سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :16

ون يونٽ وارو دؤر:

ون يونٽ جي خلاف مهم هلائڻ مذاق ڪانه هئي. پر، انهيءَ مهم ۾ توڙي اُن کان ڪجهه سال پهرين سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ واريءَ تحريڪ ۾، تنوير جو رول صحيح معنيٰ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي.

جويو صاحب ته خير اسان جو مير ڪاروان هو، پر شيخ اياز، تنوير، رشيد ڀٽيءَ ۽ منهنجون دليون گڏ ڌڙڪنديون هيون. هونءَ ٻيون به ڪيتريون ئي متبرڪ شخصيتون  ۽ معتبر ساٿي هئا، جن انهيءَ جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. انهن ۾ سرفهرست پير سائين حسام الدين شاهه راشدي ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا نالا آهن. ان کان پوءِ عبدالڪريم گدائيءَ، ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، مقبول ڀٽيءَ، مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ، غلام محمد گراميءَ شيخ علي محمد، عبدالله چنا، بيگم چنا، حفيظ قريشيءَ، رسول بخش پليجي، زرينه بلوچ، حميد سنڌيءَ، ناصر مورائيءَ، خواجه سليم، اشفاق قاضيءَ، جمال رند، نياز همايونيءَ، امداد حسينيءَ، شمشير الحيدريءَ، نفيس احمد ناشاد، فتاح ملڪ، سرويچ سجاوليءَ، ابراهيم منشيءَ پٿر سنڌيءَ، بردي سنڌيءَ، تاج صحرائيءَ، نورالدين سرڪيءَ، تاج بلوچ، نعيم دريشاڻيءَ ۽ پرواني ڀٽيءَ جا نالا هن وقت ياد اچن ٿا.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن ۾ محمد عمر ميمڻ، ڊاڪٽر الانا، محمد حسن ڀٽو ۽ شاگرد اڳواڻن ۾ يوسف لغاريءَ، محمد يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادي، مسعود نورانيءَ ڄام ساقيءَ، لالا قادر، ڪامل راڄپر، اعجاز قريشيءَ ۽ اقبال ترين جا نالا سونهري اکرن ۾ لکڻ جي لائق آهن.

دراصل، اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ ڪارڪنن جا نالا ايترا ته گهڻا آهن، جو تفصيل سان لکبا، ته انهن جو خود ڪتاب ٺهي ويندو. سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا مان هِت ڄاڻي ٻجهي ڪونه ٿو کڻا، جو اها الڳ دنيا آهي.

ون يونٽ جو دور گذري ويو. سنڌي اديبن، دانشورن تعليمدانن ۽ شاگردن کي ٻنهي محاذن تي ڪاميابي ٿي. سنڌ جي جديد تاريخ جو اهو هڪ عجب داستان آهي. تازو، تنوير مون وٽ مهمان هو. ان دؤر جون ڳالهيون نڪتيون ته چيائين ته، ”تون اِهو سڄو داستانُ لِک“ پر هِن هُن ڪم ڪري، مون کان لکيو ڪونه ٿيو. هڪ ته اهو سبب هو. ٻيو سبب اهو به هو ته تنوير وانگر مون به ائين محسوس ڪيو ته سنڌ جي تاريخ ’ابتو پاسو‘ ورائي چڪي آهي. گهڻائي ٻَگهه پکي نقلي پَرَ پائي، هَنجَ بنجي ويا آهن. سو، وقت جو انتظار ڪجي. ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هوندو:

اَڇــو پاڻي لُڙ ٿيو، ڪالوريو ڪنـگن،

ايندي لڄ مرن، تنهن سَر مٿي هنجڙا.

 

سنڌ جو سير سفر:

        ون يونٽ واري ئي زماني ۾ خبر ناهي ته ڪنهن چيو، ته اسان رات ڏينهن ’سِنڌُ‘ ’سِنڌُ‘ پيا ڪيون، پير سنڌ گُهمي ڏسون ته سَهي. ائين سنڌ گهمڻ جو پروگرام ٺهيو.

        سول ڪورٽن کي اونهاري ۾ وئڪيشن ملندي هئي. اياز ۽ ڀٽي وڪالت ڪندا هئا، سي وئڪيشن ۾ سکر مان ايندا هئا. تنوير خيرپور مان. حيدرآباد مان جويو صاحب ۽ مان. جمال ابڙو جتي به هوندو هو، اتي اسان سان ڄڻ ته گڏ هوندو هو. اسان ڄڻ ته هڪ ڪٽنب جا ڀاتي هوندا هئاسون.

        هڪ نئون ساٿي به پاڻمرادو اچي اسان سان شريڪ ٿيو: ارباب نور محمد پليجو. اسان کي جاتيءَ جي پاسي گهمائڻ وٺي ويو. رستي تي مومل جي پيءُ، راجا نَند جي ’نند ڪوٽ‘ جا آثار ڏٺاسين. واپسيءَ تي ٺٽي وٽان درياهه ٽپي، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي اچي منزل انداز ٿياسين. اتي هڪ عاليشان ريسٽ هائوس ۾ رات رهياسين. اها رات عمر ڀر ياد رهندي. ارباب نور محمد هڪ ڳائڻو هٿ ڪري آيو، جنهن ڪافيون ٻڌايون. هڪڙيءَ جا ٻه ٽي ٻول ڪڏهن ڪونه وسرندا:

لـــــڏي ويـــــا، ڇــــڏي،
ڪينجهر جا ڪنارا،
پــکــيــئــڙا ويــچـــارا،
پــکــيــئــڙا ويــچـــارا،

 

خبر ناهي ته ڪيڏيءَ مهل اُٿياسين ۽ ڪيڏيءَ مهل ستاسين. اسر مهل منهنجي اک کلي. ٿڌي هوا پئي لڳي. ڪينجهر جي ڇولين جو سٽڪو هو. ڏٺم ته اياز اهو ئي آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. ستو ئي ڪونه هو. صبح سان پنهنجو نئون نئون ٺاهيل شعر ٻڌايائين.

نه تڙ تي تماچي، نه گندريءَ گذارا،

اَســارا اَســارا، ڪِينجهر جا ڪنارا.

*              *              *              *

        ٻئي سفر جو بندوبست جمال ابڙي ڪيو. اهي هنڌ ڏيکارڻ وٺي هليو، جتي سنڌو درياءُ ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملن ٿا. پهرين محفل گهوڙا ٻاريءَ ۾ ٿي. اياز جام مٿان جام پيئندو ۽ مستيءَ ۾ اسان کي پنهنجو نئون ڪلام ٻڌائيندو رهيو. اسان سڀني ڏاڍو Enjoy ڪيو ۽ کيس دل کولي داد ڏنو.

جڏهن مانيءَ جي ميز تي وڃي ويٺاسين، ته جمال جي دوست ۽ اسان جي ميزبان، خاطر تواضع جو مظاهرو ڪندو، اياز ڏي سڄو پَڪَلُ ڪُڪُڙ وڌائيندي چيو:

Take it full. You have spent your energy.

ڀٽي اها ڳالهه ٻڌي، اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪيو! اياز، پَڪَلُ ڪڪڙ ته موٽائي ميز تي رکيو. اول ڀٽيءَ ڏانهن شوڪي نهاريو. پوءِ زهر جو ڍُڪ پي، مانيءَ جو گرهه، کنئي نه کنئي جهڙو وات ۾ وجهي، اٿي کڙو ٿيو.

انهيءَ سفر ۾ کارو ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر ڏٺوسون. کاري ڇاڻ ۾ رات رهياسون. صبح جو سوير هيڏي هوڏي پيادل گهمڻ ڦرڻ پنهنجي منهن نڪري وياسين. مان اوطاق ڏي موٽيس، ته مصري شاهه جي سِٽ جهونگاري رهيو هئس:

ماءُ ڏٺي مون ماٺ مڙهين ۾،

جــوڳي جيڪس ويا جبروت.

اياز مليو ته حيرت مان چيائين ته، ”اهو بيت تنهنجي چپن تي ڪيئن آيو؟“

مون چيو ته، ”بس، مون ائين محسوس ڪيو.“

اياز چيو ته، ”حيرت آهي. مان ساڳيو بيت هينئر هينئر جهونگاريندو آيو آهيان.“ اها ڳالهه، هو ڪڏهن به وساري نه سگهيو. ورهين کان پوءِ به مون کي ياد ڏياريندو رهيو.

ڪيٽي بندر ۾ اسان سيٺ نور محمد وٽ ٽڪياسين. سندس اوطاق سادي سودي، بلڪه ڊٺل هئي. چيائين ته اوهان کان اڳ رڳو هڪ ڄڻو مون وٽ ٽِڪي ويو آهي _ پير علي محمد راشدي. سياست جي سانگي سان آيو هو. غالباً، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نالو به کنيائين، ته لوڪ ادب جي تلاش ۾ آيو هو.

ڪيٽي بندر ۾ سمنڊ جي بيچ (Beach) ڏاڍي سهڻي آهي. شام جي مهل هئي. اولهه طرف سڄو آسمان شفق جي ڪڪرن سان ڍڪيل هو، سج لهڻ وارو هو ۽ سونيءَ ٿالهيءَ وانگر، سمنڊ جي ڇولين کي ڇُهي رهيو هو.

تنوير ۽ مان، چڱيءَ دير تائين، اهو عجب منظر ڏسندا رهياسين. _عَدَمَ ۽ وُجُودَ جو سَنۡگَمُ.

*          *            *

ٽئين دفعي تنوير اسان کي دادو ضلعو گهمائڻ وٺي هليو. ادا عبدالنبي، سندس وڏو ڀاءُ، اتي انجنيئر هو. اسان جي سير سفر جو سڄو بندوبست ’پرفيڪٽ‘ رکيائين. انهيءَ سفر ۾ اسان پهريون نظارو بوبڪن وٽ ڏٺو. بوبڪن ۾ ڀنگ پوکيندا آهن. رستي جي پاسي سان. بيشمار طوطا وڻن جي هيٺيان ڪِريا پيا هئا. ڀايونسون ته مُئل آهن. چيائون ته، ”نه، نشي ۾ آهن. جاڳندا، ته اُڏامي وڻن تي وڃي وهندا. بُکَ لڳندن ته هيٺ لهي ايندا. ۽ ڀَنگ چُڳندا، پوءِ وري وڻن تي وڃي وهندا. نشو جي چڙهندن، ته ٻَٽڪو ڏئي اچي پَٽ تي ڪِرندا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين پيا هوندا، جيئن هينئر ڏسو ٿا.“

اهو ٻڌي، مون سنڌ جي تاريخ تي نگاهه وڌي: ڏٺم ته منهنجي مٺيءَ سنڌ جا مٺا ماڻهو، صدين کان وٺي بوبڪن جي طوطن وانگر، ڀنگ جي نشي ۾ ٻُٽيا پيا آهن. ڪي ميرن جي اوطاقن تي ڏنڊن ڪونڊن جي گهرڙ _ گهوٽ ۾ مست آهن، ته ڪي پِيرن جي پيرن ۾ لتاڙجن، ڪي وري ڀوتارن جي چنبن ۾ چوکنڀا قابو آهن.

انهيءَ سفر ۾، اسان نئينگ وياسين. اتي سائين صالح شاهه پنهنجيءَ اوطاق تي قربائتي ڪچهري ڪئي. نئينگ جي خصوصيت هڪ قدرتي چشمو آهي. اسان سڀ ان ۾ وهنتاسين. الطاف، نئينگ جي چشمي ۾ وههندي تنوير جي تصوير ڪڍي.

نئينگ جي باغات، وڻڪار، سونهن ۽ ساوڪ انهيءَ چشمي جي ڪري ئي آهي. الائي ته ڪيتري زماني کان اهو علائقو انهيءَ چشمي جي ڪري آباد آهي، ايتريقدر جو اتي آثارِقديمه به آهن. اسان انهن ۾ رڳو لاکي لکمير جي ماڙي ڏسي سگهياسين، ٻيو سندس نياڻيءَ جو ديدار ڪيوسون، جيڪا ايامن کان پنڊ پاهڻ ٿي بيٺي آهي. ڇو ته منع جي باوجود ڪنڌ پوئتي ورائي ڏٺو هئائين. سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ اها روايت عام آهي ته، ”ڪنڌ پوئتي ورائي ڏسندين، ته پنڊ پاهڻ ٿي ويندين.“ سنڌ جي ڏاهن ڪنڌ پوئتي ورائي نهارڻ کي معيوب ليکيو آهي. شايد، سندن خيال اهو هو ته ”ماضيءَ تي ماتم نه ڪجي، مستقبل تي نگاهه رکجي.“ ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته:

آسمان ڊوبي هوئي تارون کا ماتم کب تلک

منڇر جو ديدار به انهيءَ ئي سفر ۾ ٿيو. چون ٿا ته سنڌ ۾ انساني تهذيبي سفر جو آغاز جن آڳاٽن هنڌن ماڳن مان ٿيو هو، تن ۾ منڇر سڀني کان اهم آهي. سو، اها ڳالهه من ۾ رکي، اسان شاهه حسن واري بنگلي ۾ منزل انداز ٿياسين. البت، کيرٿر جبل ۾ نئن گاجَ واري بنگلي تي وياسين، جتي ٻڌايائون ته ون يونٽ جي گورنر، نواب ڪالا باغ جي حڪومت ۾، بلوچستان ۾ ڏاڍو ڪو ظلم ٿيو هو. سو، مينگل قبيلي جا ماڻهو غصي ۾ انهيءَ بنگلي تائين ڪاهي آيا هئا ۽ ڦر ڪري ويا هئا.

ادا عبدالنبيءَ، انهيءَ بنگلي تي به اسان جي ضيافَت جو وڏو اهتمام ڪيو هو: قِسم قِسم جا طعام، ۽ پهاڙي پَڪَل ڇيلا تيار ڪرايا هئائين. پاڻ اسان سان ملاقات دادوءَ ۾ پنهنجي گهر ڪيائين. عجب انسان آهي. نهايت ماٺيڻو، نهايت سچو، صحيح معنيٰ ۾ مهذب انسان. جڏهن پنهنجن ۽ پراون جي دغا ۽ ٺڳيءَ ڪري، ماڻهو جو زندگيءَ مان ايمان کڄي وڃي ٿو، ته اهڙن نيڪ انسانن جو اخلاق ۽ اخلاص ڏسي، وري تازو ٿي وڃي ٿو.

اسان باتصوير ڪتاب ۽ رسالا ته گهڻا پڙهيا هئا، پر زندگيءَ ۾ ”با تصوير قبرستان“ پهريون ڀيرو، ڪاڇي ۾ ڏٺو، جنهن کي ميرن جو قبرستان پئي ڪوٺيائون. ڊاڪٽر شمل سئٽزرلئنڊ مان شايع ٿيندڙ رسالي ”فڪر و فن“ ۾ انهيءَ قبرستان تي هڪ سٺو مضمون لکيو آهي. قبرن تي، گلن ٻوٽن جي حيرت انگيز رنگين چٽسالي هئي. اسلامي روايت ۾ قبرن تي ته ڇا، هونئن به ساهوارن جي تصوير ڪشي منع ٿيل آهي. پر، قبن ۾ اندر ته عجيب نظارا هئا. ڪاٿي اُٺ، گهوڙا، هاٿي ۽ ماڻهن جا انبوهه شڪار تي پئي ويا. ڪاٿي راڳ ۽ ناچ جي شاندار محفل پئي هلي.

انهيءَ ئي سير سفر ۾ اسان لڪيءَ جا چشما ڏٺا ۽ انهن ۾ غُسلُ ڪيو. سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي ۽ باغبان ۾ مخدوم بلال جي چانئٺ چميسون. حيدرآباد موٽڻ کان اڳ، سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي حاضري ڏنيسون، جنهن لاءِ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي:

سِجُ سڀاڻي جا ڪري، سائي ساميءَ روءِ.

*              *              *

شعر و شاعري

        تنوير جي شعر ۽ شاعريءَ جا هاڻي گهڻا ڪتاب ڇپجي ويا آهن. اڳتي هلي، انهن جي پرک مستقبل جا ادبي نقاد ڪندا، وقت خود به هر شيءِ جي وڏي پرک آهي. بهرصورت، سندس پهريون پهريون شعري مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ نالي سان شايع ٿيو هو. ڪلام جو سڄو مسودو منهنجي حوالي ڪري، چيو هئائين ته ”ڪتاب لاءِ ڪلام جو انتخاب ڪر.“ مون ڪلام جو انتخاب وڏيءَ محنت سان ڪيو. ڪتاب جي ”پيش لفظ“ ۾ لکيو اٿس ته:

”...سنڌيءَ کي پنهنجو لهجو ۽ پنهنجي مخصوص لئه آهي. فارسيءَ جو لهجو ۽ موسيقيت، سنڌي شعر ۾ اجنبي پيا لڳن، انڪري نون لکيل غزلن ۾ سنڌي لهجي ۾ موسيقيت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سان گڏ، موضوع پڻ سنڌي ماحول مان چونڊيا اٿم. بهرحال، چوند جو سڄو بار ربانيءَ تي آهي، جنهن جي راءِ منهنجي لاءِ ڳريءَ قيمت واري آهي.“

’پيش لفط‘ ۾، اڳتي هلي، پنهنجي شعر شاعريءَ جي مقصد ۽ هِن جهانَ ۾ انسانَ جي وجود بابت لکيو اٿس ته:

هن جڳ ۾ انسان متعلق هڪ تعبير هيءُ به آهي ته ڄڻ کيس بيهوش ڪري ڪنهن ڪاڪ محل ۾ پهچايو ويو هجي، ۽ هوش اچڻ سان سندس دل تان سموريون گذريل يادگيريون ميٽجي ويون هجن ۽ هو وائڙو ٿي، هيڏي هوڏي واجهائي، هن ڪائنات جي منڊاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جڏهن انسان جي ذهن تي ڪي اڻ مٽجندڙ عڪس وڌا، تڏهن هن چاهيو ته اهي عڪس هو ٻين جي ذهنن ۾ پلٽائي ۽ ائين شاعري وجود ۾ آئي.

شاعريءَ جو هڪ تصور ته اهو ئي آهي، جيڪو تنوير بيان ڪيو آهي، پر شاعري وجود ۾ ڪيئن آئي، ان لاءِ ٻيا به گهڻا نظريا آهن. خود ٻوليءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شروع شروع ۾ لفظ ”ڳايا“ ويندا هئا. (نثر پوءِ اوسريو) اها ڳالهه سمجهڻ سولي آهي، ڇو ته شعر شاعريءَ جو بنيادي واسطو ”غنائيت“ سان آهي.

البت، تنوير ’پيش لفظ‘ ۾ جيڪو ٻيو سوال کنيو آهي، يعني هيءُ جهان ۽ ان ۾ انسان جو مقام، سو، اونهو معمو (ڳجهارت) آهي. مذهب انهيءَ جو تعبير ڏنو آهي. پر، ڪوبه مفڪر ۽ سائنسدان اهو راز سلي ڪونه سگهيو آهي، نه وري ڪير سلي سگهندو؛ ڇو ته جي ائين ٿيو، ته پوءِ هن جهان جو طلسم ۽ منجهس زندگيءَ جي ڪوشش ختم ٿي ويندي. راز جيسين راز آهي، تيسين ان ۾ حڪمت آهي.

ممڪن آهي ته منهنجي سوچ صحيح نه هجي، پر وڏا سائنسدان به ساڳي ڳالهه ڪن ٿا. اسان جنهن کي ”مادو“ ڪوٺيون ٿا، انگريزيءَ ۾ ان کي (Matter)  ڪوٺيندا آهن. مادي جي سائنس کي ”طبعيات“ (Physics) ڪوٺيندا آهن. ويهين صديءَ جي آغاز ۾ طبعيات (Physics) جو هڪ تمام وڏو ماهر Max Planck هو، جنهن جي آلبرٽ آئنسٽائين به ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته: 

        The laws of Physics ultimately refer to events in the world of senses: and in view of this, many scientist and philosophers tend to the belief that at bottom physics is concerned exclusively with the world of man’s senses.

        Reason tells us that both the individual and mankind, as a whole, to-gather with the entire world, which we apprehend through our senses, is no more than a tiny fragment in the vastness of nature, whose laws are no way affected by any human brain, on the contrary they existed long before there was any life on earth.

        It is consideration of this kind, that compel us to assume the existence of another world of reality, behind the world of the senses, which can only be perceived, indirectly, through the medium of the world of senses.

Our research in general has two-fold aim; the affective domination of the world of senses and the complete under standing of the real world.

Both these aims are, in principle, un-attainable. But, it would be a mistake to be discouraged on this account. Indeed there is some justification for seeing in the very fact that this goal is unattainable and the struggle un-ending, a blessing for the human mind in its search for knowledge. For it is in this way that its two noblest impulses enthusiasm and reverence are preserved and inspired anew.

MAX PLANCK

GERMAN ESSAYS ON SCIENCE IN THE 20TH CENTURY

NEW YORK, 1996.

 

”فزڪس جا قاعدا قانون ’عقل ۽ ادراڪ جي دنيا‘ جي واقعن سان تعلق رکن ٿا، ان ڪري ڪيترائي فيلسوف ۽ سائنسدان اهو عقيدو رکن ٿا ته فزڪس بنيادي طرح، ’انسان عقل جي ادراڪ جي دنيا‘ جي ڄاڻ يعني سائنس آهي.

عقل اسان کي ٻڌائي ٿو ته فرد ۽ سڄي انسانذات، ۽ جيڪا دنيا اسان ڏسون ٿا، انهن مڙني جي، قدرت جي پناهه وسعتن ۾ حيثيت فقط واريءَ جي هڪ داڻي جيتري آهي. قدرت جا قانون، انسنا جي عقل کان بي نياز آهن. اهي تڏهن به اثر پذير هئا، جڏهن هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو نالو نشان ڪونه هو.

هن قسم جي سوچ ۽ ڳڻپ، اسان کي مجبور ڪري ٿي، ته اسان ’هڪ حقيقي جهان‘ جو تصور ڪريون، جيڪو عقل ۽ ادراڪ جي دنيا کان ٻاهر آهي، جنهن جو احساس، اسان کي، اڻ سڌيءَ طرح، عقل ۽ ادراڪ جي دنيا جي ذريعن وسيلي ٿي سگهي ٿو.

اسان جي تحقيق جو مقصد ٻٽو آهي: هڪ ته ”عقل ۽ ادراڪ جي دنيا“ جي تسخير ڪرڻ ۽ ٻيو ته ”حقيقي جهان“ کي پوريءَ ريت سمجهڻ.

اصولي طرح اهي ٻئي مقصد حاصل ڪرڻ، اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.

پر، ان ڪري دلشڪسته ٿيڻ نه گهرجي. درحقيقت، انهيءَ ڳالهه ۾ ته هي مقصد حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کٽندي ئي ڪانه، ۽ ڪاميابي به ڪانه ٿيندي، انسان جي روح لاءِ اها راحت آهي، ته هو علم جي تلاش ۾ آهي. انهيءَ ئي طريقي سان، پنهنجون ٻه سڀ کان مقدس تمنائون ۽ جذبا محفوظ ۽ تازا رکي سگهي ٿو: اُتساهه ۽ احترام.“

*              *              *

مذهب هڪ ته هن جهان جي معمي جو تعبير ڏنو آهي؛ ٻيو ته انسان کي هن جهان ۾ رهڻ لاءِ اخلاق جي تعليم ڏني آهي، ڇو ته ڪوبه انساني معاشرو اخلاق کان سواءِ هلي ڪونه سگهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com