سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :19

”...حميد جي ڪهاڻين تي مجموعي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سندس ڪهاڻيون نه خلائي آهن نه تصوراتي، هُن جون ڪهاڻيون ڌرتيءَ جون ڪهاڻيون آهن. انهيءَ ڌرتيءَ جون، جتي حميد جنم ورتو _ پليو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. حميد جا ڪردار ڪي آسماني ڪردار نه آهن، پر اهي به ڌرتيءَ جا ڪردار آهن، ۽ حميد جا ڏٺل وائٺل. ڪهاڻين جو ماحول به سندس اردگرد جو ماحول آهي. انهيءَ ڌرتيءَ ۽ انهيءَ ماحول ۾، ۽ انهن ڪردارن سان حميد جي ننڍ پڻ، نوجواني ۽ جوانيءَ جون يادون وابسته آهن. هن انهيءَ ڌرتي، ماحول ۽ ڪردارن جو اونهو اڀياس ڪيو آهي. هو انهن جو حصو آهي، ۽ اهي سندس حصو آهن.....“

_تنوير عباسي


 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 

تنوير عباسي: نثري ڪاوشون ۽ تحقيق

 

تنوير عباسيءَ جا ڇپيل ڪتاب هي آهن: (1) شاهه لطيف جي شاعري (2) نانڪ يوسف جو ڪلام (3) ڪلام خوش خير محمد (4) ترورا (5) جديد سنڌي شاعري (6) ڏوري ڏوري ڏيهه (7) جي ماريا نه موت (8) منهن تنين مشعل (9) ٻاراڻا ٻول (10) سچل سرمست (انگريزي)

انهن ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

(1) شاهه لطيف جي شاعري:

        سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو پنهنجي شاعرانه ڪمال ۽ زندگيءَ جي موضوعن جو مرقع آهي. سندس ڪلام محدود پيمانن ۾ نٿو ماپي، سندس پيغام آفاقي آهي. جنهن پيماني تي شاهه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام تي تحقيق ٿيڻ کپي ها، سا جيتوڻيڪ نه ٿي آهي، پر ته به سنڌ جي ٻين موضوعن کان رسالي تي وڌيڪ تحقيق ٿي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، مولانا وفائي، ڀيرو مل، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين محققن هن باري ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي. اسان جي شاعر تنوير عباسيءَ به هن سلسلي ۾ محققانه انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ پهرين ٻه ڀاڱا علحده ۽ پوءِ اضافي سان ٽي ڀاڱا هڪ جلد ۾ گڏ ڇپيا. ڪتاب جو پهريون جلد 1976ع ۾، ٻيو 1975ع ۾، ٽيون گڏيل ڇاپو نيول فيلڊس شايع ڪيو. منهنجي اڳيان ان جو نئون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري وارو (1995ع) آهي.

ڪتاب جي موجوده ترتيب کان اڳ پهريون جلد 1976ع  شايع ٿيو ته ليکڪ کي شاهه جي اڀياس ڪرڻ وارن کان ان ڳالهه جو داد مليو ته تنوير رسالي جو نئين نظر سان مطالعو ڪري جيڪي نتيجا ڪڍيا اُهي اڳ موجود نتيجن کان قطعي مختلف ۽ نوان هئا.

مڪمل جلد ۾ ڪل 12 مقالا آهن. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي، رسالي جي ادبي پس منظر، سياسي ۽ تاريخي پس منظر، سماجي ۽ اخلاقي قدرن، عوامي شاعريءَ، رسالي جي موسيقيءَ، عڪسي شاعريءَ، رنگن جي اڀياس، اهڃاڻي شاعريءَ، سورمن ۽ سورمين، اُچارن ۽ سُر گهاتوءَجي باري ۾ مثالن سان اڀياس ڪيو ويو آهي. مقالن جي مطالعي مان محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ نهايت ڳُوڙهو ويو آهي، ڪنهن به معاملي تي لکندي هن سطحي انداز ۾ هلڪا ڦلڪا رايا نه ڏنا آهن. مختصر طور تي هتي فقط سندس ٽن مقالن بابت چند خيال ظاهر ڪريان ٿو. مقالا عڪسي شاعريءَ، اهڃاڻي شاعريءَ ۽ رسالي ۾ رنگن جي اڀياس بابت آهن.

عڪس جي عام معنيٰ سنڌيءَ ۾ پاڇو کڻي ڪڍجي. انگريزيءَ ۾ Image ان جو مترادف آهي. بقول تنوير: ”هونئن ته ڪي واقعا ۽ نظارا اسان جي لاشعور ۾ موجود آهن، پر انهن کي ٻيهر ياد ڏيارڻ يا ٻيهر پيدا ڪرڻ عڪسي شاعري آهي.“ (شاهه لطيف جي شاعري، ص 150) دانشورن ۽ نقادن جا هن سلسلي ۾ حوالا ڏيندي عڪسيت جي وصف ڪندي تنوير عباسي رسالي مان حوالا ڏيئي ڄاڻائي ٿو ته بيتن ۾ عڪس ڪهڙا آهن. عڪسي صورتحال کي اڳ نقادن محاڪات (لفظن ۾ تصوير) سڏيو آهي. شاعر لفظن ۾ ڪنهن نظاري کي ائين پيش ڪري ڄڻ ٻڌندڙ / پڙهندڙ اهو نظارو ڏسي / پسي پيو. موضوع کي واضح ڪرڻ لاءِ رسالي ۾ ڪيئي بيت ۽ وايون آهن. تنوير عباسي ڪي مثال ڏئي ٿو. مثال طور سهڻي اڪيلائي ءَ ۾ وڇن سان ويٺي حال اوري ۽ روئي.

ڳــچي پـــايو ٻـــانهن، ويٺي روءِ وڇن سين،

لايان لال لڱن کي، ائين جي چرو ڪانهن،

آءُ اوهـــان جـــي دانــهـن،ســدا ڀڻــان ســنري.

(ص 161)

        ميهار ڪنڌيءَ تي ڪانهن کي جهليو ورلاپ ٿو ڪري ۽ درياهه کان سوال ٿو پڇي ته تو منهنجي ٻانهن ڪيئن ٻوڙي؟

ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،

تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،

دريــاهه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.

(ص 162)

جيترو شاهه صاحب محاڪات ۽ عڪسي شاعريءَ ۾ شاهوڪار آهي، اوترو تنوير عباسي هن موضوع جا بهترين مثال چونڊي سمجهاڻي ڏئي ٿو.

اُهڃاڻي شاعريءَ جي به تنوير عباسيءَ وصف ۽ مثالن سان سمجهاڻي ڏني آهي. اهڃاڻ (Symbol) جي وصف يا ان تي سنڌيءَ ۾ ڪو ڪم ٿيل ڪونه هو. تنوير عباسي پهريون اسڪالر آهي، جنهن هن رويي کي هڪ موزون نالو ڏيئي ان جي رسالي جي بيتن سان تطبيق به ڪئي ۽ ائين اهڃاڻي شاعريءَ جو اصطلاح مروج ٿيو.

تنوير عباسي مقالي جي منڍ ۾ اسٽيفن ملارمي، شيلي، پال ورلائين ۽ ٻين مغربي عالمن جي حوالي سان Symbolism جي وصف ۽ هن تحريڪ جو ذڪر ڪري ٿو. رسالي ۾ اهڃاڻي (Symbolic) شاعريءَ جي سمجهاڻي ڏيندي واضح ڪري ٿو ته ڪيئن شاهه صاحب اصل حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪن ڪردارن ۽ روين جو ظاهري سهارو ورتو ۽ انهن کي اهڙي پختي طريقي سان رائج ڪري ڇڏيائين جو پوءِ اچڻ وارن شاعرن اُنهن ڪردارن ۽ روين کي خوشيءَ ۽ آسانيءَ سان اختيار ڪيو. تنوير عباسيءَ ڳالهه کي واضح طور بيان ڪرڻ لاءِ بيتن جا مثال ڏنا آهن. رسالي ۾ مثالن جي کوٽ نه آهي. نموني طور چند مثال ئي ڪافي هوندا آهن. سسئيءَ جي حوالي سان هي مثال ڪيترو نه چٽو آهي.

بُرو هو ڀنڀور، جو آرياڻيءَ اُجاريو،
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هور،
آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏِکَ وهاريون.
ص 238)

ڀنڀور ۽ آرياڻي (هاڙهي ڌڻي، اَتور، پنهون) جا اهڃاڻ تمام واضح آهن. آرياڻيءَ جهڙي شخصيت ڏانهن اشارو آهي، جنهن اچي بري ڀنڀور تان تڪليف جا ڏينهن لاٿا. روحاني معنيٰ جي لحاظ سان هن ڳالهه کي حضور صلي الله عليه وسلم جن جي اچڻ سان (آيو سو اتور) ڀيٽيو ويو آهي. هي مقالو محققانه انداز جو هڪ بهترين مثال آهي.

رنگن جي فلسفي کي تنوير عباسيءَ پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. گرهوڙي صاحب ”اڇو الله ڳاڙهو رسول“ چيو هو. اُن سلسلي ۾ اسان جو استاد پروفيسر علي نواز جتوئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪي نڪتا سمجهائيندو هو. تنوير جي هن مقالي اچڻ کان پوءِ ڪي نام نهاد اسلام پسند پنهنجون پنهنجون ٻوليون ٻولڻ لڳا. علمي طور ڪوبه معاملو واضح ڪري نه سگهيا. غلام حسين پٺاڻ پنهنجو مقالو ’شاهه جي ڪلام ۾ رنگن جو مقصد‘ (”ڪينجهر“، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، 4/1990ع لکيو. ان ۾ هن روحانيت ۽ تصوف جي ڳالهه به ڪئي. تنوير عباسيءَ جي مقالي مان حوالا به ڏنا، پر کيس اُن باري ۾ ڇا چوڻو آهي؟ تنوير عباسيءَ جو مقالو ڪيئن تصوف واري معنيٰ سان متصادم آهي (يا نه آهي) اُهو هو دستور موجب واضح ڪري ڪونه سگهيو، ڇو جو رسالي جو مطالعو نه ڪري سگهيو ۽ ڪابه ڳالهه چٽي نه ڪيائين، ته پاڻ ڇا ٿو چوڻ چاهي!

تنوير عباسي جڏهن رنگن جي اُپٽار ڪري ٿو ته سندس بيان ۾ سماجي ۽ نفسياتي پهلو نمايان آهي. هو زرديءَ کان ڳالهه شروع ڪري ٿو. اُهو هيئن ته چهري جي زرد رنگ (ورن) ڳالهه پڌري ڪري وڌي. ”ويري ٿيو ورن، ڳالهه ڪيائين ڳجهه جي.“

بيان جي دليل خاطر بيتن جا مثال ڏيڻ کان اڳ وڌيڪ بيان ڪيل رنگن جي ڳالهه ڪري ٿو. سندس خيال موجب ڳاڙهو رنگ شاهه صاحب کي وڌيڪ پسند آهي. مختلف هنڌن تي ڳاڙهي جا ٻيا نالا شاهه صاحب آندا آهن. لال، لالن، رت ورنو، ڪڪور، ڀنڀو، ڳاڙهو، مڃٺ، ارتو، ريٽو، رتول، کنهنبو، سرخو، ڪڪو، رتڙو ۽ سرخي_(ص 191_192)

انهن رنگن جا مثال رسالي مان ڏيندي تنوير عباسي پنهنجي بيان کي وزنائتو بنائي ٿو. ائين ڪاري، اڇي ۽ ٻين رنگن جو بيان مثالن سان ڪري ٿو. هُو ڪٿي به بيتن جي رنگن واري معنيٰ کي روحاني يا مادي لبادو نٿو پهرائي، بلڪه شاعرانه پوش ۾ رنگن جو اڀياس ڪري نتيجا ڪڍي ٿو. هي مقالو سندس رسالي جي اڀياس جو هڪ بهترين مثال آهي. هو ڪنهن به ازم جو پوش پائڻ کان سواءِ رسالي ۾ رنگن جي اصلي جلوي کي ظاهر ڪري ٿو. هي مقالو وڌيڪ مطالعي جي ڄڻ دعوت ڏئي ٿو. ڪو محقق هنن نُڪتن جي وڌيڪ اُپٽار ڪري سگهي ٿو، ڇو جو ان جي مطالعي لاءِ رسالو خود هڪ مها ساگر آهي.

(2) نانڪ يوسف جو ڪلام

        تحقيق جي ميدان ۾ تنوير عباسيءَ جو هي ڪتاب نهايت اهم آهي. هن ۾ هڪ وڏي  شاعر نانڪ يوسف جي سوانح ۽ ڪلام کي ترتيب ڏنو ويو آهي. سوانحعمريءَ جي سلسلي ۾ نانڪ يوسف جي ولادت، ننڍپڻ، سچل سائينءَ سان ملاقات توڙي نانڪ جي والد محمد هاشم کوکر جو بيان ڪيل آهي. اصل بيگاريءَ جا رهاڪو هئا. مشهور آهي ته عشق جو طوفان لڳو جنهن نانڪ يوسف کي درازن ۾ آندو. روايت موجب اهو امرتسر ويو ۽ سک گُروءَ جي گاديءَ تي وڃي ويٺو. سکن ڪاوڙ ۾ کيس گرم تيل جي ڪڙاهيءَ ۾ وڌو. اتان صحيح سلامت نڪري آيو. کيس ائين ’نانڪ‘جو لقب مليو. نانڪ يوسف، سچل سائينءَ جي اثر هيٺ وڏو شاعر ٿيو.

ڪتاب جو مقدمو 59 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ سوانح جا تفصيل ڏنا ويا آهن. ڪلام جي ترتيب لاءِ اَٺ قلمي نسخا ڀيٽيا ويا آهن. نانڪ يوسف جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. هندي ڪلام ۾ ريختو توڙي ٻاڻيون شامل ڪيل آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1983ع ۾ شايع ڪيو.

(3) ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي:

خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ايڊٽ ڪيو آهي. ڪيترن ئي قلمي نسخن ۽ بياضن جي ڀيٽڻ سان هي ڪلام سهيڙيو ويو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ 1982ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ۾ مقدمو 40 صفحن تي مشتمل آهي. مقدمي ۾ شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ (1809_1877ع) جي زندگيءَ جي احوال سان گڏ ڪلام جو ادبي جائزو ورتل آهي. ادبي جائزي ۾ سچل سرمست جي اثر کان وٺي ڪلام ۾ رومانيت، فارسي شاعريءَ جي اثر، هندي شاعريءَ جي اثر، زبان، تصوف ۽ ٻين پهلوئن تي روشني وڌي ويئي آهي. مقدمي جي آخر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، فقير صاحب جي ڪافين تي هي رايو قائم ڪري ٿو: ”خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته هن شاعر جو ڪلام سچل سرمست بعد سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي بهترين ڪافي چوندڙ شاعرن بيدل، حمل ۽ مصري شاهه کان جي اڳڀرو ناهي ته به ساڳي سطح جو ضرور آهي.“ (ص 40)

بيشڪ خوش خير محمد هڪ اعليٰ پايي جو ڪافي گو شاعر آهي. سندس ڪافي ”رُخ رانجهن ماه منير هويا...“ ڳائڻ ڪري عنايت فقير کي به سدا حيات ڪري ڇڏيو. هن ڪتاب ۾ شاعر جا سنڌي ۽ سرائڪي بيت ۽ ڪافيون آهن. آخر ۾ ٿورڙو هندي ڪلام به آهي. ڪتاب جي ترتيب ۽ ڪلام جي تدوين ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ تحقيقي ڪارنامو آهي.

(4) ترورا:

 هي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي ڪيترين ئي نثري تخليقن جو مجموعو آهي. هن ۾ سندس ڪي ڪهاڻيون، ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، مقالا ۽ سفرنامو شامل آهي. انهن جو تفصيل هي آهي.

ادبي مضمون ۽ مقالا: آزاد نظم، جپاني هائيڪو، جديد سنڌي شاعري، ادب ۽ سائنس.

شخصيتون (خاڪا): غلام محمد گرامي، نسيم کرل، عابده پروين ۽ ڏاڏا شاهه (هي خاڪا پوءِ ٻين خاڪن سان گڏ ”منهن تني مشعل“ ۾ به شايع ٿيا).

تبصرا: هو ڏوٿي هو ڏينهن، قاضي قادن جو ڪلام، ڳاڙها هٿ پيلا چهرا ۽ نوان پلٽيل سڪا.

يادگيريون.

انٽرويو ( اوٻارا عنبير جا)

چنڊ ٻه ٽڪر (دبئيءَ جو سفرنامو)

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جون هي تحريرون اٽڪل چاليهن سالن جي عرصي تي محيط آهن. گهڻو ڪري سڀ ”مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾ اڳ ڇپيل آهن. هنن ۾ دبئيءَ جو سفر نامو نسبتاً تازو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اُتي جي اديبن _ موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش _ سان ملاقات، نارائڻ شيام ۽ ٻين سان گهاريل وقت توڙي مشاعرن جو ذڪر ڪيو آهي.

ادبي مقالن، يادگيرين، خاڪن ۽ تبصرن ۾ تنوير عباسيءَ جو مخصوص انداز موجود آهي. منجهس ادب کي پرکڻ ۽ شخصيتن بابت لکڻ جو ذاتي اسلوب موجود آهي. ڪتاب ”ترورا“ جي آخر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي نثري تخليقن جي عنوان وار تفصيل ڏنل آهي، جا هيءَ آهي.

1. مقالا ۽ مضمون    40

2. تقريرون             7 (سنڌي) 3 اردو

3. پيغام              3

4. مهاڳ              14

5. تبصرا               10

6. افسانا              3

(افسانن ۾ ”لوئي“ گهڻو مقبول ٿيو، جيڪو سماهي ”مهراڻ“ 1/1956ع ۾ ڇپيو هو)

7. انٽرويو              6 (سنڌي) 1 اردو

8. انگريزي مضمون   4

هي ڪتاب ”سهڻي“ پبليڪيشن 1988ع ۾ شايع ڪيو. هن جي اشاعت سان ليکڪ پنهنجن ٽڙيل پکڙيل تحريرن کي يڪجا ڪري ورتو آهي ۽ ٻين تحريرن جو اندراج به ڪري ورتو آهي، جيڪو گهٽ ماڻهو ڪري سگهندا آهن.

(5) جديد سنڌي شاعري

هي ننڍڙو مجموعو تنوير عباسيءَ ترتيب ڏنو آهي ۽ سنڌ جي جديد شاعرن جي ڪلام تي مشتمل آهي. هي ڪتاب وفاقي وزارت تعليم جي خاص مالي گرانٽ سان 1981ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. هن ۾ 38 جديد شاعرن جو ڪلام آيل آهي. اُهي شاعر ڪشنچند بيوس کان وٺي نئين ٽهيءَ جي شاعرن تائين آهن. اُنهن ۾ بيوس، اياز، تنوير، بردو، سرويچ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام آهي. سرويچ جو مشهور نظم ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ به هن ۾ شامل آهي. پهريون بند هي آهي:

 

وه واه هي منهنجي وطن _ چارئي ڪنڊون جنهن جون چمن،
سؤ سؤ منجهس پوکون پچن_ واهڻ وسون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي _ سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي _ ۽ قول جن جا قيمتي،
ويهي رڳو واکاڻجن ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون_
جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

 

اياز گل جي غزل مو مطلع آهي

درد جنهن ۾ ناهي دوست

ســا دل پــٿر آهــي دوست.

ماٺيڻي اوٺي جي گيت جي وراڻي آهي.

مــن گـهـٻـــرائــــي،

آئين ڇو نه الائي.

هي جيتوڻيڪ شعر جو ڪتاب آهي، پر تنوير عباسيءَ جي چونڊ ۽ ترتيب جو هڪ نمونو آهي ۽ مرتب شاعرن جو چونڊ ڪلام گڏ ڪيو آهي، اُن ڪري هِن کي هتي سندس ڪتابن ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

 

 (6) ڏوري ڏوري ڏيهه:

        تنوير جو هي سفرنامو يورپ جي ملڪن _ اٽلي،

برطانيه، فرانس، هالنڊ ۽ يونان _ جي سفر جي روئداد آهي. هن

سفر ۾ سندس جيون ساٿي ڊاڪٽر قمر به همرڪاب هئي. جڏهن روم ۾ هوءَ ڪنهن سان جهيڙو ڪري ٿي ته تنوير کيس چوي ٿو ته ’پرديس آهي ان ڪري خيال سان جهيڙو ڪر‘. اٽليءَ جي سفر کان ليکڪ اسان کي هن جي شهپارن سان متعارف ڪرائيندو هلي. سندس تحرير جذبات سان گڏ معلومات سان پُر آهي. مائڪل اينجلو ۽ ٻين مصورن جي ڪم جي تعريف ڪندو وڃي پر محسوس ڪري ٿو ته هن معاملي ۾ لفظ ڪافي نه آهن. سسٽين شئپل (چئپل) جي ڇت تي مائيڪل اينجلو جيڪو ڪم ڪيو آهي، اُن تي فلمون ڏٺيون اٿئون پر صحيح مزو خود ڇت ۾ اکيون کپائي ڏسڻ آهي. ڊاڪٽر تنوير کي اهي گهڙيون هٿ آيون. سندس بيان شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. يورپ جي ٻين فن پارن تي به سندس بيان جذباتي انداز سان پُر آهي، پوءِ اُهي لنڊن ۽ پئرس جا ميوزيم ۽ فن پارا هجن يا ائمسٽرڊم ۽ اٿينس جي مصوري ۽ سنگتراشيءَ جا شاهڪار هجن.

اٽليءَ ۾ ڪئپري ٻيٽ جو رومانوي نظارو به بيمثال آهي. روم کان لنڊن پهچڻ بابت لکي ٿو ته آءُ به تصور ۾ هيٿرو ئي لهان ٿو. 1988ع ۾ آءُ لنڊن ويس ته اڪثر اهي مقام ڏٺم، جن کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير به ويو. خاص طور پئڊنگٽن اسٽيشن جنهن تي برٽرانڊ رسل جو اچڻ وڃڻ هو. مون کي اِها خبر نه هئي نه ته آءُ به هن مقام کي سلام ڪريان ها.

تنوير عباسي برطانيا ۾ دوستن سان ملي ٿو. سنڌي سڄڻن کان سواءِ ڊاڪٽر ڪرسٽافر شئڪل سان به ملي ٿو سان به ملي ٿو. بقول سندس دل جي بدمعاشيءَ جو تدارڪ ڪرڻ، تپاسون ۽ معائنا ٿين ٿا. شيڪسپيئر جي آرام گاهه جو ديدار، نئشنل آرٽ گئلري، برٽش ميوزيم ۽ هئرڊس توڙي ٻين وڏن اسٽورن ۽ بازارن جو سير ۽ خريداري جنهن ۾ ڀاڀي قمر جي جين جو قصو، ڪٿان ڪٿان هليو ۽ مسئلو بنيو. نيٺ روم کان هليل مسئلو آڪسفورڊ اسٽريٽ ۾ وڃي حل ٿيو، نظم مڪمل ٿيو.

ائمسٽرڊم ۾ هو اُهي ئي پنهنجي پسند جون جايون ڏسي ٿو. مون کي ياد آهي ته 1988ع ۾ ڄام صادق علي جي رهائشگاهه (بيلسائز پارڪ) لنڊن سامهون شيڪي ريسٽوران ۾ مون کي هالنڊ جي هڪ مورت ملي هئي. اُن کي مون پنهنجي ناولٽ ”شڪار“ جو هڪ اهم ڪردار ڪري آندو ۽ ڄڻ مون هالنڊ جا سڀ ماڻهو ڏٺا. تنوير عباسي به هالنڊ جي ماڻهن بابت چڱو خيال رکي ٿو.

پئرس پهچي اها ئي مصروفيت: ميوزيم، اهم جايون ۽ خريداري. فرانس جي قيام دؤران هُو انهيءَ ئي جذباتي انداز سان سفر جو بيان ڪري ٿو. فرانس سان تنوير عباسيءَ کي وڌيڪ پنهنجائپ آهي، ڇو جو فرينچ ڄاڻي ٿو. اُن کان پوءِ آخري ملڪ يونان آهي. اُتي به سقراط ۽ ٻيا يونان جا ڏاها هن جي ذهن ۾ جاءِ وٺي بيٺا آهن. هُو محسوس ڪري ٿو ته جن سياڻن دنيا کي سجاڳ ڪيو، اڄ اُنهن جي خود يونان ۾ ايتري اهميت نٿي ڏسجي.

هي سفرنامو 1984ع ۾ ”سهڻي“ پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. سفرنامو پنهنجي انداز بيان ۽ ليکڪ جي ذاتي مطالعي ڪري به منفرد آهي. هن مان تنوير عباسيءَ جي مصوريءَ سان دلچسپي ۽ ڄاڻ جي ڀليءَ ڀت خبر پوي ٿي.

(7) جي ماريا نه موت:

هي ڪتاب تنوير عباسيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. اصل ڪتاب (ناول) يقيناً ڪو ويٽنامي زبان جو ڪتاب هوندو. حوالو ڏنل ڪونهي ته هي ناول اصل ڪنهن جو لکيل آهي ۽ مترجم ڪهڙي زبان مان سنڌيءَ ۾ آندو آهي. هي ناول سنڌي عوامي ڪتاب گهر حيدرآباد طرفان 1973ع ۾ شايع ٿيو آهي.

هن ناول جو هيرو ويٽنام جو هڪ بهادر نگوين وان تُروئي آهي. هتي آءٌ سورمي جي نالي جي باري ۾ عرض ڪريان ته 1966ع ۾ چين ۾ تعليم دوران منهنجو ويٽنامي ڪلس _ڀاين سان واسطو پيو. اُن وقت ڏکڻ ويٽنام اڃان آزاد ڪونه ٿيو هو. ويٽنامي شاگردن جو مطمع نظر تربيت وٺي جنگ ۾ حصو وٺڻ هو. تعداد ۾ هڪ طرف سڄي دنيا جي ملڪن جا شاگرد (مثال هڪ سؤ) ته ٻئي طرف اوترائي ويٽنامي شاگرد! اُهي زبانن جي اداري ’انسٽيٽيوٽ آف لئنگويجز‘ مان چيني ٻولي سکي، ٻين مطلوبه ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ وڃڻا هئا. انهن ۾ ڪن جا نالا ڱ آواز سان شروع ٿيا ٿي. مثال طور ڱئون (مونث ڱئين) به هڪ عام نالو هو. انگريزيءَ ۾ ڱ کي NG سان لکڻ ڪري اُچار غلط ٿيو ۽ نگوين بيٺو. اسان جا ويٽنامي ڪلاس _ ڀائي اڪثر بحث ڪري چوندا هئا ته ويٽنامي اُچار هر ڪنهن کي ڪرڻ نه ايندا، پوءِ جڏهن مون کين سندن آواز ڱ، ڃ ۽ ڏ ڪڍي ڏيکاريا ته خاموش ٿي ويا. مون کين ٻڌايو ته اسان وارا همراهه سنڌيءَ لاءِ به ائين ٿا چون، پر ٻنهي ٻولين ۾ اهي آواز هجڻ ڪري ٻنهي ڌرين جو اهو ٻٽاڪ ختم ڄاڻڻ کپي. ’ڱُئون ڪائوڪي‘ اڳوڻي ڏکڻ ويٽنام جو ڪٺ پتلي وزير اعظم به هو.

عوام سياست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن تي هن کان اڳ رسول بخش پليجي جا ڪتاب ”هوچي منهه جي ڪهاڻي“، ”مائوزَ تنگ“ (اصل اُچار اِهو آهي: مائُو _ زَ_ تُنگ) ۽ ”جيڪي بنگال سان ٿيو“، ڇپجي چڪا هئا. منهنجو ڪتاب ”مائوءَ جي ملڪ ۾ ‎“ (سفرنامو) به 1973ع ۾ ڇپيو. اِنهن ئي سالن ۾ عوامي اُڀار وارو فڪر سنڌ ۾ چڱي اهميت وارو هو. اُن ۾ رسول بخش پليجي جي تحريرن جو خاص حصو هو.

هن ڪتاب جو هيرو ڱئون (نگوين) پنهنجي جدوجهد ۽ قربانيءَ جي ڪري مرڪزي حيثيت وارو آهي. سندس زال ”فان ٿي ڪوئِينِ“ جو فوٽو به هيرو سان گڏ ڪتاب جي منڍ ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ڱئون (نگوين) جي قتل ٿيڻ کان اڳ، سندس چيل هي جملو نمايان آهي ته: ”مرڻ وقت مون کي هن ڌرتيءَ کي ڏسڻ ڏيو. منهنجي پياري ڌرتيءَ کي_.“

 

 (8) منهن تنين مشعل:

 هي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن ۾ شهره آفاق شخصيت علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ سان گڏ ڪن عام ماڻهن ۽ دوستن تي به خاڪا اچي وڃن ٿا. خاڪن جو هي مجموعو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1990ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ۾ جيڪي اهم شخصيتون شامل آهن، انهن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي، پير حسام الدين راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد گرامي، مقبول ڀٽي، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، عابده پروين، ڏاڏو شاهه ۽ لعل اچي وڃن ٿا.

هنن شخصيتن تي خاڪا لکندي تنوير عباسي اُنهن جو ويجهي کان جائزو ورتو آهي ۽ انهن جي زندگيءَ جي اهم پهلوئن جو جائزو ورتو اٿس. نه رڳو ايترو پر اڪثر هنڌن تي ليکڪ جي شگفته تحرير به نمايان آهي، جنهن مان فني طور سندس نثر نويسيءَ جو پهلو واضح ٿئي ٿو.

 

 (9) ٻاراڻا ٻول:

سڌريل ٻولين ۾ ٻاراڻي ادب جي تخليق به گهڻي ٿيندي رهندي آهي. سنڌيءَ ۾ ٻارن جي وندر ورونهن ۽ نصيحت لاءِ ٿورو ادب تخليق ٿيو آهي. ان جي ابتدا مرزا قليچ بيگ ڪئي. انگريزن جي دؤر ۾ اڪثر هندو ليکڪن به هن موضوع تي لکيو. موجوده دور ۾ ڪن ادارن ٻارن جا رسالا ۽ ڪتابي سلسلا ڪڍيا. ڪي انفرادي ڪوششون به ٿيون. اياز گل، ادل سومري، اڪبر جسڪاڻي ۽ ڪن ٻين نوجوان ليکڪن ٻارن لاءِ نثر ۽ نظم ۾ لکيو. سنڌ ۾ ڪي ٻاراڻا ٻول ۽ راندين سان لاڳاپيل تُڪون موجود آهن، انهن مان اڪثر تي آڌاريل گيت به آهن.

تنوير عباسي ٻاراڻن گيتن ۽ ٻولن جي چونڊ ۽ سهيڙ ڪئي آهي. هي 34 صفحن جو ننڍو ڪتاب سنڌالاجيءَ 1975ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ بيوس، استاد بخاري، نثار بزمي، هوندراج دکايل، احمد خان آصف ۽ نادم بچل شاهيءَ جو ڪلام شامل آهي.

ڪتاب ”ٻاراڻا ٻول“ جيئن ته تنوير عباسيءَ رڳو سهيڙيو آهي؛ پر ته به هن قسم جي چونڊ ۽ ترتيب ۾ مرتب جي سوچ کي وڏو دخل هوندو آهي. هونئن ٻاراڻن ٻولن جي نالي ۾ ڪيترو غير معياري ڪلام به هوندو آهي. چونڊ ڪندڙ ان مان ڪنڪر ڪڍي ڦٽا ڪندو آهي ۽ هيرا هٿ ڪندو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ اهو ڪم خوبيءَ سان ڪيو آهي.

 

(10) سچل سرمست (Sachal Sarmast) :

ڊاڪٽر تنوير هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل اَٺ مقالا آهن. ضرورت هميشه محسوس ڪئي ويئي ته پنهنجن شاعرن ۽ دانشورن جي زندگي ۽ ڪارنامن کي ٻين قومي ۽ بين الاقوامي ٻولين ۾ متعارف ڪرايو وڃي. انگريزي ته اها زبان آهي جا دنيا جي بيشتر ملڪن ۾ سمجهي ٿي وڃي. انگريزيءَ ۾ شاهه لطيف ۽ سچل تي ٿورو گهڻو لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڇهه مقالا اڳ ڇپيل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر انيميري شمل، ڊاڪٽر ڪرسٽافر شئڪل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي. ايل واسواڻي، گُرديال ملڪ ۽ پروفيسر ايل. ايڇ. اجواڻي جا مقالا آهن. تازا ٻه مقالا امر جليل ۽ تنوير عباسيءَ جا آهن. هي سڀ مقالا سچل سائينءَ جي زندگي ۽ ڪلام جي اهم پهلوئن کي اجاگر ڪن ٿا. ڊاڪٽر شمل جي مقالي Attar of Sindh کان وٺي ڊاڪٽر تنوير جي پنهنجي مقالي Mysticism, Sindh and Sachal تائين سچل سرمست جي فڪر کي موثر نموني ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. تنوير عباسي پنهنجي مقالي ۾ حوالن سان اهو ظاهر ڪري ٿو ته سچل سائين ”آءُ جو ئي آهيان، سوئي آهيان“ چئي نظريي کي واضح طور ماڻهن کي سمجهايو آهي. منصوري موج ۾ هن جو ڪلام ڪيترن ئي وهمن کي رد ڪري ٿو ۽ خلق کي ٻڌائي ٿو ته: ”پڻيءَ ڄڃ مَ ڄُل منجهه تماشي نه پوين.“

انگريزي مقالن جو هي ڪتاب سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ 1989ع ۾ شايع ڪيو آهي.

هنن تحقيقي ۽ ٻين نثري ڪاوشن کان سواءِ تنوير عباسي شاهه جي رسالي 1275هه واري قلمي نسخي تي تحقيق ڪري مڪمل ڪيو آهي ۽ اشاعت لاءِ تيار آهي (ديباچو ”تنوير چئي“. ص2_ 1989ع تحقيق جي سلسلي ۾ ”سچل چيئر“ ۾ رهڻ دؤران تنوير سچل جو رسالو تقريباً تيار ڪري ورتو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com