سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2005ع (3)

 

صفحو :14

ٻئي ڏينهن هن ڪومل سان لنچ ڪئي هئي.، ڪومل پنهنجي گهر، ڀينرن، ڀائرن ۽ جاب متعلق تمام گهڻو ڳالهائيندي رهي. وچ ۾ هن جي بس ڪرڻ تي نويد پنهنجي پينٽنگس، فن، ادب ۽ سياست تي ڳالهائڻ چاهيو ته ڪومل هن جي ڳالهين مان بور ٿي وري پنهنجي پسنديده موضوعن تي ڳالهائيندي رهي. نويد هن جي اهڙي ڳالهائڻ کي هن جي ملاقات جي ڪري excitement جو اظهار سمجهڻ لڳو ۽ هن جي ڳالهين کي معصوميت سان ٻڌندو رهيو. هن جون ڳالهيون ٻڌندي هو بور ٿيڻ جي باوجود هن کي غور سان ڏسندو رهيو. هن کي اوچتو محسوس ٿيو ته ڪومل جي جسم ۾ ڪي به وروڪڙ ڪونه هئا…هوءَ بلڪل سڌي سنئين هئي، ائين جيئن بلئڪ ليبل جي خالي بوتل. هن کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت ٿي هئي، پر هن پنهنجي ذهن ۾ آيل اُنهن ڳالهين کي يڪدم تڙي ڪڍيو، ڇو ته هن لاءِ ڪومل هن جو پراڻو ۽ پهريون پيار هو، جنهن ۾ هو عام روايتي عورتن وارو ور وڪڙ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. لنچ کان پوءِ جڏهن هو ڪومل کي گاڏيءَ ۾ ويهاري ڇڏڻ پئي ويو ته پنهنهي پراڻي پيار جي پکيءَ جي ڀڙڪو کائي اُڏامي پوڻ تي هن پنهنجو هٿ وڌائي ڪومل جي هٿ جي مٿان رکيو هو ۽ اُنهيءَ کي دٻايو هو، هو ته هن جي جسم مان سيسراٽي نڪري وئي هئي. هن محسوس ڪيو هو ته ايتري وڏي عرصي کان پوءِ هن جي دل ۾ ڪومل لاءِ پيار اڃا تازو توانو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ انيڪ هٿن ۽ جسمن کي ڇهڻ کان پوءِ پيار واري اُها سيسراٽي محسوس نه ڪئي هئي. ڪجهه ئي لمحن ۾ هن محسوس ڪيو هو ته ڪومل جي هٿن ۾ نه ته ڪا گرمائش پيدا ٿي ۽ نه ئي سندس دل ۾ ڪا سيسراٽي اُڀري…هن جو هٿ ڄڻ ڪنهن بيجان شيءِ تي پيل هو-اُهو هن کي ڏاڍو عجيب لڳو هو. موڪلائڻ مهل ڪومل کيس ٻڌايو ته هوءَ سڀاڻي حيدرآباد هلي ويندي، جيڪڏهن نمائش کان پوءِ هن جو حيدرآباد اچڻ ٿئي ته ساڻس ضرور ملي. نويد هن سان ملڻ جو وعدو ڪري موڪلائي آيو.

ٻئي ڏينهن نمائش ختم ٿيڻ بعد هو حيدرآباد هليو ويو. رستي ۾ گاڏي هلائيندي هن پنهنجو هٿ ڪومل جي هٿ مٿان رکڻ واري ڳالهه بابت سوچيو ۽ اُنهيءَ لمحي فيصلو ڪيو ته هو ڪومل کي اڳتي نه ڇهندو، ڇو ته هن کي لڳو هو ته جڏهن عورت کي ڇهجي ٿو ته ڳالهه اڳتي نڪري وڃي ٿي ۽ پوءِ اُنهيءَ عورت جي اُها عزت ۽ اُنهيءَ لاءِ اُهو پيار نه ٿو رهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي تجربا ڪيا هئا ته جيستائين ڪنهن عورت کي ڇهجي نه ٿو، تيستائين اُنهيءِ لاءِ هڪ ڇڪ برقرار رهي ٿي، جيئن ئي عورت کي ڇهبو اُنهيءَ وقت ئي اُها   ڇڪ ختم ٿي وڃي ٿي. اهو سڀ سوچي هن فيصلو ڪيو ته هو آئيندي ڪومل کي نه ڇهندو ڇو ته هن ڪومل سان پنهنجي ڪيل پيار کي هميشہ مکڙي ئي رکڻ پئي چاهيو، انهيءَ کي گل ۾ تبديل ڪرڻ هن جي مرضيءَ ۾ ئي شامل نه هو.

جڏهن هو ڪومل جي ڏنل ڏس تي هن جي گهر پهتو ته شام تي چڪي هئي ۽ ڪومل ڊرائنگ روم ۾ ڪجهه ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي رهي هئي. ڪومل سندس لاءِ در کوليو ۽ اندر اچڻ لاءِ چيو. هو اندر ويو ته ڪومل کيس ڊرائنگ روم جي ڀر واري ڪمري ۾ ويهاريو ۽ چيو:

”ڪجهه ٻارن کي شام جو ٽيوشن پڙهائيندي آهيان. ڪجهه دير ويهه ته ٻارن کي فارغ ڪريان پوءِ حال احوال ڪريون ٿا…“ ڪومل کيس چيو.

”ڇو گهر ۾ ٻيو ڪوئي ناهي ڇا؟“ نويد پڇيو.

”نه، سڀ آنٽيءَ جي گهر ويا آهن…“ ڪومل جواب ڏنو.

”معنيٰ ته مان سٺي ٽائيم تي آيو آهيان…“ نويد کان رهيو نه ٿيو ۽ ڪومل کي ڇڪي پنهنجي گلي سان لڳايائين. ڪومل به  بغير ڪنهن احساس ۽ جذبي جي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو…هن کيس ڪـِس ڪئي ته هن کي ڪومل جا چپ بيجان محسوس ٿيا. نه چاهيندي به هن جي هٿ ڪومل جي جسم کي تڪڙ ۾ ائين تپاسي ورتو جيئن ناول ”مڊ نائيٽس چلڊرين“ ۾ لکيل آهي ته پرديدار ڪشميرين جي جڏهن ڪا دوشيزه بيمار ٿيندي هئي ته ڊاڪٽر گهر اچي اُنهيءَ ڇوڪريءَ جي مٿان وڌل هڪ چادر جي سوراخ مان هٿ اندر وجهي بيماريءَ جي نبض جاچيندا هئا يا جسم جو اُهو حصو هٿ لائي بيماريءَ جو اندازو لڳائيندا هئا، جنهن حصي ۾ ڪا بيماري يا تڪليف هوندي هئي.

ڪومل هن کا هٽي پري ٿي بيٺي ۽ هن کي چيائين…”مان ٿوري دير ۾ اچان ٿي…بس ٻارن کي فارغ ڪريان…“

نويد ويهي رهيو ۽ ڊرائنگ روم طرف کُلندڙ دريءَ مان ڪومل کي ڏسندو رهيو، جيڪا ٻارن کي پڙهائي رهي هئي. هن ڏٺو ته هڪ ننڍڙي ٻار باٿ روم ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڪيو. ڪومل به هن سان گڏ ويئي. نويد محسوس ڪيو ته ٻار جي عمر ايتري ننڍڙي هئي جو هو باٿ روم ۾ اڪيلو نه پئي وڃي سگهيو. انهيءَ عمر جي ٻار سان پنهنجي ماءُ ويندي آهي، هتي اُن ٻار جي ماءُ ڪانه هئي، تنهنڪري ڪومل ماءُ جون ذميواريون نڀائڻ لاءِ ٻار سان گڏ وئي هئي. ڪومل موٽي آئي ۽ ٻار سان گڏ اچي پنهنجي رئي سان هٿ اُگهندي ٻارن سان گڏ ويهي وري اُنهن کي پڙهائڻ ۾ لڳي وئي. نويد ڪومل کي ڏسندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو. نيٺ هن هڪ فيصلو ڪري ڪمري ۾ رکيل هڪ ڪاپيءَ مان پنو ڦاڙي نوٽ لکيو: ”ڪنهن دور ۾ تو مون کي ڌڪاريو هو…اڄ مان توکي ٺڪرايان ٿو…“ لکڻ بعد هن نوٽ پڙهيو ۽ هڪدم اُن کي ڦاڙي ڇڏيو. هن ڪومل ڏانهن ڏٺو، جيڪا اڃا ٻارن کي پڙهائڻ ۾ مشغول هئي. نويد ڏٺو ته ڪمري جو هڪ در ٻاهر گهٽيءَ ۾ کُلي ٿو. هو چپ چاپ انهيءَ در کي کولي ٻاهر نڪري ويو. انهيءَ ارادي سان ته هو وري ڪڏهن ڪومل جي زندگيءَ ۾ نه ايندو.


 

ڪي ڏُور به اوڏا سپرين

طارق عالم

”جاٿي پهچين ٿي، مصروفيت ڳولي ٿي وٺين.“                              

”اڇا!“

”بلڪل.“

”سو ڪيئن؟“

”اهو چوڪيدار تنهنجي گهر وٽ بيهي ڪيڏيون زبردست سيٽيون وڄائڻ لڳندو آهي!“

”هو ته پنهنجي چوڪي ڏيندو رهندو آهي.“

”منهنجي گهر وٽان به لنگهندو آهي.“

”ايتري سست رفتاريءَ سان جو سندس سيٽين جو ورد ختم ئي نٿو ٿئي.“

”هاڻي ته هو هليو ويو آهي.“

”وري واپس اچڻ لاءِ؟“

”مان اوهان کي اهڙي مار ڏينديس…“

هو جواب ۾ ڪو جملو اُڇلڻ بجاءِ کل روڪڻ لڳي ٿو ۽ ڪجهه دير ماٺ ۾ پسار ڪري چوي ٿو:

”هڪ چوڪيدار خاطر؟“

”منهنجا چوڪيدار، موچي ۽ محبوب ته فقط اوهان آهيون.“

”مان تنهنجو محبوب ڪٿي آهيان!“

”اوهان آهيو ۽ چُپ.“

”تو ته پنهنجي پراڻي عشق جي تجديد لاءِ منهنجي دل جي ڪشڪول ۾ عشق جي زڪوات وڌي آهي.“

”منهنجي هر عشق جو روپ اوهان آهيو.“

”تون مون سان ڪيترو عشق ڪرين ٿي؟“

”نائنٽي نائين پوائنٽ نائين پرسينٽ.“

”۽ پوائنٽ ون پرسينٽ؟“

”پوائنٽ ون پرسينٽ جو حق، شڪ جي بنياد تي پاڻ وٽ محفوظ ٿي رکان.“

”عشق ۾ شڪ جي گنجائش ناهي هوندي.“

”پوائنٽ ون پرسينٽ جي آهي.“

”ڇا لاءِ…“

”ان لاءِ جو اوهان جي دل هميشه اوهان جي هٿ تي ڌڙڪندي رهندي آهي.“

”مان ته سمورو دِل آهيان.“

”هاڻي پنهنجيءَ دِل کي پنهنجي وس ۾ رکو.“

”نه ته…؟“

”نه ته مان اوهان کي گولي هڻي ڇڏينديس.“

”اڄ عيني مون کي سپرمارڪيٽ ۾ ايسڪيليٽيرز تي لهندي نظر آئي، ٺيڪ انهيءَ وقت جڏهن مان مٿي وڃي رهيو هوس.“

”پوءِ؟“

”هڪٻئي کي ڪراس ڪندي وِش ڪيوسين.“

”ڇڙو وِش!“

”تون شڪي مزاج هئينءَ، يا…“

”زال ٿيڻ کان پوءِ هر محبوبا شڪي مزاج ٿي ويندي آهي، ۽ شڪ جون دريون به ته اوهان ٿا کوليو.“

”دريون…؟ تنهنجي پوائنٽ ون پرسينٽ شڪ پٺيان گهڻيون دريون لڪل هونديون؟“

”جيتري بجليءَ جي هڪ پول پٺيان لڪل اڻ کٽ پولن جي قطار.“

”يعني تنهنجي نائنٽي نائين پوائنٽ نائين پرسينٽ عشق تي تنهنجو پوائنٽ ون پرسينٽ شڪ غالب آهي؟“

”عينيءَ سان ڇا ڳالهه ٻولهه ٿي؟“

”هن سان منهنجي ڪهڙي گفتگو ٿي سگهي ٿي!“

”ڇو-هوءَ عورت ناهي ڇا؟“

”هوءَ ته برابر عورت آهي، پر مان مرد ناهيان.“

”مون کي خبر آهي اوهان ڪيترا نامرد آهيو.“

”ڪيترو؟“

”بيڊ روم جون ڳالهيون بيڊ روم تائين رهڻ ڏيو ۽ صحيح ٻڌايو.“

”اڙي بابا هوءَ ’لزبين‘ آهي. انڪري پاڻ مڙس ماڻهو آهي.“

”خدا جو خوف ڪريو، ڇو ٿا ڪنهن شريف ڇوڪريءَ تي الزام هڻو.“

”لزبين ٿيڻ منهنجي ڄاڻ موجب ڪو ’هارمونل‘ مسئلو آهي‘“

”پوءِ ته اوهان چوندءُ ’هومو‘ ٿيڻ به صحيح آهي؟“

”صحيح غلط جي فتويٰ ڪٿي ٿو ڏيان! مان ته هڪ رويي جي پسمنظر ڏانهن اشارو ڪيو هو، جيئن ’وومنائيزر‘ ٿيڻ ڪنهن مرد جي ڪا احساس محرومي.“

”ٺيڪ، پر سماج جا پنهنجا اخلاقي قدر به ٿيندا آهن.“

”فقط تو مون جهڙن لاءِ.“

”منهنجي خيال ۾ اخلاقي قدر ته سڀني تي هڪجهڙا لاڳو ٿين ٿا.“

”ظاهري طرح.“

”ظاهري طرح مان ڇا مراد آهي؟“

”هڪڙن اخلاقي قدرن سان معاشرتي طور اسان واڳيل آهيون. ۽ هڪڙا اخلاقي قدر ماڻهو پنهنجي لاءِ پاڻ جوڙي ٿو جنهن جن نتيجن جو ذميوار به هو پاڻ ئي آهي.“

”پر اهو عمل ٽئين فرد کي ترغيب ته ڏئي سگهي ٿو.“

”سو ته ان ٽئين فرد جي مرضيءَ تي آهي ته هو پنهنجي لاءِ ڪهڙي عمل کي بهتر سمجهي ٿو.“

”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته منهنجي پرپٺ الائي ڇا پيا ڪندا وتو…!“

”اهوئي جيڪو تنهنجي نه هوندي ڪندو رهندو آهيان.“

”مطلب؟“

”آفيس، گهر، منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ گهري ننڊ، شام جي چانهه، سج لٿي کان پوءِ اڱڻ ۾ ليٽي هوائون جهٽڻ، ستارن کي هڪ هڪ ٿي کڙندي ڏسڻ، رات جي ماني کائي پسار ڪرڻ، ليٽ نائيٽ ڪرنٽ افيئرز جا پروگرام ڏسڻ، نه چاهيندي به خبرون ڏسي رت جا ڳوڙها ڳاڙهڻ ۽ پاڻ کي پرچائڻ لاءِ ٻاهر اچي دير تائين نم جا پن ڳڻڻ.“

”ڇڏيو اهي ڳالهيون، مون کي ڀاڪي پايو.“

(…هُوچپ…)

”چڱو ڀلا اهو ٻڌايو ته هن وقت تائين گهڻا پن ڳڻي چڪا آهيو؟“

”اوترا جيترا تو ڄمڻ کان وٺي هن وقت تائين ساهه کنيا آهن.“

”صحيح ٻڌايو.“

”ان کان به وڌيڪ بهتر جواب ٻڌڻ چاهين ٿي.“

”هون.“

”ڪنهن سامايل ڇوڪريءَ جي انگوريل چپن ۾ لڪل اڻکٽ چُمين جيترا.“

”انگن ۾ ٻڌايو.“

”مان لفظن سان محبت ڪندڙ آهيان، هر شيءِ کي لفظن سان ڪئلڪيوليٽ ڪندو آهيان.“

”لکو ڇو نٿا؟“

”ڪنهن لاءِ.“

”ڪنهن ۾.“

”رسالن ۾.“

”انهن رسالن ۾ لکڻ کان بهتر آهي، ڪهاڻي لکي ٻارن جي حوالي ڪري ڇڏجي ته ٻيڙيون ٺاهي هڪٻئي کي پار اُڪارين.“

”هن  وقت ڇا پيا ڪريو؟“

”تو سان پيو ڳالهايان.“

”ان کان سواءِ.“

”آئيني اڳيان پاڻ کي ڳوليان پيو.“

”ڇڏيو آئيني کي اڱڻ ۾ نڪرو.“

”ڇو!“

”اوهان جو روپ مان چورائي ڇڏيو آهي.“

”تون ڇا پئي ڪرين.“

”ٽنٽينڊ دريءَ جي ٻئي پار تارا پئي ڏسان، اوهان به اڱڻ ۾ اچي ڏسو نه؟“

”ڏسان پيو.“

”ڪهڙو تازو وڌيڪ وڻيوَ ٿو؟“

”جيڪو رنگ مٽائي رهيو آهي.“

”منهنجي خيال ۾ اهو تارو ناهي.“

”ته ڇا هي؟“

”سيٽلائيٽ آهي، تارا ايترا هيٺ نه هوندا آهن.“

”هي به پري ئي آهي.“

”تارا اصل ۾ ڇا آهن! خبر اٿوَ؟“

”خبر رکڻ نٿو چاهيان.“

”ڇو“

”تارن کي تارن جي صورت ۾ ئي ڏسڻ چاهيان ٿو.“

”اها ته خود فريبي آهي.“

”خود فريبي ڪيترين پريشانين جو علاج به آهي ته ڪائنات جي حسناڪيءَ کي جيئن جو تيئن ڏسڻ جي معصوميت به.“

”مان اوهان کي ڪائنات ۾ موجود شين جي حقيقت کان روشناس ڪرائڻ چاهيان ٿي.“

”ايترو جيترو توکي علم آهي؟“

”ٺيڪ آهي، اوتروئي.“

”۽ ان کان اڳتي؟“

”ان کان اڳتي جي خبر ڪائنات جي خلقيندڙ کي آهي في الحال.“

”اها في الحال، انسان جي سموري گذري ويل، گذرندڙ ۽ ايندڙ زندگيءَ ۾ خدا طرفان ڏنل هڪ مشڪل ايڪوئيشن جيئن هميشه رهڻي آهي مادام.“

”سائنس جي اسٽوڊنٽ هئڻ ناتي منهنجو مڊهب ۾ يقين جيئن پوءِ تيئن پختو ٿيندو رهيو آهي، اسان جي مذهب ۾ ڪائنات جي جن رازن ڏانهن واضح اشارا ٿيل آهن، سائنس انهن کي هڪ هڪ ڪري ثابت ڪندي رهي آهي، مان اڪثر چوندي آهيان، سائنس مذهب جي آڏو ٻار آهي.“

”ته تون ستارن کي ڄاڻ جي اوزارن سان ڊائيسيڪٽ ڪري منهنجي آئيڊيلزم کي هيسائڻ ٿي چاهين؟“

”منهنجو هرگز اهو مقصد نه هو…اوهان ته هروڀرو.“

”تون مون سان ڪائنات جي حسن تي ڳالهائيندي ڪر.“

”ڪوشش ڪندي آهيان، پر ساڳئي وقت سائنس به منهنجو دامن جهليو پئي اچي!“

”تارن جي اصليت ڇا آهي؟“

”زمين کي سڀ کان ويجهو تارو سورج آهي.“

”اُف!“

”۽ چنڊ زمين جو حصو آهي.“

”پوئين ڳالهه خوبصورت آهي.“

”اوهان جي آئيڊلزم وانگر؟“

(…هُو چُپ…)

”اوهان  مون کي ڪيترو مـِس ڪريو ٿا؟“

”مسز  ٿي وڃڻ کان پوءِ هُوءَ ’مس‘ ٿيڻ جو سونهري موقعو هميشہ لاءِ وڃائي چڪي هوندي آهي.“

”اوهان ڏاڍا ظالم آهيو.“

”بي اعتباد ماڻهو ائين ئي هوندا آهن.“

”بي اعتباريءَ جي ڳالهه ڪٿي ڪئي هيم! مان ته چيو هو:

اوهان سان نائنٽي نائين پوائنٽ پرسينٽ عشق ڪريان ٿي.“

”تنهنجو پوائنٽ ون پرسينٽ شڪ، محبت جي شفاف پهراڻ تي ڄمونءَ جي داغ وانگر اڻمٽ ٿي پيو آهي.“

”پوءِ به هڪ پرسينٽ شڪ جو حق پاڻ وٽ محفوظ رکان ٿي.“

”اهو ڄاڻندي به ته محبت اهو تعويذ آهي جنهن جي پيئڻ سان شڪ جون ڪاريون ٻليون دفع ٿي وينديون آهن!“

”اوهان ناقابل اعتماد هوندي به قابل اعتماد آهيو.“

”۽ تون قابل اعتماد هوندي به  ناقابل اعتبار.“

”اڇا؟ مون اڄ تائين اوهان جي ڪهڙي اعتبار کي ٽوڙيو آهي!؟“

”شاديءَ کان اڳ منهنجي ڇهڻ واري اعتباد کي.“

”محبت ۽ سيڪس ٻه مختلف ڏسائون آهن.“

”پر اُنهن ٻنهي ڏسائن کي ڪٿي نه ڪٿي اچي ملڻو هوندو آهي.“

”بس ته ملي وياسين.“

”ملي وياسين، يا وڇڙي وياسين.“

”اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪندا آهيو، زبان مان هميشه چڱا لفظ ڪڍندا ڪريو.“

”مان ته هاڻ به توکي تنهنجي مرضيءَ کان سواءِ ڇهڻ نه چاهيندو آهيان.“

”اُن ۾ ڪهڙي فلاسافي سمايل آهي؟“

”مون وٽ ٻن فردن جي وچ ۾ سندن راضپي سان ٿيندڙ عمل وڌيڪ قابل احترام آهي، نڪاح نامي ۾ مليل عورت سان ٿيندڙ زنا جي ڀيٽ ۾.“

”اڄ وري پيتو  اٿو ڇا؟“

”پيئڻ لاءِ جگر کپي.“

”پوءِ ڇا ٿيو آهي آخر؟“

”وري هو منهنجو رقيب چوڪيدار تنهنجي گهر آڏو سيٽيون وڄائڻ لڳو آهي.“

”ها، اوهان کي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ڇا؟“

”تنهنجي گهر وٽ پهچي هن جي سيٽي جي گونجار ۾ تيزي ڪجهه  وڌيڪ نٿي اچي وڃي؟“

”خبر ناهي، اوهان کي ائين محسوس ٿيندو هوندو.“

”مون کي ته هن جي سيٽيءَ جي هر گونجار ۾ تنهنجو نالو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، صبا-صبا-صبا.“

جڏهن کان هتي آئي آهيان، اوهان ان چوڪيدار کي منهنجي پٺيان لڳائي ڇڏيو آهي.“

”جوان آهي يا.“

”مون کي ڪهڙي خبر.“

”جنهن ڀرپور انداز ۾ وڄائي ٿو، اهڙي سيٽي ته ڪو مضبوط ڦڦڙن وارو جوان ئي وڄائي سگهي ٿو.“

”ڌوڙ وجهو هن تي ته هنجي سيٽيءَ تي به!“

”تو هن کي ڏٺو ته هوندو؟“

”مان ڪا درين مان جهاتيون پائيندي ٿي رهان، يا هن اويلي ٽائيم تي ٽيرس ۾ ٽيلار ڪندي ٿي وتان واندن وانگر.“

”ٿي سگهي ٿو ته هن توکي ڏسي وتو هجي؟“

”جڏهن کان لاهور آئي آهيان، اوهان مسلسل مون کي تپائيندا رهيا آهيو.“

”هڪ وار ان چوڪيدار کي ڏسي ته وٺ.“

”ڇو ڏسان!“

”ڏسڻ ۾ ڇاهي؟“

”نٿي ڏسان.“

”جيڪڏهن نه ڏسنديئنس ته مان هميشه هميشه لاءِ ڪنهن درگاهه تي وڃي ويهي رهندس.“

”ماٺ ڪري گهر ۾ ويهي الله الله ڪريو، مسجدن ۽ امام بارگاهن کان پوءِ مزار به محفوظ ناهن رهيا، سمجهوَ؟“

”هڪڙي ڳالهه مڃيندينءَ؟“

”جي مڃڻ جهڙي هوندي ته.“

”نه فقط مڃڻ جهڙي آهي، پر تنهنجي وس ۾ به آهي.“

”چئو.“

”توکي قسم آهي شاديءَ کان پوءِ مون سان گذاريل پنجيتاليهه راتين جو…هڪوار اُن ڇوڪيدار کي وڃي ٽيرس مان ڏسي ٻڌاءِ ته هو توکي ڪيئن ٿو لڳي.“

”مون کي تَتـِي آهي نه جو رات جي بيگاهه پهر ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ روم ڇڏي لائونج لتاڙي ٽيرس تي پهچي وڃان! اُهو به هڪ چوڪيدار کي ڏسڻ لاءِ!“

”پليز، پليز…توکي منهنجو قسم.“

”اڇا بس، هاڻ وڌيڪ ڪجهه به نه…!؟“ چوندي هوءَ موبائيل ڪن تان هٽائي، ڪمري مان نڪري ٿي، لائونج لتاڙي ٽيرس ۾ اچي ڏسي ٿي ته سنسان ڳليءَ ۾ اسٽريٽ لئمپ کي ٽيڪ ڏنل شخص کي نظر پئيس ٿي، ۽ هوءَ غير يقينيءَ مان موبائيل ڪن تي رکندي سوچي ٿي.

”ڇا-واقعي…“ هن کي اکين تي يقين نٿو اچي.

هو اِسٽريٽ لئمپ تان ٽيڪ هٽائي مهذب انداز ۾ هڪ هٿ سيني تي ٻيو چيلهه پٺيان رکي ساڄي پير اڳيان کاٻو پير ڌري ٿورو اڳتي جهڪي سلام ڪري ٿو ۽ پوءِ چيلهه پٺيان لڪايل هٿ ڪن ڀرسان رکي موبائيل ۾ چئي ٿو:

”مان-تنهنجي موچيءَ جو موچي، تنهنجي عاشقن جو عاشق، تنهنجي چوڪيدار جو چوڪيدار…!“

۽ موبايل بند ڪري شرٽ جي کيسي ۾ رکيل سيٽي ڪڍي چپن ۾ رکي زور زور سان وڄائڻ لڳي ٿو، ته هوءَ آڌيءَ ويل آن ٿيل موبائيل ٽيرس تي وساري ذري گهٽ ڊوڙندي گهر جون ڏاڪڻيون لهڻ لڳي ٿي…

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com