سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :25

نياز همايوني

 

نِما شام جو سِجُ!

 

        تنوير عباسي اسان سڀني جو دل گهريو دوست هو. قد ڪاٺ ۾ هلڪي هئڻ سبب هر ڪنهن هن کي ’ننڍو ڀاءُ‘ ڪري ٿي سمجهيو، ليڪن ادبي رتبي جي لحاظ کان هو قداور شخصيت جو مالڪ هو.

        اوائل ۾ منهنجي ساڻس ڪا خاص ڏيٺ ويٺ ڪانه هئي، پر هڪ لڱا هيءُ يار منهنجي پرپُٺ شڪارپور ۾ بشير مورياڻيءَ وٽ ويو، ته هن کيس منهنجي باري ۾ ايترو ڪجهه ٻڌايو، جو پاڻ جڏهن حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ اچي داخلا ورتائين ته امالڪ گرامي صاحب جي روبرو ڪراچي هوٽل ۾ هن سان ملاقات ٿي ويئي، جنهن کان پوءِ اسان جي گهرائي وڌندي ويئي. اسان جي سنگت اڳتي هلي ”چوياري“ جو روپ ورتو، جنهن ۾ رباني صاحب، رشيد ڀٽي،. مان ۽ تنوير شامل هئاسين. اسان پير صاحب حسام الدين راشديءَ چواڻي، ”عجيب مخلوق“ ليکيا ٿي وياسين. اسان جا چرچا ۽ ٽوٽڪا، جن تي رشيد ڀٽي جا ”ٻِٽا ٽهڪ“ رنگ لائيندا ٿي رهيا، اوسي پاسي مشهور ٿيندا ويا.

تنوير ڊاڪٽري پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ۾ پرئڪٽس ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي خيرپور ميرس جا وڃي وڻ وسايائين، جنهن ۾ هر ڪنهن جي راءِ موجب اتي هن جي وڌيڪ ضرورت هئي. اسان ڪنهن نه ڪنهن سانگي اتي پهچي ساڻس ملندا هئاسين، يا پاڻ ڪڏهن حيدرآباد اچي اسان کي منهن ڏيکاريندو هو. اهي ويڇا واندڪائي گهٽجڻ ڪري هوريان ڏاڍيان وَيا وڌندا، تڏهن به ائين پئي ڀانيوسين ته هڪ ٻئي کان پري نه آهيون. شاهه سائين چواڻي: ”ڪي ڏُور به اوڏا سپرين.“

ادب جي ميدان ۾ اسان جيڪا راهه رمي چڪا هئاسين، ان جي منزل هڪ ئي هئي. انهيءَ مهاڳ تائين پهچڻ لاءِ اسان جيڪي ڪشالا ڪيا ۽ جيترا سور سٺا تن ۾ برابر جا شريڪ ۽ شامل رهندا آياسين. ان ۾ گهرائي به ٿيندي رهي ته گهاري به پوندي ويئي، تنهن هوندي به نراسائي نه ٿي. اوچتو اسان جو يار رشيد ڀٽي اسان کان وڇڙي ويو، جنهن جي غم اسان کي جهوري ڇڏيو. ان کان پوءِ هڪٻئي جو خير گهرندي، اچانڪ تنوير موڪلاڻي ڪئي. اهي ٻيئي وڇوڙا ڏاڍا ڏکيا لڳا، پر ماٺ کان سواءِ ڪو چارو نه هو.

اسان ڪڏهن ته چٺين چپاٽين وسيلي هڪ ٻئي جي سار سنڀال لهندا پئي آياسين، پر پوءِ ان جي به ضرورت ڪانه رهي، ڇو ته اخبارن مان هڪٻئي جا حال احوال پڙهي دلجاءِ ٿي ويندي هئي ته هرڪو پنهنجي ڪم سان لڳو پيو آهي.

تنوير جي حياتيءَ ۾ هڪ نوجوان خير سان مون وٽ ڪهي آيو ۽ سندس لاءِ تاثرات لکڻ بابت چيائين. مون کي اها خبر پئجي چڪي هئي ته پاڻ پنهنجي پياري پٽ سرمد جي ولايت مان واپس اچڻ ۽ اسلام آباد ۾ ملازمت ملڻ ڪري خيرپور کي الوداع چئي اوڏانهن وڃڻ وارو آهي، سو تاثرات جي شروعات ڪندي هي شعر لکيم:

نما شام جاسج لهڻ جي نه ڪر،
تون ڏاڍو وڻين ٿو وڃڻ جي نه ڪر.
اِجها لڙڪ جي ماڪَ آئي ڳلن تي،
تون اس وانگر جُهڙ ۾ لڪڻ جي نه ڪر.

 

        منهنجو خيال هو ته تنوير کي هيترا سال ادبي خدمتون ۽ محنتون ڪندي وڏي کوٽ جي پورائي کان پوءِ خيرپور ڇڏي ٻئي هنڌ وڃڻ نه کپي، پر اها ڳالهه سندس وس ۾ ڪانه هئي. آخرڪار هتان ويو ته ماڳهين دنيا مان به ويندو رهيو! هاڻ ته سندس ڳالهيون رهجي ويون آهن، جيڪي وسارڻ سان به نٿيون وسرن. هو پاڻ ته ڏاڍو مٺو ماڻهو هو، پر سندس پويان به ماکيءَ ۽ مصريءَ کان گهٽ ڪين آهن. اسان جي ڀاڀي قمر هجي، ارشاد نبي هجي، پارس، مارئي توڙي سرمد هجي _ سڀ تنوير وانگر سيبائتا آهن.

        هڪ دفعي ڊاڪٽر نواز علي شوق سان گڏ ميلي جي موقعي تي سچل ادبي ڪانفرنس ۾ خيرپور ۾ وڃڻ ٿيو، جنهن جو انتظام خود تنوير جي حوالي هو. ٻئي ڏينهن ساڻس ملڻ لاءِ سرمد جي گهر وياسين ته ڀاڀي قمر ورهين کان پوءِ اسان جي اها خاطر تواضع ڪئي، جيڪا اڳ ڪندي ٿي رهي. کيس اولاد کان پري اڪيلائيءَ ۾ ڏسي، اسان کي ٿوري گهڻي ڪمي محسوس ٿي، جا فطري هئي ته جيجل ماءُ کي اولاد جي جهوري آهي. سال ڏيڍ کان پوءِ منهنجو اسلام آباد وڃڻ جو پروگرام ٿيو. اتي تنوير جي وڏي نياڻي پارس جي دعوت تي سندس گهر ويس ته اها مون کي بلڪل ڀاڀي قمر جر روپ ۾ نظر آئي. ساڳيو مان، ساڳي عزت، ساڳي مهرباني ڏسي، دل مان دعائون نڪرڻ لڳيون. اها ڳالهه جڏهن واپس اچڻ تي تنوير سان ڪيم ته ڏاڍو سرهو ٿيو. مون دل ۾ چيو، ”بيشڪ، خدا اولاد ڏئي ته اهڙي ڏئي، جيڪا پيءُ ماءُ وانگي لاکيڻي هجي.“

تنوير ديس ڇڏي پرديس ويو، اتي لاڏاڻو ڪيائين. اسان ڏاڍا اٻاڻڪا ٿياسين. دل ۾ اها ئي حسرت رهي ته _ الا، اسان پنهنجي پياري دوست جي مُنهن ڏسڻ کان به وياسين _! پڇاڙي اندر مان اِها آهه نڪتي ته:

زندگي ۾ جو کٽڻهارن جئان کِڙندو رهيو،

هــاءِ سـو تنوير عباســي هتان ويندو رهــيو!

تنوير جي وئي کان پوءِ ڏاڍو وڏو خال پيو سُجهي، جيڪو شايد ڀرجي سگهي_!

تنوير جي ادبي خدمتن کان سواءِ هي مضمون اڌورو رهجي ويندو. ان تي به ڪجهه لکجي ها، پر طبيعت ناساز هئڻ ڪري هٿ نه پيا هلن، ان ڪري سندس ڪتاب ”رڳون ٿيون رباب“ (ٻيو ڇاپو) تي هن کان اڳ لکيل هڪ مضمون هتي ڏيئي اها ڪمي پوري ڪجي ٿي_:

تنوير جي شاعري:

افادي شاعريءَ جي واکاڻ اها آهي ته هن ۾ سچ ۽ سونهن جا اُهي اهڃاڻ انڊلٺ جي ريکائن جئان اجاگر ٿيل هجن، جن جو انسان جي نجي توڙي سماجي زندگيءَ سان گهرو لاڳاپو رهي ٿو. شاعر نجي طرح جيڪي مشاهدا ڪري ٿو، تن جو اظهار تڏهن ئي وزنائٿو ٿي سگهندو، جڏهن کيس سماجي حالتون به ڌيان ۾ رکڻيون پونديون. اهڙي شاعر کي جتي به ڪا چڱائي نظر اچي ٿي ته ان کي سچ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي ساراهي ٿو ۽ جڏهن به ڪا اوڻائي ڏسي ٿو ته ان کي نفرت مان نندڻ لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح هي زندگيءَ جي بهترين قدرن کي برقرار رکڻ جو خواهشمند رهي ٿو.

مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ تنوير جي شاعري توجهه سان پڙهي ۽ سندس زباني پڻ ڪيئي ڀيرا کانئس ٻڌي چڪو آهيان. مون کي سندس شاعريءَ ۾ اهي سڀيئي خوبيون نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ شانائتي شاعريءَ ۾ جهلڪنديون آهن. ساڳئي وقت دوستيءَ جي ناتي هئڻ ڪري تنوير جي شخصيت به منهنجي لاءِ ان ڪتاب جئان آهي، جنهن کي ڪيئي دفعا چاهه سان پڙهيو ويو هجي. مان هن يار جي خوشين ڀري زندگي کي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هي شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي، سو ڪيئن ٿو ٻئي جي محرومين جو احساس ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي، جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي؟ پر ستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀڪجهه ان ڏات جو ڦل آهي، جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي، جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي خوشي تصور ڪئي ويندي آهي.

هي مجموعو تنوير جي ابتدائي شاعريءَ تائين محدود آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين تجرباتي شاعري چئي سگهجي ٿو. هن ۾ جيتوڻيڪ گهٽ وڌايون موجود آهن، تنهن هوندي به هيءَ شاعري نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي، ان لاءِ جو منجهس سچائيءَ جي ساک نروار نظر اچي ٿي. اها سچائي جنهن جو اظهار زندگيءَ جي سونهن سنوارڻ لاءِ ضروري آهي. انهيءَ سچائيءَ ۾ هلڪي طنز کان وٺي ڀرپور وار جو تاثر به ملي ٿو ته اميد ۽ مايوسيءَ جون اونداهيون ۽ روشنيون پڻ ذهن ۾ تري اچن ٿيون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تنوير جيڪي تجربا ڪيا آهن، سي سندس مشاهدن تي مدار رکن ٿا ۽ انهن جي اظهار جون ڪڙيون وڃي سماجي سلسلي ۾ ڳنڍجن ٿيون. مثال طور:

 

اي دوست، زندگيءَ کي نه ايڏو قريب وڃ،
ڪٿ زندگي ئي توکان گريزان نه ٿي وڃي.
__

جئن ڪرڻن جي تيرن جي وسڪاري ۾ مرڪن ٿا گل،
موت جي منهن ۾ تئن اسان ڀي کلندا کلندا هلنداسين.
__

تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي جو،
ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو.
__

پياسين منجهي ڪاڪ ۾ ايترو اڄ،
جو مومل کي دل تان وساري ڇڏيوسين.
_

بدلائي ڇڏيندي هيءَ دنيا او پرين توکي،
جي تو ڪري همت هن دنيا کي نه بدلايو.
_

هي بهار آهي يا ارمانن جو آهي قتل عام،
خون جي بو آ مليل گلڙن سندي سرهاڻ ۾.
_

جــنهـــن نـــــه لـــڪــن ۾ لــــــــوڏا کــــاڌا،
تــنهن بـــــه پــــنهـل ســــان پيچ نـــه پــاتــو.
_

جن هٿن ٽڪرايا ساغر ساڻ ساغر عمر ڀر،
ڪيئن اهي تلوار سان تلوار ٽڪرائي سگهن.
_

اوهان ٿا ڪُهو جن کي ابتي ڇريءَ سان،
اُهي ڪجهه ته لڇندا اُهي ڪجهه ته ڪڇندا.
__

آزادي يا موت ٻنهي مان هڪڙو ماڳ اسان جو آهه،
جنهن به ڏنو آواز انهيءَ ڏي کلندا ڪڏندا هلنداسين.
__

دوست اچ اڄ ته وٺون سمجهي مزاج عالم،
يار جي زلف پريشان کي ڏسي وٺنداسين.
__

روز تارن تان ترڪندي ٿي رهي،
هــــي نظم چنــڊ لاءِ آهه چـــري.
 

هي تنوير جي مختلف غزلن جا چونڊ شعر هئا، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شاعري مختلف مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي ڪيتري قدر ڪاميابيءَ جا مرحلا طي ڪندي رهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com