۽ جهٽ اڳي پني تي لکيل پنهنجيون سٽون ياد اچي ويس:

آڱرين جو ڇهاءُ جو آهي

تَنَ تازو ڪندو ۽ من ڇُهندو

روح تائين لهي وِيو آهي!

هو ٻاهر نڪتا ته نوري اڳي ئي ڪاريڊور ۾ اچ وڃ ڪري رهي هئي، ”بس مان هاڻي ئي چاٻي ري ايڪٽيوويٽ ڪرائي ڏئي ٿي وڃان!“ سونا نوريءَ وٽ پهچي مُڙي چيو، ”نه نه، مان هاڻي ننڊ ڪندس.“ ساگر چيو ۽ نوري سونا کي ٻانهن مان جهلي هلڻ لڳي-۽ هي سونا کي ويندو ڏسندو رهيو. ڪاريڊور-سونا جي لاکيڻي لوڏ-’ڇا هـِي ان لاکيڻي لوڏ کان پوءِ هـِن کان پري (ويجهي!) ٿي رهي هئي. ڪجهه ئي وکن کان پوءِ هوءَ کاٻي پاسي لفٽ ڏانهن لڙي ويندي ۽ هن ڊگهي ڀڙڀانگ ڪاريڊور ۾ هـي اڪيلو رهجي ويندو! ’ڇا هوءَ پٺيان نهاريندي؟‘ ساگر سوچيو ٺيڪ اُن پل سونا پٺيان نهاريو ۽ هٿ لوڏيائين. ساگر به هٿ لوڏيو. هوءَ لفٽ ڏانهن لڙي وئي ۽ هـِي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ بيڊ تي پاڻ ڇڏي، وِهاڻي کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجو ئي هڪ نظم ياد اچي ويو:

مان سڄي رات

رُنو آهيان

کـِليو آهيان

وِهاڻي کي ڀري ڀاڪر ۾!

ننڊ ته هن کي آئي ڪانه، سائيڊ ٽيبل تان، سونا جا پرهيل پنا کڻي پڙهڻ لڳو. پنهنجي تحرير وڻڻ لڳس. انڪري به (شايد) ته اهي پنا سونا پڙهيا هئا! ساگر پنن تي پنهنجو هٿ رکي، لفظن کي آڱرين سان ڇُهڻ چاهيو. ڪن پنن تي سندس شعر لکيل هئا، ڪن تي نوٽس ورتل هئا، هڪ پني تي لکيل هو:

 

مون کان لاکيڻي لطيف جي هڪ بيت جي پهرين

سـِٽ جو پهريون پد سدائين ذهن تان لهي ويندو

آهي. سونا اُهو پد مون کي ياد ڏياريو، بلڪ پورو بيت پڙهي، منهنجي روح ۾ رنگ ڀري ڇڏيو. اُهو بيت هي آهي:

تان جي ٿين سامُهان، پُٺيرا سُونهن،

سنئون ورائي سپرين، مُنهن جي مان ڏي ڪن،

رڳون سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي.

 

بيت ٻڌي مون کي عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو هڪ بيت ياد اچي ويو. سونا کي ٻڌايم ته ڏاڍو وڻيس ۽ ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيائين:

تهڙا مُنہ مُهاندَ، تهڙا پُٺيرا پرين،

ڇا پاسي ڇا پاندَ، سڀڪيڏانهين سامُهان.

 

هـِن پنو ٻين پنن جي هيٺان ڪيو، سامهون واري پني تي ڪجهه به لکيل نه هو، سواءِ ان جي ته:

 

ڪڏهن ڪڏهن لفظن جو قدر ايڏو ته ڪري پوندو

 آهي، جو خالي پني جي اهميت وڌي ويندي آهي!

 

هـِن ان کي به ٻين پنن جي هيٺان ڪيو. هن جي سامهون هي سٽون هيون:

مون ته اِهو سوچيو به نه هو

صديون وڇڙي توسان ملنديس

کـِنوڻين وانگي کـِل کـِل لکنديس

ڊيل ٽـِلي جنءَ تنءَ مان ٽـِلنديس

 

مون ته اهو سوچيو به نه هو

 

منهنجو سپنو سچ ٿي ويندو

سانول سائين گهر ڏي ايندو

لايو نيٺ سجايو ٿيندو

 

مون ته اهو سوچيو به نه هو

هڪ پني تي لکيل هو:

تو سوا، ها تو سوا، توکان سوا

ميتَ منهنجا، گيتَ منهنجا، تو سوا آهن اُداس

ڪجهه نٿو دل کي وڻي جو ڪجهه به آهي آسپاس

تو سوا، ها تو سوا، توکان سوا

پنو پوئتي ڪيائين لکيل هو:

ڪڏهن ڪڏهن لڳندو اٿم ته ’سونا‘ جو ٻاهر ڪو وجود ناهي، بلڪ هوءَ ته منهنجي شاعري آهي. دل وانگر ڌڙڪندڙ. رڳن ۾ ريٽي رت وانگر روان، ۽ آزاد روح وانگر، ۽ جڏهن مون سونا کي پنهنجي سامهو ڏٺو تڏهن مان اَواڪ رهجي ويس!

پنو پنن جي هيٺان رکيائين، آڏو جيڪو پنوهو، اُن تي هي شعر لکيل هئا:

تنهن ڏيهه جا اَڀاڳا، آهيون اسين رهاڪو،

اڌ ڏينهن جو جنهين تان، اُپڙي لڙي وِيو، سـِڄُ!

ڏيئي جي وَٽِ سوري، مَس سان اَڇي پني تي،

مون شاعري لکي پئي، هر لفظ ٿي وِيو سـِڄُ!

تنهنجون اکيون کڻڻ ۽، تنهنجون اکيون جهڪائڻ،

مون کي لڳو ائين ڄڻ، اُڀري لهي وِيو سـِڄُ!

پنو پنن جي هيٺان ڪيائين، آڏو پنو پڙهڻ لڳو:

شاعريءَ ۾ لفاظي هوندي ته اُن تي ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾ به لفاظي ته ايندي نه! سوال اهو آهي ته اهري لفاظي ٻڌڻ پڙهڻ لاءِ ڇا ٻڌل آهيون؟

سنڌي ادب ۾ جيترا سرٽيفڪيٽ ورهائجن ٿا. جيترا لقب القاب ڏجن ٿا-اوترا شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي ادب ۾ ورهايا/ڏنا ويندا هجن! تاج الشعراء، سرتاج الشعراء، استاد الشعراء ۽ عظيم شاعر، مهان ڪوي (اهڙي هڪ ”مهان“ لاءِ بينر تي ”قوي“ لکيو ويو هو!)، وڏو شاعر-جديد شاعر-نئين ٽهيءَ جو شاعر…! جڏهن ته ڏسڻ اهو گهرجي ته اُهو فرد/شيخ/پـِراڻي/جـِيوِ شاعر به آهي؟“

اُن کان پوءِ واري پني تي لاکيڻي لطيف جي سُر گهاتوءَ جا هي بيت لکيل هئا:

اَئين جا لُڏو لوڏ، ايءَ پَرِ گهاتوئڙن جي،

ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏَ، سُک نه سُتا ڪڏهين.

 

ڪو قهر ڪلاچ ۾، جو گهڙي سونـِئي،

خبر ڪونه ڏِئي، ته رڇ ڪُڄاڙي رنڊِئا.

 

ماڪ ڀـِڄاين مولِها، مٿان رات پئي،

اوليون اُجهڻ لڳيون، ويا ونجهه وهي،

ڪلاچئان ڪهي، ڪڏهن ڪونه آئـِيو.

 

نڪا بُوءِ بازار ۾، نڪا ڇـِلر ڇَٽَ،

جتي ڏنڀرين جي، اڳي هئي اکُٽَ،

سي پـِڙ پسيو پَٽَ، ماڙهو وڃن موٽـِئيا!

 

جنءَ جُهڳا پائين جهول ۾، اِنءَ نه مرن مَڇَ!

سَٻَرَ ڌار سمونڊ جا، ڪي رائون رڱيون رَڇَ،

هي ڇارون ۽ ڇَڇَ، اڃا اوڙاهه اڳاهون ٿيو.

هـِي پنا ڇاتيءَ تي رکي اکيون بند ڪري ٿو ڇڏي ۽ مخدوم نوح جو بيت هانوَ تي ٿو هُريس:

اُپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پَسن،

آهي اکڙين، عجب پَر پسڻ جي.

بمبئيءَ ۾ لـِوِنگِ ليجينڊ دليپ ڪمار کي هن اهوبيت، پهرين اصل، پوءِ ترجمو ٻڌايو هو:

 

کولون تو يه آنکين انڌي، مُوندون تو دلبر ديکين،

ان آنکون ڪي ريت عجب هي، ڪيسي درشن ڪرتي هين!

 

دليپ، ٻيهر، بيت ۽ ترجمي ٻڌائڻ لاءِ چيو هوس. اُن کان اڳين سڄي رات هو ۽ لال پشپ، بقول لال، بَڪ ڪندا رهيا هئا، سونا کي اها وارتا ٻڌائيندي ساگر چيو هو، ”اُن رات اسان کي ائين لڳو هو، ڄڻ اسين جنمن کان چُپ هئاسين!“ ۽ سونا چيو هوس ”توهين هند ۽ سنڌ جي ايڏن وڏن ماڻهن سان ملي آيا آهيو-۽ مان-توهان سان ملي رهي آهيان.“ فون جي گهنٽي وڳي. هن هٿ وڌائي رسيور کنيو. ”ها! مون هينئر توکي ئي پئي ساريو (توکي، جيڪا ڪڏهن وسري به ناهين!)“

”توهان جملي جو ٻيو اڌ ڏنگين ۾ چيو آهي!“ ۽ هـِي مُرڪيو هو. ”توهين مُرڪيو پيا، پر…!“

”پر ڇا؟“ ”پر توهان جي اکين ۾ لڙڪ آهن!“

”هـِي ٿڌو ساهه ڀري اکيون کولي، هٿ جي تريءَ سان اُگهي ٿو ”جن کي اُگهڻ لاءِ ڪو به ڪونهي!“

سونا ڇاٻي موٽائڻ جو چئي! اچڻ چاهيو، پر هن کيس اهو چئي ته ”آءٌ  تنهائيءَ ۾ ڪجهه دير رُئڻ ٿو چاهيان“ اچڻ کان جهلي ڇڏيو هو ”پاڻ ڊنر تي ملنداسين!“ ۽ هـِن فون رکي ڇڏي هئي.

ڊائننگ هال. ساگر روم نمبر ٻڌائي ٿو 344 ۽ اڳتي وڌي ٿو. ”ايڪسڪيوز مـِي سَر!“ هيڊ ويٽريس وڌي ٿي اچي، ”سَر، ڊنر توهان جي پئڪيج ۾ نه آهي!“ ۽ هُو واپس وري ٿو. هوٽل جي لائونج مان ٿيندو، شيشائون در اُڪري، پارڪنگ پورشن مان لنگهي، مين گيٽ مان ٻاهر نڪري رستي تي هليو آيو ۽ ڦري هوٽل جي ٻئي پاسي واري روڊ تي هلڻ لڳو. فٽپيريءَ تان. وڻن جو ڇاولو هو- هـِي پنهنجن پُورن ۾ هو… ’سونا ڪٿي هوندي؟‘ ساگر سوچيو. پٺيان کان تيزيءَ سان بس آئي. هيڊ لائيٽس جي روشنيءَ ۾ هن ڇرڪ ڀريو. پيرن وٽ ڪنهن کي ستل ڏٺائين، الوٽ ننڊ ۾. هـِي بيهي رهيو. فٽپيريءَ تي ماڻهو پيا هئا-مرد، عورتون، ٻار-کي الوٽ ننڊ ۾ ستل-ڪي ليٽيل-ڪي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ڪي ماني کائي رهيا هئا. ’ماني!‘ ساگر کي ياد آيو ته هـِي مانيءَ لاءِ نڪتو هو. پر کيس بُک نه هئي. هن کي ٻاڙ لڳي هئي سگريٽ جي. پر سگريٽ ته هي ڪمري ۾ ڇڏي آيو هو. هاسيڪاري. جيئن سگريٽ ڇڪڻ کان وِٿي مليس. سگريٽ نه هوندي-ته نه ڇڪبي! ڳالهه ختم‘ پر جي سگريٽ هجي ته پوءِ! (هن کي مرهيات خالد صاحب ياد اچي ويو. چين سموڪر. سگريٽ مان سگريٽ دکائڻ وارو. هـِن کان ڪافي سينئر. هو هـِن کي سگريٽ آڇيندو هو. ساگر سگريٽ وٺي سگريٽ دکائيندو هو ته هو لائٽر ٻاري پهرين هـِن جي پوءِ پنهنجي سگريٽ دکائيندو هو. اُها هڪ آفيشل لنچ هئي. هي ۽ خالد صاحب لنچ ڪري هوٽل جي لائونج ۾ اچي ويٺا هئا. هـِن سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍيو. هڪ سگريٽ کي ڳـِٿر کان جهلي اڌ جيترو ٻاهر ڇڪي، پاڪيٽ خالد صاحب ڏانهن وڌايو. ”ساگر، مون سگريٽ ڇڏي ڏني آهي!“ خالد صاحب چيو هوس. اهو ٻڌي ساگر کان ڇرڪ نڪري ويو هو ۽ هـِن کي ويساهه نه آيو. ”خالد صاحب، ڇڏي ته مون به ڏني آهي، پر مون کي نٿي ڇڏي!“ ٻنهي جو گڏيل ٽهڪ ٻُريو هو لائونج ۾-”ڇا ڊاڪٽر جهليو؟“ خالد صاهب نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيو. ”ڇا ڀاڀيءَ جي…!“ خالد صاحب نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيو ”اڙي يار، هوءَ سڄي ڄمار ناراض نه ٿي، سا پيريءَ ۾ وري ڪهڙو ناراض ٿيندي! توکي ته خبر آهي ته مون گهڻيون بدعتون رڳو تنهنجي ڀاڀيءَ کي ناراض ڪرڻ لاءِ پاليون،  پر هن گونگي گانءِ جي ناراضگيءَ جي بس حسرت ئي رهي!“ ساگر جي چورا کورا ويتر وڌي وئي ”پوءِ ته اهو نسخو، سگريٽ ڇڏڻ جو، اسان کي به ٻڌايو.“ ۽ خالد صاحب اهو نسخو ٻڌايو هوس-”فاصلو-distance-وِٿي!“ ۽ هـِن پاڪيٽ مان نڪتل اڌ سگريٽ پاڪيٽ ۾ ڌڪي پاڪيٽ بند ڪري کيسي ۾ رکيو. ”ساگر يار، ٿيو هيئن جو جڏهن به سگريٽ جي ٻاڙ لڳندي آهي، تڏهن سيڪس وانگر ئي لڳندي آهي، ڀيڻسان.“ خالد صاحب ساگر کي اک ڀڃندي چيو ۽ ساگر کيس مُرڪي ڪنڌ ڌوڻي اُن تشبيهه تي داد ڏنو هو. ”پوءِ جڏهن به مون کي سيڪس لڳندو هو، منهنجو مطلب آهي ته سگريٽ جي ٻاڙ لڳندي هيم جڏهن تڏهن پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي چپن ۾ رکندو هوس. ماچيس تي گهڪو ڏئي، تيلي ٻاري، سگريٽ چپن مان ڪڍي، ڦوڪ ڏئي تيلي وسائي ڇڏيندو هوس. ائين اُها ’پوءِ‘ ايتري لاڳيتي ٿي وئي، جو-ٻاڙئي نه رهي!“ (مرهيات خالد صاحب سان هن جي ويجهڙائي سگريٽ جي ڪري نه هئي، پر ادب جي ڪري هئي. هُن ساگر کان ٻارن لاءِ اردو نظم سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرايا هئا، جيڪي سندس وفات کان پوءِ الاءِ ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا ۽ ساگر وٽ انهن جي ڪاپي به نه هئي!) هي اُتي ئي  فٽپيريءَ تي هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. فٽپيريءَ لڳ هڪ وڏي ڀت. چهنبياري لوهي گـِرل سان. آئوٽ ۽ اِن لاءِ ٻه وڏا لوهي در. درن تي ڪلاشنڪوف سان ليس سيڪيورٽي گارڊ. اهو سڀ انهيءَ عمارت کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هو. جيڪا ٽالهيءَ جي اُوچن وڻن پٺيان ڪَرُ کنيو بيٺي هئي- ”ٻارن جي صحت لاءِ قومي ادارو“ (National Institute of Child Health) عمارت ته محفوظ ٿي وئي، پر ڇا انهيءَ مريض ٻارن جون حياتيون به محفوظ هيون! ۽ ان عمارت کان ٻاهر به- فٽپاٿن تي-رستن تي-گهرن ۾-ڳوٺن ۾-شهر ۾-ماڻهن جون حياتيون محفوظ هيون؟ هـِي اُٿي بيٺو. رستي جي ٻئي پاسي ڪجهه دڪان آهن. ’ڪجهه نه ڪجهه کائڻ لاءِ ملي ويندو.‘ سوچي ٿو. روڊ اُڪرڻ گهريائين. پٺيان کان هڪ بس پئي آئي تيزيءَ سان. اُن هارن وڄايو ۽ هن جي بنهه پاسي مان لنگهي وئي. هي پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي بيهي رهيو. وڏو ساهه کڻي ڇڏيائين. جن کيسن ۾ هٿ هوس، تن کي ڦلهوريائين. خالي هئا ’پينٽ جي پٺين کيسن ۾ ڏوڪڙ هوندا!‘ هڪڙو کيسو- ٻيو کيسو ڦلهوريائين. ’شرٽ جي کيسي ۾ هوندا!‘ ڀڀرتي هٿ هنيائين. کيسو ٻاهران ئي خالي لڳس، پر وري به هٿ اندر وڌائين ۽ پل اَپل لاءِ اُتي ئي رهڻ ڏنائين. ’ڏوڪڙ جن ڪپڙن ۾ هئا، اُهي ته هوٽل جي ڪمري ۾ رهجي ويا!‘ هـِي هڪ ڀيرو وري پينٽ جا کيسا ٿو ڦلهوري. هڪ هڪ ڪري ان اُميد تي ته متان ٻن رپين جو سڪو ئي ملي وڃي! ته جيئن هڪ سگريٽ وٺي سگهي. پر کيسا خالي هئا! ’پينٽ جي ساڄي اڳئين کيسي جي مٿان هڪ ننڍڙو کيسو به ته آهي- هڪ ڳجهو کيسو!‘ ياد ٿو اچيس. هـِن جي ڏسڻي ۽ وچين آڱر ئي اُن ۾ وڃي ٿي سگهي. ٻن آڱرين جي چوٽين کي ڪجهه لڳي ٿو-ڪجهه مروٽيل سروٽيل. ’ڪاڳر؟ نوٽ! ڪاڳر؟ نوٽ…! ڏسڻي ۽ وچين آڱر جي چمٽي ۾ ڦاسائي، اُن (ڪاڳر/نوٽ!؟) کي هوريان هوريان ٻاهر ڪڍي ٿو، اکين آڏو ٿو آڻي، کولي ٿو. پٺيان ايندڙ تيز رفتار بس جي هيڊلائيٽس جي روشنيءَ ۾ ڏسي ٿو. نوٽ آهي-ڏهين جو! ”هُر ر ر ر ر ر رااا…“ رڙٿو ڪري. فٽپيريءَ تي ويٺل مايون ڪنڌ ورائي ڏسنس ٿيون. سندن ڀر ۾ ليٽيل مرد ڇرڪ ڀري اُٿي ٿو ويهي،پر هي تکو تکو رستو پار ڪرڻ ٿو لڳي. هڪ بس تيزيءَ سان پٺيانس اچي ٿي لاڳيتو هارون وڄائيندي، بنهه ڀرسانس لنگهي ٿي وڃي. ڊرائيور گار ٿو ڏئيس-پر هي ڪجهه به نٿو ٻڌي. هـِن جي مُٺ ۾ ڏهين جو نوٽ آهي. سامهون مانڊڻي آهي. هو اُن ڏانهن وڌي ٿو. اُتي چڱي رش آهي. هـِي سڀني جي پٺيان بيهي ٿو رهي. پنهنجي واري جي انتظار ۾. مانڊڻيءَ ۾ ٽي ماڻهو بيٺل آهن، جيڪي گراهڪن کي تڪڙو تڪڙو اُڪلائي رهيا آهن. ماڻهو سگريٽ/ٻيڙيون/پان/ماچيس-وٺيو واٽ وٺن ٿا. هي به پير پير مانڊڻيءَ ڏانهن رڙهي ٿو. هاڻي هن جي اڳيان رڳو هڪ ماڻهو آهي. اُن وٽ ڪو وڏو نوٽ آهي. مانڊڻيءَ ۾ بيٺل اسٽور ڏانهن ٿو وڃي. ساگر سگريٽن لاءِ اڃا هٿ وڌائڻ تي آهي ته ڪو سندس پُٺن کي هٿ سان هلڪو ڇهي ٿو. هـِي مُڙي پٺيان ڏسي ٿو.

”اَبا، ڌڻيءَ جي نالي!“

ساگر کي لڳو ڄڻ مائي ڪلاچي سندس آڏو بيٺي هجي! اَڀوڳي مٿي تي ڦاٽل اجرڪ. ميرو، هنڌان هنڌان کُٿل گَج. منهن تي گُهنجَ. اکين ۾ اٿاهه ويراني. سيرون سيرون چپ. هڙٻاٺيون نڪتل. اُگهاڙا پير-ساگر آڏو ٽنگيل هٿ-ساگر پنهنجي مُٺ، اُن هٿ تريءَ تي رکي، کولي ٿو ڇڏي!


 

آتم ڪهاڻي-3

رمز رانجهن جي نـِت نـِت نياري

 

عنايت الله عباسي

حاجي رانجهو

حاجي رانجهو اصل ڪٿي جو هو، تنهن جي ڪا خبر ناهي. مان فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته اسان جي پاڙي (واڍن جي پڙ) جي مسجد جو ٻانگو (موذن) هو. اسين ننڍا هئاسين، پرائمري تعليم جو زمانو هو. حاجي رانجهي ڪڏهن حج ڪيو ۽ حاجي ٿيو، اُن جي به اسان کي ڪا سُڌ ڪانه هئي. بس، اها خبر هئي ته واقعي هو ’حاجي‘ هو. رانجهن جو رانجهو هو. صبح جو ڏهين وڳي تائين مسجد شريف جي صفائي وغيره کان واندو ٿي، مسجد جي ٻاهران دِڪيءَ تي چڙهي ويهي رهندو ۽ ويهي مولود چوندو. پوڙهي هئڻ ڪري سندس آواز ۾ ڪا به ڪشش ۽ ميٺاج نه هو، ماڳهين سندس آواز کُهرو، ٻاڙو ۽ کانگهاري ڦاٿل هو. ڏندن ڀڳل هئڻ ڪري وري جو تلفظ ۽ اُچار به صحيح نه نڪرندا هئا ته عجيب بي سُرن لفظن جي ميلاپ جو ميڙ لڳندو هو، پر جيئن ته سُر ٺيٺ سنڌي ۽ ڪلام ڀلارا (مولود، نعتيه، حمد) ۽ شاهه جا بيت هوندا هئا، انڪري دل لڀائيندڙ هوندا هئا ۽ ٻڌڻ سان مزو ايندو هو.

حاجي رانجهو، جنهن کي اسان ٻاراڻي اوستا ۾ ڏٺو، تنهن وقت پاڻ گهڻو پيرسن يا جُهور هو. پيريءَ جي ڪري سندس چيلهه جهڪيل ته ڇا پر ڪافي جهڪيل، يعني چٻي هئي، انڪري لٺ تي هلندو هو. قد جو بندرو، رنگ رُڏ ڪارو، اصل ست پيڙهائتو شيدي، حبشي قوم جو فرد هو. نيڪ مرد، نيڪ نمازي، پرهيزگار ۽ متقي هو. اڇي ڏاڙهي پر شيدين واري ٻُٿ ٻُٿ ماڪوڙن وانگي وٽيل وار. اونهاري ۾ سفيد ململ جو پهراڻ بنان ڳچيءَ وارو پائيندو هو، جنهن مان سندس ڪاري بدن ها هڏ پيا ڏسبا. جيتوڻيڪ بدن جو سگهارو ۽ مضبوط هاٺيءَ وارو هو، پر تڏهن به پيريءَ جا نشان نمايان هوندا هئا. سفيد شلوار، مٿي تي سفيد پٽڪو ۽ پيرن ۾ چمڙي جو چمپل. سياري ۾ سفيد ٿلهو پهراڻ، سئيٽر ۽ ڪو پراڻو اڌراڻو ڪوٽ پائيندو هو. کيس مٿي اگهاڙو ڪڏهن ڪونه ڏٺوسين. هونئن ته صبح جو سارو هفتو اسڪول ۽ آچر ڏينهن راند روند ۾ گذرندو هو ته سندس صبح واري حياتيءَ جي حصي جي مشاهدي جو اتفاق ڪونه ٿيندو هو. باقي اونهاري جي وئڪيشن ۾ جڏهن مسجد جي دِڪيءَ تي اچي ويهندو هو ته چاچو پيرو، جو هڪ مزور هو، سو به ساڻس گڏ دِڪيءَ تي ويهي مولود ۽ ڪلام ڳائڻ ۾ شامل ٿي ويندا. پـِيرُو به جهڙس بندرو ۽ پوڙهو هو، پر کانئس عمر م ڪافي ننڍو هو. ٻهراڙيءَ جو هو. مزوريءَ سانگي واڍن جي پڙ واري مسجد ۾ رهندو هو. گهڻو ڪري جاين جڳهين جي تعميراتي ڪمن تي مزوري ڪندو هو. منجهند ۽ رات جو جيڪا خدا ڪارڻ ماني مسجد ۾ ايندي هئي، اُن ۾ هي به حاجي رانجهي سان ڀاڳي ڀائيوار ٿيندو هو. سندن راڳ ٻڌڻ جي خيال سان آءٌ ولو نانوائيءَ جي دڪان واري ڪاٺ جي دڪيءَ تي، جيڪا مسجد جي بلڪل سامهون هئي ۽ دڪان اُن وقت بند هوندو هو، ويهي سندن ڪلام کان لطف اندوز ٿيندو هئس. پـِيرُو گهڻو ڪري ڪم تي رهندو هو. جنهن ڏينهن مزوري ڪانه لڳندي هئس ته اُن ڏينهن اچي شامل ٿيندو هو. حاجي ڪنهن مهل اڪيلائيءَ ۾ چڱي موڊ ۾ هوندو هو ته آءٌ سندس پاسي ۾ ويهي کانئس سندس حياتيءَ بابت ڄاڻ حاصل ڪندو رهندو هئس.

حاجي رانجهو اصل حبشي قوم جو فرد هو. سندس وڏو ڏاڏو حضرت بلال رحه هو. سندس وڏا ٽالپرن کان به اڳ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ اچي سنڌ ۾ رهيا هئا. سندس ڏاڏو ميرن جو خاص مقرب هو، انڪري رهڻ لاءِ واڍن جي پـِڙ ۾ ٻين ڪمين ڪاسبين سان گڏ کيس به گهر لاءِ زمين ملي. اُن جاءِ ۾ پاڻ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. اُها جاءِ واڍن جي ويڙهي واري گهٽيءَ ۾ آهي. ننڍي هوندي کان وٺي پاڻ مختلف پيشن ۽ مزورين سان لاڳاپيل رهيو. سندس حياتيءَ جو گهڻو حصو پورهئي، محنت ۽ مشقت ۾ گذريو. جهنڊل شاهه پير وٽ وونئرن (بورين) جي لوهه جي عمارتي سامان وارن واپارين وٽ پڻ گهڻو وقت گذاريائين.

انگريزن ۽ هندن جو زمانو هو. نيون جايون جُڙيون رهنديون هيون. اُن وقت ڪانڪريٽ ۽ سيمينٽ وارين آر سي سي جي ڇتين جو رواج ڪونه هو. ماڻهو پڪين جڳهين ۾ ڇتين تي گارڊر ۽ ٽيئر وجهرائيندا هئا. حاجي رانجهو اُنهن ڇتين ٽيئرن ۽ گارڊن چاڙهڻ جو حمال هو. قدرت سندس روزگار جو سبب ائين ٺاهي ڇڏيو هو. مالڪ مهربان جيڪو رزاق آهي، تنهن هر ڪنهن جيو-جاندار جي رزق روزيءَ جو نرالو حساب جوڙيو آهي. هي هر روز ڪنهن نه ڪنهن جڙندڙ جاءِ ڏانهن ٻين حمالن سان گڏ، هٿ-گاڏي تي لوهه جا وزني گهربل ٽيئر ۽ گارڊر کڻي، ڀتين ڇتين تي چاڙهيندو رهندو هو. گارڊر چاڙهڻ جو اُهو منطر به هڪ عجيب سنسني خيز ڏيکائي ڏيندڙ هوندو هو.

ڇت تي گارڊر چاڙهڻ وقت ٻنهي ڊگهين ۽ اونچين ديوارن وٽ گارڊر چاڙهڻ واري هنڌ تي اوستو، ڪاريگر، رازو، سرويئر، انجنيئر يا ٺيڪيدار ٻه مضبوط ڏاڪڻيون آمهون سامهون ڀت تي رکائيندو. تنهن بعد ساڳئي جوڙ جا ٻه پهلوان حمام گارڊر جي ٻنهي ڇيڙن کي ڪلهو ڏئي، ڀت جي پاسي منهن ڪري، هڪ هڪ ڏاڪو آهستي آهستي ڪري ”ياعلي“ ”ياعلي“ جا نعرا هڻندا مٿي چڙهندا ويندا، تان جو ڀت جو مٿيون حصو اچي. پوءِ ٻئي ڇيڙا گهربل ماپ واريءَ جاءِ تي رکيا ويندا. اهڙيءَ طرح ٻيا گارڊر به چاڙهيا ويندا. گارڊر ڪمري جي ويڪرائيءَ ۽ ٽيئر ڊگهائيءَ جي حساب سان چاڙهيا ويندا.

جڏهن سڀ گارڊر ٽيئر چڙهي ويندا ته جاءِ جو مالڪ پنهنجي هوند سارو يا پهچ مطابق مٺائي گهرائيندو، جيڪا ٺڪر جي ڪُنن ۾ ايندي هئي. اها مٺائي حمالن، اوستن ۽ مزورن ۾ ورهائي ويندي هئي. اها خير برڪت سان ڪم ختم ٿيڻ ۽ جاءِ جي ڇت پوڻ جي خوشيءَ جي خيرات سمجهي ويندي هئي. اڄڪلهه ته سائين، پيڙهه جي پهرئين کڏي کوٽڻ تي، پيڙهه ڀرجڻ، ڪالم ڀرجڻ، ڇت ڀرجڻ، اوساري کڄڻ، درين دروازن جا چؤڪ بيهارڻ، پلمبر جي ڪم شروع ٿيڻ ۽ ختم ٿيڻ، فرش پوڻ، مطلب ته دڳ دڳ تي ڪمين ڪاسبين، اوستن، ڪاريگرن ۽ مزورن جي مٺائيءَ جون فرمائشون، جڳهه مڪمل ٿيڻ تائين مالڪ  مڪان جا هڻيو لاهه ڪڍيو ڇڏين!

بهرحال، حاجي رانجهو ان طرح مٺائيءَ جا جاوا ڪندو رهندو هو. اهوئي سبب هو جو جنهن عمر ۾ اسان هن کي ڏٺو ته سندس سڀ ڏند غائب هئا. باقي ايترو سو چئبو ته اُن زماني ۾ ڪيتري به مٺائي واپرائڻ سان مٺن پيشاب (ذيابيطس) جي بيماري ڪانه ٿيندي هئي. اڄڪلهه ته ننڍو وڏو اُنهيءَ مرض ۾ مبتلا آهي. شايد کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوت جو نتيجو ٿو ڏسجي يا ڪجهه ٻيا سبب هجن. اها خبر ويڄن، طبيبن، ۽ ڊاڪٽرن کي-اسان جو ڪم حاجي رانجهي سان!

حاجي رانجهي جي ٻانگ مشهور هوندي هئي، جا ستن پاڙن ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. اُن زماني ۾ مائڪرافون ۽ لائوڊ اسپيڪر ايترا عام ڪونه ٿيا هئا. شادي وهانءُ، جلسي جي تقريبن ۽ اسٽيج ناٽڪ ۾ استعمال ٿيندا هئا. مسجدن ۾ اڃا نصب ڪونه ٿيا هئا. مسجدن ۾ لائوڊ اسپيڪر لڳائڻ جو رواج پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پيو. هاڻي ته  ٽڪي ٽين پيسي جي وکر وڪڻڻ وارو به ٺيڙهي تي لائوڊ رکيو پيو  ڪـِني مال جا هوڪا هڻندو وتي. اُن زماني ۾ حيدرآباد شهر جي ڪنهن به مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر لڳل ڪونه هو. گهڻو ڪري شهر جي سڀني مسجدن ۾ اهڙا ٻانگا هوندا هئا، جن جو آواز پري پري تائين صاف ٻڌڻ ۾ ايندو هو. اُنهن سڀني ۾ حاجي رانجهو سرس هو ۽ سندس ٻانگ مشهور هوندي هئي. اُن عمر ۾ پيريءَ ۾ ايڏي بُلند آواز سان ٻانگ ڏيڻ واقعي عجيب ڳالهه  هئي، پر ڇا هي ته اُن زماني ۾ ايمان جي سلامتي هئي.

حاجي رانجهي جي حياتيءَ جو نيم تمام سادو هوندو هو. پنج وقت اَذان ڏيڻ، صبح جو مسجد جي صفائي ڪرڻ، منجهند ۽ رات جو مسجد ۾ خيرات جي ماني جمع ڪري گهر کڻي وڃڻ، پنج وقت نماز باجماعت ادا ڪرڻ ۽ تڪبير چوڻ-بس الله الله خير صلى. رات جو سومهاڻي نماز کان پوءِ ڪڏهن اڳ ڪڏهن بعد ۾ خيرات جي ماني گهر کڻي ويندو هو. سنڌي سٻاجهڙن ۽ سادڙن جو اُن وقت رات جو اڪثر کاڄ کير ۽ ڀت هوندو هو. هاڻ ته سائين چهر کان سواءِ ڪنهن جي به نه ٿي سري. ويچارو پير مڙس، ڏاڍي احتياط سان هڪڙي (کاٻي) هٿ ۾ ڀت جي پاٽ، اُن مٿان جستي لوٽي ۾ کير کڻندو ۽ ٻئي هٿ (ساڄي) ۾ پنهنجي قد کان وڏي لٺ هوندي هئس. مسجد کان گهر پهچڻ ۾ کيس ڪافي ٽائيم لڳندو هو. پاڙي جا ٻار، جيڪي ڪمن ڪارين کان واندا ٿي راندين کي لڳي ويندا ۽ ڊوڙندي جي ڪو ٻار سندس پاسي کان لنگهندو ته اُن کي اهڙي ته پٺيان کان لٺ وهائي ڪڍندو جو ٻار اُن جي انگڙيي ۾ ڦاسي وڃي منهن ڀر ڪـِرندو ۽ جي لٺ جي زد کان بچي نڪري ويو ته مٿس رانجهي جي لعنت جو وسڪارو هوندو: ”لخ جي…نالت هجيئي…“ (لک جي لعنت هجئي). ٻارن کي به هروڀرو رؤشو، سي هونئن ماٺ ڪريو ويٺا هوندا، پر هن کي مسجد مان گهر ڏي مانيءَ سوڌو ويندي ڏسندا ته هڪدم ائڪشن ۾ اچي ويندا. پوءِ ڪي ٻار هن کي ڏسندي ئي ڳليءَ مان وَر وَر ڪري پيا ڊُڪندا ڊوڙندا ۽ ڪُوڪُون دانهون ڪندا سندس پاسي کا لنگهندا. ٻار به سياڻا ٿي ويا هئا، سي هن جي لٺ جي لاپڙيي کان پاڻ بچائي آواز ڪندا نڪري ويندا. ٻارن کي لٺ سان هڪلڻ يا پري ڪرڻ جي سندس عادت ايتريقدر ته پختي ۽ پڪي ٿي وئي هئي جو بعضي گهٽيءَ مان ٻيا لنگهندڙ، عام واٽهڙو به سندس لٺ جي لرزش کان بچي ڪين سگهندا هئا. پوءِ چاهي مڙد هجي يا عورت يا سندس پنهنجي ڀيڻ مائي کَتُو! راجهي جي خاص ڪري مذهبي ڏڻن تي گهڻي لئه ٿيندي هئي. اُن وقت شب برات واري ڏينهن صبح جو ڪُنڀارڻيون ڇٻيو ڀري، گهر گهر اچي ”ڏياٽيون“ وڪڻنديون هيون، جيڪا هڪ آني کان ٻي آني تائين سٺي ملندي هئي. ڏياٽيون ٺڪر جون ٿينديون هيون ۽ اُنهن جي ساخت ڪجهه هن ريت هوندي هئي، جو ننڍڙي هٿ جي تريءَ جيڏي چـِلم گول گهيري واري، ان جي گهيري ۾ ٽي چار ڏيئا لڳل هوندا. ڳچي ڊگهي، ان جي مٿي يا مُنڍيءَ تي به هڪ ڏيئو هوندو. سارو ڏينهن اُنهن ڏياٽين کي پاڻيءَ ۾ پُسائي ڇڏبو هو. شام جو ڪپهه جون وٽيون ٺاهي، ڏيئن ۾ ڪڙو تيل وجهي ڇڏيندا هئاسين. سانجهي نماز کان پوءِ پاڙي جي گهرن مان ٻار ڏياٽيون ۽ متا (مشعال) کڻي نڪرندا. ڏياٽيءَ جي تر ۾ ويڪرو سوراخ هوندو هو، ان ۾ لٺ يا ڪاٺي وجهي ڏياٽي کي کڻي هلبو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com