سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :1

مهراڻ 2005ع (3)

ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ

هيءَ جا لات ”لطيف“ جي

 

سَهسين سائِرَ ٻوڙيُون،

مُنڌَ ٻوڙِئو مهراڻُ،

وَهَه وِڃايو پاڻُ،

هَڻِي ڪَنڌُ ڪَپَن سين.

 

شاهه صاحب بي انت ڀلاين جو ڀنڊار ۽ خوبين جو مالڪ هو. جيڪي به انسانيت جون خوبيون ۽ باباءِ آدم کان وٺي اڄ تائين شمار ڪيون وينديون آهن، اُنهن سڀني جو نچوڙ هو. هن علم ادب، نيڪ صحبت، عبادت ۽ رياضت رستي زندگيءَ جي مقصد ۽ مراد جي پوري پوري کوجنا ڪئي. درحقيقت جيڪڏهن شاهه صاحب جي سوانح عمريءَ جا ورق ورائبا ته معلوم ٿيندو ته ايام طفوليت کان وٺي آخري دم تائين شاهه صاحب هن دنيا جي نظام ۽ قوام، فنا ۽ بقا تي پوريءَ تندهيءَ سان غور ۽ خوض ڪيو ٿو ڏسجي. گهريءَ جستجو بعد شاهه صاحب هن نتيجي تي پهتو ٿو ڏسجي ته هن ظاهري دنيا جو نظام بي بقا ۽ بي دوام آهي. هيءَ دنيا ڪابه اصليت نه ٿي رکي، هي فقط عين حقيقت جو پاڇو آهي. آرسيءَ ۾ ڪنهن به شيءِ جو پاڇو حق حقيقي هيڪڙو ئي موجود هو، آهي ۽ رهندو. ٻي هر ڪا شيءِ عدم موجود آهي.

سائين! سدائين،ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ،

دوست تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين!

[شاهه]

 

سوچ – لوچ

 

وقت ڪٿي نٿو بيهي. زندگي رهي ٿي. سوچ ڪڏهن به پنڊ پاهڻ نٿي ٿئي:

نه ڪو سُکُ نـِکَٽين، نه ويساند نئين!

”اسين سوچيون ٿا، انڪري زندهه آهيون، ۽ اُهي، جَن جي هٿ ۾ قلم آهي، جڏهن پنهنجن  جذبن ۽ احساسن کي لفظن جي لڙيءَ ۾ پوئي پني تي پلٽين  ٿا، تڏهن نه رڳو پنهنجي زندهه هجڻ جو ثبوت ڏين ٿا، بلڪ ٻين کي به سندن زندهه هجڻ جو احساس ڏيارين ٿا. ساڳئي وقت پنهنجي ٻوليءَ کي زندهه رکڻ جي بنيادي ذميواري پڻ نڀائين ٿا.

اُن ٻوليءَ ۾ لکَندڙ، پنهنجن لکڻين ۾ زندهه  رهن ٿا ۽ پنهنجن لکڻين وسيلي ٻين کي زندهه رکن ٿا، پر اُن لاءِ خود اُنهن لکڻين ۾ زندهه رهڻ جي سگهه جو هئڻ لازمي آهي. ڏسڻو اهو پوندو ته انهن لکڻين ۾ زندگيءَ جا ڪهڙا چٽ چٽيا ويا آهن! بنيادي ڳالهه اها آهي ته ڪابه تحرير، پوءِ اها تخليق، زندگيءَ جي سرچشمي مان ڦُٽي نڪتي آهي يا نه!

مطلب ته:

سـِٽَ اُها جا وِکُ وڌائي!

اهڙي پرک نقاد لهي سگهن ٿا ته ادب ۾ اهڙيون سَٽون به لکجي رهيون آهن يا نه، جيڪي مستقبل ۾ اسان جي وِکُ اڳتي وڌائين- پر ادب ۾ اهڙو پارکو يعني نقاد في الحالَ اسان وٽ موجود نه آهي. انڪري به، ۽ هونئن، لکندڙ کي پنهنجن لکڻين کي هڪ سخت گير نقاد جي نظر سان ڏسڻ گهرجي. ساڳئي وقت نه  رڳو ادب ۾ پر اڏاوت، چتر ڪاريءَ ۽ سنگيت ۾ به اسان کي نقاد گهرجن. جنڊيءَ، ڪاشيءَ، اُڪر، ٽُڪ، ڇر، ۽ ٻين هنرن تي لکڻ وارا فرد گهرجن دينيات، سماجيات،  لطيفيات، لسانيات، اقتصاديات، تاريخ، جاگرافي، سائنس ۽ ٻين علمن ۾ لکڻ وارا ماهر گهرجن. يونيورسٽين جا لاڳاپيل شعبا ان ڏس ۾ وڏو ڪم ڪري سگهن ٿا. نصاب ۽ درسي ڪتابن جي لکڻ جي ڏس ۾ به اهڙن ماهرن جي سخت گهرج آهي؛ پر اُن لاءِ تخريب ۽ تعمير جي فرق کي سمجهڻو پوندو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٿورن لفظن ۾ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي ته:

”ٺاهڻ ڏکيو آهي، ڊاهڻ سولو آهي“

۽ اِهي ڊاهڻ وارا گهڻا آهن يا نه، پر منظم ضرور آهن.

اسان وٽ حالت اها آهي ته ٻين تي ڦوڙ اُڇلائڻ وارا پاڻ تي ڪَک به نٿا سهن! مهاڳ، مهورت، تبصرا، خط…تنقيدي کوٽ جو پورائتو ڪري سگهن ٿا، پر انهن ۾ به گهڻي ڀاڱي موضوعاتي اُڇاتري راءِ هوندي آهي. فن، ٻوليءَ لهجي تي ڳالهائڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي. جڏهن ته فن ختم ٿي رهيو آهي، ٻولي مَٽجي ۽ مـِٽجي رهي آهي، لهجو اوپرو ٿي رهيو آهي! بحث ٿيڻ کپي. علمي ادبي بحث، دليل، ڄاڻ ۽ سچائيءَ سان. ان لاءِ ذاتي وڻت-اڻوڻت کان مٿي چڙهڻو پوندو. ”آءٌ آءٌ“ ۽ ”مان مان“ کي ڇڏڻو پوندو. ذاتي ۽ گروهي مفادن کي ٻن ڏيڻو پوندو. ياري دوستيءَ، مــِٽي مائٽي، رشتا ناتا ۽ رابطا پنهنجيءَ جاءِ تي- ذاتي زندگيءَ ۾ اُنهن جي اهميت کان انڪار به ڪونهي، پر ادب ۾ ياري دوستي صرف فن سان هئڻ گهرجي. مـِٽي مائٽي ماڻهن سان هئڻ گهرجي- سمورا رشتا ناتا ۽ رابطا زندگيءَ سان هئڻ گهرجن- ۽ اهو سڀڪجهه تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن اسين پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن پنهنجي بنيادي ذميواريءَ کي سمجهنداسين ۽ نڀائينداسين.

ٻوليءَ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه چوڻ ٿي گهريوسين، پر مواد وڌڻ جي ڪري ”سوچ-لوچ“ جا صفحا گهٽائڻا پيا، پر ايترو سو عرض ڪنداسين ته جن ادارن جي آفيشل ٻولي سنڌي قرار ڏني وئي  آهي، انهن ادارن کي پنهنجي اُن فيصلي تي عمل ڪرڻ به جڳائي. سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻولي آهي. اسين سرڪار سڳوريءَ کي به عرض ڪنداسين ته سرڪاري ادارن جي ڪار وهنوار ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ”پڻ“ عملي طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن ۽ ادارن جي سائينِ بورڊن تي سنڌيءَ ۾ ”پڻ“ لکيو وڃي. مڪاني چونڊن جي حوالي سان ”هدايتي ڪتابڙا“ سنڌيءَ ۾ ”پڻ“ ڇپايا وڃن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي ”اشارتي لکتون“ سنڌيءَ ۾ ”پڻ“ لکيون وڃن. هتي اهو به ياد ڏياريون ته هي اُهي ئي حق آهن، جيڪي انگريزن جي غلاميءَ جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي حاصل هئا- ۽ هاڻي ته ”ڪوڙين ڀال ڪريم جا“-اسين آزاد آهيون:

 واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!

 

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي گولڊن جوبلي

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جون گولڊن جوبلي تقريبون خير خوبيءَ سان پڄاڻيءَ تي  پهتيون. اهي تقريبون ڀٽ شاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ رکيون ويون هيون.

مهراڻ اونهارو 2005 جي ادارئي ۾ ان ڏس ۾ ڪجهه رِٿون ڏنيون ويون هيون. اسان کي اميد آهي ته انهن رٿن تي به ويچاريو ويندو. سانئڻ مهتاب اڪبر راشديءَ، حيدرآباد ۾، پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته ”هي هڪ سفر جو آغاز آهي.“ ۽ پهرين کنيل وِکُ ماڳ کي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيندي آهي:

هـِتان کڻي هُتِ، جَنِ رکيو سي رَسـِيُون،

ساڄن سُونهن سُرتِ، وِکان ئي ويجهو گهڻو.

 

آديسي اُٿي ويا-!

گذريل ڪجهه مهينن ۾ اسان جا ڪيترا اديب ۽ شاعر، ڏات ڌڻي ۽ سنڌ جا هڏ ڏوکي لاڏاڻو ڪري ويا آهن:

اِناللهِ وَانا اِلَيہِ رَاجـِعونَ

اسان جي اُنهن وڇڙي ويل ساٿارين جا نالا هي آهن: محمد آچر ”نظير“ ٽکڙائي، محمد هوت ”مجرم“ لغاري، محسن عباسي، اي. آر. بلوچ، رمضان نول، ڊاڪٽر محمد شريف ميمڻ ۽ فقير غلام محمد چنا.

اُنهن ساٿارين سڄي ڄمار سنڌي ٻولي، ادب، تعليم، ثقافت ۽ سنڌ جي خدمت ڪندي گذاري. اسان جا هي ساٿاري پنهنجي تر ۽ حلقي ۾ سنڌي ثقافت جا سڄاڻ نمائندا هئا. سندن لاڏاڻي تي اسين اُنهن جي پونين ۽ سنڌ جي عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعاڳو آهيون ته ڌڻي کين جنت ۾ جايون جوڙي ڏئي ۽ سندن پونين کي صبر جي سگهه عطا ڪري.

-ادارو

 

وَکرُ سو وِهاءِ

 

”…سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته اسان جي ناشر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ان ڳالهه جو ذرو به خيال ڪونه هو ته هو شعر چوي يا پاڻ کي شاعر ڪوٺائي. انڪري اها حقيقت آهي ته هن پنهنجي شعر جي هڪڙي سـِٽ به پاڻ ڪانه لکي. ائين به ڪونه ٿو چئي سگهجي ته ڪو هو مَس قلم کڻي شعر جوڙڻ يا لکڻ ويٺو آهي. اُهو ڪم هميشه ٻيا ماڻهو ڪندا هئا، جيڪي اهڙي وقت ۾ سندس چوگرد موجود هوندا هئا؛ يعني جڏهن مٿس جذب ۽ وجد جي ڪيفيت طاري ٿيندي هئي ۽ کيس پنهنجي حال جي خبر به مشڪل پوندي هئي، تڏهن اُهي ماڻهو سندس چيل شعر لکندا ويندا هئا.

اچو ته مثال طور هڪ اهڙي نظاري جو هتي بيان ڪريون: شروعات ان ريت ٿيندي هئي ته ويٺلن مان ڪو راڳائي فقير هڪ ساز تي اُن وقت جي ڪنهن مشهور راڳڻيءَ جي ڌُن تي آلاپڻ شروع ڪندوهو. هندستاني موسيقيءَ سان واقفيت  رکندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته هر راڳ جي ڳائجڻ جو ڏينهن يا رات ۾ هڪ مخصوص وقت مقرر آهي، تنهنڪري هتي هن اصول جي پابندي ڪئي ويندي هئي. اُهو راڳ شاعر تي وجد جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو ۽ پوءِ اُنهيءَ ڪيفيت دوران هُو پنهنجو شعر چوندو ويندو هو ته ڳائيندو به ويندو هو. گويا سوچي سمجهي شعر لکڻ جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. هاڻي جيڪڏهن اُنهيءَ واردات کي ”عمل“  جو نالو ڏجي ته پوءِ انهيءَ عمل دوران هڪڙي ساعت به ضايع ڪانه ٿي ٿي ۽ نه وري ڪو  وقفو ئي مائل پئي ٿيو. مطلب ته موسـِقي شاعر لاءِ هڪ اهڙو ذريعو  هئا ۽ اُنهن ۾ ايڏي پراسرار اهميت سمايل هئي جو اڄ سوڌو اُنهن جي گرهه ڪشائي رهي آهي. عجيب ڳالهه اها ته اُنهن شاعراڻن ٻولن ۾ جيڪا نغمگي آهي اُها سنگيت واري موسيقيءَ کي به مات ڪري وئي. اهو ئي سبب آهي جو هتي موسيقي شاعريءَ جو ذريعو بني…“

_علامه آءِ. آءِ. قاضي

[”صوفي لاڪوفي“،ص146]

 

مخدوم امين محمد ”امين“

 

ڪافي

 

تنهنجي نيڻن جادو لايو يار،

رمزن رمزون رليون يار.

 

اکيون تنهنجون ڪجليون ڪاريون،

ڌاڙي ڪارڻ دلبر ڌاريون،

هو گهر اجاڙن ڳليون، يار.

 

دليون دلبر ڪان سَڌايون،

وؤڙڻ ويئون وري نه آيون،

اُو گهٽ نهارن گهٽيون، يار.

 

اکيون آيون اکڙين آري،

وارن وَر وَر وڌڙو واري،

هو جت ڀڳيون تت جهليون، يار.

 

جانب جنگي جادو لايو،

سـِر ڏيڻ جو تن ڪيو سعيو،

هردم حاضر هليون، اياز.

 

’امين محمد‘ اکڙيون اڙيون،

زلف زنجير قلابين ڪڙيون،

وَه ڪين ڇٽن سي جهليون، يار!

[”ڪليات امين“، سهيڙيندڙ: محبوب علي چنا، ص 132]

 

 حضرت امين محمد سائين عرف پکن ڌڻي رحمة الله عليہ جي نام نامي اسم گرامي کان سنڌ جو اهل ذوق طبقو چڱيءَ طرح واقف آهي. سندن بزرگانه حيثيت ۽ شاعرانه شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سندن رقت آميز ڪلام سنڌ جي صوفين ۽ سالڪن جي سَٿ ۾ وڏي عزت حاصل ڪري چڪو آهي. حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليہ جي فيوضات عاليه ۾ سندن اولاد امجاد به شمار ٿين ٿا، جي پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ نه فقط پير روشن ضمير هئا، پر ان سان گڏ پنهنجي پنهنجي معاشري ۾ صولت ۽ شوڪت جا صاحب به هئا، ته فقر ۽ درويشيءَ جا تاجور  به هئا. ان سان گڏ سڀ اڪثر ڪري سخن سنج ۽ سخن شناس به هئا، بلڪ خود شعر گو نقطه نواز به هئا. سنڌي ادب ۾ حضرت نوح سرور رحه جا چند ”ابيات“ هڪ طرح سان فني محاسن جي حيثيت سان اوليت جي حيثيت به رکن ٿا. اهوئي سبب آهي جو حضرت نوح سرور رحه جي فيوضات  ۾ جتي ”ولايت“ جو ورثو سندن اولاد ۾ منتقل ٿيندو رهيو آهي، اتي کين عقل ۽ وجدان، بصيرت ۽ فهم جون قوتون به وديعت ٿينديون رهيون آهن. شعر شاعري هن برگزيده روزگار خاندان جو ڄڻ ورثو ۽ ڏاج آهي.

امين محمد سائينءَ جو ڪلام معنوي خيال کان تصوف جي دقيق خيالات سان لبريز آهي. راز ۽ نياز، سوز ۽ گداز جي پالوٽ سندن ڪلام  کي هر نقطه نظر سان سه آتشه ڪري  ڇڏيو آهي. امين سائينءَ جي ڪلام جي سڀ کان وڌيڪ خصوصيت اها آهي ته سندن ڪلام ۾ اصليت ۽ حقيقت آهي. سندن معاصرين ۾ اگرچ خواجه فريد ۽ پير پاڳارو پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ موجود آهن. تاهم سندن شعري اصناف ۽ بيت ۽ ڪافيءَ کي نمائندگي حاصل آهي، پر مواد ۽ پيشڪش ۾ کانئن اڳ گذريل صوفي شاعرن جو ڪو به صوري ۽ معنوي اثر نظر نٿو اچي-اهو سندن فني ۽ ادبي پختگيءَ جو ثبوت آهي. ان کان سواءِ، سندن معاصرين مان ڪيترن قادر الڪلام شاعر سندن تتبع ۾ ڪلام چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر سندن منفرد اسلوب ۽ دلڪش انداز بيان ٻئي ڪنهن جي به حصي ۾ نه آيو آهي. سندن روح پرور ڪلام جو رنگ سڀني کان جدا آهي.

-محبوب علي چنا

[”ڪليات امين“،مقدمو،ص13 ۽ 105 سنڌي ادبي بورڊ]

 


 

صوفي صديق فقير

 

[”صادق“]

 

الف سندي اڳ ۾، سُڄي ڪونه شريڪ،

چوڏس سڄڻ سامهون، اندر روح رفيق،

تَن ۾ جو تحقيق، سو سُڃاتو سپرين.

 

اَحدان اڳي جو هئو، سو سڀ هئڻ سندوس،

پَسڻ منجهان پڌرو، نبيءَ نور ڪيوس،

مظهر نُور ٿيوس، هرڪا قدرت اُن جي.

 

سڀت صاحب هڪڙو، جاءِ بَجاءِ ذاتي،

سو ’صادق‘ سو سپرين، سو ڪُسڻ سو ڪاتي،

جان مون اک پاتي، حوصلو حيران ٿيو.

 

جيڪو آهي اَڄِ ، سُڀان ناهه ’صديق‘ چئي،

واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مُرلي ڪري.

 

آهون ڪن اَڏيءَ تي، عاشق اَڌ ڪُٺا،

مَرن ڪين مٺا، سَڄا ڪُهه ’صديق‘ چئي.

 

ڪُهڻي ڪاتي يار جي، ڪُهي ڀَتئون ڀت،

سدا آلي رَت، مُور نه سُڪي ڪڏهين.

هڻن حلالن کي، مارين نه مُردار،

ڏُٻرا ۽ ڏُوار، ڪا سائن نه قبوليا.

 

ميڙي ميڙي مال، سُڃا ويا ’صديق‘ چئي،

ڏِس ڀَلي جا ڀَال، ڪين ڏنائين ڪَڇ ۾.

 

 چونڊيندڙ: اڪبر علي چانڊيو

[حوالو:”وڙهيا واڳيا واپريا“ ص 118، 119، 33، 122، 128 ۽ ”راڳ نامو“ ص 95] 

 

 

”صوفي صادق فقير جهڙي عارف ۽ قادر الڪلام شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي مسلم الثبوت ادبي ۽ علمي جدتون ۽ نيرنگيون پيدا ڪيون آهن، جنهن ۾ شاعر جي معنيٰ خيز تجربن، گهرين بصيرتن، بلند تخيل؛ حقيقي ۽ سچن مشاهدن گڏجي فن ۽ فڪر کي معراج تي رسايو آهي؛ جنهن ۾ شاعر جي شاعرانه جذبات ۽ احساسات، قلبي واردات ۽ مشاهدات، داخلي ۽ خارجي اثرات ۽ ڪيفيات  جوعڪس آهي. ان کان سواءِ، سنڌي ادب ۾ ”ڪيڏارو“ بزرگ صديق فقير جو ئي آهي، جو فني حيثيت سان رقت انگيز  ۽ رجزيه انداز کي نباهي سگهيو آهي. شعر ۾ نوان خيال ۽ نوان تصور، پڪا ۽ پختا مشاهدا، نوان لفظ، نوان محاورا، نوان قافيا ۽ نئون ۽ نرالو فڪر، حسن بيان وسيع نظري ۽ بلند خيالي، واقع نگاري ۽ منظرڪشي، محاڪات ۽ بلند پروازي، جوش ۽ درد، رواني ۽ سلاست، سوز ۽ گداز، انداز بيان جي بلاغت، وغيره صادق فقير جي شاعرانه  شعور جي عظمت  ۽ فطري صلاحيتن جي ڪمال، فني قابليت، معنوي ڄاڻ ۽ علمي واقفيت  جي ساک ڀرين ٿا. اهو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ سان مقابلو ۽ موازنو ته ڪنهن به حالت ۾ نه آهي، پر اهو به سچ آهي ته اهو لطيفي فيض ئي آهي، جنهن سنڌي صوفياڻي  شاعريءَ ۾ اهي رنگ رچايا آهن. پر جتي شعر ۾ جدت ۽ ندرت پيدا ڪرڻ لاءِ نون خيالن کي نين طرزن، نون  اسلوبن ۽ نون پيراين ۾ پيش ڪرڻ جو سوال آهي، اتي اهو چئي سگهجي ٿو ته صادق فقير وٽ ان قسم جو فني اجتهاد جام آهي. اڳوڻا ۽ ورجايل خيال به نون اسلوبن ۽ نمونن، پيراين ۽ رنگن ڍنگن سان  پيش ڪرڻ به شاعريءَ  ۾ داخل آهي، جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ شعر جي دنيا مان خارج ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ لحاظ سان صادق فقير  به اڳيان ورجايل خيال ورجايا آهن، پر انهن ۾ اسلوب ۽ نگارش جي نواڻ ۽ ندرت به آهي، ۽ پنهنجي حال ۽ قال جي انفراديت به.

-راڄ محمد پلي

[صوفي صادق فقير، مقالو، ص 283]

-”مهراڻ“ 1-2/1965ع

 محمود فقير کٽياڻ

 

ڪافي

 

جتي سدا رنگ سونهان اُتي دونهان دوستار جا.

آيا سلام مون کي سهڻي سانول  يار جا.

 

سُرڪي  جا مُرڪي پُر پيالا پين،

عاشق ويچارا مرن نه جين،

سي ويهي ڪيئن وساريان منڊل ميهار جا.

 

کڙڪيون کڙيون ٿيون ٻيلي ۾ ٻُرن ٿيون،

منجهيون ميهار جون چالون چَرن ٿيون،

کنوڻيون کڙيون ٿين بدل ملار جا.

 

ڀنڀا وارا ڪُنڍا ڀرون ڪارا،

مرگهه مثالي چوڏس چنڊ تارا،

تڻڪ تيز طبيلي طلبل ترار جا.

 

آئي جا اصلئون عشق جي اري ۾،

لوهار لپيٽيو ڪڙو ڪڙي ۾،

من  ۾ ’محمود‘ چوي لڳل لوهار جا.

[”ڪلام محمود فقيرکٽياڻ“،ص 70]

 

محمود فقير کٽياڻ جي پيءُ جو نالو  علي خان هو. سندس ذات کٽياڻ، پاڙو هئبتاڻي آهي. کٽياڻ ’کيتراڻ‘ جو سڌريل اچار آهي. سندن اصل وطن سبيءَ لڳ ’يار خان‘ آهي. هي ٽالپرن سان گڏ سنڌ ۾ آيا. محمود فقير کٽياڻ جي ڄمڻ ۽ لاڏاڻي جي تاريخ جي خبر نه آهي. اندازو آهي ته پاڻ 1852ع ۾ ڄائو ۽ 1906ع ۾ گذاري ويو. وچولي طبقي جي گهر ۾ پيدائش جي ڪري سندس سٺي سار سنڀال ٿي. ننڍو ئي  هو ته پيءُ وفات ڪيس، پوءِ سندس ماءُ مائي زرناز سندس پالنا ڪئي. محمود فقير رلڻو ملڻو، کلمک، حاضر جواب ۽ چرچائي هو. فقير ڪافيون ڪلام يڪتاري تي ڪونه چوندو هو، بس کڻي ڪن تي هٿ رکندو هو. پاڻ اڻپڙهيل هو، پر سندس شعر ساک ٿو ڀري ته مٿس الله پاڪ جا احسان هئا. سير سفر جو شوق هوس ۽ گهمندو وتندو هو. ننڍي لاڪون تيز فهم ۽ ذهين هو. عاشق طبع، حسن پرست ۽ راڳ جو شيدائي هو. مصري شاهه (نصرپور)، فقير نواب ولي محمد (تاجپور) جهڙا وقت جا اهم شاعر سندس همعصر هئا ۽ انهن سان سندس رس رهاڻيون هيون. محمد فقير جو ڪلام لکت ۾ نه مليو آهي، پر مختلف هنڌان مختلف ماڻهن واتان ٻڌي لکيو ويو آهي-معنيٰ ته سندس ڪلام وسارڻ جهڙو نه هو. محمود فقير کٽياڻ متقدمين جو گهٽ اثر قبوليو آهي. استعارا، تشبيهون، پهاڪا، تجنيسون، الفاظ وغيره  پنهنجا ڪم آندا اٿس: هن جي ڪلام ۾ اندروني قافين جي وارو وار آهي. (”ڪلام محمود فقير“ جي سهيڙيندڙ اندروني قافين جو کيس موجد سڏيو آهي، جڏهن ته ان دورن جي ڪافي گو شاعرن جي ڪلام ۾، بلڪ ان کا به آڳاٽن شاعرن جي ڪلام ۾ اهو ڳُڻ موجود  آهي. ائين چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته اهو ڳُڻ خود سنڌي ٻوليءَ جو ڳُڻ-سَڳڻ آهي. ڪي لکندڙ ان کي موجوده دور جي ايجاد چون ٿا، جيڪا ڳالهه صحيح ناهي. بهرحال، ان تي الڳ سان لکڻ  گهرجي-ادارو). محمود فقير جو ڪلام سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ آهي. ٻئي ٻوليون ڄڻ سندس مادري ٻوليون آهن. هڪ ڪلام ڍاٽڪي لهجي ۾ به اٿس. (سندس ڪيترائي ڪلام مشهور آهن، جيئن: ”ديدن ڪيا درسن، اڄ ڀيج ڀنيءَ برسن“ يا ”ٻانهي ٻاروچل جي آهيان دائي ڌوٻياڻي.“ بيت ڪافي، ٽيهه اکري، قصن (منظوم) تي سندس ڪلام مشتمل آهي- ادارو).

-ماستر محمد صالح سپيو

[ڪلام محمود فقير ”کٽياڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع، ص 7]

 

 

منٺار فقير راڄڙ

 

ڪافي

 

باب برهه جون باتيون،

ٻيا نه سُڻن، ٻيا نه سمجهن- يارو! يارو!

 

خبر عشق جي اُنهن عاشقن کي،

جن جون ڇيرن ڇنيون ڇاتيون.

 

ڪَل ڪُسڻ جي آهي اُنهن کي،

ڪنڌ تي جنين جي ڪاتيون.

 

هٿان محبوبن مرڻ جي ٿئي،

تان ڄڻ ملن ڏاتيون.

 

چئي ’منٺار‘ اُني مردن لاءِ،

آءٌ رئان ۽ رڙان ڏينهن راتيون.

 

[”ڪلام منٺار فقير راڄڙ-’خدائي رسالو‘ -1“، ص117]

 

 

سنڌ جو ناميارو صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ کپري شهر کان پنج ميل ڏکڻ ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾، پنهنجي ئي تعمير ڪيل مقبري ۾ آرامي آهي. سندس وڏا هالن واري بزرگ حضرت مخدوم نوح رح جا مريد هئا ۽ پاڻ سندس تيرهين سجاده نشين مخدوم امين محمد ”امين“ رح کان فيض ورتائين. ننڍي هوندي ئي طبيعت فقيريءَ ڏانهن مائل هيس. فاطمہ  نالي ڪا ڀيلڻ مائي سندس موهه جو مرڪز هئي، پر پوءِ نالي جي سُڌپيس ته اُن جي حرمت ڪري ڇڏي ڏنائين ۽ حقيقت ڏانهن لڙي پيو. 80 سالن جي ڄمار ۾ 1353هه تي وفات ڪيائين.

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ منٺار فقير جو مرتبو تمام مٿي آهي. مڙني سُرن ۽ راڳن ۾ سون جي تعداد ۾ ڪلام چيا اٿس، جن ۾ ڪافيون، مدحون منقبتون، سي حرفيون شامل آهن. سندس ڪلام جا ٽي مجموعا- رسالو خدائي، رسالو مرتضائي ۽ رسالو رهنمائي-شايع ٿيا. سندس ڪيتروئي ڪلام اڃا اڻڇپيل آهي.

فقير صاحب وفات کان ٿورو عرصو اڳ پنهنجي لاءِ قبر ۽ مقبري جي تعمير پاڻ راس ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو. مقبرو مٿانهينءَ جاءِ تي، عمديءَ اڏاوت وارو آهي. منٺار فقير جو ڪلام ريڊئي ۽ ٽيليويزن تان لڳاتار نشر ٿيندو رهي ٿو. هر سال سندس مزار تي سنڌ جا مشهور فنڪار سندس ڪلام ڳائڻ ايندا آهن.

-شمشير الحيدري

[”سجاڳ سانگهڙ“،ص76، سال 1974]

 

 غلام محمد خانزئي

 

وائي

 

 

ڪنڌي لَڳ اُڪار، ماڳ ملاحن جي مَڪُري.

پڳہ کڻي پنڌ ٿيا الله توهار

ماڳ ملاحن جي مڪري

 

ٿئا سَڻاوا سير تي، واءُ سڻائو وار

ماڳ ملاحن جي مڪري

 

”من الروحي“ جي بار سين، ڀرئو باري بار

ماڳ ملاحن جي مڪري

 

لڳن سخت سمونڊر جون لهرون لک هزار

ماڳ ملاحن جي مڪري

 

سوڀو ڏيج سچا ڌڻي، ناکئي نروار،

ماڳ ملاحن جي مڪري

 

نيئي پهچائي ٻاجهه سين مٿي بندر بار

ماڳ ملاحن جي مڪري

 

لُطف سان لنگهايين، اوريان پريين پيار

ماڳ ملاحن جي مڪري

 

’غلام محمد‘ ساب پوي، وڻجارن واپار

ماڳ ملاحن جي مڪري

[”رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو“،ص 43]

 

غلام محمد خانزئي ’رسالي جو شاعر‘ آهي ۽ ’رسالي جي شاعرن‘ جي وصف ۾ شامل آهي. ’رسالي جي شاعري‘ اعليٰ اخلاقي ۽ عارفانه شاعري آهي: اُها وقتي جذباتن، عارضي معاملن يا لفظي موشگافين واري شاعري ناهي، بلڪ ان جو پيغام دائمي ۽ آفاقي آهي؛ ڪائنات جي خالق جي احديت، بني نوع انسان جي وحدت ۽ معاشري ۾ اعليٰ انساني ڪردار جي عظمت جو ذڪر ’رسالي جي شاعري‘ جا خاص موضوع آهن. سچائي ۽ اخلاص ان جي راهه آهي، حق ۽ حقيقت ان جي ساڃاهه آهي. موجوده ڄاڻ مطابق، اُنهيءَ اعليٰ سطح واري ’اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي علمبدارن جي قطارن ۾ وقت جي لحاظ سان خانزئي سڀني کان پويون شاعر آهي، انهيءَ ڪري سندس معيار جي به نسبتاً ايتري قدر ئي گهٽ هجڻ جو امڪان آهي، مگر ٻوليءَ جي وسيع ڄاڻ، سلوڪ ۽ تصوف جي اصلاحن جي سمجهه ۽ سُرت ۽ حضرت شاهه عبداللطيف  ڀٽائيءَ جي رسالي سان محبت ۽ اُن مان حاصل ڪيل روشني ۽ رهبري سندس معيار جي ’امڪاني گهٽتائي‘ کي گهڻو گهٽائي ڇڏيو آهي.

سنڌي اساسي شاعريءَ جي ’رسالن‘ ۾ خانزئيءَ جو ڪلام وڏي ۾ وڏو ’رسالو‘ آهي. غلام محمد خانزئي پنهنجي رسالي جي تصنيف ۾ حضرت شاهه عبداللطيف جو شاگرد آهي، مگر طريقت جي ڄاڻ، شعر جي شعور ۽ ٻولي ۽ لغت تي عبور سان ڀٽائي صاحب جي ڇانوَ ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ جاءِ ٺاهي آهي. موضوع، مقصد توڙي معنيٰ جي لحاظ سان خانزئي جو رسالو حضرت شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو شرح ۽ تفسير آهي.

-ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

[”رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو“،ص 25 ۽ 39]

 

 تحقيق

 

”…شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ واري زماني ۾ اسان چٽيءَ ريت اهڙيون نشانيون ڏسون ٿا، جيڪي ٻڌائين ٿيون ته پراڻو نظام ٽٽي رهيو هو، خود شاعر جي زندگيءَ ۾ به اهڙا درجا نظر اچن ٿا، جن مان گذري هُو شاعر مان  هڪ ڏاهو ۽ پوءِ صوفي بڻيو. بهر صورت، اهم نقطو اهو آهي ته شاهه عبداللطيف وچينءَ دور جي وڏن شاعرن مان هڪ وڏو ۽ آخري شاعر هو، هن اُنهن ماڻهن لاءِ ڳايو، جن جو مذهبي نقطهء نظر اڄ به ڄاتل سڃاتل ۽ عزت ڀريو آهي، جيڪو اُن وچينءَ دور جي سڃاڻپ هو ۽ ماڻهن جي مزاج سان ٺهڪي  ٿي آيو؛ جيڪا خوبي هاڻي هميشه لاءِ گم ٿي وئي آهي. شڪ آهي ته شاهه عبداللطيف جي ڪلام جهڙو ڪو ڪلام وري چيو ويندو، پر اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن سندس تقليد ڪئي ته اُها ڪيتري به هنر منديءَ سان ڪئي وڃي رڳو ’نقل‘ ئي هوندي-جنهن ۾ ڪا به زندگي ڪا نه هوندي. ممڪن آهي ته هي بيان قياس کان ٻاهر محسوس ٿئي؛ ڇاڪاڻ جو شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ کي اڃا تائين سنڌ اندر محبت ڀرئي مضبوط جادوئي اثر ۾ وڏي تعريف ۽ مڃتا حاصل آهي. سچ ته ان ڳالهه ۾ ڪو به مونجهارو جو ڪونهي. اڄ سندس بيتن مان نئين قسم جو لطف اچي ٿو، جنهن جو سبب جديد  دور ۾ ماڻهن جو وڌيل ادبي ذوق آهي. اهو لطف  جذباتي حد تائين احترام منجهان به پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ماڻهو پنهنجي ماضيءَ جي خاص ڳالهين لاءِ محسوس ڪندو آهي ۽ دنيا جا سڀ ماڻهو پنهنجي ثقافتي ارتقا جي ڪنهن نه ڪنهن درجي تي محسوس ڪندا آهن. جيتوڻيڪ بيتن ۾ موجود نظريا اڄ به مڃيا وڃن ٿا، پر انهن جي مڃتا ساڳئي نموني ۽ ساڳين سببن جي ڪري ڪانهي. اهو انڪري ٿيو آهي، جو گذري ويل دور وارو سادو ۽ مضبوط وِساهه هاڻ باقي نه رهيو آهي ۽ اهو امڪان به ڪونهي ته ڪو ٻيو شاهه عبداللطيف وري پيدا ٿيندو…“

-ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي

[”ڀٽ جو شاهه“،ص 216]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com